مختلف موضوع

دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽيون

ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ جو پهريون حصو ”يورپ جون يونيورسٽيون“ پيش آهي. هن ڪتاب جي تحقيق ۽ مضمونن جو ليکڪ ناميارو شاعر ۽ ليکڪ پروفيسر مختيار سمون آهي. هن ڪتاب ۾ يورپ جي چوئيتاليهه معياري يونيورسٽين متعلق ڪارائتي ڄاڻ سان گڏ اتي پڙهندڙ يا پڙهي ڪاميابيون ماڻيندڙ سنڌ جي ڪيترن ئي شخصيتن جو احوال به ڏنو ويو آهي ته جيئن ٻيا نوجوان به معلومات ۽ اتساهه حاصل ڪري اڳتي وڌن ۽ انهن ادارن مان لاڀ حاصل ڪن.
Title Cover of book دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽيون

آڪسفورڊ يونيورسٽي

آڪسفورڊ يونيورسٽي
جنهن ڪيترن ئي ملڪن جا سربراهه پئدا ڪيا

سيپٽمبر 2011ع ۾ مان جڏهن برطانيا ويس ته اتي مستقل طور رهندڙ منهنجي ٻن ميزبان دوستن مون کي برطانيا جو تفصيلي سير ڪرايو. منھنجا اهي دوست ڊاڪٽر علي نواز مھر جيڪو اصلي شڪارپور جي هڪ ڳوٺ رستم جو آهي ۽ ڊاڪٽر دائم علي دربان جيڪو لاڙڪاڻي جي وڳڻ شهر ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ماهي خان دربان جو رهاڪو آهي، اهي ٻئي وڏي عرصي کان انگلينڊ جي شهر ريڊنگ ۾ پنهنجي ڪٽنبن سان گڏ رهائش پذير آهن. ٻئي ڄڻا پنهنجن ڪٽنبن سميت برطانيا جا شهريت يافته پڻ آهن. ٻنهي دوستن “ريڊنگ يونيورسٽيءَ” مان پي ايڇ ڊي ۽ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ جون ڊگريون پڻ حاصل ڪيون آهن. مون انهن دوستن جي مهمان نوازي ۽ خلوص جو آدرڀاءُ ڪندي برطانيا جي ناميارين يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن، لئبررين، عجائب گھرن، ثقافتي ۽ تفريحي جاين جي سير ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. انهيءَ سفر دوران برطانيا جي مختلف شهرن ۾ اتان جي يونيورسٽين ۾ وڃڻ ۽ ان بابت معلومات حاصل ڪرڻ منهنجي اوليتن ۾ شامل هيو.
جڏهن آڪسفورڊ شهر جي سير لاءِ نڪتاسين ته منهنجي خيالن تي آڪسفورڊ يونيورسٽي ڇانيل رهي ڇو ته تعلمي ميدان ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جو نالو سڄي دنيا ۾ گونجندو رهي ٿو. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جا ڇپايل نصابي ڪتاب پڻ تمام معياري سمجھيا وڃن ٿا، جيڪي پاڪستان سميت دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پڻ ڪيترن ئي بهترين تعليمي ادارن جي نصاب ۾ شامل ٿيل آهن، جنهن ڪري اسڪولي ٻار نرسري ۽ ڪي جي ليول کان ئي آڪسفورڊ جي نالي سان روشناس آهن. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جا غير نصابي ڪتاب، ٻاراڻو ادب ۽ انگريزي ٻوليءَ جون ڊڪشنريون پڻ وڏي ساک رکن ٿيون جيڪي انگريزي ٻولي ڄاڻندڙ توڙي ان جي خواهش رکندڙ هر شاگرد جي اسٽڊي ٽيبل جي زينت بڻيل رهن ٿيون.
آڪسفورڊ شهر، جنهن جي نالي پٺيان هيءَ يونيورسٽي مشھور آهي، سو لنڊن کان سٺ ميل يعني تقريبن نوي ڪلوميٽر اتر اوڀر ۾ واقع آهي. شهر جي ڪل آبادي اٽڪل هڪ لک پنجھٺ هزار ماڻھن تي مشتمل آهي. هن شهر ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي قيام جي حقيقي تاريخ ته خود انگريز تاريخدانن کي به معلوم نه آهي پر چون ٿا ته هن ۾ پڙهائي جو عمل 1096ع کان شروع ٿيو هو. هن کان اڳ يورپي ملڪ اٽليءَ جي شھر بولونئا ۾ بولونئا يونيورسٽي 1088ع ۾ قائم ٿيل هئي، باقي سڄي دنيا ۾ ڪٿي به ان درجي جو ڪو ٻيو تعليمي ادارو موجود ڪونه هيو، تنهنڪري بولونئا يونيورسٽيءَ کي دنيا جي پھرين ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ کي دنيا جي ٻي پراڻي يونيورسٽيءَ طور ڄاتو وڃي ٿو. آڪسفورڊ يونيورسٽي جي قيام بابت هڪ مفروضو هي به آهي ته الفرڊ بادشاھ ڪجھ ڏينھن آڪسفورڊ شهر ۾ رهيو ان دوران هن جو اتي جي پادرين، مذهبي اسڪالرن ۽ مفڪرن سان فڪري نڪتن تي بحث مباحثو ٿيو جيڪو ڪيترا ئي ڏينهن جاري رهيو، ان کان متاثر ٿي الفرڊ بادشاھ 872ع ۾ هتي يونيورسٽي ٺھرائي پر ان جون ڪي شاهديون ڪونه ٿيون ملن جهنڪري يونيورسٽيءَ جي شروعات 1096ع کان ئي ليکي وڃي ٿي . بحرحال آڪسفورڊ يونيورسٽي صحيح معني ۾ ترقيءَ جي راھ تي تڏهن گامزن ٿي جڏهن 1167ع ۾ بادشاھ هينري ٻئي ڪجھ سياسي سببن جي ڪري انگريز شاگردن تي فرانس مان تعليم حاصل ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي. انهيءَ کان پوءِ برطانيا جا شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ پئرس يونيورسٽي وڃڻ بجاءِ آڪسفورڊ يونورسٽي ۾ اچڻ لڳا جنھنڪري آڪسفورڊ يونيورسٽي جي نيڪناميءَ ۾ واڌارو ٿيڻ لڳو. سن 1209ع ۾ هڪ افسوسناڪ واقعي هن يونورسٽي لاءِ ڪجھ مشڪلاتون پئدا ڪيون. ٿيو هيئن جو يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ آڪسفورڊجي شهرين وچم جھيڙو ٿي پيو جنھن ۾ هڪ قتل به ٿي پيو ان کان پوءَ ڪيترا ئي شاگرد هتان ڇڏي ڪيمبرج وڃڻ لڳا. آڪسفورڊ مان شاگردن جي وڏي انگ ۾ لڏ پلاڻ هتان جي واپارين جي حق ۾ ڪونه هئي ڇو ته شاگردن جي گھڻائي آڪسفورڊ جي مارڪيٽ کي پڻ متحرڪ بڻايو بيٺي هئي ۽ لڏ پلاڻ جي ڪري ڌنڌن کي نقصان پھچي رهيو هو، تنھنڪري آڪسفورڊجا شهري، شاگردن کي ڪيمبرج مان واپس موٽي اچڻ لاءَ ميڙ منٿ ڪرڻ لڳا ۽ وڌيڪ شاگردن کي ڇڏي وڃڻ کان منع ڪرڻ لڳا. بحر حال شاگردن ۽ شهرين ۾ تعلقات بهتر ٿيڻ کان پوءِ هيءَ يونيورسٽي وري ٻيهر ترقيءَ جا ڏاڪا چڙهڻ لڳي.
يونيورسٽيءَ جي شروعاتي ڏينهن ۾ جڏهن اڃا يورپ ۾ ڪتابن جي ڇپائي جو ڪو خاص انتظام موجود ڪونه هيو تڏهن ڪتابن جي اڻاٺ هوندي هئي ۽ هٿ سان لکيل ڪتاب گھڻا مهانگا هوندا هيا جيڪي عام شاگرد خريد نه ڪري سگھندا هيا، جنھن ڪري شاگردن جو گھڻو وقت ۽ زور ڪلاسن ۾ ليڪچر ٻڌڻ تي لڳندو هيو پر جڏهن 1476ع ۾ لنڊن ۾ پھريون ڀيرو ڪئسٽن نالي هڪ همراھ ڇپائي جي پريس لڳائي ته پوءِ جهجي انداز ۾ ڪتاب ڇپجڻ لڳا جنهن جي ڪري شاگردن کي پڙهڻ ۾ ڪافي سولائي ٿي. بعد ۾ 1478ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ پنهنجي پريس به قائم ڪئي جيڪا اڄ ڏينهن تائين آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جي نالي سان معياري ڪتابن جي ڇپائي ۽ وڪري جو ڪم ڪندي رهي ٿي.
آڪسفورڊ يونيورسٽي ڪنهن عام رواجي يونيورسٽيءَ جيان ڪنهن هڪ جاءِ تي چوديواري اندر واقع نه آهي پر هيءُ اٺٽيھه ڪاليجن ۽ ڇهن پرائيويٽ هالن جي مجموعو آهي جنهن کي گڏي آڪسفورڊ يونيورسٽي سڏيو وڃي ٿو. آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جا اهي ڪاليج شهر ۾ هڪ ٻئي کان ٿوري مفاصلي تي قائم آهن.اهي سڀئي ڪاليج پنهنجي انتظامي لحاظ کان خود مختيار آهن پر مجموعي طور تي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جو حصو آهن. سندن نالا هن ريت آهن؛ ٽرنٽي ڪاليج، لنڪولن ڪاليج، ڪرائيسٽ چرچ ڪاليج، آل سولس ڪاليج، بئليول ڪاليج، براسنوز ڪاليج، ڪورڪرسٽي ڪاليج، ايگزيٽر ڪاليج، گرين ٽيمپلٽن ڪاليج، هئرس مانچيسٽر ڪاليج، هرٽفورڊ ڪاليج، جيوسس ڪاليج، ڪيبلي ڪاليج، ليڊي مارگريٽ هال، ڪيلاگ ڪاليج، لنئسر ڪاليج، ڪئمپئن هال، مئگڊلن ڪاليج، مئنسفيلڊ ڪاليج، ميرٽن ڪاليج، نيو فيلڊ ڪاليج، اوريل ڪاليج، پيمبروڪ ڪاليج، ريجنٽس پارڪ ڪاليج، سمروائيل ڪاليج، سينٽ ايني ڪاليج، سينٽ ائنٿوني ڪاليج، سينٽ بينيٽسٽس هال، سينٽ ڪئٿرائن ڪاليج، سينٽ ڪراس ڪاليج، سينٽ ايڊمڊ ڪاليج، هگس ڪاليج، سينٽ جانسن ڪاليج، سينٽ پيٽرس ڪاليج، ڪوئنس ڪاليج، اسينٽستيفنس هائوس، يونيورسٽي ڪاليج.
پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظمن ذوالفقار علي ڀٽوآڪسفورڊيونيورسٽيءَ جي ڪرائسٽ چرچ ڪاليج ۽ محترمه بينظير ڀٽو ليڊي مارگريٽ هال ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي. ان کان علاوه پاڪستان جا ٻيا ٽي اڳوڻا وزيراعظم لياقت علي خان، حسين شهيد سهروردي ۽ سر فيروز خان نون، پاڪستان جو اڳوڻو صدر سردار فاروق احمد لغاري، اڳوڻو نگران وزير اعظم وسيم سجاد، قومي اسيمبلي جي ميمبر نفيسه شاھ، عمران خان، نواب اڪبر شهباز خان بگٽي، بلاول ڀٽو زرداري سميت پاڪستان جا ڪيترائي نالي وارا سياستدان، سائنسدان، استاد ۽ ٻيون شخصيتون هن يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪري چڪيون آهن. پاڪستاني شاگردن جو ڪافي تعداد اڄڪلھه پڻ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ زير تعليم آهي. دنيا جون مشهور شخصيتون جيڪي هن يونيورسٽيءَ مان پڙهيون آهن، انهن ۾ برطانيا جي موجوده وزيراعظم ڊيوڊ ڪئمرون سميت ٻيا ڇويھه وزيراعظم، هندوستان جا وزيراعظم، اندراگانڌي، من موهن سنگھه، سريلنڪا جي اڳوڻي وزيراعظم بندرانائڪي، مشهور سائنسدان آئن اسٽائن، اسٽيفن هاڪن، آمريڪا جو اڳوڻو صدر بل ڪلنٽن شامل آهن. محترمه بينظير ڀٽو آڪسفورڊ يونين جي پھرين ايشين عورت صدر، ۽ عمران خان آڪسفورد ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان پڻ رهي چڪو آهي.
يونيورسٽيءَ ۾ پاڪستاني شاگردن جي هڪ سوشل تنظيم “آڪسفورڊ يونيورسٽي پاڪستان سوسائٽيڍ“پڻ قائم آهي جيڪا هتي پاڪستاني شاگردن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري ٿي. هن سوسائيٽي پاران پاڪستان جي حوالي سان بحث مباحثا ۽ ليڪچر پڻ منعقد ڪرايا ويندا آهن. يونيورسٽيءَ ۾ هن وقت اٽڪل ٻاويھه هزار شاگرد زير تعليم آهن، جن ۾ پاڪستان سميت 138 ملڪن جا شاگرد پڻ شامل آهن. ٽائيمز هائير ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽيز رئڪنگ مطابق هيءَدنيا جي ٻيو نمبر معياري يونيورسٽي آهي.
آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ هر لائق اميدوار داخلا جي لاءِ درخواست ڏئي سگھي ٿي. هتي سائنس، آرٽ، ڪامرس، بزنس ائڊمنسٽريشن سميت سڀني جديد علمن ۾اعليِٰ ڊگريون حاصل ڪرڻ جا خواهشمند داخلا وٺي سگھن ٿا. سنڌي شاگردن لاءِ پڻ هتي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ دروازه کليل آهن. برطانيه جي سمورين يونيورسٽين وانگر هن يونيورسٽي ۾ پڻ داخلا لاءَ اهل ٿيڻ جي لاءِ گھربل تعليمي سرٽيفڪيٽن سميت انگريزي ٻوليءَ جي قابليت واري ٽيسٽ”آءِ آي ايل ٽي ايس” يعني انٽرنيشنل انگلش لئنگيج ٽيسٽنگ سسٽم جو گھٽ ۾ گھٽ اسڪور 7.0 هجڻ ضروري آهي. اچو ڪوشش ڪيو، ڪاميابي توهان جا پير چمندي.

(ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 24 اپريل 2013)