مختلف موضوع

دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽيون

ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ جو پهريون حصو ”يورپ جون يونيورسٽيون“ پيش آهي. هن ڪتاب جي تحقيق ۽ مضمونن جو ليکڪ ناميارو شاعر ۽ ليکڪ پروفيسر مختيار سمون آهي. هن ڪتاب ۾ يورپ جي چوئيتاليهه معياري يونيورسٽين متعلق ڪارائتي ڄاڻ سان گڏ اتي پڙهندڙ يا پڙهي ڪاميابيون ماڻيندڙ سنڌ جي ڪيترن ئي شخصيتن جو احوال به ڏنو ويو آهي ته جيئن ٻيا نوجوان به معلومات ۽ اتساهه حاصل ڪري اڳتي وڌن ۽ انهن ادارن مان لاڀ حاصل ڪن.
Title Cover of book دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽيون

سوئيڊن جو ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي

سوئيڊن جو ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي،
جتي دنيا جا شاگرد اچن ٿا


يونيورسٽيون يا ڪي ٻيا تعليمي ادارا ٻن قسمن جا ٿين ٿا. هڪڙا جنرل ۽ ٻيا پروفيشنل. جنرل ادارا اهي آهن جتي هڪ کان وڌيڪ فيلڊس ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي، جهڙوڪ: آرٽس، سائنس، انجنيئرنگ، ميڊيڪل، ائگريڪلچر، ڪمپيوٽر، بزنس اسٽڊيز، سوشل سائنس وغيره. مطلب ته هڪ ئي تعليمي اداري ۾ مختلف فيلڊس ۾ تعليم ڏني ويندي آهي. اهڙيون جنرل يونيورسٽيون دنيا ۾ هزارن جي تعداد ۾ آهن.
درسگاهن جو ٻيو قسم جن ۾ صرف پيشيوارانه يا پروفيشنل تعليم ڏني وڃي ٿي اهي پروفيشنل تعليمي ادار سڏجن ٿا. انهن ۾پروفيشنل يونيورسٽيون، اڪيڊميون، ڪاليج، انسٽيٽيوٽ ۽ ٻيا درسگاهه به شامل آهن جيڪي صرف هڪ ئي فيلڊ جي مختلف پهلوئن ۾ پڙهائي، پريڪٽيڪل ۽ تحقيق ڪرائڻ کان پوءِ لاڳاپيل ڊگري ڏيندا آهن. اهڙن پروفيشنل يونيورسٽين ۾ انجنيئرنگ يونيورسٽين، ميڊيڪل يونيورسٽين، بزنس يونيورسٽين وغيره کان علاوه مئريٽائيم يونيورسٽيون، اڪيڊميون ۽ انسٽيوٽ به شامل آهن جتي مئرين انجنيئرنگ ۾ دلچسپي رکندڙ شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا آهن.
دنيا جي اهڙن ناميارن مئرين انجنيئرنگ وارن درسگاهن ۾ سوئيڊن جي مالمو شهر واري ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي کان علاوه اسٽيٽ يونيورسٽي آف مئريٽائيم نيويارڪ آمريڪا، شنگهائي مئريٽائيم يونيورسٽي چائنا، ميانمار مئريٽائيم يونيورسٽي برما، انڊين مئريٽائيم يونيورسٽي چناءِ ۽ بمبئي ، مئرين انجنيئرنگ ائنڊ ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڪلڪتا انڊيا، ڊاليان مئريٽائيم يونيورسٽي چائنا، وارسئش مئريٽائيم اڪيڊمي سائوٿمپٽن انگلينڊ، مئساچوسيٽس مئريٽائيم اڪيڊمي آمريڪا، ميرٽائيم اڪيڊمي ملائيشيا ۽ پاڪستان مئرين اڪيڊمي ڪراچي وغيره شامل آهن.
حقيقت هي آهي ته سوئيڊن جي مالمو شهر ۾ واقع ورلڊ ميريٽائم يونيورسٽي سان منهنجو پهريون مکاميل سنڌ جي نامياري اديب، سفرنامان ليکڪ ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جي سفرنامن ۽ لکڻين جي توسط سان ٿيو. الطاف شيخ ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي مالمو مان پوسٽ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. سنڌ جو هي سيلاني رائيٽر ۽ مئرين انجنيئر جيڪو 1944ع ۾ هالا شهر ۾ پئدا ٿيو تنهن هالا جي پرائمري اسڪول ۽ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارومان تعليم پرائڻ کان پوءِ مئرين اڪيڊمي چٽاگانگ مشرقي پاڪستان ( هاڻي بنگلاديش) مان 1963ع ۾ مئرين انجنيئرنگ ۾ بي ايس جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان بعد ۾ يورپ جي پر امن ۽ پر رونق ملڪ سوئيڊن جي ورلڊ مئريٽائم يونيورسٽيءَ مان پوسٽ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي. الطاف شيخ پندرنهن سال سمنڊن تي مختلف جهازن ۾ چيف انجنيئر جي حيثيت سان سڄي دنيا جو سفر ڪري بعد ۾ پاڪستان ۽ ملائيشيا جي ميريٽائيم اڪيڊمين ۾ تدريس جو ڪم شروع ڪيو. الطاف شيخ جي مئرين انجنيئر واري اتساهيندڙ ڪيريئر کان متاثر ٿي ڪيترا ئي سنڌي نوجوان پڻ تعليم جي اها فيلڊ چونڊيندا رهيا آهن.
ورلڊ يونيورسٽي آف مئريٽائيم 1983ع ۾ سوئيڊن جي شهر مالمو ۾ وجود ۾ آئي. هن يونيورسٽي جي قيام جو سهرو اقوام متحده جي هڪ خاص اداري “انٽرنيشنل مئريٽائيم آرگنائيزيشن” جي سِر تي آهي جنهن جي جنرل اسيمبلي جي هڪ ٺهراءَ جي روشنيءَ ۾ هي يونيورسٽي قائم ڪئي وئي ته جئين دنيا ۾ جهازرانيءَ جي تعليم ۽ تربيت جو جوڳو انتظام ڪيو وڃي.هيءَ يونيورسٽي مئرين انجنيئرنگ جي هڪ عالمي سطح جي تعليمي اداري جي حيثيت سان نه رڳو سوئيڊن ۽ يورپ جي نوجوانن لاءِ جهازراني ۽ انهيءَ سان لاڳاپيل انجنيرنگ جي تعليم جون سهوليتون فراهم ڪري ٿي پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ شپنگ واري فيلڊ ۾ تجربو رکندڙ پروفيشنلز جي اعليٰ تعليم ۽ تربيت جو انتظام پڻ ڪندي رهي ٿي. مئريٽائيم افيئرس جي مختلف شعبن ۾ ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگرين لاءِ ڪورسن کان سواءِ پروفيشنل ڊيولپمنٽ ڪورس، مئريٽائيم افيئرس شارٽ ڪورس، ٽريننگ پروگرام، سيمينار ۽ ڪانفرنسن جو انتظام ڪندڙ هي يونيورسٽي دور دراز تعليم (ڊِسٽنس ايجوڪيشن) واري نظام تحت مئرين انشورنس ائنڊ مئريٽائيم اِنرجي مئنيجمنٽ ۾ پوسٽ گريجوئيشن دپلوما وارا ڪورس پڻ ڪرائيندي آهي. انهيءَ سان گڏ مئرين معاملن متعلق مسلسل تحقيقي سرگرميون پڻ هن يونيورسٽي جي خاص خاصيتن ۾ شامل آهن.دنيا جي ڪيترن ملڪن جا نامور مئرين انجنيئر، شپنگ ڪمپنين ۽ بندرگاهن جا سربراهه، نيول آرگنائيزيشنس ۽ مئريٽائيم يونيورسٽين جا اڳواڻ ۽ منتظم هن يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪري چڪا آهن.
ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي مالمو ۾جن تدريسي ۽ تحقيقي شعبن ۾ “ماسٽرس آف مئريٽائيم افيئرس” جي ڊگري ڏني وڃي ٿي. انهن مان خاص شعبا هن طرح آهن، جهڙوڪ؛ شپنگ مئنيجمنٽ ائنڊ لاجسٽڪ، مئريٽائيم سيفٽي ائنڊ انوائرنمنٽل ائڊمنسٽريشن، مئريٽائيم لا ائنڊ پاليسي، مئرين انوائرنمنٽل ائنڊ اوشن مئنيجمنٽ، مئريٽائيم ايجوڪيشن ائنڊ ٽريننگ ائنڊ آرگنائيزيشنل ليڊرشپ، پورٽ مئنيجمنٽ وغيره.
سوئيڊن جي ڏيهي ٻولي ته سوئيڊش ۽ ڊينس ئي آهي پر مالمو واري ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي ۾ انگريزي ٻولي ۾ تدريس جو عمل سر انجام ڏنو وڃي ٿو. دنيا جي مختلف ملڪن کان هتي ماسٽرس ڊگري ۾ داخلا وٺڻ جي خواهش رکندڙن لاءِ لازمي آهي ته انهن مئريٽائيم واري شعبي ۾ دنيا جي ڪنهن به مئرين انجنيئرنگ واري اداري مان نه رڳو انڊر گريجوئيشن ڪئي هجي پر انهن کي لاڳاپيل فيلڊ ۾ ڪم ڪرڻ جو پنج سال تجربو ۽ انگريزي ٻولي جي مناسب ڄاڻ هجڻ پڻ ضروري آهي. انگريزي ٻولي ۾ ڪمزور ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ اميدوارن کي هن ئي يونيورسٽي ۾ پهريان ٽي مهينا مئريٽائيم انگلش پروگرام ۾ داخل ڪيو ويندو آهي ته جئين هو وڌيڪ ڪورس پڙهڻ لائق ٿي سگھن. اقوام متحده جي اداري “انٽرنيشنل مئريٽائيم آرگنائيزيشن” طرفان قائم ڪيل هن قسم جي يونيورسٽي چين ۽ ڪجهه ٻين ملڪن ۾ پڻ واقع آهي. مئرين انجنيئرنگ جي حوالي سان هڪ ساک ڀريو ادارو ڪراچيءَ ۾ به آهي جيڪو “ پاڪستان مئرين اڪيڊمي” جي نالي سان مشهور آهي. جتي ٻن سالن جي پڙهائي کانپوءِ مئريٽائيم اسٽڊيز ۾ بِي اَيس سِي جي ڊگري ڏني وڃي ٿي.
لاڙڪاڻي جو هڪ نوجوان ذيشان سومرو جنهن 2007ع ۾ پاڪستان مئرين اڪيڊمي مان ميريٽائيم اسٽڊي ۾ بي ايس جي ڊگري حاصل ڪئي هئي سو پڻ اڄڪلهه فورٿ انجنير جي حيثيت سان “ريڊ سي ميرين سروس ڪمپني سعودي عرب” جي هڪ جهاز تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن کان اڳ هن سائوٿ ڪوريا ۽ ڪويت جي جهازن تي پڻ نوڪري ڪئي آهي. ذيشان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گھڻن سنڌي نوجوانن کي تعليم جي هن فيلڊ جي خبر ڪو نه آهي. جيتوڻيڪ سمنڊ تي جهازراني وارو ڪم ڏکيو آهي ۽ نوڪري لاءِ پڻ گھڻيون ڪوششون ڪرڻيون پون ٿيون پر هن جاب ۾ بهترين پگھار محنت جي بهترين مڃتا جيان آهي. هن کان علاوه لاڙڪاڻي جو هڪ ٻيو نوجوان سجاد منگي، دولتپور جو شهزور علي ڪورائي ۽ سڪرنڊ جو اعجاز علي انڙ پڻ دنيا جي مختلف پاڻيءَ وارن جهازن تي جونيئر انجنيئرن جي حيثيت سان نوڪري ڪري رهيا آهن.
موجوده دور ۾ مئرين انجنيئرنگ جي اهميت معلوم ڪرڻ لاءِ مون فون وسيلي جڏهن نامور اديب ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ کان سوال پڇيو ته هن ٻڌايو ته ڪنهن زماني ۾ هن شعبي جي تمام گھڻي اهميت هوندي هئي پر دنيا ۾ تبديل ٿيندڙ مارڪيٽ ۽ ان جي رجحانن جي ڪري هاڻي هن جي گھڻي اهميت ڪو نه رهي آهي ڇو ته اڄڪلهه ٽرانسپورٽ توڙي پئداوار جا مّختلف ۽ جديد ذريعا متعارف ٿي ويا آهن جنهن ڪري شپنگ وارو شعبو پوئتي پوندو پيو وڃي جنهن ڪري هن فيلڊ ۾ روزگار جا موقعا پڻ گھٽبا پيا وڃن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته مان پنهنجي هن ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن ۾ سنڌين کي هن شعبي ۾ اچڻ لاءِ گهڻو اتساهيندو هيس ۽ اڄڪلهه ڪيترا ئي سنڌي مئرين انجنئرنگ ۾ ڊگري حاصل ڪري چڪا آهن پر هاڻ هن شعبي ۾ وڌيڪ کپت نه هجڻ ڪري سنڌي نوجوانن کي مئرين انجنئرنگ ۾ اچڻ جي صلاح نه ڏيندو آهيان. بحرحال علم ته وري به علم ئي آهي. جيڪڏهن رڳو رزگار جي لاءِ ئي نه پڙهجي ته پوءِ علم جي دولت سان مالا مال ٿيڻ وارو مقصد به زندگيءَ کي خوبصورت بڻائي ڇڏيندو آهي.
ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي مالمو واري ملڪ سوئيڊن جي مختلف شهرن ۾ ڪجهه سنڌي ماڻهو پڻ آباد آهن، جهڙوڪ هن جي گادي واري شهر ۾ سنڌ جي مورو شهر جو ناميارو سنڌي ليکڪ عبدالله مورائي رهي ٿو جٿان هو مختلف وقتن تي “ نوٽس فرام يورپ” جي سري سان سنڌي اخبارن ۾ مضمون به لکندو آهي. مالمو شهر ۾ شهداد ڪوٽ سان تعلق رکندڙ وزير سومرو گذريل ٽيهن سالن کان پنهنجي سوئيڊش گهرواري ليانه ۽ ٻارن سان گڏ رهي ٿو. سوئيڊن ۾ چار سال رهي گذريل مهيني پي ايڇ جي ڊگري ماڻي سنڌ موٽي ايندڙ هڪ نوجوان جوڙو شاهد ابڙو ۽ سندس وَني راڻي وڳڻ آهي. اهي ٻئي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ويٽرننري فئڪلٽي جا استاد آهن.
سوئيڊن جي درسگاهن ۾ تعليم مفت ۾ ڏيڻ جورواج آهي. باقي کاڌي پيتي، اٿڻ ويهڻ ۽ رهائش جوخرچ ماڻهو کي پاڻ ئي ڪرڻو پوي ٿو. سوئيڊن ۾ تعليم لاءِ وڌيڪ معلومات انٽرنيٽ وسيلي به حاصل ڪري سگھجي ٿي.

(ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 28 مئي 2014)