فرانس جي پئرس يونيورسٽي
جيڪا 897 سال پراڻي آهي
يونيورسٽي آف پئرس ٻارهين عيسوي صديءَ جي وچ ڌاري قائم ڪئي وئي هئي. فرانس جي گاديءَ واري شهر پئرس جي اها تاريخي يونيورسٽي جيڪا دنيا جي پراڻين يونيورسٽين مان هڪ ليکي وڃي ٿي اها ڪيترن ئي موافق ۽ مخالف مرحلن، آسان ۽ ڏکين دورن مان گذرندي، علم جو فيض عام ڪندي پنهجي وجود جي جنگ جوٽيندي آخر ڪار پنهنجي قيام کان 830 سال پوءِ پئرس جي شهر ۾ 13 مختلف يونيورسٽين جي شڪل ۾ ورهائجي وئي. فرانس جي انهيءَ قديمي تعليمي اداري “ يونيورسٽي آف پئرس” مان جنم ورتل پئرس شهر جون موجوده تيرنهن ئي يونورسٽيون پنهنجي اصل نسل ۽ بڻ بڻياد جو شجروع پئرس جي ان پراڻي يونيورسٽيءَسان ڳنڍي پنهنجي معياري ۽ تحقيقي تعليمي اداري هجڻ جون دعوائون ڪري فرانس سميت سڄي دنيا جي شاگردن، عالمن ۽ استادن جو ڌيان پاڻ ڏانهن شڪائڻ جي ڪوشش ڪنديون رهن ٿيون.
انگلينڊ جيڪيمبرج يونيورسٽيءَ جيان پئرس يونيورسٽيءَ جي قيام جو پڻ ڪو خاص ڏينهن، مهينو ۽ سال تعين ٿي نه سگھيو آهي ڇو جو ان بابت تاريخدان ڪنهن هڪ تاريخ تي متفق ٿي نه سگھيا آهن پر اها ڳالهه طئي ٿي چڪي آهي ته سال 1116ع کان پوءِ ويهين صديءَ جي وچ ڌاري هيءَ يونيورسٽي قائم ڪئي وئي هئي. هن جي قيام کان پوءِ يونيورسٽيءَ ۾ ٿيندڙ معياري تعليم ، تحقيق ۽ تربيت وارين سرگرمين جي ڪري هر گذرندڙ ڏينهن سان پئرس يونيورسٽي جي نيڪنامي ۾ اضافو ٿيندو ويو. ڇھه سئو ٽيتاليهه سالن جي تعليمي خدمت ۽ ڪارگذارين کان پوءِ هي يونيورسٽي فرانس جي سياسي بحران جي ور چڙهي وئي ۽ هن کي 1793ع کان 1896ع تائين ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو. هي اهو دور هيو جڏهن فرانسيسي انقلاب عوام جي سجاڳيءَ ۽ سهڪار جي مدد سان ڪاميابيءَ جا مرحلا طئي ڪندو اڳتي ته وڌيو هيو پر اڃا ماضيءَ جي مسئلن ۽ نئين دور جي چئليجن سان منهان منهن هيو. اهڙي طرح مُني صديءَ کان وڌيڪ عرصو هن يونيورسٽي ۾ تعليم ۽ تحقيق جو ڪم معطل رهيو. ان کان پوءِ پئرس جي ساڃاھوند ڌرين جي ڪوششن ۽ زور بار جي ڪري 1896ع ۾ يونيورسٽي آف پئرس کي ٻيهر کوليو ويو جنهن کان پوءِ هتي جون تعليمي۽ تحقيقي سرگرميون ٻيهر طالبعلمن جي دلچسپيءَ جو مرڪز بڻجڻ لڳيون. بحرحال 74 سالن جي مليل ٻي زندگيءَ کان پوءِ 1970ع ۾ هن يونيورسٽيءَ کي وڍي ٽڪي ختم ڪري ان مان 13 نيون يونيورسٽيون ٺاهيون ويون. يونيورسٽي آف پئرس جي مستند تي ويٺل پئرس شهر جون اهي 13 يونيورسٽين جا نالا هن طرح آهن؛ يونيورسٽي آف پئرس ڪئوسٽ، يونيورسٽي آف پئرس سڊ، يونيورسٽي آف پئرس اسٽ، يونيورسٽي آف پئرس نارڊ، پئرس سوربون يونيورسٽي، پئنٿيان سورنبون يونيورسٽي، رين ڊسڪارٽ يونيورسٽي، پئنٿيان ائسس يونيورسٽي، سوربون نوول يونيورسٽي، پائري ائنڊ مئري يونيورسٽي، يونيورسٽي آف ونسنس ، پئرس ڊوفائين يونيورسٽي ۽ ڊينس ڊڊيراٽ يونيورسٽي. يونيورسٽي آف پئرس جون اهي جانشين تيرنهن ئي يونيورسٽيون پنهنجي هر طرح مالي، انتظامي ۽ تدريسي بندوبست ۽ انتظام جي لحاظ کان هڪ ٻئي کان الڳ ۽ خود مختيار آهن پر رسمي طور تي سند ن “ريڪٽر” هڪ ئي هجي ٿو. “ريڪٽر”، يونيورسٽي جو اعليٰ انتظامي عهدو هوندو آهي جيڪو چانسلر جي برابر هوندو آهي.
هن قديمي پئرس يونيورسٽيءَ 800 سالن جي تاريخ ۾ نه رڳو فرانس جي پنهنجي سماج ۾ تعليمي شعور جا اڻمٽ نقش چٽيا آهن پر پاڙيسري ملڪن جي شاگردن لاءِ علم ۽ سکيا جو گهوارو رهي آهي. يونيورسٽي آف پئرس ۾ چار فئڪلٽيون هونديون هيون جهڙوڪ فئڪلٽي آف آرٽس، فئڪلٽي آف ميڊيسنس، فئڪلٽي آف ٿيالاجي ۽ فئڪلٽي آف لا. هن يونيورسٽيءَ ۾ فرانس سميت نارمنڊي، پڪارڊي، انگلينڊ، اسڪئنڊينيوا ۽ جرمني سميت اوڀر يورپ جا ڪيترائي شاگرد پڙهندا هيا. شروعات ۾ يورپ جي آڳاٽين يونيورسٽين جيان هن يونيورسٽيءَ جو انتظام پڻ چرچ جي حوالي هوندو هيو. يونيورسٽيءَ جي شاگردن لاءِ اهو لازمي هوندو هيو ته هو پنهنجي مٿي جا وار به ڪوڙائن ۽ چوغو به پائن. يونيورسٽي جا شاگرد چرج جي سڀني قانون ۽ قاعدن جي پاسداري ڪرڻ جا پابند هوندا هيا جنهن ڪري هو فرانس جي بادشاھي درٻار جي ٺاهيل قانونن کان پاڻ کي آجو سمجهندا هيا. يورپ ۾ اوئلي دور ۾ شاگردن ۽ شهرين جي وچم جهيڙا جهڳڙا ٿيندا رهندا هيا ۽ جهيڙيندڙ ڌرين کي “ گائون ائنڊ ٽائون” جي اصطلاح سان ياد ڪيو ويندو هيو. انگريزي لفظ “گائون” يعني چوغو يا جُبو جيڪو شاگردن جي سڃاڻپ هوندو هيو۽ “ٽائون” جو اشارو شهرين ڏانهن هيو. انهن جهيڙن جو هڪڙو سبب اهو به هيو جو شاگرد پاڻ کي شهري قانون کان مٿاهون سمجهندا هيا ۽ انهن جي پاسداري ڪرڻ کان ڪيٻائيندا هيا. انگلينڊ ۾ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ جو قيام پڻ شاگردن ۽ شهرين جي اهڙي جهڳڙي جو مظهر هيو. ٿيو ائين هيو جو آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ شهرين جي جهيڙي کان متاثر ٿي آڪسفورڊ کي ڇڏي ڪيمبرج ۾ آيل شاگردن هتي اچي هڪ تعليمي ۽ تدريسي ادارو ٺاهيو جيڪو پوءِ ڪيمبرج يونيورسٽي جي نالي سان مشهور ٿيو.
پئرس يونيورسٽي جو هڪ ڪاليج “سوربون ڪاليج” جيڪو بنهنجي باني رابرٽ ڊي سوبورن جي نالي پٺيا مشهور ٿيو، اهو 1257ع ۾ پئرس ۾ قائم ڪيو ويو هو. هن ڪاليج پئرس يونيورسٽي جي ٿيالوجي فئڪلٽي طور ڏاڍو نالو ڪمايو. ايتري تائين جو خود پئرس يونيورسٽي کي پڻ “لا سوربون” جي نالي سان به سڏيو ويندو هيو. حالانڪ پئرس يونيورسٽي جي سموري ڪئمپس سوربون ڪاليج اندر ڪونه هئي پر تڏهن به سوربون واري عمارت پئرس يونيورسٽيءَ جو هڪ وڏو حوالو بڻيل هوندي هئي. اڄڪلھه پئرس جي تيرنهن يونيورسٽين مان چار يونيورسٽيون سوربون واري عمارت ۾ واقع آهن جڏ هن ته ٻين ٽن يونيورسٽين پڻ پنهنجي نالي ۾ سوربون جو لفظ شامل ڪيو آهي.
هن يونيورسٽيءِ جي تاريخ ۾ هڪڙو زمانو اهڙو به هيو جو هن جي آرٽس فئڪلٽي ۾ پڙهائجندڙ اٺن سبجيڪٽن خاص طور تي فلاسافي، گرامر، جدلياتي ماديت، مئٿميٽڪس، ايسٽرانومي، موسيقي، فن خطابت ۽ اخلاقيات جي هاڪ ملڪان ملڪ مشهور هئي جنهنڪري هتي تعليم سانگي ٻاهران ايندڙ شاگردن جي رهائش جو پورائو نه ٿي سگھندو هيو. ان زماني ۾ فرانس جي بادشاهن، اميرن ۽ وزيرن جي اولاد ۽ يورپ جي ٻين ملڪن جا شاگرد پڻ هتي تعليم حاصل ڪرڻ ايندا هيا. انگلئنڊ جي شاگردن جو وڏو تعداد پڻ پيرس يونيورسٽي ۾ پڙهندو هيو، پر پوءِ 1167ع ۾ انگلئنڊ جي بادشاھ هينري ٻئي ڪجھ سياسي سببن جي ڪري انگريز شاگردن تي فرانس مان تعليم حاصل ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي. انهيءَ کان پوءِ برطانيه جا شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ پئرس يونيورسٽي وڃڻ بجاءِ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ اچڻ لڳا. پئرس يونيورسٽيءِ جي انهي شُهرت جي ڪري ان وقت جا تاريخدان پئرس کي “علم جي شهر” جو درجو ڏئي کيس ان وقت جي مشهور علمي ادبي شهرن، ايٿينس، روم ۽ مصر جي النگزينڊريا کان مٿاهون مانُ ڏيندا هيا. دنيا جي يونيورسٽين ۾ فئڪلٽي جي “ڊين” واري عهدي جي شروعات به 1868ع کان پئرس يونيورسٽي جي فئڪلٽي آف لا ۽ فئڪلٽي آف مئڊيسن ۾ ڊين جو عھدو متعارف ڪرڻ کان پوءِ ٿي.
1970ع ۾ يونيورسٽي آف پئرس کي ورهائي نيون 13 يونيورسٽيون ٺاهيون ويون. توڙي جو انهن تيرنهن ئي يونيورسٽين جو بڻياد پئرس يونيورسٽي تي رکيل آهي پر ان جي حقيقي جانشيني جي دعويٰ ڪندڙ “پئنٿئيان سوربون يونيورسٽي” انهيءَ ئي لئٽن ڪوارٽرس واري تاريخ عمارت سوربون ۾ واقع آهي جنهن ۾ 1257ع ۾ يونيورسٽيءَ جو ڪاليج قائم ڪيو ويو هو.
فرانس توڙي ان جي ڏيهان ڏيھه مشهور گادي واري شهر جي هڪ ڀرپور ۽ ڌيان شڪائيندڙ تاريخ آهي. ارڙهين صدي وارو فرانسي انقلاب نه رڳو فرانس اندر مذهبي شدت ۽ چرچ جي اجارداري، جاگيرداري، امراءَ ۽ اشرافيا طبقي جي هڪ هَٽي کي چئلنج ڪري فرانس جي عوام کي آزاديون ڏياريون پر يورپ جي ٻين ملڪن ۾ به استحصالي ڌريون عوام ۾ ايندڙ سجاڳيءَ جي ڪري پنهنجي اقتدار ۽ اختيار کي خطرو محسوس ڪرڻ لڳيون. فرانس کي نه رڳو سندس اها سياسي سجاڳيءَ جي تاريخ ٻين ملڪن کان مختلف بڻائي ٿي پر پئرس جو حُسانڪيون پڻ دنيا جي سياحن لاءَ وڏي ڪشش جو سبب بڻيل آهن. پئرس جي يونيورسٽين ۾ تعليم لاءِ ويندڙ شاگرد اتان نه رڳو علم جو فيض حاصل ڪري اعليٰ ڊگري يافته اسڪالر ٿي سگھن ٿا پر پئرس جي حُسن ما ن پڻ حِضُ حاصل ڪري سگھن ٿا .
پئرس جي يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ انگريزي ٻوليءَ جي مهارت واري سرٽيفڪيٽ جي ضرورت نه هوندي آهي ڇو ته فرانس انگريزي ملڪ نه آهي پر ان جي هڪ الڳ ٻولي آهي جنهن کي فرينچ سڏيو وڃي ٿو. ٻين ملڪن جي شاگردن کي اتان جي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وقت فريئچ ٻولي ۾ ڪورس ڪرايو ويندو آهي ۽ ان کان پوءِ ئي کيس گهربل ڊگريءَ واري ڪورس لاءِ پڙهايو ويندو آهي. اڄڪلھه انگريزي ٻوليءَ جي وڌندڙ ضرورت ۽ شهرت جي مد نظر ڪجھه يونيورسٽين ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ پڻ تدريس جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.
(ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 12 جون2013)