اسڪاٽلينڊ جي گلاسگو يونيورسٽي
جيڪا پنج صديون پراڻي آهي
حقيقت هيءَ آهي ته گذريل سموري زندگيءَ جيان ڪجه سال اڳ وارو اهو ڏينهن به ڄڻ ڪلهوڪو ڏينهن ئي ٿو لڳي جڏهن مان ۽ ڊاڪٽر علي نواز مهر اسڪاٽلينڊ جي سڀ کان وڏي شهر گلاسگو ۾ داخل ٿي پنهنجي ڪار جو رخ ان علائقي ڏانهن موڙيو هيوسين جتي منهنجو هڪ عزيز دوست ارشاد چنو رهندو آهي. گلاسگو ۾ دوستن سان ملاقاتون ڪندا شهر جي ماڳن مڪانن، روشنين ۽ رونقن مان محضوض ٿيندا اسڪاٽلينڊ جي گادي واري شهر ايڊنبرا ڀرسان مشهور پُل “فِرٿ آف فورٿ روڊ بِرج” تان گذرندا وڃي ان شهر ۾ نڪتا هياسين جيڪو گلاسگو کان اٽڪل اٺانوي ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع هو ۽ جنهن کي “ڪِرڪاڊي” پئي سڏيائون. ڪِرڪاڊي شهر جتان جي اسڪولن مان برطانيا جي اڳوڻي وزير اعظم ۽ ليبر پارٽي جي ليڊر گورڊن برائون بنيادي تعليم حاصل ڪئي هئي، اتي رهندڙ دوست حامد وٽ پهچي ساڻس ٻه ڏينهن روح رهاڻيون ڪري وري ٻيا پنڌ پڇايا هياسين.بحرحال اسڪاٽلينڊ جي هن ننڍڙي ۽ پُر رونق شهر ڪرڪاڊي ۽ اتان جي درسگاهن جو ذڪر به ڪنهن ٻئي موقعي تي ڪبو پر هن مضمون ۾ اسڪاٽلينڊ جي نامياري درسگاهه گلاسگو يونيورسٽي جو حال احوال ٿا ڪريون.
اڄ کان ساڍا پنج سئو سال اڳ قائم ڪيل گلاسگو يونيورسٽي جو وڌيڪ تفصيل پڙهڻ کان پهريان يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي يونيورسٽي جي انتظاميا پاران هن درسگاهه بابت ڏنل هي مختصر خاڪو پڙهي ڏسو جهن مان هن يونيورسٽي جي اهميت ۽ افاديت جو چڱيءَ ريت اندازو لڳائي سگهجي ٿو. يونيورسٽي جي انتظاميا هن ۾ لکيو آهي ته “اسان گذريل پنجن صدين جي عرصي ۾ اهڙي طريقي سان مسلسل ڪم ۽ جدوجهد ڪئي آهي ته جيئن هر مقصد جي حصول کي ممڪن بڻائي سگهون. دنيا جو ناميارو سائنسدان البرٽ آئين اسٽائين جڏهن گلاسگو يونيورسٽي ۾ پنهنجي “نظريي اضافيت” يعني “ ٿِيئري آف رليٽوِٽي” (Theory of Relativity) تي ليڪچر ڏيڻ آيو هيو ته هتي اسان سندس پرجوش استقبال ڪيو هيوسين”. يونيورسٽي جي ويب پيج تي گلاسگو يونيورسٽي جي ڪاميابين تي روشني وجهندي وڌيڪ لکيو ويو آهي ته “ هن يونيورسٽي جي پروفيسر آئن ڊوناليڊ ئي پهريون ڀيرو 1958ع ۾ فِيٽَس (Foetus) يعني “ماءُ جي پيٽ ۾ وجود وٺندڙ ٻار جي شروعاتي شڪل” يا “ڳڀ” جو الٽراسائونڊ وارو عڪس شايع ڪيو هيو. اسڪاٽلينڊ جي پهرين عورت هن يونيورسٽيءَ مان هڪ صدي اڳ 1894ع ۾ ميڊيڪل سائنس جي شعبي ۾ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي هئي”. گلاسگو يونيورسٽي جي ڪارڪردگيءَ بابت هن خاڪي ۾ يونيورسٽي جي منتظمن وڌيڪ لکيو آهي ته “اسان جي هن يونيورسٽيءَ پنهنجي شاگردن جي ذهانت جي آبياري ڪري ست نوبيل انعام يافته شخصيتون پئدا ڪيون آهن. اسڪاٽلينڊ جو اڳوڻو وزير اعظم سر هينري ڪئمپبل بئنرمين ۽ اسڪاٽش پارليامينٽ جو پهريون وزير ڊونالڊ ڊيور ۽ نائب وزير نڪولس اسٽرجن به هن يونيورسٽي جي ئي در وتدريس ۽ علمي خدمتن جو نتيجو آهن.”
گلاسگو يونيورسٽي جي سڃاڻپ جا اهڃاڻ مٿي ڄاڻايل صرف اهي چند مثال ئي نه آهن پر دنيا جو مشهور ۽ معروف معاشي ماهر آدم سمٿ، لنڊن جي “ويسٽمنسٽر اَبي” (چرچ وارو قبرستان) ۾ نامياري سائنسدان آئزڪ نيوٽن جي ڀر ۾ ابدي ننڊ ستل فزڪس جي نيچرل فلاسافي جو ناميارو سائنسدان “وليم ٿامسن لارڊ ڪيلون” ۽ ٽيليويزن جي موجدن مان هڪ مشهور سائنسدان “لوگي بائرڊ” سميت مختلف شعبن جو ٻيون به ڪيتريون ئي نامياريون شخصيتون هن يونيورسٽيءَ جي ئي پئداوار آهن.
اسان سنڌ واسين لاءِ پڻ اها ڳالهه گهڻي خوشي ۽ فخر جو باعث آهي ته اسان جي سونهاري سنڌ جي نوشهرو فيرزو ضلعي جي تعلقي ڪنڊياري جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ “حاجي احمد علي خشڪ” سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر وقار احمد خشڪ گلاسگو يونيورسٽي ۾ ڪميونٽي ميڊيسنز واري شعبي ۾ ليڪچرر آهي. انهيءَ اعزاز سان گڏ هو ساڳئي يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جو اعزاز پڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ريسرچ ۽ پڙهائي پڻ ڪري رهيو آهي.
گلاسگو يونيورسٽي1451ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي. هن يونيورسٽي ۾ اٽڪل پنجويهه هزار شاگرد زيرِ تعليم آهن جن ۾ خاصو تعداد انٽرنيشنل شاگردن جو پڻ شامل آهي. ڪيو ايس ورلڊ يونيورسٽي رئڪنگ جي 2013ع واري سروي رپورٽ مطابق گلاسگو يونيورسٽي دنيا جي معياري يونيورسٽين ۾ ايڪونجاهين ۽ برطانيا ۾ نائين نمبر تي آهي.
گلاسگو يونيورسٽيءَ جون تاريخي شهادتون ٻڌائين ٿيون ته هيءَ يونيورسٽي 1451ع ۾ تڏهن وجود ۾ آئي هئي جڏهن ان وقت جي اسڪاٽلينڊ جي بادشاهه جيمس ٻئي تنهن وقت جي عيسائين جي پيشوا “پوپ نڪولس پنجين” کي صلاح ڏني هئي ته هو گلاسگو شهر ۾ اعليٰ تعليم جي سهوليت لاءِ گلاسگو يونيورسٽي جي قيام جو چارٽر (Charter) جاري ڪري. اهڙي طرح پوپ نڪولس گلاسگو يونيورسٽي جو پروانو (چارٽر) جاري ڪيو ۽ هن يونيورسٽي جو انتظام گلاسگو شهر جي مکيه چَرچ يعني “گلاسگو ڪيٿيڊرل” (Catheral) جي ماتحت ڪيو. يونيورسٽيءَ جو ڪار ۽ وهنوار به شروعاتي ڏينهن ۾ گلاسگو ڪيٿيڊرل جو بشپ (Bishop) ئي هلائيندو هيو.
آڳاٽي دور ۾ گلاسگو يونيورسٽيءَ جيان اسڪاٽلينڊ جون ٻيون ٻه يونيورسٽيون جهڙوڪ “يونيورسٽي آف سينٽ ائندريو”۽ “اَبرڊِين يونيورسٽي” پڻ چرچ جي انتظام هيٺ ئي هونديون هيون جيڪي بعد ۾ يورپ اندر ملڪي انتظامي ڪاروبار تان چَرچ جي اجارداري ختم ٿيڻ کان پوءِ چرچ جي اثر رسوخ کان ٻاهر نڪري آزاد طريقي سان تعليم ۽ تحقيق جا ڪم ڪري همعصر دور جي تعليمي گهرجن کي پورو ڪرڻ لڳيون. اڄڪلهه هي يونيورسٽي چئن ڪاليجن تي مشتمل آهي جهڙوڪ؛ ڪاليج آف ميڊيسنز، ويٽرنري ائنڊ لائيف سائنسز، ڪاليج آف سائنس ائنڊ انجنيئرنگ، ڪاليج آف سوشل سائنسز ۽ ڪاليج آف آرٽس. انهن ڪاليجن جا مکيه تدريسي ۽ تحقيقي شعبا جيڪي اسڪولن جي نالي سان سڃاتا وڃن ٿا سي هن ريت آهي جهڙوڪ؛ اسڪول آف لائيف سائنسز، اسڪول آف ميڊيسنز ائنڊ ڊينٽسري، اسڪول آف ويٽرنري ميڊيسنز، اسڪول آف انجنيئرنگ، اسڪول آف فزڪس ائنڊ ائسٽرانامي، اسڪول آف ڪيمسٽري، اسڪول آف سائڪالاجي ،اسڪول آف جاگرافيڪل ائنڊ اَرٿ سائنس، اسڪول آف ميٿميٽڪس ائنڊ اسٽيٽڪس، اسڪول آف ڪمپيوٽنگ سائنس، آدم سمٿ اسڪول آف بزنس، اسڪول آف ايجوڪيشن، اسڪول آف انٽرڊسيپلينري اسٽڊيز، اسڪول آف سوشل ائنڊ پوليٽيڪل سائنس، اسڪول آف لا، اسڪول آف ماڊرن لئنگئجِز ائنڊ ڪلچرس، اسڪول آف ڪِرٽيڪل اسٽڊيز، اسڪول آف ڪلچر ائنڊ ڪِريئيٽِوِ آرٽ وغيره.
گلاسگو يونيورسٽي ۾ شاگرد پنهنجي تعليم سان گڏ اتي منعقد ٿيندڙ تفريحي سرگرمين ۾ پڻ زور شور سان حصو وٺندا رهن ٿا. انهيءَ ڏس ۾ شاگردن جون پنهنجيون به تفريحي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي ڀلائي واريون تنظيميون، يونينيون، ڪلب ۽ ڪائونسلون قائم ٿيل آهن جيڪي يونيورسٽي ۾ سمورو سال ئي متحرڪ رهن ٿيون جنهن ڪري شاگردن کي مزيدار ماحول ميسر ٿئي ٿو جنهن سان هنن جي ذهني توڙي جسماني صلاحيتن جو وڌارو ٿيندو رهي ٿو. شاگردن جي راند روند وارين سرگرمين لاءِ “گلاسگو يونيورسٽي اسپورٽس ايسوسيئيشن” جون ڪوششون پڻ ساراهه جوڳيون هجن ٿيون.
گلاسگو يونيورسٽي ۾ ڇپجندڙ يونيورسٽي جون اخبارون، مئگزينس، يا هتان جي ٽيليويزن ۽ ريڊيو جو نيٽ ورڪ يونيورسٽي جي شاگردن توڙي ٻئي عملي کي يونيورسٽي جي هر تفريحي ۽ ثقافتي سرگرمي ۽ اتي ٿيندڙ علمي ادبي ۽ تحقيقي ڪمن، ڪاوشن ۽ ڪوششن بابت آگاهه ڪندا رهن ٿا.
اسڪاٽلينڊ ۽ ان جي شهر گلاسگوجو مختصر تعارف هن ريت آهي.يورپ جي مشهور ملڪ برطانيا جنهن جو پورو نالو “يونائيٽڊ ڪنگدم آف گريٽ بِرٽين ائنڊ نارٿ آئرلينڊ” آهي ۽ جنهن کي مختصر طرح صرف “يُو ڪي” سڏيو ويندو آهي، اسڪاٽلينڊ ان جو هڪ اهم حصو ۽ خود مختيار صوبو يا رياست آهي. اسڪاٽلينڊ جي گادي جو هنڌ ايڊنبرا آهي. هڪ اعتبار جوڳي ذريعي موجب اسڪاٽلينڊ جي ڪل آبادي اٽڪل ٽيونجاهه لک ماڻهن تي مشتمل آهي. هن جون سرحدو ڏکڻ ۾ سندس ئي ملڪ يُوڪي (UK) جي هڪ ٻئي صوبي انگلينڊ سان جڙيل آهن جڏهن ته هن جي باقي ٽن طرفن کان سمنڊ ئي سمنڊ آهي جيڪو “ائٽلانٽڪ اَوشن” ، “نارٿ سِي” ۽ “نارٿ چئنل” جي نالن سان سڃاڻپ رکي ٿو.
گلاسگو اسڪاٽلينڊ جي سڀني شهرن کان ته وڏو آهي ئي پر هي “يُوڪَي” جو ٽيون نمبر وڏو شهر به آهي. هن شهر جي ڪل آبادي اٽڪل ڇهه لک ماڻهن تي مشتمل آهي.
گذريل هفتي مان جڏهن گلاسگو يونيورسٽي تي هي مضمون لکي رهيو هيس تڏهن اسڪاٽلينڊ ۾ سندس برطانيا کان علحدگيءَ واري سوال تي ريفرنڊم ٿي رهيو هيو جنهن ۾ اتان جو عوام اسڪاٽلينڊ جي آزاديءَ جي حق يا مخالفت ۾ ووٽ ڏئي رهيو هيو. بحرحال اسڪاٽلينڊ برطانيا سان گڏ رهي ٿو يا آزاديءَ ماڻي ٿو، ٻنهي صورتن ۾ گلاسگو يونيورسٽي ڏيهه توڙي پرڏيهه جي نوجوانن لاءِ اعليٰ تعليم جا اهڙا ئي موقعا آڇيندي رهندي جهڙا موقعا هن يونيورسٽيءَ پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي پنجن صدين واري طويل عرصي ۾ پنهنجن اڳلن شاگردن کي ميسر ڪيا آهن.
(ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 24 سيپٽمبر 2014)