مختلف موضوع

دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽيون

ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ جو پهريون حصو ”يورپ جون يونيورسٽيون“ پيش آهي. هن ڪتاب جي تحقيق ۽ مضمونن جو ليکڪ ناميارو شاعر ۽ ليکڪ پروفيسر مختيار سمون آهي. هن ڪتاب ۾ يورپ جي چوئيتاليهه معياري يونيورسٽين متعلق ڪارائتي ڄاڻ سان گڏ اتي پڙهندڙ يا پڙهي ڪاميابيون ماڻيندڙ سنڌ جي ڪيترن ئي شخصيتن جو احوال به ڏنو ويو آهي ته جيئن ٻيا نوجوان به معلومات ۽ اتساهه حاصل ڪري اڳتي وڌن ۽ انهن ادارن مان لاڀ حاصل ڪن.
Title Cover of book دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽيون

دي يونيورسٽي آف مانچيسٽر

دي يونيورسٽي آف مانچيسٽر،
جيڪا ماڊرن ائٽامڪ انرجي جي خالق جان ڊالٽن جي مادر علمي پڻ آهي


مان ۽ منهنجو دوست ڊاڪٽر علي نواز مهر ڪار ۾ سوار ٿي اسڪاٽلينڊ جا مختلف شهر گھمندا، وئلزرياست جي بئنگر يونيورسٽي ۽ انگلينڊ جي نيوڪاسل يونيورسٽي جو چڪر لڳائيندا اچي مانچيسٽر ۾ پهتا هئاسين جتي اسان کي سنڌين جي هڪ سماجي تنظيم “سنڌي سنگت آف يو ڪي” جي هڪ ثقافتي، سماجي ۽ قومي محبتن واري ميل ميلاپ واري تقريب ۾ شموليت ڪرڻي هئي. هن تقريب ۾ برطانيا جي چئني رياستن جي مختلف شهرن مان اٽڪل ٻه سئو کن سنڌي ماڻهو اڪيلا توڙي پنهنجي ڪٽنبن سان اتي اچي گڏ ٿيا هيا. انهن ۾ ڪافي اهڙا سنڌي نوجوان شاگرد، استاد ۽ پنهنجي ملڪ جي ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ پروفيشنلس به شامل هيا جيڪي پنهنجي صلاحيتن جي بنياد تي اسڪالرشپ حاصل ڪري برطانيا جي مختلف درسگاهن مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا هيا. انهن دوستن سان ڳالهه ٻولهه دوران برطانيا جي کوڙ سارن ٻين ناميارن درسگاهن سميت انگلينڊ جي نامياري شهر مانچيسٽر ۾ واقع مانچيسٽر يونيورسٽي جو به وڏي اتساهه سان ذڪر ٿيو هيو.
مانچيسٽر يونيورسٽي جي تفصيل ۾ وڃڻ کان پهريان اهو واضع ڪندو هلان ته مانچيسٽر جي نالي سان دنيا ۾ ٻه شهر ۽ ٻه يونيورسٽيون آهن. دنيا جو هڪ مکيه صنعتي شهر “مانچيسٽر” برطانيا ۾ آهي جتي جي مانچيسٽر يونيورسٽي جو پورو نالو “ دي يونيورسٽي آف مانچيسٽر” آهي جنهن متعلق هي اڄوڪو مضمون اوهان پڙهي رهيا آهيو، ۽ ٻي مانچيسٽر يونيورسٽي آمريڪا جي انڊيانا رياست ۾ واقع هڪ ننڍڙي شهر “نارٿ مانچيسٽر” ۾ آهي.”دِي يونيورسٽي آف مانچيسٽر” جنهن کي عام طور تي صرف مانچيسٽر يونيورسٽي ئي سڏيو وڃي ٿو سا پنهنجي موجوده صورت ۾ ظهور پذير ته پهرين آڪٽوبر 2004ع ۾ ئي ٿي آهي پر هن جي قيام جو تاريخي حوالو هڪ صديءَ کان به مٿي واري عرصي جو آهي. شايد اها ڳالهه تعجب ۾ وجهندڙ هجي پر حقيت هيءَ آهي ته موجوده مانچيسٽر يونيورسٽي وجود ۾ تڏهن آئي جڏهن 2004ع واري سال ۾ مانچيسٽر جي ٻن قديمي يونيورسٽين جهڙوڪ “يونيورسٽي آف مانچيسٽر انسٽيٽيوٽ آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي” ۽ “وڪٽوريا يونيورسٽي آف مانچيسٽر” کي پاڻ ۾ گڏائي کين هڪ جامع ۽ وسيع يونيورسٽي جي شڪل ۽ حيثيت ڏئي ان تي نئون نالو “ دي يونيورسٽي آف مانچيسٽر” رکيو ويو. مانچيسٽر يونيورسٽي ۾ ضم ڪيل انهن ٻنهي آڳاٽين يونيورسٽين جي قيام ۽ واڌِ وِيجهه جو سهِرو مانچيسٽر جي ٽن مخير شخصيتن جهڙوڪ جان ڊالٽن، جان اووينس ۽ رچرڊ ڪوبڊن جي سرن تي آهي جن پنهنجي مالي سهاتا ۽ شخصي ڪوششن سان 1824ع ۾ غريب صنعتي مزدورن ۽ ورڪرن لاءِ مانچيسٽر ۾ “مڪينڪس انسٽيٽيوٽ” (جيڪو اڳتي هلي يونيورسٽي آف مانچيسٽر انسٽيٽيوٽ آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي بڻيو) ۽ 1851ع ۾ “اووينس ڪاليج” (جيڪو اڳتي هلي وڪٽوريا يونيورسٽي بڻيو)، جهڙا تعليمي ۽ تربيتي ادارا قائم ڪيا جن بعد ۾ ترقي ڪري يونيورسٽين جو روپ اختيار ڪيو ۽ پوءِ مانچيسٽر يونيورسٽي جهڙي درسگاهه جو بنياد بڻيا.
مانچيسٽر شهر جي مرڪزي علائقي کان ڏکڻ طرف آڪسفورڊ روڊ تي واقع دِي يونيورسٽي آف مانچيسٽر برطانيا جي مشهور “رَيڊ بِرڪ” يونيورسٽي آهي.هن ۾ اٽڪل چاليهه هزار شاگرد يارنهن هزار تدريسي، انتظامي ۽ مددي عملي جي نگراني ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. دنيا جي ٻين ملڪن کان آيل شاگردن جو پڻ وڏو تعداد مانچيسٽر يونيورسٽي ۾ پنهنجي تعليم جي سفر ۾ ڏيهي شاگردن سان همسفر آهي.
ٽائيمز هائير ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽيز جي 2014ع واري سروي رپورٽ مطابق مانچيسٽر يونيورسٽي يورپ جي ٻارهون ۽ دنيا جي اڻونجاهون نمبر اعليٰ معياري يونيورسٽي آهي. هن يونيورسٽي جي اڳوڻن شاگردن ۽ عملي مختلف شعبن ۾ نمايان تحقيق ۽ ڪارڪردگي جي عيوض پنجويهه نوبيل انعام حاصل ڪيا آهن.هن جي تدريسي ۽ تحقيقي عملي ۾ اڄڪلهه پڻ چار نوبيل انعام يافته شخصيتون شامل آهن.
مانچيسٽر يونيورسٽي جي ويب سائيٽ واري پَيج تي مهيا ٿيل معلومات موجب هي يونيورسٽي دنيا اندر “نيوڪليئر سائنس” واري ڊوڙ ۾ سڀ کان پهريان شامل ٿيندڙ چند ادارن مان هڪ آهي ڇو ته سڀ کان پهريان هن يونيورسٽي جي پروفيسر ۽ سائنسدان ارنيسٽ رٿ فورڊ جي ڪيل تحقيق جي بنياد تي ائٽم (atom) کي ٽوڙڻ جو تجربو ڪيو ويو هو. ان کان علاوه ڪمپوٽر سائنس واري حوالي سان پڻ هن يونيورسٽي ڏي اهو اعزاز به وڃي ٿو ته هن جي هڪ پروفيسر ۽ سائنسدان 1948ع ۾ هڪ مشين ٺاهي ان ۾ گڏ ڪيل ڊيٽا کي پروگرام جي صورت ۾ هلائي ڪمپيوٽر واري انقلابي دور ۾ سڀ کان پهرين قدم رکندڙ سائنسدانن جي فهرست ۾ شامل ٿيو.
مانچيسٽر يونيورسٽي مان پڙهي نڪتل ڪيترن ئي شاگردن زندگي جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگيءَ ذريعي دنيا جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو درج ڪرايو آهي. هن يونيورسٽي جي اهڙن ٻين کوڙ سارن اڳوڻن شاگردن ۾ ماڊرن ائٽامڪ ٿئيوري جو خالق جان ڊالٽن، ريپبلڪ آف آئرلئينڊ جو صدر، مشهور ٽي وي ڊرامه سيريل شرلاڪ هومز ۾ جاسوس شرلاڪ هومز جو ڪردارادا ڪندڙ اداڪار بئنڊڪٽ ڪئمبرپئچ پڻ شامل آهن.
مانچيسٽر واري شهر ۾ دي يونيورسٽي آف مانچيسٽر کان سواءِ ٻه ٻيون يونيورسٽيون جهڙوڪ مانچيسٽر ميٽروپوليٽن يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف سلفورڊ پڻ آهن. مانچيسٽر جي انهن ٽنهي يونيورسٽين مان ڪيترا ئي سنڌي پڻ تعليم حاصل ڪري چڪا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ معلومات وٺڻ لاءِ مان مانچيسٽر ۾مستقل طور رهندڙ پنهنجي دوست گل سنائي ميمڻ سان رابطو ڪيو. گل سنائي ميمڻ مانچيسٽر جي نيشنل هيلٿ سروس واري کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ سان گڏ ميٽرو پوليٽن يونيورسٽي مانچيسٽر مان قانون ۾ گريجوئيٽ ڊپلوما واري ڪورس لاءِ پڙهائي به ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ هن مانچيسٽر يونيورسٽي مان مينٽرشپ جو ڪورس ڪيو آهي. گل سنائي ميمڻ مانچيسٽر ۾ پڙهندڙ ۽ رهندڙ سنڌين بابت ڪافي معلومات مهيا ڪئي. هن ٻڌايو ته مانچيسٽر ۾ سنڌين جي سماجي، ثقافتي ۽ تعليمي ڀلائي واري هڪ تنظيم “ سنڌي سنگت آف يوڪي” پڻ موجود آهي. جيڪڏهن سنڌ مان ڪو به سنڌي برطانيا ۾ اعليٰ تعليم لاءِ وڃڻ جي خواهش رکي ٿو ته سنڌين جي هيءَ سنگت انهن جي تعليم، رهائش ۽ اتان جي تعليمي ادارن متعلق معلومات ميسر ڪرڻ ۾ سهڪار ڪندي. “سنڌي سنگت يو ڪي سان رابطي ڪرڻ لاءِ سندن اِي ميل هن ريت آهي sindhisangatuk@yahoo.com. گل سنائي ميمڻ جيڪو پاڻ به هن سنگت جو اهم رڪن آهي ان وڌيڪ ٻڌايو ته مانچيسٽر ۾ ڪافي سنڌي خاندان مستقل طور رهائش پذير آهن. اتي مستقل طور رهندڙ سنڌين ۾ عبدالجبار قريشي، ڊاڪٽر لياقت عباسي، ڊاڪٽر مسز سلميٰ عباسي، ڊاڪٽر قاسم چنا، ڊاڪٽر دولت رام، محمد جمن سومرو، ۽ محبوب علي ڪلهوڙو (جيڪي سڀئي برطانيا جي نيشنل هيلٿ سروس واري کاتي ۾ ۾ نوڪري ڪن ٿا)، ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر روبينا شيخ، ڊي ايم ڊجيٽل نيٽ ورڪ ۾ ڪم ڪندڙ شبير ٻانڀڻ، پنهنجو خانگي ڪاروبار ڪندڙ راج ڪمار، نسيم ميمڻ، اميت ڪمار، سريش ڪمار، اڳوڻو جنرل پريڪٽسنر ڊاڪٽر شبير احمد راهوجو، شهر يار قريشي، ڪامران لاشاري ۽ نويد تنيوشامل آهن.
مانچيسٽر جي يونيورسٽين مان جيڪي سنڌي اعليٰ تعليم حاصل ڪري ويا آهن انهن ۾ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جو ڊاڪٽر اعجاز سومرو، ڊاڪٽر عيسيٰ عباسي، شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جو ڊاڪٽر اشفاق ميمڻ، سنڌ جي مختلف کاتن جا آفيسر رفيق الرحمان ميمڻ ۽ فيصل رند، سکر جي اڳوڻي ناظم جو فرزند شبير شاهه، وقاص سرڪي (لنڊن ۾ رهندڙ) ، وسيم ميمڻ ۽ نويد تنيو شامل آهن.
مانچيسٽر يونيورسٽي ۾ پڙهڻ لاءِ ويندڙ نوجوانن کي هن يونيورسٽي ۾ دنيا جي سڀني اهم جديد علمن جا تدريسي ۽ تحقيقي شعبا عالمي معيار مطابق ڪم ڪندي ملندا. هن يونيورسٽي جي اهڙن کوڙ سارن اهم تدريسي شعبن ۾ فئڪلٽي آف انجنيئرنگ ائنڊ فزڪس سائنسز جا شعبا مڪينيڪل، ايرو اسپيس ائنڊ سِوِل انجنيرنگ، ڪيميڪل انجنيئرنگ ائند ايناليٽيڪل سائنسز، ڪمپيوٽر سائنس، مٽيريل ائنڊ مئٿميٽڪس، فئڪلٽي آف لائيف سائنس جو اسڪول آف بايولاجيڪل سائنسز، فئڪلٽي آف هيومنٽيز جا اسڪول آف آرٽس، هسٽري، ڪلچر، آرڪيالاجي، لا، وزيل اسٽڊيز، ڊراما، آرڪيٽيڪچر، لنگوجز ائنڊ لنگوِسٽڪس، انگلش لٽريچر، اسڪول آف ايجوڪيشن، انِوائرنمنٽ ڊيولپمنٽ، ميوزولاجي، ميوزڪ، ڪلاسڪ ائنڊ اينشن هسٽري ۽ مانچيسٽر بزنس اسڪول وغيره شامل آهن. انهن کان علاوه مانچيسٽر يونيورسٽي جي لکن جي تعداد ۾ ڪتابن جو ذخيرو رکندڙ وسيع ۽ جديد سهولتن سان آرسته لئبريري، مانچيسٽر ميوزم، وائيٽ ورٿ آرٽ گئلري ۽ شاگردن جي ڀلائي وارا گروپ، تنظيمون ۽ ڪلبس هتان جي شاگردن جي تدريسي عمل کي ڪارج ڀريو بڻائڻ سان گڏ هنن جي لاءِ تفريحي سرگرمين کي پڻ جلا بخشين ٿا.

(ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 9 اپريل 2014)