مختلف موضوع

دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽيون

ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ جو پهريون حصو ”يورپ جون يونيورسٽيون“ پيش آهي. هن ڪتاب جي تحقيق ۽ مضمونن جو ليکڪ ناميارو شاعر ۽ ليکڪ پروفيسر مختيار سمون آهي. هن ڪتاب ۾ يورپ جي چوئيتاليهه معياري يونيورسٽين متعلق ڪارائتي ڄاڻ سان گڏ اتي پڙهندڙ يا پڙهي ڪاميابيون ماڻيندڙ سنڌ جي ڪيترن ئي شخصيتن جو احوال به ڏنو ويو آهي ته جيئن ٻيا نوجوان به معلومات ۽ اتساهه حاصل ڪري اڳتي وڌن ۽ انهن ادارن مان لاڀ حاصل ڪن.
Title Cover of book دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽيون

اعليٰ تعليم جي لاءِ بهترين رهنمائي

انسان کي هر لحاظ سان علم حاصل ڪرڻ گهرجي پوءِ اهو ڪٿان به ملي، ڏيهه مان توڙي پرڏيهه مان. اسان جي ملڪ ۾ ڪيترائي نوجوان غربت، سهوليتن جي غيرموجودگي يا وري ٻين سببن جي ڪري تعليم حاصل ڪري نه ٿا سگهن، اهڙي صورتحال ۾ جيڪي نوجوان اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پهچن ٿا ته اها انهن لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي، پر جيڪڏهن ڪي نوجوان دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي ناليوارين يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پهچي وڃن ٿا ته اهي به وڏا خوشنصيب ئي هوندا آهن.
اها حقيقت آهي ته دنيا جي ترقي يافته ملڪن جا نه رڳو تعليمي ادارا پر ٻيا ادارا به ڪيترن ئي ڳالهين ۾ اسان جي ادارن کان گهڻو اڳتي آهن ان جو سبب اتان جو سياسي سماجي استحڪام، سسٽم جي مضبوطي، مالي خوشحالي، جديد ٽڪينالاجي ۽ قانون جي بالادستي پڻ آهي. يورپ ۾ اهڙا به تعليمي ادارا آهن جيڪي سوين سال اڳ قائم ٿيا پر انهن ڪڏهن به تعليمي معيار تي ڪمپرومائيز ڪو نه ڪيو جنهنڪري اهي اڄ به سڄي دنيا ۾ مشهور آهن ۽ اتي سڄي دنيا مان نوجوان تعليم پرائڻ لاءِ ايندا رهن ٿا. اسان جي سنڌ جون به ڪيتريون ئي شخصيتون دنيا جي انهن معياري درسگاهن مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري چڪيون آهن ۽ اڄ به ڪيترا ئي سنڌي نوجوان دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهي رهيا آهن. مان پاڻ به اسڪالرشپ حاصل ڪري انگلينڊ جي مشهور ريڊنگ يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي تعلم حاصل ڪئي آهي. تنهنڪري اهو سمجهڻ گهرجي ته اعليٰ تعليم جي مقصد لاءِ دنيا جي ڪنهن به معياري يونيورسٽي ۾ پهچڻ ناممڪن ڪم نه آهي.
نوجوانن کي دنيا جي معياري يونيورسٽين بابت معلومات ۽ آگاهي ڏيڻ تمام ضروري آهي ته جيئن هو اتي آساني سان پهچي سگهن. ڪنهن کي دڳ جو ڏس ڏئي منزل تي پهچائڻ به نيڪي وارو عمل آهي. مان پنهنجي دوست پروفيسر مختيار سمون کي جس ڏيان ٿو جيڪو سنڌ جي نوجوانن کي عملي طور تعليم به ڏئي ٿو ته وري اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سندن رهنمائي به ڪندو رهي ٿو. سمون صاحب جا دنيا جي عظيم درسگاهن متعلق لکيل هي مضمون وڏا معلوماتي آهن جيڪي عالمي يونيورسٽين بابت مڪمل آگاهي ڏين ٿا. ان کان علاوه هن مضمونن ۾ پرڏيهي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ يا اڳ پڙهي فارغ ٿيل شخصيتن جا پروفائيل ، اسڪالرشپس حاصل ڪرڻ جي طريقن ۽ سندن تعليمي ڪاميابين بابت به معلومات ڏنل آهي جيڪا نوجوانن کي وڏو اتساهه مهيا ڪندي. مختيار صاحب هي مضمون ڪتابي صورت ۾ آڻي ڏاڍو ڀلو ڪم ڪيو آهي. مون کي اميد آهي ته هي ڪتاب پڙهي ڪيترائي سنڌي نوجوان يورپ ۾ پنهنجي پسند جي يونيورسٽي جي چونڊ ڪري اتان اعليٰ تعليم حاصل ڪري پنهنجي قوم، ملڪ ۽ عالمي انسانيت جي خدمت ڪندا.
مان هتي انگلينڊ ۾ 1997ع کان يعني ويهن سالن کان رهان ٿو پيو. هتي مون ڪيترائي اهڙا سنڌي نوجوان ايندي ۽ هتان جي معياري يونيورسٽين مان تعليم حاصل ڪندي ڏٺا آهن ۽ انهن سان ملاقاتون ڪيون آهن، جيڪي غريب ڪٽنبن سان تعلق رکن ٿا ۽ سنڌ جي اهڙن ڳوٺن ۽ شهرن سان تعلق رکن ٿا جتي کين پوريون سهوليتون به ميسر ڪونه هيون پر اهي هميشه متحرڪ رهيا، ڪوششون ڪيائون، ڪتاب ۽ قلم کان ڪڏهن به پري نه ٿيا، اسڪالرشپون حاصل ڪيائون يا قرض وٺي اچي هتي يورپ ۾ پهتا ۽ هتان وڏي تعليم حاصل ڪري اڄ ڪامياب زندگي گذاري رهيا آهن. منهنجو دوست مختيار ۽ مان پڻ به پورهيت طبقي سان تعلق رکون ٿا پر پنهنجي همٿ سان نه رڳو پنهنجي اولاد کي اعليٰ تعليم ڏياري آهي پر انهيءَ سان گڏ پنهنجي ڌرتي جي سڀني نوجوانن جي اعليٰ تعليم لاءِ به جاکوڙ ڪرڻ کي پنهنجو اخلاقي، قومي ۽ انساني فرض سمجهون ٿا، جيڪو هميشه جاري رهندو.


ڊاڪٽر علي نواز مهر
ريڊنگ، انگلينڊ