رَيڊنگ يونيورسٽي
جتان سنڌي شاگردن تعليم حاصل ڪئي آهي
ڪاوش مئگزين ۾ دنيا جي درسگاهن تي ڇپجندڙ منهنجا مضمون پڙهي، چند ڏينهن اڳ يوڪي (UK) جا ٻه سنڌي نوجوان لاڙڪاڻي اچي مون وٽ نڪتا. پنهنجو تعارف ڪرائڻ کان پوءِ مون وٽ اچڻ جو مقصد اهو بيان ڪيائون ته کين ڪنهن معياري غير ملڪي اداري ۾ تعليم لاءِ داخلا وٺڻ جو طريقو ۽ ان لاءِ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جو دڳ ٻڌايان. شايد پهريان ته اوهان مان گھڻا اهو سوچيندا هوندا ته يو ڪي يعني “يونائيٽڊ ڪنڊم آف گريٽ برٽين ائنڊ آئرلينڊ” کان هي ٻه نوجوان ايڏو ڊگهو سفر ۽ تڪليف ڪري لاڙڪاڻي ۾ رڳو اها ننڍڙي ڳالهه پڇڻ ڪئين آيا جڏهن ته پاڻ اڳم ئي يو ڪي ۾ رهن ٿا، اتان ئي ڪٿان خبر چار لهي وٺن ها . دوستو ٿورو ترسو، ان حوالي سان هي اطلاع آهي ته يو ڪي صرف يورپ ۾ ئي نه پر اسان جي سنڌ ۾ به آهي. اسان جي تاريخي شهر عمر ڪوٽ (Umar Kot) جو نالو به ته مختصر صورت ۾ يو ڪي (UK)ئي لکبو۽ سڏبو آهي نه. سو انهيءَ سنڌ واري يو ڪي يعني عمر ڪوٽ جا هي ٻه نوجوان لاڙڪاڻي ۾ اچي مون وٽ پهتا. انهن مان هڪ جنهن جو نالو سروڻ ڪمار مالهي هيو ان چيو ته “ مان توهان جا درسگاهن بابت ڪاوش ۾ ڇپجندڙ مضمون پابنديءَ سان پڙهندو آهيان. ڪجهه وقت اڳ مون پڙهائي ڇڏي ڏني هئي پر هنن مضمونن پڙهڻ کان پوءِ وري مون ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو احساس ۽ جذبو پئدا ٿيو آهي. سو مون اڌ ۾ ڇڏيل پنهنجي پڙهائي کي وري جاري رکڻ لاءِ ڪامرس ڪاليج ۾ بي. ڪام پارٽ ٽو جي ڪورس ۾ داخلا ورتي آهي ۽ هاڻي اوهان وڌيڪ مشورو ڏيو ته مان بيچلر ڊگري وٺڻ کان پوءِ اسڪالر شپ ڪئين حاصل ڪريان ۽ ڪهڙي ملڪ جي معياري تعليمي اداري ۾ داخلا وٺان؟ ” سروڻ ڪمار جي همٿ ۽ جذبو ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، مون کيس گھربل صلاح مشورو ۽ پنهنجي لکيل ڪتابن جو تحفو ڏئي کيس تاڪيد ڪيم ته هو محنت جاري رکي ڪاميابي سندس قدم چمندي.
مٿئين قصي ٻڌائڻ مان منهنجو مقصد اهو هيو ته اسان کي معلوم هجڻ گھرجي ته سنڌي نوجوانن جو گھڻو تعداد همٿ واري جذبي، شوق ۽ شعور سان سرشار آهي. انهن کي صحيح طرح جي رهنمائي جي ضرورت آهي. صرف هڪ دفعو انهن کي دڳ سان لائجي ته اهي پنهنجي منزل پاڻ ئي ماڻي وٺن ٿا. اسان وٽ هن کان اڳ به سنڌ جي نوجوانن جي اهڙين ڪاميابين جا ڪيترائي مثال موجود آهن جن جا حوالا هنن ڪالمن ۾ ايندا رهيا آهن. رَيڊنگ يونيورسٽيءَ واري اڄوڪي هن مضمون ۾ پڻ علم ۽ قلم واري ڪافلي ۾ شامل سنڌ جي اهڙين شخصيتن جو ذڪر ٿيندو جيڪي يورپ واري يو ڪي (UK) جي هن نامياري يونيورسٽي” مان تعليم حاصل ڪري چڪا آهن پر پهريان اچو ته هن يونيورسٽي بابت ڪجهه آگاهي حاصل ڪريون.
پهريان ته اهو واضع ڪندو هلان ته اڄ اسان جو بيان جنهن يونيورسٽي بابت آهي سا “ رِيڊنگ” (reading) نه پر “ رَيڊنگ” (Reading) يونيورسٽي سڏجي ٿي. انگريزيءَ ۾ ٻنهي جي هِجي(spell) هڪجهڙي آهي پر اُچار ۾ ٿورو فرق آهي ۽ ٻيو فرق هي آهي ته لفظ read (رِيڊ)انگريزي ۾ فعل ليکجي ٿو جيڪو اڪثر ڪري ننڍيءَ “آر ” r)) سان لکبو آهي، جنهن جي معني آهي پڙهڻ. ان جو اسم حاليه آهي. (reading رِيڊنگ)، جڏهن ته “Reading” (رَيڊنگ) اسم خاص آهي ۽ ان جي شروعات ۾ هميشه وڏي “ آر ” (R) لکبي آهي. انگلينڊ ۾ رَيڊنگ جو شهر لنڊن کان اٽڪل 45 ڪلو ميٽر اولهه ۾ واقع آهي. ان ۾ قائم يونيورسٽي آف ريڊنگ (University of Reading ) جنهن کي عام طور تي ريڊنگ يونيورسٽي پڻ سڏجي ٿو سا پنهنجي تحقيقي سرگرمين ۽ تعليمي معيار جي ڪري ڏيهان ڏيهه مشهور آهي.
حقيقت ۾ ريڊنگ يونيورسٽيءَ جي بنياد جو سهرو آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ تي اچي ٿو. اوڻويهين صدي جي آخري ڏهاڪي ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ڪاليج ڪرائيسٽ چرچ جي انتظاميا کي هن ڪاليج جي توسيع جو خيال ذهن ۾ آيو، ان پروگرام تحت 1892ع ۾ برڪشائر ڪائونٽي جي شهر ريڊنگ ۾ اسڪول آف سائنس ائنڊ آرٽ کي ضم ڪري “يونيورسٽي ڪاليج آف ريڊنگ” قائم ڪيو ويو. بعد ۾ ڪاليج کي ترقي ڏئي 1926ع ۾ هن کي “يونيورسٽي آف ريڊنگ” بڻايو ويو. ريڊنگ يونيورسٽيءَ جون ريڊنگ شهر اندر ۽ ڀر پاسي ۾ چار ڪئمپسون آهن. تازو ئي پنجين ۽ پهرين غير ملڪي ڪئمپس ملائيشيا ۾ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. هن يونيورسٽي جي فئڪلٽي آف سائنس ۾ اسڪول آف ڪنسٽرڪشن مئنيجمنٽ ائنڊ انجنيئرنگ، اسڪول آف آرڪيالاجي، جيوگرافي ائنڊ انوائرنمنٽل سائنس، اسڪول آف مئٿميٽيڪل ائنڊ فزيڪل سائنس، اسڪول آف سسٽميٽڪ انجنيئرنگ، فئڪلٽي آف لائيف سائنسز ۾ اسڪول آف بايولاجيڪل سائنسز، اسڪول آف ائگريڪلچر، پاليسي ڊيولپمنٽ، اسڪول آف ڪئميسٽري، فوڊ ائنڊ فارميسي، اسڪول آف سائيڪالاجي ائنڊ ڪلينيڪل سائنسز ۽ فئڪلٽي آف آرٽس، هيومنٽيز ائنڊ سوشل سائنسز ۾ اسڪول آف آرٽ ائنڊ ڪميونيڪيشن ڊزائين، ڊپارٽمنٽ آف فلم، ٿيٽر ائنڊ ٽيليويزن، اسڪول آف هيومنٽيز جا ڊپارٽمنٽ آف ڪلاسڪس، هسٽري ۽ فلاسافي، اسڪول آف لا، اسڪول آف لٽريچر ائنڊ لئنگوِجز، اسڪول آف پاليٽڪس، ايڪنامڪس ائنڊ انٽرنيشنل رليشنس آهن.
سنڌ جون ڪي ئي نامياريون شخصيتون ريڊنگ يونيورسٽيءَ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري چڪيون آهن. انهن ۾ لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ وڳڻ سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر دائم علي درباڻ ۽ ڊاڪٽر روشن علي وڳڻ، شڪارپور جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ رستم سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر علي نواز مهر ۽ پاڪستان سائنس فائونڊيشن اسلام آباد جو چيئرمن ڊاڪٽر منظور حسين سومرو، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڊيٽ پام ريسرچ انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام سرور مرکنڊ، ساڳيءَ يونيورسٽي جو پروفيسر ڊاڪٽر نور حسين شاهه بخاري، سنڌ يونيورسٽي جي نيچرل سائنس فئڪلٽي جو ڊين ڊاڪٽر عبدالرسول عباسي، وِيٽ ريسرچ انسٽيٽيوٽ سڪرنڊ جا ڊاڪٽر علي مراد راهو، ڊاڪٽر ڪريم بخش لغاري ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جو پروفيسر ڊاڪٽر قمرالدين چاچڙ ۽ ڊاڪٽر محمد جڙيل رند، شڪارپور جو ڊاڪٽر عبدالله سيٺار ۽ هالا وارو مُيَسر ميمڻ جيڪواڄڪلهه برمنگھم ۾ انجنيئر آهي پڻ شامل آهن. ڊاڪٽر دائم علي درباڻ ۽ ڊاڪٽر علي نواز مهر ريڊنگ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ۽ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ جا اعزاز حاصل ڪري مستقل طور تي ريڊنگ شهر ۾ ئي رهائش اختيار ڪئي آهي جتي هو اڄڪلهه برطانيا جي شهرت حاصل ڪري پنهنجا گھر خريد ڪري ٻارن ٻچن سميت رهيل آهن. مان به سندن وٽ هڪ مهينو مهمان طور رهي ريڊنگ يونيورسٽيءَ جا ڪي ئي ڀيرا درشن ڪري چڪو آهيان. لاڙڪاڻي جو هڪ نوجوان عبدالقيوم شيخ ۽ ٽنڊوالهيار جو فرحان علي پاٽولي به پنهنجي ڪٽنبن سان ريڊنگ شهر ۾ رهائش پذير آهن ۽ هو اتي نوڪريون ڪن ٿا.
ريڊنگ يونيورسٽي ۾شاگردن جي رهائش لاءِ آرمده هاسٽلون موجود آهن. ڪئمپس اندر موجود ميوزمس جهڙوڪ “ ميوزم آف انگلش ريورل لائيف”، ميوزم آف “گرِيڪ آرڪيالاجي”، “ميوزم آف زولاجي”، “هاريس گارڊن” ۽ “يونيورسٽي آف ريڊنگ هربيريم” شاگردن جي تعليم ۽ تربيت سان گڏ انهن جي سماجي ۽ سائنسي ڄاڻ جي واڌاري ۽ تفريح جا وڏا موقعا فراهم ڪندا رهن ٿا. يونيورسٽيءَ جي اسٽوڊنس يونين شاگردن جي ڀلائي لاءِ پنهنجو متحرڪ ڪردار ادا ڪندي رهي ٿي. هن شاگرد يونين پاران جاري ڪيل هڪ پندرنهن روزه اخبار “ اسپارڪ”، اسٽوڊنٽس ريڊيو اسٽيشن، ۽ اسٽوڊنٽس ٽيليويزن اسٽيشن شاگردن کي يونيورسٽي جي سرگرمين، نين نين ايجادن، تحقيقن ۽ منعقد ٿيندڙ ڪانفرنسن، سيمنارن متعلق ضروري ڄاڻ فراهم ڪندا رهن ٿا. يونيورسٽيءَ جي ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ کي برطانيا جي بهترين ڊبيٽنگ سوسائٽي ۾ شامل هجڻ جو اعزاز حاصل آهي.
سرڪاري سيڪٽر جي هن ريسرچ يونيورسٽيءَ جي مکيه ڪئمپس ۾ موجود سينٽرل لائبريري شاگردن جي پڙهائي ۾ وڏي معاونت ڪندي رهي ٿي. هن لائبريري ۾ موجود ٻارنهن لکن کان وڌيڪ ڪتاب، آڊيو وڊيو سهوليتون، آرڪائيوِز ۽ ٻيو اليڪٽرانڪ انفرميٽِو مٽيريل چويهه ئي ڪلاڪ شاگردن جي استعمال لاءِ تيار رهي ٿو. يونيورسٽي جي مختلف ڪئمپسن ۾ ڊپارٽمنٽل لائبريريون پڻ ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ٿين ٿيون. ريڊنگ يونيورسٽي پنهنجي سائنسي تحقيق ۽ ريسرچ وارين سهوليتن جي مدد سان مارڪيٽ ۾ انوائرنمنٽ، انفارميشن، لائيف سائنس ۽ مٽيريل سائنس جي شعبن ۾ ڪم ڪندڙ هاءِ ٽيڪنالاجي ڪمپنين سان سهڪار ڪري سماج جي خدمت ۾ به پنهنجو ڪردار نڀائيندي رهي ٿي.
ريڊنگ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ جي خواهش رکندڙ سنڌي نوجوان يونيورسٽيءَ جي انٽرنيشنل اسٽوڊنٽس ۽ ايڊميشنس واري شعبي سان لهه وچڙ ۾ اچي، گھربل رُڪائيرمنٽس پوريون ڪري اتي پهچي سگھن ٿا. ريڊنگ شهر ۾ مستقل طور رهندڙ مٿي ذڪر ڪيل چار ئي سنڌي خاندان سنڌ کان ايندڙ ماڻهن جي کليءَ دل سان آجيان ڪندا رهن ٿا، جنهن لاءِ هو پڻ جس لهڻن.
(ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 6 نومبر 2013)