مختلف موضوع

دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽيون

ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ جو پهريون حصو ”يورپ جون يونيورسٽيون“ پيش آهي. هن ڪتاب جي تحقيق ۽ مضمونن جو ليکڪ ناميارو شاعر ۽ ليکڪ پروفيسر مختيار سمون آهي. هن ڪتاب ۾ يورپ جي چوئيتاليهه معياري يونيورسٽين متعلق ڪارائتي ڄاڻ سان گڏ اتي پڙهندڙ يا پڙهي ڪاميابيون ماڻيندڙ سنڌ جي ڪيترن ئي شخصيتن جو احوال به ڏنو ويو آهي ته جيئن ٻيا نوجوان به معلومات ۽ اتساهه حاصل ڪري اڳتي وڌن ۽ انهن ادارن مان لاڀ حاصل ڪن.
Title Cover of book دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽيون

سوئزرلينڊ جو سُوئس فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي

سوئزرلينڊ جو سُوئس فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف
ٽيڪنالاجي،جيڪا آئنسٽائن جي مادر علمي آهي

اسان جي سهڻيءَ سنڌ ۾ ڪيترا ئي اهڙا شهر، ڳوٺ ۽ علائقا موجود آهن جن جي نالي جو آخري حصو “پور” لفظ تي مشتمل آهي. جهڙوڪ شڪارپور، شهدادپور، خيرپور، ميرپور، راڻيپور، دولتپور، شاهپور، رحمت پور، محراب پور وغيره. اهڙي طرح پنجاب جي شهر بهاولپور، رسالپور، ايشيا جي ملڪ سنگاپور، ملئيشيا جي گادي واري شهر ڪولالمپور، ۽ هندوستان جي شهرن جوڌپور، ڪانپور ۽ ناگپور وغيره ۾ پڻ “پور” وارو لفظ استعمال ٿئي ٿو، جنهن جي معني آهي “رهڻ واري جاءِ يا هنڌ”. جيئن ميرپور يعني اهڙي جاءِ يا هنڌ جتي ميرن جي گھڻائي آباد آهي. رحمت پور يعني جتي رحمت ئي رحمت هجي يا خير پور يعني خير سان ڀرپور. بلڪل ئي اهڙي طرح دنيا جي ٻين هنڌن ۽ خاص طور يورپ واري کنڊ ۾ پڻ ڪيترائي اهڙا ملڪ، رياستون، علائقا ۽ شهر آهن جن جي نالي جو آخري لفظ آهي “لينڊ” (land). مثال طور نيڌرلينڊ، فِنلينڊ، آئرلئنڊ، نيوزيلينڊ، اسڪاٽلينڊ، هالينڊ، آئسلينڊ، پولينڊ، سوئزرلينڊ، انگلينڊ، ايشيا ۾ ٿائلنڊ، آفريڪا ۾ سوازيلينڊ، آمريڪا ۾ ميريلينڊ، آسٽريليا ۾ ڪوئينسلينڊ، ۽ هندوستان ۾ ناگالينڊ وغيره. “لينڊ” جي معني به تقريبا اهائي “پور” واري آهي، يعني جاءِ، هنڌ يا ڌرتي. بحرحال اوهان اهو سوچيندا هوندا ته ڳالهه ڪرڻي آهي “سُوئِس فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي” جي ته پوءِ آخرڪار مان انهيءَ “ پور” ۽ “لينڊ” وارن لفظن جي چڪر ۾ ڇو پيو آهيان؟ ان لاءِ مان اها وضاحت ٿو ڪريان ته اڄ هن مضمون ۾ جنهن تعلمي اداري جو ذڪر ٿيندو اهو جيڪڏهن سنڌ جي ڪنهن “پور” واري شهر ۾ واقع نه ئي سهي تڏهن به سندس هم معني ۽ ساڳئي مفهوم واري انگريزي لفظ “لينڊ” جي مدد سان جڙيل نالي واري ملڪ سُوئِزرلئنڊ ۾ قائم آهي، تنهنڪري “پور ۽ لينڊ” واري چڪر کان بچي نه پيو سگھجي.
سُوئزرلينڊ (Switzerland) وچ يورپ جو هڪ اهڙو ننڍڙو ۽ جابلو ملڪ آهي جيڪو “لينڊ لاڪڊ” به آهي. land locked اهڙي مخصوص ملڪ يا علائقي کي چئجي ٿو جنهن جي سرحدن ٻاهران چوڌاري زميني علائقا ئي هجن پر سرحد جي ڪنهن به پاسي کان سمنڊ، درياءَ يا پاڻي نه لڳندو هجي. سُوئزرلينڊ جي اتر ۾ جرمني ۽ ڏکڻ ۾ اِٽلي آهي. هن جي اولهه ۾ فرانس ۽ اوڀر ۾ آسٽريا آهي، انهن سڀني ملڪن سان سوئزرلينڊ جو ڳانڍاپو زمين ذريعي ئي آهي. تنهنڪري هن کي “لينڊ لاڪڊ” ملڪ يعني “چوڌاري زمين جي گرفت” وارو ملڪ به چئبو آهي. جيتوڻيڪ “سُوئس فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي زيورخ” جنهن کي اتان جي عام ڳالهائجندڙ زبان جرمن ۾ (Edienossische Technische Hochschule Zurich) يا “ اِي ٽي ايڇ زيورخ” (ETH Zurich) به سڏيو ويندو آهي سو سوئزرلينڊ جي نيڪنامي جو ته حامل آهي ئي، پر انهيءَ کان علاوه به هن ملڪ جي حسناڪين جا داستان ڏيهان ڏيهه مشهور آهن. هن مضمون ۾ اڳتي هلي سُوئزرلينڊ جي انهيءَ سونهن جا اسرار پروڙڻ جي ڪوشش به ضرور ڪنداسين پر پهريان وري به ڳالهه علم ، ادب ۽ تعليم جي ڇوته منهنجي نظر ۾ علم ۽ تعيلم اهو بي بها زيور آهي جنهن سان چڱيءَ طرح سينگاريل شخص توڙي علمي ادارن جي موتين سان مڙهيل ملڪ به “پنهنجو مَٽ پاڻ” ئي ٿئي ٿو. سوئزرلينڊ وارو هي تعليم ادارو جيڪو حيثيت ۾ ته يونيورسٽي ئي آهي پر انسٽيوٽ لفظ سان انسيت جا پيچ پائڻ ڪري دنيا ۾ “اِي ٽي ايڇ زيورخ” يا “ سُوِئس فيدرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي” جي نالي سان مشهور آهي. سوئزرلينڊ جي پهرئين وڏي شهر “زيورخ” ۾ قائم هي انسٽيٽيوٽ، ٽائيمس ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽي ريڪنگ جي ڪَٿ مطابق دنيا جي اعليٰ معيار وارين يونيورسٽين ۾ ٻارنهين نمبر تي آهي.
اِي ٽي ايڇ زيورخ جو هڪ اڳوڻو شاگرد البرٽ آئنسٽائن جيڪو بعد ۾ دنيا جو عظيم سائنسدان بڻيو، تنهن پنهنجي نمايان سائنسي تحقيق جي وسيلي نه رڳو هن اداري جي اهميت ۾ اضافو ڪيو پرسندس اها سائنسي تحقيق دنيا ۾ ڪيترن ئي ايجادن جو موجد پڻ بڻي. آئنسٽائين جي ڄاڻ، فهم ۽ فڪر جو ذڪر سيپٽمبر جي ٻي تاريخ واري ڪاوش اخبار جي ايڊيٽوريل ۾ هن ريت ٿيل آهي، “آئنسٽائين کان جڏهن ڪنهن پڇيو ته ٽين عالمي جنگ ڪيتري تباهي ڦهلائي سگھي ٿي؟ تڏهن آئنسٽائين وراڻيو ته آئون چوٿين عالمي جنگ بابت ٻڌائي سگھان ٿو جو اها لڳندي ئي ڪونه . سوال ڪندڙ حيرت مان پڇيوته اهو ڪيئن؟ تنهن تي آئنسٽان جواب ڏنو ته ٽين عالمي جنگ کان پوءِ ڪجهه بچندو ئي ڪو نه، ته پوءِ وري چوٿين عالمي جنگ ڪيئن لڳندي”. اي ٽي ايڇ زيورخ مان پڙهي نڪتل اهو ساڳيو ئي البرٽ آئنسٽائين هيو جنهن علم طبعيات (Physics) ۾ “اضافت وارو نظريو” Theory of Relativity)( ڏئي نه رڳو نوبل پيس انعام حاصل ڪيو پر هميشه لاءِ سائنس جي دنيا جو منهندار به بڻيو.
سوئس فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف ٽئڪنالاجي (اِي ٽي ايڇ زيورزخ) جي تاريخ ڪجهه هن ريت آهي. 1854ع ۾ سوئزرلينڊ جي وفاقي سرڪار ملڪ ۾ انجنيئر ۽ سائنسدان پئدا ڪرڻ لاءِ زيورخ شهر ۾“سوئس فيڊرل پوليٽيڪنيڪل اسڪول” جي نالي سان هڪ تعليمي ادارو قائم ڪيو. هن ۾ شروعاتي ڏينهن ۾ مڪينيڪل ۽ سِوِل انجنيئرنگ، آرڪيٽيڪچر، ڪيمسٽري، فاريسٽري، نيچرل سائنس، مئٿميٽڪس، لٽريچر، سوشل ۽ پوليٽيڪل سائنس وارا شعبا کوليا ويا. ٿوري ئي عرصي ۾ هن اسڪول انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري سکيا ۽ تحقيق ۾ وڏو نالو ڪڍيو. هن جي انهيءَ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي 1905ع ۾ هن کي هڪ فيڊرل ريسرچ يونيورسٽي جي حيثيت ۾ تسليم ڪندي هن کي پي.ايڇ ڊي سطح جي تعليم ۽ تحقيق ڪرڻ ۽ ڊگري ڏيڻ جو اختيار ڏنو ويو. 1911ع ۾ هن جو نالو تبديل ڪري اِي ٽي ايڇ زيورخ يا سوئس فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي زيورخ رکيو ويو. اڄڪلهه هن ۾ سائنس، انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي سميت جديد ۽ ڪلاسيڪي سماجي علمن جا سورنهن شعبا موجود آهن، جن ۾ ارڙهن هزار شاگرد زيرِ تعليم آهن. سندس قيام کان اڄ تائين هن اداري جي شاگردن استادن ۽ سائنسدانن مختلف شعبن ۾ سٺي ڪارڪردگيءَ جي عيوض ايڪويهه نوبل انعام حاصل ڪيا آهن. ٻيا سبجيڪٽ پڻ پنهنجي جڳهه تي پر انجنيئرنگ، فزڪس، ڪيمسٽري، مئٿميٽڪس ۽ ڪمپيوٽر سائنس هن اداري جا ڄڻ ته ٽريڊ مارڪ بڻيل آهن. اِي ٽي ايڇ زيورزخ جون ٻه ڪئمپسون آهن، هڪ زيورخ شهر جي مرڪزي علائقي ۾ واقع آهي جنهن کي “زينٽرم ڪئمپس” سڏين ٿا. اها ڪئمپس زيورخ يونيورسٽي جي پاڙيسري پڻ آهي ۽ ٻي ڪئمپس شهر جي ٻاهرئين پاسي واري علائقي “هونگربيرا” ۾ قائم آهي. هن ڪئمپس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ وارن شعبن کي وڌيڪ زور وٺرائي هن کي هڪ سائنس سِٽي (Science City) جي حيثيت ۾ آندو ويو آهي.
سوئس فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ دنيا جي ٻين ملڪن کان وڏي تعداد ۾ شاگرد انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجيءَ وارن شعبن ۾ تعليم پرائڻ لاءِ ايندا رهن ٿا. ساڳي طرح هن جي ٽيچنگ فئڪلٽيءَ ۾ پڻ دنيا جا ناميارا استاد ۽ سائنسدان شامل آهن. هيءَ ڳالهه پڻ هن اداري جي لاءِ قابل فخر آهي ته موجوده وقت ۾ پڻ هن جي ارڙهن هزار شاگردن مان اٽڪل چار هزار شاگرد صرف پي ايڇ ڊي جي ڪورسن ۾ داخل آهن. هن اداري جو مقامي توڙي بين الاقوامي ادارن ۽ صنعتن سان مربوط رابطو آهي جنهن جي ذريعي هتان جي شاگردن کي سندن تعليم مڪمل ٿيڻ تي لاڳاپيل شعبن ۾ نوڪري ڪرڻ جا موقعا ميسر ڪيا وڃن ٿا. هن اداري ۾ ٿيندڙ مسلسل تحقيق ذريعي دنيا کي درپيش توانائي، خوراڪ ۽ انساني صحت جي مسئلن، سڪيورٽي، رسڪ مئنيجمنٽ ۽ مسقبل جي شهرن جي تعمير ۽ ترقيءَ وارن معاملن جي حل لاءِ معاونت ڪئي وڃي ٿي ۽ رابطو ڪندڙ ادارن کي پيشيوارانه مشورن، پنڌن ۽ پيچرن کان آگاهه ڪيو وڃي ٿو. سوئزرلنڊ جون چار سرڪار ي ٻوليون آهن جهڙوڪ جرمن، فرينچ، اطالوي ۽ رومانش. هن انسٽيٽيوٽ ۾ بيچلر ڊگريءَ لاءِ جرمن ٻولي ذريعي پڙهايو وڃي ٿو جيڪا سوئزرلئنڊ جي چوهتر سيڪڙو آباديءَ جي مادري ٻولي آهي، باقي ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي جي سطح جي تعليم لاءِ جرمن ۽ انگريزي ٻوليون ٻئي استعمال ٿين ٿيون. اِي ٽي ايڇ زيوررخ شاگردن جوn هڪ سئو ننڍيون وڏيون تنظيمون تدريسي عمل سان گڏ هم نصابي سرگرمين جو پڻ انعقاد ڪنديون رهن ٿيون.
سوئزرلينڊ دنيا جو اهڙو خوبصورت ملڪ آهي جيڪو 26 صوبن يا (cantons) تي مشتمل هڪ ڪنفيڊريشن آهي. هي نه رڳو تعليمي ميدان ۾ منفرد آهي پر هتي موجود سوين جابلو چوٽيون، چهچ سائي ساوڪ، ۽ وڏي انداز ۾ برف باري هن ملڪ کي فطرتي سونهن جا نت نوان نظارا بخشي هڪ ديومالائي جاءِ بڻائي ڇڏيو آهي. سوئزرلئنڊ سونهن ۽ امن جو گَهَوارو هجڻ ڪري ڪيترن ئي عالمي تنظيمن جو هيڊڪوارٽر پڻ آهي. هن جي جڳ مشهور شهر جنيوا ۾ ٽيويهه عالمي تنظيمن جون مرڪزي آفيسون آهن، انهن ۾ اقوام متحده جي ٻيو نمبر وڏي آفيس، انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن، يونائيٽيڊ نيشنس هاءِ ڪميشن فار هيومن رائيٽس، ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن وغيره شامل آهن. ان کان علاوه هن ملڪ جي واچن واري صنعت پڻ سڄي دنيا ۾ وڏي اهميت رکي ٿي. اسان جي ملڪ ۾ پڻ سوئس واچون خاص طور تي “راڊو” ۽ “روليڪس” گھڻيون مقبول آهن. سوئزرلينڊ “شينگن” (Schengen) معاهدي جو پڻ ميمبر آهي. هن معاهدي ۾ يورپ جا ٻيا به پنجويهه ملڪ شامل آهن. اوهان جي پاسپورٽ تي انهن مان ڪنهن به هڪڙي ئي ملڪ جو “شينگن” ويزا لڳي ته اوهان ان جي سڀني ميمبر ملڪن ۾ وڃي سگهو ٿا.

(ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 25 سيپٽمبر 2013)