مختلف موضوع

دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽيون

ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ جو پهريون حصو ”يورپ جون يونيورسٽيون“ پيش آهي. هن ڪتاب جي تحقيق ۽ مضمونن جو ليکڪ ناميارو شاعر ۽ ليکڪ پروفيسر مختيار سمون آهي. هن ڪتاب ۾ يورپ جي چوئيتاليهه معياري يونيورسٽين متعلق ڪارائتي ڄاڻ سان گڏ اتي پڙهندڙ يا پڙهي ڪاميابيون ماڻيندڙ سنڌ جي ڪيترن ئي شخصيتن جو احوال به ڏنو ويو آهي ته جيئن ٻيا نوجوان به معلومات ۽ اتساهه حاصل ڪري اڳتي وڌن ۽ انهن ادارن مان لاڀ حاصل ڪن.
Title Cover of book دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽيون

برمنگھم يونيورسٽي

برمنگھم يونيورسٽي،
جتان جي استادن 8 نوبل انعام حاصل ڪيا


برطانيا جي ٻئي نمبر وڏي شهر برمنگهم جي هڪ پرسڪون علائقي ۾ هالا جي دوست مُيَسر ميمڻ جي گھر ۾ ويٺا هياسين. هڪ گھڻ رخي ڪچهري وارو ماحول جڙيل هيو. ڪچهري ۾ شامل باقي سڀئي سنڌي دوست ته برطانيا جا مستقل رهاڪو هيا، پر مان ٿوري عرصي لاءِ مطالعاتي، تعليمي ۽ تفريحي دوري لاءِ اتي پهتل هيس. علي نواز مهر مون کي رَيڊنگ شهر مان پنهنجي ڪار تي ويهاري برمنگهم ۾ پهچي اتان جا مختلف تعليمي ادارا ۽ تفريحي جايون ڏيکاريندو، اتي رهندڙ سنڌي دوستن سان ڪچهري ڪرائڻ لاءِ اچي ميسر ميمڻ جي گھر پهچايو هيو. ٿوري ئي دير ۾ اتي رهندڙ نامياري ليکڪا، سماج سڌارڪ ۽ برمنگھم جي هڪ اسڪول ۾ درس وتدريس سان واڳيل سنڌ ڄائي ثريا مخدوم، ۽ لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ اسان جو نوجوان دوست ۽ برمنگهم جو مشهور اٽارني ۽ سرگرم شخصيت بئريسٽر فياض کهڙو به اچي اتي پهتو هو. اسان جي هي ڪچهري رسمي خوش خير آفيت ۽ حال حوالن کان شروع ٿي سنڌ جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي صورتحال کان وٺي سنڌ ۾ آيل تازين ٻوڏن جي تباهڪارين، امن امان ۽ تعليمي تباهي ۽ ٻين مسئلن متعلق ٽيڪا ٽپڻي تائين وڃي پهتي هئي. سڀني دوستن جو خيال هيو ته سنڌ کي درپيش سڀني سياسي ۽ سماجي مسئلن جي حل لاءِ حڪومت کي سنجيدگيءَ سان اپاءَ وٺڻ سان گڏ سنڌ ۾ تعليمي ترقيءَ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ گھرجن. تعليم وقت جي اشد ضرورت آهي ۽ سٺي تعيلم ئي اسان کي دنيا سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هلڻ جو حوصلو ڏيندي. برمنگھم جي ڌرتيءَ تي سنڌ جي سماجي ۽ تعليمي ترقي لاءِ هلندڙ هي ڳالهه ٻولهه منهنجي ان ويساهه کي اڃا به وڏيڪ پختو ڪري رهي هئي ته تعليم ئي هڪ اهڙو وسيلو آهي جيڪو اسان جي ايندڙ نسلن کي سندن روشن مستقبل واري منزل ڏانهن وٺي ويندو. تنهنڪري کين ٻين ڳالهين کان وڌيڪ پنهنجي ديس سان گڏ دنيا جي معياري درسگاهن سان به روشناس ڪرائجي ته جيئن هو انهن مان به ڀرپور لاڀ حاصل ڪري پنهنجي وطن جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگھن. انهيءَ حوالي سان، مون کي اميد آهي ته برمنگھم يونيورسٽي بابت هي مضمون تعليم جي گھڻ گُھرن لاءِ اتساهه جو سبب بڻبو.
برمنگھم يونيورسٽي انگلينڊ جي شهر برمنگھم ۾ واقع آهي. ڪيو ايس ورلڊ يونيورسٽي رئنڪنگ جي سال 2013ع واري سروي مطابق تدريسي ۽ تحقيقي سرگرمين جي معيار مطابق هي يونيورسٽي برطانيا جي ڏهون ۽ دنيا جي ٻاهٺهون نمبر معياري يونيورسٽي آهي. يونيورسٽي ۾ ڪل اٺاويهه هزار شاگرد زيرِ تعليم آهن جن ۾ دنيا جي هڪ سئو کان وڌيڪ مختلف ملڪن جا انٽرنيشنل شاگرد پڻ شامل آهن.
برمنگھم يونيورسٽي جو شمار برطانيا جي “ريڊ برڪ يونيورسٽيز” ۾ ٿئي ٿو. هتان جي ڪنهن به يونيورسٽي جي اهڙي سڃاڻپ خود يونيورسٽي جي قدامت ۽ اعليٰ معيار جو ثبوت ليکي ويندي آهي. رَيڊ بِرڪ يونيورسٽي (Read Brick University) يعني ڳاڙهين سرن واري عمارت ۾ قائم ٿيل يونيورسٽي . “رَيڊ بِرڪ يونيورسٽي” جو اصطلاح انگلئنڊجي ڇهن صنعتي شهرن ۾ قائم ٿيل ڪل ڇهن يونيورسٽين لاءِ استعمال ٿئي ٿو، انهن يونيورسٽين ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ۽ پهرين عالمي جنگ کان اڳ يونيورسٽيءَ واري حيثيت ماڻي هئي. شروعاتي دور ۾ انهن جي ڪجھه عمارتن جي تعمير ۾ ڳاڙهيون سرون استعمال ڪيون ويون هيون. انهن عمارتن جو شان ۽ شوڪت ۽ خوبصورتي اڄ به اکين کي کين وري وري ڏسڻ تي مجبور ڪري ٿي. ريڊ برڪ يونيورسٽين ۾ يونيورسٽي آف برمنگهم سميت يونيورسٽي آف لِوَرپُول، يونيورسٽي آف لِيڊس، يونيورسٽي آف شفيلڊ ۽ يونيورسٽي آف برسٽل اچي وڃن ٿيون. برمنگھم يونيورسٽي کي “ريڊبرڪ يونيورسٽي” هجڻ جو اعزاز برطانيا جي يونيورسٽين ۾ هڪ منفرد حيثيت بخشي ٿو.
برطانيا توڙي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جون مختلف شعبن ۾ مشهور شخصيتن برمنگھم يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي آهي. هتان پڙهي ڪاميابيون ماڻيندڙ اهڙين شخصيتن ۾ برطانيا جا ٻه اڳوڻا وزير اعظم اسٽئنليبالڊوِن ۽ نيوِل چئمبرليئن، سنگاپور جا اڳوڻا ٻه وزير تائو رچرڊ ۽ مئٿياس يائو، اقوام متحده جو انڊر سيڪريٽريجنرل ڪرائيس ٽئرنٽ ۽ هانگ ڪانگ جو اڳوڻو چيف جسٽس جوفري ماتائولي شامل آهن. برمنگھم يونيورسٽي جي کاتي تي اٺ نوبيل انعام پڻ اچي وڃن ٿا جيڪي هن يونيورسٽي سان واڳيل اٺن محققن ۽ سائنسدانن پنهنجن تدريسي ۽ تحقيقي شعبن ۾ نمايان ڪمن تي حاصل ڪيا آهن.
برمنگھم يونيورسٽي 31 مئي 1900ع تي قائم ڪئي وئي هئي.هن يونيورسٽي جي شروعاتي ڏينهن ۾ ان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ برمنگھم جي مخير ماڻهن وڏو ڪردار ادا ڪيو. ان حوالي سان سال 1900ع ۾ برمنگھم جي هڪ مخير ڪاروباري شهري “ لارڊ ڪئٿروپ ” پنهنجي پنجويهه ايڪڙ زمين يونيورسٽي انتظاميا جي حوالي ڪئي. هڪ ٻئي مخير شخص “ايندريو ڪارنيگي” يونيورسٽي جي مکيه عمارت جي تعمير لاءِ ان زماني ۾ پنجاهه هزار پائونڊن جو عطيو ڏنو. ان سان گڏ هڪ ٻئي مخير “سر چارلس هال ڪرافٽ” پڻ هن يونيورسٽي جي فنڊ ۾ پنهنجو عطيو شامل ڪيو، اهڙي طرح هيءَ يونيورسٽي پنهنجي پيرن تي بيهي تعليم ۽ تحقيق جي ميدان ۾ ڪارنامن مٿان ڪارنام سرانجام ڏيندي وئي. برمنگھم يونيورسٽي پنهنجي قيام کان پوءِ اعليٰ ڪارڪردگي جي عيوض برطانيا جي” رسل گروپ” جي ميمبري جو اعزاز ماڻي چڪي آهي. رسل گروپ (Resell Group) برطانيا جي چويهه معياري يونيورسٽين جو هڪ اهڙو فورم آهي جيڪو پنهنجي ميمبر يونيورسٽين جي اعليٰ تدريسي ۽ تحقيقي معيار کي قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ انهن جي وچم سهڪار واروڪم رهي ٿو.
برمنگھم يونيورسٽيءَ جون پنج فئڪلٽيون آهن جيڪي ڪاليج سڏجن ٿيون. جهڙوڪ، ڪاليج آف انجنيئرنگ ائنڊ فزيڪل سائنسز، ڪاليج آف ميڊيڪل ائنڊ ڊينٽل سائنسز، ڪاليج آف لائيف ائنڊ انوائرنمنٽ سائنسز، ڪاليج آف آرٽس ائنڊ لا ۽ ڪاليج آف سوشل سائنسز. هن ڪاليج ۾ برمنگھم بزنس اسڪول ۽ برمنگھم لا اسڪول پڻ اهم جڳهه والارين ٿا. مٿين سمورن ڪاليجن ۾ جديد تدريسي ۽ تحقيقي شعبا جهڙوڪ ڪيميڪل انجنيئرنگ، اليڪٽرانڪس، اليڪٽريڪل ائنڊ ڪمپيوٽر انجنيئرنگ، سِوِل انجنيئرنگ، فزڪس ائنڊ ائسٽرانامي، ڪئنسر سائنسز، ڪلينيڪل ائنڊ ايڪسپريمينٽل سائنسز، ڊينٽسٽري، هيلٿ ائنڊ پاپوليشن سائنسز، اميونٽي ائنڊ انفيڪشن، بايو سائنسز، ارٿ ائنڊ انوائرنمنٽل سائنسز، سائيڪالاجي، اسپورٽس ائنڊ ايڪسرسائيزز، لئنگئجز، ڪلچر، لٽريچر، فلاسافي، آرٽ، هسٽري ۽ ميوزڪ وغيره ۾ گريجوئيشن، پوسٽ گريجوئيشن، ڊاڪٽوريٽ ۽ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگرين لاءِ ڪورس پڙهايا وڃن ٿا. هن يونيورسٽيءَ جون ٻه ڪئمپسون آهن جن ۾ مکيه ڪئمپس برمنگهم جي مرڪزي علائقي کان ساڍا چار ڪلوميٽر پري ايجبيسٽن واري علائقي ۾ واقع آهي جهن ڪري هن کي ايجبيسٽن ڪئمپس ۽ ان کان ٿورو اڳتي واقع ٻي ڪئمپس کي سيلي اوڪ ڪئمپس سڏيو وڃي ٿو. برمنگھم شهر ۽ ان کان ٻاهر پڻ هن يونيورسٽي جا آف ڪئمپس ادار موجود آهن ۽ انهن ۾ پوسٽ گريجوئيشن ليول جي پڙهائي سان گڏ تحقيق جو پڻ ڪم ڪيو وڃي ٿو. هن جي اهڙن آف ڪئمپس پروگرامن ۾ مشهور اديب شيڪسپيئر جي جنم ڀومي” اسٽراٽفورڊ اپان ايوان” ۾ “شئڪسپيئر انسٽيٽيوٽ”، ٽيلفورڊ شهر ۾ “ آئرن پرج انسٽيٽيوٽ ” ۽ ليڪ ڊسٽرڪٽ ۾ “ رائمنڊ پريسٽلي انسٽيٽيوٽ ” ۽ “برمنگھم سٽي سينٽر” پڻ شامل آهن.
برمنگھم يونيورسٽي جي ڏهن لئبريرين ۾ لکين ڪتاب ۽ ريسرچ جرنل موجود آهن. يونيورسٽي ۾ شاگردن لاٰءِ ٻين سهوليتن سان گڏ برمنگھم يونيورسٽي هاسپيٽل پڻ سندن صحت جو خاصو خيال رکي ٿي .
برمنگھم شهر ۾ دنيا جي ٻين ماڻهن جيان ڪجهه سنڌي ڪٽنب پڻ آباد آهن جن جو ٿورو ذڪر هن مضمون ۾ مٿي اچي چڪو آهي. پر هتي لاڙڪاڻي جي هڪ محنتڪش نوجوان راشد مغيري جو ذڪر پڻ ڪيترن ئي نوجوانن لاءِ اتساهه جو سبب بڻبو. راشد مغيري جيڪو لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي سان گڏ شام جو پنهنجي والد سان سندس پرنٽنگ پريس جي ڪم ڪار ۾ هٿ به ونڊائيندو هيو تنهن هتان انٽر پاس ڪري وڌيڪ تعليم برطانيا مان حاصل ڪرڻ جو پهه ڪيو ۽ آخرڪار مسلسل ڪوششون ڪري وڃي برمنگھم ۾ پهتو جتي هو اڄڪلهه گريجوئشن جو ڪورس به ڪري رهيو آهي ته ان سان گڏ برمنگھم جي هڪ پرنٽنگ پريس ۾ پارٽ ٽائيم جاب ڪري پنهنجي پڙهائي جو خرچ پکو پورو ڪرڻ لاءِ پئسا به ڪمائي رهيو آهي.
برمنگھم يونيورسٽي سميت دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ وڃي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مضبوط ارادي ۽ مسلسل محنت جي ضرورت آهي. ائين ڪرڻ سان منزل پاڻ ئي سري اڳتي ايندي، بلڪل ائين جيئن ڀٽائي سائين پنهنجي بيت ۾ فرمايو آهي ته؛
پاڻ ئي ايندو هوت، پر آئون به اڳڀري ٿيان

(ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 19فيبروري 2014)