ڪيمبرج يونيورسٽي
جيڪا دنيا جي ٽين معياري يونيورسٽي آهي
برطانيا جي هاڻوڪي يا پندرنهن صديون اڳ واري تاريخ تي نظر ڦيرائبي ته ان اندر ڪي ئي بحران ۽ تضاد ڪر کنيون بيٺل نظر ايندا. انهن بحرانن ۾ اتان جي چرچ ، مذهبي ڌرين، بادشاهن، جاگيردارن ، ٻاهرين حملي آورن سميت ٻين ملڪن مٿان خود برطانوي قبضه گير پاليسين جو وڏو عمل دخل رهيو آهي. پر هڪ ڳالھه جنهن ۾ اتان جي هر دور جي حڪمران توڙي ڪنهن ٻيءَ ڌر ڪوتاهي نه ڪئي، اها آهي تعليم ۽ تربيت جيڪا صدين کان برطانوي معاشري کي بحرانن مان ڪڍندي ان کي ترقيءَ ۽ جھموريت جي رستي تي گامزن ڪندي رهي آهي.
انگلينڊ جيڪو نه رڳو ٻاهرين حملي آورن جهڙوڪ رومين، وائيڪنگ، اسڪينيڊينيوين، ۽ جرمنڪ نسلن جي حملن ۽ تسلط هيٺ رهيو پر 1642ع کان1651ع تائين پنهنجين اندروني خانه جنگين، 1337ع کان 1453ع تائين فرانس سان سئو سالن واري علاقائي جنگ، 1348ع کان 1350ع واري بلئڪ ڊئٿ، 1665ع واري “پلئگ” جي بيماري جنهن ۾ لنڊن جا اڌ کان وڌيڪ ماڻھو مري ويا، 1666ع واري “گريٽ فائير” يعني وڏي باھ جيڪا مسلسل پنج ڏينهن هلي ۽ لنڊن کي ساڙي ويران ڪري ڇڏيائين، انهن ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي لاهن چاڙهن مان ٿيندو ۽ نڪرندو آيو آهي پران سموري عرصي دوران انگينڊ جي ٻن پراڻين يونيورسٽين آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج پنهنجو صدين جو سفر جاري رکيو آهي جيڪو ڪنهن به حالت ۾ رڪيو ناهي.
يونائيٽيڊ ڪنگڊم آف گريٽ برٽين ائنڊ نارٿ آئرلينڊ (يو ڪي) جي چئني رياستن جھڙوڪ، انگلينڊ، وئلز، اسڪاٽليند ۽ آئرلينڊ ۾ ڪل 116 يونيورسٽيون ۽ ساڳي سطح جا ٻيا 166 تعليمي ادارا موجود آهن پر اڄ ڏينهن تائين آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جيان ڪيمبرج يونيورسٽيءَ پاران تعليم ۽ ريسرچ واري شعبي ۾ قائم ڪيل نمايان رڪارڊ کي ڪوبه مات ڏئي نه سگھيو آهي.
ڪيمبرج يونيورسٽي دنيا جي ٽين ۽ انگلينڊ جي ٻي پراڻي يونيورسٽي آهي جيڪا سن 1209ع ۾ قائم ٿي. اڄڪلهه هن يونيورسٽيءَ ۾ دنيا جي 120 ملڪن جي 1200 شاگردن سميت اٽڪل 19000 شاگرد زير تعليم آهن. ڪيمبرج يونيورسٽي پڻ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جيان ڪنهن هڪ چار ديواري اندر بند نه آهي پر اها ايڪٽيھه مختلف ڪاليجن ۽ تقريبن ڏيڍ سئو ڊپارٽمنٽن، فئڪلٽين ۽ اسڪولن تي مشتمل هڪ وسيع علائقي تي ڦهليل آهي. هن يونيورسٽي ۾ آرٽس، هيومنٽيز، بايولاجيڪل سائنسز، ڪلينيڪل ميڊيسن، سوشل سائنسز، فزيڪل سائنسز، انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾مختلف ڊگري لاءِ ڪورسن ۾ داخلائون ڏنيون وڃن ٿيون. ٽائيمز هائير ورلڊ يونيورسٽي ريپوٽيشن رئنڪنگ جي 2013ع واري رپورٽ موجب هيءَ دنيا جي ٽيون نمبرمعياري يونيورسٽي آهي.هن جي اڻانوي شخصيتن اعليٰ ڪارڪردگي عيوض نوبل انعام حاصل ڪيا آهن. پاڪستان جو ناميارو سائسدان عبدالسلام ۽ دنيا جو مشهور فلاسافر اديب برٽرنڊ رسل پڻ هن يونيورسٽيءَ جا نوبل انعام يافته شاگرد آهن.
ڪيمبرج يونيورسٽي جو قيام به حقيقت ۾ هڪ عجيب اتقاق هيو.تاريخدان چون ٿا سن 1209 ۾ آڪسفورڊ شهر ۾ اتان جي يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ شهرين جي وچ۾ ڪنهن ڳالھه تي جھيڙو ٿي پيو جنهن ڪري اتي حالتون ڏاڍيون خراب ٿي پيون. شاگرد آڪسفورڊ ۾ پاڻ کي غير محفوظ سمجھي، وڏي انگ ۾ اتان لڏ پلاڻ ڪري هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪئمبرج ۾ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ اتي ئي رهائش اختيار ڪري پنهنجي تعليم کي جاري رکڻ لاءِ هڪ يونيورسٽي قائم ڪيائون جيڪا پوءِ ترقيون ڪندي ڪيمبرج يونيورسٽيءَ جي نالي سان دنيا ۾ مشهور ٿي.
ڪيمبرج، آڪسفورڊ شهر کان 133 ڪلوميٽر ۽ لنڊن کان 80 ڪلوميٽر اتر طرف واقع آهي. ڪيمبرج شهر جي مختصر تاريخ هن ريت آهي. سن 43ع ۾ رومين انگلينڊ جي فتح کان پوءِ ٻين شهرن کان علاوه لنڊن کان ٿورو پري “ گرانٽا نديءَ” جي ٻنھي ڪنارن تي اچي پنهنجيون بيٺڪون ٺاهيون. پنجين عيسوي صديءَ ۾ جڏهن رومي هتان ڇڏي ويا ته انهن جي جڳھه اچي “سيڪسن” نسل جي حملي آورن والاري جن ان نديءَ جي مٿان هڪ برج (پل) پڻ ٺهرائي ۽ ڳوٺ جو نالو
” گرانٽا برج” رکيائون ، بعد ۾گرانٽا نديءَ جو نالو تبديل ڪري “ڪيم برج” رکيو ويو ۽ اهڙي نموني شهر جو نالو پڻ ڪيمبرج مشهور ٿيو. مان 2011ع ۾ جڏهن ڪيمبرج يونيورسٽي ڏسڻ ويو هئيس ته ڪيم ندي ۽ ان جي مٿان ٺهيل اها برج پڻ منهنجي دلچسپيءَ جو مرڪز هئي. ڪيمبرج شهر جي گھڻي ترقي 1951ع کان پوءِ ٿي جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن جي وڌندڙ تعداد ۽ شهري ضرورتن جي مد نظر ڪيمبرج ۾شاپنگ سينٽر ۽ هوٽل ٺهيا ۽ سياحن لاءِ سهوليتن جو بندوبست ٿيو. هن وقت ڪيمبرج شهر جي ڪل آبادي هڪ لک اٺ هزار اٺ سئو پنجيتاليھه آهي. 1992ع ۾ ڪيمبرج شهر ۾ هڪ “ ائنگليا رسڪن يونيورسٽي” به قائم ڪئي وئي آهي، پر ڪيمبرج يونيورسٽي مقبوليت ۾ اڃا به اڳ ڀري آهي. ڪيمبرج ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ اها به هڪجهڙائي آهي ته انهن ٻنهي يونورسٽين جو بنياد سندن ڪاليج آهن جنهن ڪري انهن ٻنهي کي “ڪاليجئٽ يونيورسٽيز” به سڏيو وڃي ٿو. انهن ٻنهي يونيورسٽين جي نالن کي گڏي کين “آڪسبرج” به سڏيو ويندو آهي.
ڪيمبرج يونيورسٽي جا ڪاليج هڪٻئي کان ٿوري مفاصلي تي قائم آهن انهن جا نالا هن طرح آهن؛ پيٽر هائوس ڪاليج، ڪنگس ڪاليج، ٽرنٽي ڪاليج، سينٽ جانسن ڪاليج، ڪلائر ڪاليج، پيمبروڪ ڪاليج، ڪوئينس ڪاليج، گونائل ائنڊ ڪيائس ڪاليج، ٽرنٽي هال، سينٽ ڪئٿرنس ڪاليج، جيوسس ڪاليج، ڪرائيٽس ڪاليج، مئگڊئلن ڪاليج، ايمئنيول ڪاليج، سڊني سيوسيڪس ڪاليج، ڊائوننگ ڪاليج، گرٽن ڪاليج، نيونهئم ڪاليج، سيلوين ڪاليج، چرچل ڪاليج، فزوليم ڪاليج، نيو هال، ڊارون ڪاليج، وولفسن ڪاليج، ڪلائر هال، رابنس ڪاليج، ليوسي ڪئونڊش ڪاليج، سينٽ ايڊمنڊس ڪاليج، هگس هال ۽ هومرٽن ڪاليج. شروعات ۾ عورتن کي يونيورسٽي ۾ داخلا ڪونه ڏني ويندي هئي پر پوءِ سندن لاءِ ڌار ڪاليج ٺاهيا ويا. هاڻيته سڀني ڪاليجن ۾ ڇوڪرين لاءِ پڻ داخلا کولي وئي آهي.
سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر محمد بن عمر دائود پوٽو، مشهور شاعر علامه اقبال، سائنسدان عبدالسلام، هندوستان جو پهريون وزيراعظم جواهر لعل نهرو، راجيو گانڌي، دنيا جو مشهور رياضيدان سرآئزڪ نيوٽن، اديب فرانسز بئڪن، لارڊ بائرن، الفرڊ ٽينيسن، سميت ڪيترن ئي ملڪن جي مشهور شخصيتن هن يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي آهي. اڄ به پاڪسان جا ڪافي شاگرد هتي تعليم پرائي رهيا آهن. هتي قائم پاڪستاني شاگردن جي ڀلائي واري تنطيم “پاڪستان سوسائٽي آف ڪيمبرج يونيورسٽي” پاڪستاني ڪلچر کي روشناس ڪرائڻ ۽ پاڪستاني شاگردن جي ڀلائي لاءِ سرگرم آهي. هڪ ٻي خانگي تنظيم “ڪئمبرج اسٽوڊنٽس يونين” پڻ 1815ع کان علمي، فڪري، سياسي ۽ سماجي بحث مباحثن جو انتظام ڪندي رهي ٿي. جنهن ۾ ناميارين شخصيتن کي دعوت ڏئي گھرايو وڃي ٿو. هن وقت تائين ٻين کان علاوه تبت جو انقلابي اڳواڻ دلائلاما، آمريڪا جو اڳوڻو صدر رونالڊ ريگن، برطانيا جو اڳوڻا وزيراعظم ونسٽن چرچل، جان ميجر، پاڪستان جو اڳوڻو صدر پرويز مشرف پڻ ان ۾ ليڪچر ڏئي چڪا آهن.
ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ پڻ آڪسفورڊ يونيورسٽي جهڙا ئي شرط آهن. وڌيڪ گهربل ڄاڻ يونيورسٽيءَ جي ويب سائيٽ تان به حاصل ڪري سگهجي ٿي.
(ڪاوش مڊويڪ مئگزين1 مئي 2013ع)