نيو ڪاسل يونيورسٽي
جتي سنڌ جا نوجوان به پڙهيا آهن
پنهنجي ديس توڙي دنيا جا درسگاهه منهنجي لاءِ نامياري شاعر نارائڻ شيام جي هن شعر جيان آهن، “ درسگاهن سان دل منهنجي ڪتب خانه وطن منهنجو“. مان جڏهن به پنهنجي ملڪ جي ڪنهن به اڻڏٺل شهر ۾ ويو آهيان يا وري ڪڏهن پنهنجي ديس کان ٻاهر نڪتو آهيان ته پهريائين تمنا ۽ تلاش اتان جي ڪنهن تعليمي اداري جي درشن جي ئي ڪئي اٿم. اهو ان لاءِ ته جيئن ان جو واس ۽ سڳند وٺي پنهنجي روح کي به ريجهائجي ۽ واپس پنهنجي وطن وڃي ان جو احوال پنهنجي نوجوانن تائين به پهچائجي ته جيئن هو به ان اداري جي سرهاڻ سان سلهاڙجي پنهنجي محنتن ۽ لياقتن جي وسيلي اتي پهچي، علم جي زيور سان آراسته ٿي واپس اچي پنهنجو مستقبل به سنوارڻ جي ڪوشش ڪن ته پنهنجي خاندان، قوم ۽ ڌرتي تي خوشين ۽ خوشبوئن جي فضا کي ڦهلائڻ ۾ به ڀاڱي ڀائيوار ٿي سگھن.
مان پنهجي دوست ڊاڪٽر علي نواز مهر سان گڏجي جڏهن نيو ڪاسل شهر ۾ پير رکيو هيو ته منهنجو پهريون قدم ان دڳ ڏانهن وڌيو هو جيڪو هتان جي نامياري تعليمي اداري نيو ڪاسل يونيورسٽي ڏانهن پئي ويو. انهيءَ دوران اسان هن يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جون ڊگريون حاصل ڪري ان شهر ۾ ئي مستقل طور رهائش اختيار ڪندڙ سنڌ جي ٻن سپوتن لاڙڪاڻي واري ڊاڪٽر فضل الله ٻگھيو ۽ خيرپور واري ڊاڪٽر بدرالدين لنڊ جو به ساٿ حاصل ڪيوهو ۽ وڃي يونيورسٽي جي وشال آڳنڌ ۾ پهتا هياسين. اهڙي طرح نيو ڪاسل يونيورسٽي اندر پسار ڪندا ان جي دلڪش نظاري ۽ حسين مظهرن مان مستفيض ٿيندا رهيا هياسين.
“يونيورسٽي آف نيو ڪاسل اپان ٽائين” کي عام طور تي نيو ڪاسل يونيورسٽي چيو ويندو آهي. هن يونيورسٽيءَ ۾ برطانيا جي ڏيهي شاگردن سميت دنيا جي هڪ سئو ويهن کان به وڌيڪ ملڪن کان آيل ڪل پنجويهه هزار شاگرد زير تعليم آهن. ٽائيمز هائير ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽيز جي رئنڪنگ مطابق هيءَ دنيا جي هڪ سئو اسي نمبر معياري يونيورسٽي ليکي وڃي ٿي. هن يونيورسٽي جي بڻ بڻياد جو سلسلو “نيوڪاسل اپان ٽائين” (Newcastle upon Tyne) شهر جي ٻن پراڻن تعليمي ادارن اسڪول آف ميڊيسن ائنڊ سرجري جيڪو 1834ع ۾ قائم ڪيو ويو هيو ۽ ڪاليج آف فزيڪل سائنسز جيڪو 1871ع ۾ نيو ڪاسل ۾ قائم ڪيو ويو هيو سان ملي ٿو. جيئن ته انهيءَ دور ۾ نيو ڪاسل اپان ٽائين شهر ۾ ڪا يونيورسٽي ڪونه هئي تنهنڪري انهن ٻنهي ڪاليجن کي گڏائي ان جو نالو رکيو ويو ڪِنگس ڪاليج. 1963ع ۾ ڪنگس ڪاليج جو درجو وڌائي ان کي “يونيورسٽي آف نيو ڪاسل اپان ٽائين” بڻايو ويو. نيو ڪاسل يونيورسٽي کي “ ريڊ برڪ يونيورسٽي” هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. “ريڊ برڪ يونيورسٽي” برطانيا جي انهن قديمي يونيورسٽين کي سڏيو وڃي ٿو جنهن جي روايتي طرز تعمير ۾ ڳاڙهين سِرن جو استعمال ٿيل آهي. اهڙين ريڊ برڪ يونيورسٽين جو تعداد محدود آهي پر انهن جي اندر ٿيندڙ تعليم ۽ تحقيق جو ڪم انهن يونيورسٽين کي هڪ خاص مقام بخشي ٿو. نيوڪاسل يونيورسٽي ۾ بعد ۾ تعمير ڪيل عمارتون جديد فن تعمير جواعليٰ نمونوآهن.
هن يونيورسٽي جي ٽن فئڪلٽين جهڙوڪ فئڪلٽي آف سائنس، انجنيئرنگ ائنڊ ائگريڪلچر، فئڪلٽي آف ميڊيڪل سائنسز ۽ فئڪلٽي آف هيومنٽيز ائنڊ سوشل سائنسز ۾ چويهه اسڪول، چاليهه ريسرچ سينٽر ۽ ٻيا ڪيترائي تدريسي ۽ تحقيقي انسٽيوٽ آهن جيڪي شاگردن جي دلچسپي جو مرڪز بڻيل آهن.
يونيورسٽي جي وسيع لئبري سسٽم ۾ ٽي وڏيون ۽ ٻيون ڪيتري ننڍيون ڊپارٽمنٽل لائبريريون آهن.جن ۾ ڏهن لکن کان وڌيڪ ڪتاب، مسودا، تحقيقي جرنل ۽ پنجن لکن کان وڌيڪ اليڪٽرانڪس وسيلا موجود آهن. هي لئبريري سسٽم برطانيا جي ڪنهن تعليم اداري جو واحد سسٽم آهي جنهن کي پنج ڀيرا مسلسل برطانيا جو “چارٽر مارڪ ايوارڊ” ۽ “ڪسٽمر سروس ائڪسيلئنس ايوارڊ” ڏنا ويا آهن. يونيورسٽي جي مقبوليت جي پيش نظر سال 2008ع ۾ هن يونيورسٽي جي هڪ انٽرنيشنل ڪئمپس سنگاپور ۾ پڻ قائم ڪئي وئي آهي جيڪا “ مئرائين انٽرنيشنل ڪئمپس سنگاپور” جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي.
يونيورسٽي اسٽوڊنٽس يونين جي هڪ الڳ ڪشادي عمارت آهي جيڪا هن شهر جي هڪ مخير شخصيت سر سيسل جي مالي سهڪار سان 1924ع ۾ تعمير ڪئي وئي آهي. شاگرد يونين جي نگراني ۾ شاگردن لاءِ اسپورٽس ڪلب، ثقافتي سرگرميون، تعليمي ۽ ذهني اوثر لاءِ هم نصابي پروگرام ۽ تفريحي ڪلب هلايا وڃن ٿا. ڪئمپس اندر شاگردن جي دلچسپي لاءِ موجود اهڙيون سهوليتون کين متحرڪ ۽ مزيدار زندگيءَ جا موقعا فراهم ڪنديون رهن ٿيون.
نيو ڪاسل يونيورسٽيءَ ۾ سال 1948ع کان جاري ڪيل شاگردن جي اخبار “اسٽوڊنٽس نيوزپيپر” يونيورسٽي جي هر تعليمي، تحقيقي ۽ تفريحي عمل جي معلومات فراهم ڪندي رهي ٿي. ان کان علاوه ڪئمپس اندر قائم “اسٽوڊنٽس ريڊيو اسٽيشن” پڻ شاگردن جي دلچسپي پٽاندڙ نشريات کي جاري رکندي اچي ٿي.
نيوڪاسل يونيورسٽيءَ مان سنڌ جون ڪافي شخصيتون پڻ تعليم حاصل ڪري چڪيون انهن ۾ خيرپور ميرس ضلعي جي هڪ ننڍي شهر “ وڏا ٽالپر” جو ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جيڪو اڄڪلهه پاڪستان سائنس فائونڊيشن اسلام آباد جو چئرمين آهي، خيرپور سان ئي تعلق رکندڙ ڊاڪٽر بدرالدين لنڊ جيڪو اڄڪلهه پنهنجي ڪٽنب سان نيو ڪاسل شهر ۾ ئي مستقل طور رهائس پذير آهي ۽ ڊاڪٽر فضل الله ٻگھيو جيڪو اصل ۾ موهن جي دڙي ڀرسان واقع هڪ ڳوٺ کبڙاڻي سان تعلق رکي ٿو اهو به نيوڪاسل يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪري اتي ئي پنهنجي خاندان سان مستقل سڪون پذير آهي. ڪاوش اخبار جي لاڙڪاڻي ضلعي واري بيوروچيف معشوق اوڍاڻي جو پٽ طاهر اوڍاڻو پڻ پنهنجي فيملي سميت نيو ڪاسل اپان ٽائن شهر ۾ مستقل طور رهائش پذير آهي. لاڙڪاڻي جي هڪ علمي شخصيت، بيلجم يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي يافته ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري جي اڳوڻي پرنسپال ڊاڪٽر حاجي خان ابڙي جو پٽ هيبت خان ابڙو پڻ نيو ڪاسل يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو آهي.
هن شهر جي تاريخ تي سرسري نگاهه وجهڻ سان خبر پئي ٿي ته هي شهر “ٽائين” نالي هڪ ندي جي اترئين ڪناري تي آباد آهي. جنهن علائقي تي موجوده شهر ٻڌل آهي ان کي رومن دورِ اقتدار ۾ “پونس ايلئس” سڏيو ويندو هيو ۽ اهو رومن آبادي وارو شهر ليکبو هيو. ان کان پوءِ جڏهن اقتدار ڏيهي ماڻهن جي هٿ آيو ته رابرٽ ثاني جيڪو “وليم دي ڪنڪيورر” جو پٽ هيو تنهن هتي يارهين صديءَ جي پڇاڙڪي ڏهاڪي ۾ هڪڙو محل (castle) ڪاسل جوڙايو جيڪو ٽائين نديءَ جي ڪناري تي هيو، جنهن ڪري هن شهر تي نالو به ان ڪاسل جي ڪري “نيو ڪاسل اپان ٽائين” پيو. بحرحال برطانيا جي هن خوبصورت شهر ۾ نيو ڪاسل يونيورسٽي دنيا جي ٻين ملڪن جي شاگردن جيان سنڌ جي نوجوانن لاءِ پڻ هڪجيترا موقعا فراهم ڪري ٿي، انهن موقعن مان فائدو صرف اهي وٺي سگھن ٿا جيڪي الله تو آهر چئي منزل جي تلاش ۾ نڪري پون ٿا.
(ڪاوش مڊ ويڪ مئگزين، 18 ڊسمبر 2013)