مختلف موضوع

دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽيون

ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ جو پهريون حصو ”يورپ جون يونيورسٽيون“ پيش آهي. هن ڪتاب جي تحقيق ۽ مضمونن جو ليکڪ ناميارو شاعر ۽ ليکڪ پروفيسر مختيار سمون آهي. هن ڪتاب ۾ يورپ جي چوئيتاليهه معياري يونيورسٽين متعلق ڪارائتي ڄاڻ سان گڏ اتي پڙهندڙ يا پڙهي ڪاميابيون ماڻيندڙ سنڌ جي ڪيترن ئي شخصيتن جو احوال به ڏنو ويو آهي ته جيئن ٻيا نوجوان به معلومات ۽ اتساهه حاصل ڪري اڳتي وڌن ۽ انهن ادارن مان لاڀ حاصل ڪن.
Title Cover of book دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽيون

جرمني جي هائيڊلبرگ يونيورسٽي

جرمني جي هائيڊلبرگ يونيورسٽي،
جتي مشهور فلاسافر هيگل به پڙهايو

مون جرمنيءَ جي ڪنهن معياري يونيورسٽيءَ بابت جيئن ئي لکڻ جي تياري ڪئي ته ماضيءَ جي هڪ يادگيري منهنجي ذهن جي ڪينواس تي نروار ٿيڻ لڳي. شايد اهو سال 1986ع جي فيبروري جو ڪو ڏينهن هيو. اسان سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فئڪلٽي ۾ قائم پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي ايم اي واري ڪلاس روم ۾ پنهنجي پڙهائي واري ٽائيم ٽيبل مطابق پنهجياستاد جو انتظار ڪري رهيا هياسين ته معمول جي ابتڙ هڪ نه پر ان وقت ٽي شخصيتون اسان جي ڪلاس روم ۾ داخل ٿيون. انهن ۾ هڪ ته اسان جو ٽيچر ناميارو محقق ۽ رائيٽر سر لعل بخش جسڪاڻي هيو ۽ ٻيو جرنلزم ڊپارٽمنٽ جو پروفيسر ۽ سماج سڌارڪ محترم خان محمد پنهور هيو، انهن سان گڏ جيڪا ٽين شخصيت اسان جي سامهون آئي انهيءَ جنم ته جرمنيءَ ۾ ورتو هيو ۽ سندس پيءُ ماءُ به جرمن هيا پر تصوف ڏانهن سندس لاڙو هجڻ ڪري سنڌ سان سندس اهڙي ته جند جڙي جو دفن وڃي ٺٽي شهر واري مڪليءَ جي مٽيءَ ۾ ٿي. منهنجي اها پهريون ڀيرو ڪنهن جرمن پروفيسر، اسڪالر ۽ محقق سان ملاقات هئي. اسان جي ڪلاس رم ۾ اسان جي اڳيان مرڪن ۽ لفظن جي گلن جي ورکا ڪندڙ اها صوفي منش جرمن اسڪالر هئي ڊاڪٽر اينيمري شِمل. ڊاڪٽر شِمل جيڪا جرمني جي برلن يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪري آمريڪا جي هاورڊ يونيورسٽي، ترڪيءَ جي انڪرا يونيورسٽي ۽ جرمنيءَ جي بون يونيورسٽي ۾ پروفيسر رهي چڪي هئي اها لڳ ڀڳ اسي ڪتابن جي ليکڪا پڻ هئي. جن مان سندس پندرنهن ڪتاب اسلامي تصوف ۽ صوفي مت تي لکيل آهن. انهن ڪتابن ۾ سنڌ ۾ تصوف جو ذڪر به تفصيل سان ٿيل آهي. سنڌ ۽ سنڌ جي علمي ادبي ذخيري تي سندس لکيل هڪ ڪتاب “هسٽري آف سنڌي لٽريچر” ۽ “پرلس فرام انڊس” پڻ سندس هڪ وڏو ڪارنامو آهي. جرمنيءَ ڄائي ڊاڪٽر شِمل جي سنڌ سان دلي لڳاءَ جو اندازو ان مان به لڳائي سگھهجي ٿو ته هوءَ سنڌ ۾ ڳچ عرصو رهي مري ته جرمنيءَ ۾ ئي وئي هئي پر سندس وصيت مطابق سندس جسد خاڪي کي جرمني مان آڻي ٺٽي واري مڪليءَ ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڊاڪٽر اينيمري شمل ۽ ان کان اڳ وارا ٻيا سنڌ سان محبت ڪندڙ جرمن اسڪالر جهڙوڪ سنڌي گرامر جوڙيندڙ ۽ شاهه عبدللطيف ڀٽائي جي شاعري کي سهيڙي “شاهه جو رسالو” ترتيب ڏيندڙ ڊاڪٽر ارنسيٽ ٽرمپ ۽ سنڌ جي نامياري دانشور ۽ تعليمدان علامه آءِ آءِ قاضي جي جرمن نسل واري اهليه جنهن ڀٽائي جي شاعريءَ کي انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمون ڪيو محترمه ايلسا قاضي به جرمنيءَ جو سنڌ سان سٻنڌ جو اعلي مثال بڻيل آهن. مان پنهنجي اڄ واري هن مضمون جي ذريعي جرمني جي تعليمي افق تي روشن ستاري جيان چمڪندڙ هائيڊلبرگ يونيورسٽي کي پنهنجي سنڌي پڙهندڙن سان متعارف ڪرائڻ سان گڏ انهن سنڌ دوست جرمن اسڪالرن ۽ اديبن کي سنڌ جي علم ادب جي ترقيءَ لاءِ ڪوششون وٺڻ تي خراج تحسين به پيش ڪيان ٿو.
يونيورسٽي آف هائيڊلبرگ جنهن کي عام طور تي هائيڊلبرگ يونيورسٽي پڻ سڏيو ويندو آهي سا ڏکڻ اولهه جرمني جي خوبصورت شهر هائيڊلبرگ ۾ 1386ع ۾ قائم ڪئي وئي . هائيڊلبرگ شهر جرمني جي هڪ مشهور رياست بيڊن ورٽمبرگ جو ڇهون نمبر وڏو شهر آهي. هن شهر ۾ ڇهه سئو ستاويهه سال اڳ قائم ڪيل هائيڊلبرگ يونيورسٽي جرمنيءَ جي سڀ کان پراڻي يونيورسٽي آهي پر پنهجي معيار ۽ ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان ڪيترن ئي جوان سال يونيورسٽين کان اڄ به اڳڀري آهي. هائيڊلبرگ يونيورسٽي سان لاڳاپيل ناميارن سائنسدانن، استادن ۽ محققن جي نمايان ڪارڪردگيءَ جي ڪري اڄ تائين پنجونجاهه نوبيل انعام ۽ ٻه آسڪر ايوارڊ سندن حصي ۾ اچي چڪا آهن. جڏهن اڃا يورپ ۽ آمريڪا تعليمي ادارن ۾ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي گڏ پڙهڻ جو رواج ڪونه هيو ته هي يونيورسٽي دنيا جي انهن چند يونيورسٽين مان هڪ هئي جتي اڻويهين صدي جي آخري سال کان ئي گڏيل تعليم(co-education)وارو نظام هيو.
جيئن ته هائيڊلبرگ يونيورسٽي ان وقت جي مقدس رومن شهنشاهيت (Holy Roman Empire) ۾شامل ملڪن جي ڪل ٽن يونيورسٽين مان هڪ هئي، تنهنڪري يورپ جي ٻين ملڪن جي رواج مطابق هن ۾ به شروعاتي سالن ۾ صرف مذهب، منطق ۽ قانون جي تعليم ڏني ويندي هئي. ان حوالي سان هيءَ يونيورسٽي هولي رومن ايمپائير جي مرڪزي يونيورسٽي ليکبي هئي. ارڙهين عيسوي صدي ۾ جڏهن نشاته ثانيه (Renaissances) پنهنجا جوهر ڏيکاريندي يورپ ۾ فڪر جي آزاديءَ واري رجحان ۽ جهموري روين جي آبياري ڪرڻ لڳي ته هتان جا تعليمي ادارا پڻ پنهنجيون اوليتون مٽائي جدت وارا دڳ اختيار ڪرڻ لڳا، انهن ۾ جرمنيءَ واري هائيڊلبرگ يونيورسٽي پڻ پهرين صف ۾ شامل هئي. يورپ ۾ تبديل ٿيندڙ سياسي، سائنسي، سماجي ۽ معاشي حالتن ۽ رجحانن مطابق هن يونيورسٽيءَ ۾ به جديد علمن جا شعبا شامل ٿيڻ لڳا ۽ هن جي ناماچاري ملڪ جون سرحدون پار ڪرڻ لڳي. جرمني جي سياسي صورتحال پڻ هن يونيورسٽي تي پنهنجا ڀلا يا برا اثر ڇڏيندي رهي آهي. مثال طور 1933ع کان 1945ع وارو نازي جرمني وارو زمانو پوري ملڪ سميت هن يونيورسٽي لاءِ به سٺو سنوڻ ڪونه هيو. بحر حال ڇهه سئو ستاويهه سال وقت جي رفتار سان سفر ڪندي هائيڊلبرگ يونيورسٽي اڄ جي زماني ۾ اتي اچي پهتي آهي جتي کيس علم جي تلاش ۾ جرمنيءَ سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان نڪتل نوجوان پنهنجو مسڪن بڻائي پنهنجي مستقبل کي محفوظ ۽ روشن سمجهن ٿا.
هائيڊلبرگ يونيورسٽي جون ٻه ڪئمپسون آهن هڪ هائيڊلبرگ شهر جي قديمي علائقي ۾ ٻي شهر سان لڳ ٻاهرئين پاسي واري علائقي “نيئهيمر فيلڊ” ۾. هائيڊلبرگ يونيورسٽيءَ ۾ ڪل ٻارنهن فئڪلٽيون آهن، جهڙوڪ؛ ميڊيڪل سائنسز، نيچرل سائنسز، ڪمپيوٽر سائنسز، ارٿ سائنسز، بايو سائنسز، مئٿميٽڪس، ماڊرن لئنگئجز، لبرل آرٽ ۽ ٿيالاجي، لا، فلاسافي، ايڪنامڪس وغيره . انهن فئڪلٽيز ۾ موجود هڪ سئو کان وڌيڪ شعبن ۾ انڊر گريجوئيشن، گريجوئيشن ۽ ڊاڪٽوريٽ جا ڪورس به پڙهايا وڃن ٿا ته تحقيق به ڪرائي وڃي ٿي. هائيڊلبرگ يونيورسٽي جي ٻين شعبن جيان هن جو ميڊيڪل سائنسز وارو شعبو پڻ تعليم سان گڏ سماجي ضرورتن جي پورائي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادار ڪندو رهي ٿو. هائيڊلبرگ يونيورسٽي اسپتال جون چاليهه ڪلينڪون علاج معالج جي جديد سهوليتن سان آراسته آهن جتي سڄي دنيا جا ماڻهو پنهنجي علاج لاءِ پهچي شفا حاصل ڪن ٿا. يونيورسٽي جي ان ميڊڪل واري شعبي ۾ شاگردن ۽ سائنسدانن پاران ٿيندڙ مسلسل تحقيق جي نتيجي ۾ مختلف بيمارين جي تشخيص ۽ علاج لاءِ نت نوان ۽ اثرائتا طريقا متعارف ٿيندا رهن ٿا. هن يونيورسٽي ۾ داخل اٽڪل ايڪٽيهه هزار شاگردن مان ويهه سيڪڙو کان وڌيڪ شاگرد مختلف ملڪن سان تعلق رکن ٿا. جرمنيءَ جا اڳوڻا ٽي حڪمران (چانسلر) ڪجهه ملڪن جا اڳوڻا سربراهه ۽ دنيا جون ڪيترين ئي مشهور شخصيتن هن يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪئي آهي. اڻويهين صديءَ جو ناميارو جرمن فلاسافر فريڊرڪ هيگل ڪافي عرصو هن يونيورسٽيءَ ۾ تدريس جي عمل سان واڳيل رهيو هو.
سنڌ جا شاگرد پڻ اسڪالرشپس حاصل ڪري هائيڊلبرگ سميت ٻين يونيورسٽين مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جرمني ويندا رهن ٿا. اهڙن سنڌي نوجوانن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي باقراڻيءَ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ “هٽيءَ” جي پورهيت گھراڻي سان تعلق رکندڙ نوجوان نظير حسين ڪلهوڙو پڻ هڪ آهي. هو چند سال اڳ جرمنيءَ جي ويٽرنري ميڊيسن يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪري آيو آهي. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ وڻن هيٺان رکيل بئنچن تي ويهي حاصل ڪئي، 2005ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي اينيمل هسبنڊري ائنڊ ويٽرنري سائنسز فئڪلٽي مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ اتي ئي اسسٽنٽ پروفيسر بڻيو. بعد ۾ هن GRE جي ٽيسٽ پاس ڪري اسڪالرشپ حاصل ڪئي ۽ جرمنيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪري آيو. اڄڪلهه هو سند حڪومت جي لائيو اسٽاڪ ڊپارٽمنٽ جي پولٽري ويڪسن سينٽر جو ڊائريڪٽر آهي. کيس سندس سٺي تعليمي رڪارڊ تي پاڪستان جو صدارتي ايوارڊ “ اعزازِ صبغت” پڻ ڏنو ويو آهي. انهيءَ کان علاوه سنڌ زرعي يونيورسٽي جي انفارميشن ٽيڪنالاجي ڊپارٽمنٽ جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر گوردن داس، ۽ انهيءَ ڊپارٽمنٽ جا نوجوان استاد ڊاڪٽر منصور حيدر ڏيپر، ڊاڪٽر اختر علي جلباڻي، ڊاڪٽر انيلا ٻگھيو ۽ پلانٽ پئٿالاجي شعبي جي ڊاڪٽر ريحانه شهاب پڻ GRE جي ٽيسٽ پاس ڪري هائير ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان جي اسڪالرشپ تي جرمنيءَ جي يونيورسٽين مان پي ايڇ ڊي جو اعزاز حاصل ڪري آيا آهن. سنڌ جا ٻه ٻيا نوجوان قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي ڪاليج لاڙڪاڻي جو ٽيچر احسن علي ٻرڙو ۽ زرعي يونيورسٽي جو ڄام غلام مرتضي سهتو پڻ اسڪالرشپ حاصل ڪري پي ايڇ ڊي جي تعليم لاءِ جرمنيءَ ويل آهن.
جرمنيءَ ۾خاص طور تي انٽرنيشنل شاگردن کي پي ايڇ ڊي پروگرام لاءِ انگريزي ٻوليءَ جي ذريعي ئي تعليم ڏني وڃي ٿي. انڊر گريجوئيشن ۽ گريجوئيشن لاءِ زياده تر جرمن ٻوليءَ ۾ ئي پڙهايو وڃي ٿو. انٽرنيشنل شاگردن کي سندن گھربل ڪورسن ۾ پڙهائڻ کان پهريائين کين جرمني ٻولي سيکاري وڃي ٿي. سنڌ جي نوجوانن لاءِ جرمني ٻولي سکڻ ڪو ڏکيو ڪم ڪونهي ڇو ته ڪيترا ئي سنڌي ماڻهو پهريائين جرمني ٻوليءَ ذريعي اتان ڪاميابي سان تعليم حاصل ڪري چڪا آهن.

( ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 30 آڪٽوبر 2013)