سوئيڊن جي 538 سال پراڻي اپسالا يونيورسٽي
اپسالا يونيورسٽي
يورپ ۾ ڪجهه اهڙا به ترقي يافته ملڪ موجود آهن جتي جي ڪيترن ئي درسگاهن ۾ تعليم مفت ۾ ڏني وڃي ٿي يا گهٽ فيس ورتي وڃي ٿي.اهڙن يورپي ملڪن ۾ خاص طور تي جرمني، فنلينڊ، ناروَي، آسٽريا ۽ سوئيڊن شامل آهن. اهڙن تعليمي ادارن کي“ ٽيوشن فري ڪاليجز ائنڊ يونيورسٽيز” (Tuition free colleges and schools) سڏيو وڃي ٿو. جيڪي شاگرد اسڪالرشپ وٺي اهڙن ٽيوشن فري تعليمي ادارن ۾ پهچن ٿا اهي پنهنجيرهائش ۽ کاڌي پيتي جا خرچ آساني سان پورا ڪري سگهن ٿا.سوئيڊن جي “اپسالا يونيورسٽي” پڻ اڳم ٽيوشن فري يونيورسٽي هئي پر هاڻي اتي فيس ورتي وڃي ٿي.
حقيقت هي آهي ته سوئيڊن ۾ سال 2010ع تائين ڪجهه يونيورسٽين ۾ ٽيوشن فيس بلڪل ڪو نه ورتي ويندي هئي پر پوءِ ان سال هن ملڪ جي پارليمينٽ هڪ ٺهراءَ پاس ڪري غير يورپي يا ٻين انٽرنيشنل شاگردن جي تعليم لاءِ هتان جي يونيورسٽين ۾ ٽيوشن فيس مقرر ڪري ڇڏي آهي جنهن جي ڪري هاڻي هتي فيس ورتي وڃي ٿي پر ان جي ازالي طور اهو ڪيو ويو آهي ته باصلاحيت شاگردن لاءِ اسڪالرشپس متعارف ڪرايون ويون آهن جيڪي حاصل ڪري انٽرنيشنل شاگرد ٽيوشن فيس جي بار کان بچي سوئيڊن جي يونيورسٽين مان تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا . سوئيڊن جي اهڙين نمايان يونيورسٽين ۾ اپسالا يونيورسٽي (Uppsala University)، لُنڊ يونيورسٽي ( Lund University) ، همسٽيڊ يونيورسٽي (Halmstad University)، ، اسٽاڪهوم يونيورسٽي(Stockholm University)، جونڪوپنگ يونيورسٽي (Jonkoping University)، اچي وڃن ٿيون.
جيتوڻيڪ ناروي (Norway) جو تعلق آهي ته هي اتر يورپ جو هڪ ننڍڙو پر ترقي يافته ملڪ آهي هن ملڪ ۾ سرڪاري سهڪار ۽ نگراني هيٺ هلندڙ اٺ يونيورسٽي ۽ اٽڪل ويهه کن يونيورسٽي ڪاليج آهن.ان کان علاوه تقريبن سورنهن کن خانگي ڪاليج پڻ آهن. ناروي ۾ جيڪي ٽيوشن فيس فري يا گهٽ فيس واريون يونيورسٽيون آهن انهن ۾ يونيورسٽي آف برجن (University of Bergen) يونيورسٽي آف اوسلو (University of Oslo)، نارويجن يونيورسٽي آف لائيف سائنس (Norwegian University of Life Sciences)، يونيورسٽي آف اسٽيونجر(University of Stavanger) ، يونيورسٽي آف ايجر (University of Agder)۽ يونيورسٽي آف نارڊلينڊ (University of Nordland)اچي وڃن ٿيون. بحرحال هن ملڪ ۾ يونيورسٽين ۾ پڙهڻ جو مفت ۾ موقعو ملي وڃي ٿو پر باقي ٻئي خرچ پَکي لاءِ اتان جي مقامي سِڪي (Currency)۾گهٽ ۾ گهٽ اٽڪل اٺ يا نو هزار (اين او ڪي) هر مهيني ۾ گهربل آهن.
جرمني جي يونيورسٽين ۾ پڻ اڳي مفت ۾ تعليم ڏني ويندي هئي پر هاڻي اتي به گهٽ فيس ورتي وڃي ٿي جيڪا انڊر گريجوئيٽ ڪورس جي هڪ سيمسٽر لاءِ يورپي ڪرنسي ۾ 50 يورو (Euro) کان 500 يورو تائين هجي ٿي. جڏهن ته ماسٽرس ڊگري ڪورس جي سيمسٽر لاءِ 650 يورو کان 3000 يورو تائين به هجي ٿي. اها فيس ٻين يورپي ملڪن جي درسگاهن ۾ ورتي ويندڙ فيس جي ڀيٽ ۾ گهٽ ليکي وڃي ٿي. جرمني ۾ سوئيڊن ۽ ناروي جي ڀيٽ ۾ رهائش، کاڌي پيتي وغيره تي خرچ پڻ گهٽ اچي ٿو.فنلينڊ ۽ آسٽريا ۾ به لڳ ڀڳ مٿين ملڪن واري تعليمي صورتحال آهي جتي پڻ گهٽ ٽيوشن فيس ورتي وڃي ٿي ۽ باصلاحيت شاگردن کي اسڪالرشپ پڻ ڏني وڃي ٿي.
انهن ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ معلومات هيٺ ڄاڻايل ويب سائيٽن تان به حاصل ڪري سگهجي ٿي جهڙوڪ؛
http://www.scholars4dev.com/4031/list-of-european-countries-with-tuition-freelow-tuition-universities-colleges/
۽
http://europe.graduateshotline.com/free-education.html#.VZiuUxuqqko
۽
http://www.studyinfinland.fi/scholarship
هاڻي اچون ٿا سوئيڊن واري اپسالا يونيورسٽي جي تفصيلي احوال طرف. اپسالا يونيورسٽي کي اتر يورپ جي ملڪن جي بهترين يونيورسٽين مان هڪ ليکيو وڃي ٿو. هن ۾ اٽڪل اٺاويهه هزار شاگرد زيرِتعليم آهن،جن ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري لاءِ تحقيق ڪندڙ اٽڪل اڍائي هزار شاگرد پڻ شامل آهن. هيءَ سوئيڊن جي سڀ کان پراڻي يونيورسٽي آهي جيڪا اڄ کان اٽڪل پنج سئو اٺٽيهه سال کن اڳ يعني 1477ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي. ان وقت تائين اڃا اتر يورپ ۾ يونيورسٽي جي سطح جي ڪا درسگاهه قائم ڪو نه ٿي هئي پر پوءِ وقت گذرڻ سان جڏهن هن خطي ۾ سياسي، سماجي ۽ حڪمرانيءَ واري سطح تي تبديليون رونما ٿيڻ لڳيون ته هتي جي علائقن ۾ به اعليٰ تعليم جي ادارن جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي، جنهن کان بعد ئي سترهين صدي جي ٽئين ڏهاڪي کان پوءِ هتي ڪجهه ٻيون به يونيورسٽيون قائم ٿيڻ لڳيون جن ۾ 1632ع ۾ اڄ واري آزاد ملڪ اسٽونيا ۾ يونيورسٽي آف ڊارپيٽ ، جيڪا اڄڪلهه يونيورسٽي آف ٽارٽو جي نالي سان مشهور آهي، 1640ع ۾ فنلئنڊ ۾ يونيورسٽي آف آبو ۽ خود سوئيڊن ۾ 1666ع ۾ لُنڊ يونيورسٽي جو قيام عمل ۾ آيو. پر اهي سڀئي يونيورسٽيون اپسالا يونيورسٽي کان گهڻو پوءِ قائم ٿيون جهن ڪري اپسالا يونيورسٽي اتر يورپ جي سڀ کان پراڻي يونيورسٽي آهي.
اپسالا يونيورسٽي به يورپ جي اڳوڻي رواج موجب مذهبي اثر هيٺ شروع ٿي هئي جنهن ۾ شروعاتي طور ان دور جا صرف چار روايتي سبجيڪٽ جهڙوڪ ٿيالاجي، لا، ميڊسن ۽ فلاسافي پڙهائي ويندا هيا ۽ انهن ۾ گريجوئيشن ۽ ماسٽرس جو ڊگريون ڏنيون وينديون هيون. پر پوءِ وقت گذرڻ سان گڏ يورپ جي ٻين يونيورسٽين جيان هي يونيورسٽي به غيرجانبدار ۽ سيڪيولر راويتن جي امين بڻجي جديد تعليم ۽ تربيت ڏيڻ واري راهه اختيار ڪئي جنهن ڪري هن يونيورسٽي ۾ شاگردن جو تعداد وڌڻ لڳو جيڪو اڄڪلهه هر سال هزارن جي تعداد ۾ ٿئي ٿو. هن يونيورسٽي ۾ نه رڳو سوئيڊن پر پاڪستان سميت دنيا جي ٻين ملڪن جا شاگرد پڻ جهجهي تعداد ۾ اعليٰ تعليم لاءِ اتي پهچن ٿا.
اپسالا يونيورسٽي ۾ نو فئڪلٽيون آهنجهڙوڪ؛ فئڪلٽي آف ميڊسن، فئڪلٽي آف فارميسي، فئڪلٽي آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي (فئڪلٽي آف مئٿميٽڪس، فئڪلٽي آف نيچرل سائنس ۽ اپسالا اسڪول آف انجنيئرنگ هن فئڪلٽي ۾ شامل آهن)،فئڪلٽي آف آرٽس، فئڪلٽي آف سوشل سائنسز، فئڪلٽي آف لئنگوجز، فئڪلٽي آف لا، فئڪلٽي آف ايجوڪيشنل سائنسز، فئڪلٽي آف ٿيالاجي اچي وڃن ٿا. هنن فئڪلٽين ۾ جديد دنيا جي سڀني تدريسي ۽ تحقيقي شعبن سميت لئبارٽريون، لائبريريون، ريسرچ سينٽر ۽ انسٽيٽيوٽ قائم آهن جن ۾ شاگردن کي انڊرگريجوئيشن ۽ ماسٽرس سطح کان وٺي ڊاڪٽوريٽ ۽ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگرين جي تعليم ڏني وڃي ٿي.
ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جي ماڻهن لاءِ خاص طور تي هن يونيورسٽي ۾ “ فورم فار سائوٿ ايشيا اسٽيڊز” قائم ڪيو ويو آهي. هي فورم اپسالا يونيورسٽي جي ڇهن تدريسي شعبن جهڙوڪ سوشل سائنسز، هسٽري، فلاسافي، ايجوڪيشنل سائنسز ۽ لئنگوِجِز جي سهڪار سان منعقد ڪيو ويندو آهي جنهن جي ذريعي ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جهڙوڪ؛ پاڪستان، بنگلاديش، انڊيا، سريلنڪا، نيپال، مالديوز ۽ افعانستان سان تعلق رکندڙ تعليمدانن ۽ محققن جي ريسرچ ۽ تعليمي ڪارڪردگي کي انٽرنيشنل سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ پروگرام منعقد ڪندو رهي ٿو.
هن يونيورسٽي سان لاڳاپيل اٺن استادن، اڳوڻن شاگردن، پنهنجي نمايان ريسرچ،ايجادن ۽ دريافتن جي عيوض نوبيل انعام حاصل ڪيا آهن.يونيورسٽي جي اڳوڻن شاگرن ۾ ٻين شخصيتن کان علاوه سترهين صدي ۾ سوئيڊن جو حڪمران جان آڪسنترنا، سوئيڊن جوپهريون سوشل ڊيموڪرٽڪ وزيراعظم هجلمر برئنٽنگ، اقوام متحده جو نوبيل انعام يافته اڳوڻو سيڪريٽري ڊئگ هئمرسڪولڊ، سوئيڊن جو اڳوڻو فارين افيئرس منسٽر ۽ 1981ع کان 1997ع تائين انٽرنيشنل ائٽامڪ انرجي جو سربراهه رهندڙ “هنس بلڪس” پڻ شامل آهن.
هن يونيورسٽي جي اڳوڻن شاگردن ۾ سوئيڊن جو هڪ اهڙو يگانو شاعر “ايرڪ ايڪسل فارفيلڊ”) Erik Axel Karlfeldt(به شامل آهي جنهن لاءِ 1918ع ۾ نوبيل انعام جو اعلان ڪيو ويو پر هن اهو انعام وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، پر هن جي مري وڃڻ کان پوءِ 1931ع ۾ هن جي پوئيرن اهو انعام وصول ڪيو. ايرڪ ايڪسل فارفيلڊ هڪ پورهيت گهراڻي ۾ جنم ورتو هيو. هن ادبي دنيا ۾ پنهنجين بهترين تخيلقن جي ذريعي وڏي مڃتا ماڻي. هن ئي يونيورسٽي جو هڪ ٻيو اڳوڻو شاگرد پڻ يورپ جو ناميارو اديب ۽ شاعر هيو جنهن کي پڻ 1951ع ۾ نوبيل انعام ڏنو ويو هيو سندس نالو پار لاگرڪوِسٽ) Pär Lagerkvist (آهي. انهيءَ کان علاوه اڻونجاهه سالن جو جوان نڪولس زيسنسٽام (Niklas Zennström) جيڪو نامياري آن لائين سهوليت “اسڪاءِ پي” ( (Skype جي موجدن مان هڪ آهي، سوپڻ اپسالا يونيورسٽي جو شاگرد رهي چڪو آهي. اپسالا يونيورسٽي جي هڪ اڳوڻي شاگردياڻي “ڪرن ماريا بواءِ” (Karin Maria Boye ) جيڪا سوئيڊن جي نامياري شاعره پڻ هئي ان جي ادبي خدمتن جي مڃتا ۾ اپسالا يونيورسٽي جي لائبريري جو هڪ حصو ان جي نالي ڪيو ويو آهي.يونيورسٽي ۾ بهترين پڙهائي ۽ تحقيق جي سهوليتن سان گڏ شاگردن جي علمي ادبي، سماجي ۽ ذهني نشونما لاءِ ٻيا به گهڻا بندوبست ٿيل آهن. اعليٰ تعليم جو اتساهه رکندڙ شاگردن کي اپسالا يونيورسٽي جي علمي خزانن تائين پهچڻ لاءِ سچائي سان محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي
(ڪاوش مڊ ويڪ مئگزين 22 جولاءِ 2015)