مختلف موضوع

دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽيون

ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ جو پهريون حصو ”يورپ جون يونيورسٽيون“ پيش آهي. هن ڪتاب جي تحقيق ۽ مضمونن جو ليکڪ ناميارو شاعر ۽ ليکڪ پروفيسر مختيار سمون آهي. هن ڪتاب ۾ يورپ جي چوئيتاليهه معياري يونيورسٽين متعلق ڪارائتي ڄاڻ سان گڏ اتي پڙهندڙ يا پڙهي ڪاميابيون ماڻيندڙ سنڌ جي ڪيترن ئي شخصيتن جو احوال به ڏنو ويو آهي ته جيئن ٻيا نوجوان به معلومات ۽ اتساهه حاصل ڪري اڳتي وڌن ۽ انهن ادارن مان لاڀ حاصل ڪن.
Title Cover of book دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽيون

بئنگر يونيورسٽي

بئنگر يونيورسٽي
جتان سنڌ جي ڪافي شاگردن تعليم حاصل ڪئي

مان ڪجهه سال اڳ جڏهن سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ پڙهائيندو هيس، تڏهن منهنجا ڪيترا ئي ساٿي استاد ۽ ٻين شعبن سان لاڳاپيل ڪيترائي سنڌي نوجوان قومي توڙي بين الاقومي ادارن مان اسڪالرشپ ۽ مالي سهائتا حاصل ڪري برطانيا جي رياست ويلز ڏانهن ويل هيا جتي هو بئنگر يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا هيا. جيئن ته زرعي يونيورسٽي ٽندوڄام سان واڳيل پي ايڇ ڊي جي ڊگري رکندڙاستادن جو خاصو تعداد پڻ بنگر يونيورسٽي جي زرعي تعليم واري شعبي مان پڙهي آيل هيو تنهنڪري اسان جي سنگت ۾ به بئنگر يونيورسٽي جو ذڪر گھڻو ٿيندو هيو. اهو ئي سبب هيو جو جڏهن مون کي به برطانيا وڃڻ جو موقعو مليو هيو ته مان به پنهنجي هن مطالعاتي دوري ۾ برطانيا جي ويلز رياست ۾ واقع بئنگر يونيورسٽي جي درشن ۽ ديدار جو پروگرام اوليت تي رکيو هيو.
نيٺ هڪ ڏينهن پنهنجي شڪارپوري دوست ڊاڪٽر علي نواز مهر سان گڏجي وڃي برطانيا جي ويلز رياست واري شهر “بئنگر” ۾ پهتاسين ۽ پوءِ اتي هڪدم بئنگر يونيورسٽي جو رخ ڪيوسين. بئنگر يونيورسٽي ۾پهچڻ تي اسان جو آڌرڀاءَ اتي جي ٻن سنڌي شاگردن ظهيرالدين سومرو ۽ مظهر علي ڪيريو ڪيو. اهي ٻئي سنڌي سپوت زرعي تعليم ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ پڙهائي ڪري رهيا هيا. رسمي خير آفيت کان پوءِ اسان بئنگر يونيورسٽي جي مختلف تدريسي ۽ تحقيقي شعبن، فئڪلٽين، لئبريرين ۽ رهائشي سهوليتن جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو، ۽ ان دوران اتان جي ڪائونٽرن تان يونيورسٽي بابت ڇپيل معلوماتي لٽريچر پڻ حاصل ڪيو. ان معلوماتي لٽريچر ۽ ٻين ذريعن کان حاصل ڪيل معلومات موجب بئنگر يونيورسٽي جي قصو ڪجهه هيٺيئن ريت آهي.
بئنگر يونيورسٽي جنهن کي مقامي ويلش ٻولي ۾ “پرفوسگل بئنگر” سڏيو ويندو آهي سا نارٿ ويلز جي ڪائونٽي “گُوانِيد” جي هڪ ننڍڙي شهر “بئنگر” ۾ 1885ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي. هن يونيورسٽي جي قيام جو قصو هن طرح آهي ته اڻويهين صدي جي پڇاڙڪي اڌ ۾ ويلز جي ماڻهن اها ڳالهه شدت سان محسوس ڪرڻ شروع ڪئي ته سندن رياست ۾ وچولي درجي جا تعليمي ادارا ته موجود آهن پر اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وٽن ڪو اعليٰ درجي جو درسگاهه موجود ڪونه آهي جنهن ڪري سندن نئين نسل کي اعليٰ تعليم لاءِ ويلز کان ٻاهر واجهائڻو پوي ٿو. انهيءَ ڳالهه کي ڳڻي پنهنجي رياست ۾ هنن اعليٰ سطح جي درسگاهه جي قيام لاءِ هڪ ڀر پور تحريڪ هلائي. انهيءَ دوران هنن نه رڳو وقت جي حڪومت تي زور بار رکيو پر پنهنجي هڙان وڻان پڻ مالي مدد ڪري وَيلز ۾ اعليٰ تعليمي اداري جي قيام جون ڪوششون شروع ڪري ڏنيون. آخرڪار عوام جون ڪوششون ڪامياب ٿيون ۽ 18 آڪٽوبر 1884ع تي ويلز رياست جي بئنگر شهر ۾ يونيورسٽي جي سطح جو هڪ تعليمي ادارو “ يونيورسٽي ڪاليج آف نارٿ ويلز” جي نالي سان قائم ڪيو ويو. هن ڪاليج کي 1885ع ۾ يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويو. شروعات طور هن جو تدريسي ڪم بنئگر شهر ۾ “پنرهين آرمس” جي نالي هڪ “ڪوچنگ سينٽر” جي پراڻي عمارت ۾ شروع ڪيو ويو هو ارڙهن سال پوءِ بئنگر شهر جي انتظاميا يونيورسٽي جي نئين عمارت تعمير ڪرڻ لاءِ 10 ايڪڙ زمين يونيورسٽي اختيارين جي حوالي ڪئي جنهن تي اڄ بئنگر يونيورسٽي جي اصلوڪي عمارت قائم آهي. اڻويهين صديءَ ۾ هن يونيورسٽي جي قيام جي پهرين سال يونيورسٽي ۾ صرف اٺونجاهه شاگرد ۽ ڏهه استاد موجود هيا پرترقين جا سفر تيزيءَ سان طئي ڪندڙ هن يونيورسٽيءَ ۾ اڄڪلهه ٻارنهن هزار شاگرد ۽ ٻه هزار تدريسي ۽ انتظامي عملو موجود آهي.
بئنگر يونيورسٽي پنجن ڪاليجن تي مشتمل آهي جن ۾ڪاليج آف نيچرل سائنسز، ڪاليج آف هيلٿ ائنڊ بهيوريل سائنسز، ڪاليج آف فزيڪل ائنڊ اپلائيڊ سائنسز، ڪاليج آف آرٽس، ائنڊ هيومنٽيز، ڪاليج آف بزنس، لا ائنڊ سوشل سائنسزشامل آهن جن ۾ سڀني جديد سبجيڪٽن جا اسڪول ۽ شعبا موجود آهن.
بئنگر يونيورسٽيءَ جو زرعي تعليم وارو شعبو پڻ وڏي ساک رکي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو زرعي تعليم سان واڳيل سنڌ جا ڪيترائي استاد ۽ زرعي سائنسدان بئنگر يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊيءَ جا اعزاز ۽ ماسٽرس جون ڊگريون حاصل ڪري آيا آهن. اهڙين شخصيتن ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جو اڳوڻو وائيس چانسلر ڊاڪٽر رحيم بخش ميربحر، زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري جو اڳوڻو پرنسپال ڊاڪٽر محمد ابراهيم ڪيريو، سنڌي سائينٽيفڪ ڊڪشنري ۽ زراعتي لغات جو مرتب، ناميارو ليکڪ ۽ زرعي يونيورسٽي جي فئڪلٽي آف ڪراپ پراڊڪشن جو موجوده ڊين ڊاڪٽر شمس الدين تنيو، فوڊ ٽيڪنالاجي انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر صغير احمد شيخ، وٽرنري سائنسز جو پروفيسر ڊاڪٽر عبدالله آريجو، ڊاڪٽر رحمت الله رند، ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر ، ڊاڪٽر محمد عرس سمون، ڊاڪٽر قمرالدين چاچڙ، ڊاڪٽر ممتاز سيٺار، ڊاڪٽر محمد هاشم رهبر ڀٽي، ڊاڪٽر آغا سميع الله ۽ ڊاڪٽر مسعود بيگ، ڪلثوم سمون، امير امان الله سولنگي ۽ الاهي بخش ڪلهوڙو شامل آهن. 1987 کان 1992ع تائين بئنگر يونيورسٽي ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام وچ ۾ ڊاڪٽر رحيم بخش ميربحر جي نگراني ۾ باضابطه طور هڪ “باهمي رابطي ۽ دلچسپي جو معاهدو” ٿيل هيو جنهن جي مالي سهائتا تي ڪيترائي سنڌي نوجوان بئنگر يونيورسٽي مان زراعت ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري آيا آهن.
بئنگر يونيورسٽي ۾ اٽڪل ٻن هزار ڪمرن تي مشتمل رهائشي عمارتون يا هاسٽلون آهن جن کي عام طور تي “هال” سڏيو ويندو آهي. هتي ڊجيل سهوليتن سان آراسته لائبريريون، ريسرچ لئبارٽريون، ميوزمس ۽ فيلڊ ايڪسپريمينٽس جون سهوليتون پڻ موجود آهن. هن يونيورسٽي جي شاگردن جي تنظيم “ اسٽوڊنٽس والنٽيئر بئنگر” رضاڪاراڻي طور بئنگر جي شهرين جي ڀلائي وارن ڪمن ۾ حصو وٺندي رهي ٿي. تنظيم جا ميمبر شاگرد بئنگر جي شهرين جي فلاح ۽ بهبود لاءِ شروع ڪيل اٽڪل ٽيهن کان وڌيڪ پراجيڪٽن ۾ رضاڪاراڻي طور حصو وٺن ٿا. بئنگر يونيورسٽي جي اسٽوڊنٽس والنٽيئرس پاران 1952ع کان شروع ڪيل هڪ پراجيڪٽ جيڪو “ٽَي پارٽي پراجيڪٽ” (Tea Party Projrect) جي نالي سان شروع ڪيو ويو هيو ان تحت اڄ تائين بئنگر جي عمر رسيده رهاڪن لاءِ چانهن پارٽيءَجو انتظام ڪيو وڃي ٿو ان موقعي تي يونيورسٽيءَ جا نوجوان شاگرد شهر جي بزرگ ماڻهن سان رابطي ۾ اچي انهن وٽان سکن به ٿا ته کين به صحبت جو وقت ميسر ڪن ٿا.اسٽوڊنٽس والئنٽيئرس جو هڪ ٻيو پراجيڪٽ “رَيزِنگ ائنڊ گِوِنگِس”(Raising and Givings) آهي. هن پروجيڪٽ تحت يونيورسٽي جا رضاڪار شاگرد فنڊ جمع ڪندا آهن ۽ پوءِ اهي پئسا عام ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ٻن مقامي ادارن جي حوالي ڪندا آهن. شاگرد جي هن تنظيم کي سندس خدمتن عيوض 2012ع ۾ “ ڪوئينس ايوارڊ فار والئنٽيئر سروس” ڏنو ويو آهي.
بئنگر يونيورسٽي ۾ شاگردن جا اٽڪل ڏيڍ سئو اڪيڊمڪ، اسپورٽس، انٽرٽينمنٽ ۽ لٽرري سوسائٽيون ۽ ڪلب آهن. انهيءَ کان علاوه يونيورسٽي جو ريڊيو،اخبار ۽ مئگزينس شاگردن جي ڄاڻ ۾ وڌاري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا.بئنگر يونيورسٽي بنا رنگ ۽ نسل جي فرق جي سڀني ملڪن جي نوجوانن لاءِ تعليم جا موقعا آڇيندي رهي ٿي.

(ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 18 جون 2014)