ارسٽاٽل يونيورسٽي
جيڪا ارسطوءَ جي نالي پٺيان قائم آهي
يونان جو عظيم فلاسافرجنهن کي پاڻ ارسطو جي نالي سان سڃاڻون ٿا تنهن کي سندس جنم ڀوميءَ سميت دنيا جي گهڻن ملڪن ۾ ارسٽاٽل (Aristotle) جي نالي سان ئي سڃاتو ويندو آهي. هن جي نالي پٺيان قائم ڪيل ارسٽاٽل يونيورسٽي حقيقت ۾ نه رڳو ارسطو جي ديس يونان جنهن کي عام طور تي “ گريس” (Greece) سڏيو ويندو آهي، جي نوجوانن کي اعليٰ تعليم جي سهوليتن سان آراستا ڪرڻ جي قابل قدر ڪوشش آهي پر ارسطو کي ارپيل هي يونيورسٽي يونان جي هن دانشور کي سندس لاثاني علمي خدمتن جي عيوض سندس قوم پاران هڪ معتبر خراج تحسين پيش ڪرڻ جو علامتي قدم پڻ آهي. ارسٽاٽل يونيورسٽي جوتفصيلي احول ته اڳين سٽن ۾ ضرور ايندو پر هن جي پسمنظر ۾ ارسٽاٽل (ارسطوءَ) جي عظيم شخصيت ۽ سندس پاران تعليم ۽ شعور جي ترقي لاءِ ڪيل خدمتون به اوچو ڳاٽ کنيون بيٺل نظر اچن ٿيون، جن تي ٿورڙي روشني وجهڻ سان هن يونيورسٽي جي اهميت اڃا به وڌيڪ اجاگر ٿيندي.
ارسطو کي يونان جي پهرينءَ صف وارن ناميارن فلاسافرن، استادن ۽ دانشورن مان هڪ ليکيو وڃي ٿو. هو پاڻ پنهنجي وطن جي هڪ ٻئي عظيم استاد ۽ فلاسافر افلاطون ( Plato) جو شاگرد هيو ۽ ننڍيءَ عمر ۾ دنيا جي ڳچ حصي کي فتح ڪندڙ مقدونيا جي حڪمران سڪندرِاعظم (Alexander the great) جو استاد هيو.روايتي طور تي اهو چيو وڃي ٿو ارسطو ٻاتڙو ڳالهيندڙ، ننڍين اکين، سنهين ڄنگهن ۽ وارن کان خالي مٿي وارو سادي شخصيت رکندڙ شخص هيو پرخوش لباسي سندس عادت بڻيل هئي. يونان جي هڪ قديمي شهر “اسٽيجائرس” جي ڌرتيءَ تي 384 قبل مسيح ۾ جنم وٺي ڪل ٻاهٺ سالن جي عمر ماڻي 322 قبل مسيح ۾ پرلوڪ پڌاري ويندڙ هي فلاسافر منطق (Logic) ، طبيعات ( Physical Science)، مابعدالطبيعات (Metaphysics)، حياتيات (Biology) ، نفسيات (Psychology)، اخلاقيات(Ethics) ، سياسات (Political Sicence) ، فنِ خطابت (Rehtoric) ۽ فلڪيات (Astronomy)وارن علمن ۾ وڏي مهارت رکندو هيو. سندس دور ۾ علم ۽ شعور جي متلاشين کي ڏنل هن جا ليڪچر اڄڪلهه به عالمي علم، ادب، فلسفي ۽ سائنس جو بي بها سرمايو ليکيا وڃن ٿا. ارسطو پڙهڻ پڙهائڻ واري جذبي تحت 335 قبل مسيح ۾ يونان جي تاريخي شهر اَيٿنس جي ٿورو ٻاهران پنهنجو هڪ تعليم ادارو ۽ ڪتبخانو پڻ قائم ڪيو هيو جنهن کي “ ليڪيوم” (Lyceum) سڏيو ويندو هيو. ارسطو جيڪو پنهنجي ٻاهٺ سالن واري مختصر طبعي زندگي ۾ يونان جي علمي افق تي ته صرف ڪجهه سال ئي اڀريو هيو پر هن جي قول ۽ ڪمن جو ستارو اڄ به سڄي دنيا جي علمي افق تي پوريءَ جوت سان ٽمڪندو رهي ٿو. يوناني قوم کي پڻ جس هجي جو هنن ارسطو جهڙي عظيم انسان جي نالي کي صرف تاريخ جي ورقن ۾ دفن ڪرڻ بجاءِ هن جي نالي پٺيان ارسٽاٽل يونيورسٽي جهڙو اعليٰ تعليم جو هڪ عظيم درسگاهه قائم ڪري پنهنجي ايندڙ نسلن کي پنهنجي وقت جي هن نامياري عالم سان روشناس ڪرائڻ جو مستقل بندوبست ڪري ڇڏيو آهي.
ارسٽاٽل يونيورسٽي يونان جي ٻئي نمبر وڏي شهر ٿيسالونڪي (Thessalonci) ۾ واقع آهي. هن شهر کي عام طور تي سالونيڪا پڻ سڏيو ويندو آهي. ارسٽاٽل (ارسطو) جي جنم ڀومي وارو شهر “ اسٽيجائرس” هن کان پنجونجاهه ڪلوميٽر جي مفاصلي تي اوڀر طرف واقع آهي. هي يونيورسٽي جيڪا 1925ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي سا اڄڪلهه نه رڳو يونان جي پر ڀرپاسي وارين ٻين بالڪن (Balkans) رياستن جي پڻ سڀ کان وڏي اعليٰ تعليمي درسگاهه سمجهي وڃي ٿي.
هن يونيورسٽي ۾ اڄڪلهه ڇهانوي هزار شاگرد زير تعليم آهن. يونيورسٽي جا زياده تر ڪورس اتان جي مقامي ٻوليءَ گِريڪ ۾ ئي پڙهايا وڃن ٿا، جنهن لاءِ شاگردن کي اڳواٽ ئي گريڪ ٻوليءَ جي سکيا وٺڻي پوي ٿي. بحرحال ڪيترا ئي ڪورس انگريزي، فرينچ، جرمن ۽ اطالوي ٻولين ۾ پڻ پڙهايا ويندا آهن.
جيتوڻيڪ يونيورسٽي جي جديد تشريح ۽ معيار مطابق ارسٽاٽل يونيورسٽي کي يونان جي ٻي پراڻي يونيورسٽي ۽ “يونيورسٽي آف ايٿنس” جيڪا 1837ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي، کي پهرين پراڻي يونيورسٽي ليکيو وڃي ٿو ، پر حقيقت هن ريت آهي ته قديم تهذيب، ادب ۽ علم جو مرڪز سمجهيو ويندڙ ۽ آڳاٽن نامور فلاسافرن، عالمن ۽ استادن جي ملڪ يونان ۾ عيسوي سن کان به اڳ يعني قبل مسيح واري دور ۾ به ٻه اهڙا علمي ادارا هيا جيڪي جيتوڻيڪ وسعت، جوڙجڪ، اسٽائيل، ڪم ۽ سهوليتن جي لحاظ کان اڄوڪين يونيورسٽين سان ته ڀيٽي نه ٿا سگهجن پر اهي پنهنجي علمي اثر، ڪارج ۽ معيار جي لحاظ کان ان دور جا اعليٰ درسگاهه ئي ليکيا وڃن ٿا. قديم دور جا اهي درسگاهه هياافلاطون (Plato) جي قائم ڪيل “اڪيڊمي” جيڪا ايٿنس شهر جي ڀرسان هئي، ۽ ارسطو جو قائم ڪيل “ليڪيوم” جيڪو پڻ ايٿنس جي ڀرواري علائقي ۾ ئي واقع هيو.
جڏهن ته کليل آسمان هيٺ يونان جي ايٿنس شهر جي ڌرتي جو اهو ٽڪرو جتي انهن ٻنهي ادارن جي قيام کان به اڳ ۾ افلاطون جو استاد سقراط (Socretes)پنهنجي شاگردن ۽ عام شهرين کي حق، سچ ۽ ساڃاهه جي واٽ وٺرائڻ لاءِ ليڪچر ڏيندو هيو، اها جاءِ به ڪنهن تعليمي اداري جي عظمت کان ڪا گھٽ حيثيت واري نه سمجهڻ گهرجي. سقراط جا اهي ئي حقيقت تي مبيني خطبا ۽ واعض هيا جن جي ڏوهه ۾ مٿس نوجوانن کي بگاڙڻ جا الزم هڻي ان وقت واري يونان جي عدليا سزا ڏيندي کيس زهر جا پيالو ڏنو هيو جيڪو هو مرڪندي پي ويو هيو.
بحرحال 2014ع ۾ پنهنجي اڻانوي سالگرهه ملهائيندڙ ارسٽاٽل يونيورسٽي جي ترقيءَ جي تاريخ جا ٽي مختلف دور آهن، جن ۾ پهريون دور 1924ع ۾ سندس قيام کان وٺي 1960ع تائين وارو آهي. هن دور ۾ ارسٽاٽل يونيورسٽي پنهنجي مختلف ادارن، ڪلاس رومن، لائبريرين ، لئبارٽيرين، آفيسن ۽ اهڙين ئي ٻين عمارتن جي تعميراتي ڪم سان گڏ ڪجهه تدريسي ۽ تحقيقي شعبن کي متعارف ڪرايو. يونيورسٽي ۾ ان دور جا قائم ڪيل شعبا هن ريت آهن جهڙوڪ فئڪلٽي آف فلاسافي، فئڪلٽي آف فزڪس ائنڊ مئٿميٽڪس، فئڪلٽي آف ٿيالاجي، فئڪلٽي آف لا ائنڊ ايڪنامڪس، ارسٽاٽل يونيورسٽي ميڊيڪل اسڪول، ڊپارٽمنت آف فارميسي ائنڊ ڊينٽسٽري، فئڪلٽي آف ويٽرنري سائنس ۽ انسٽيٽيوٽ آف فارين لئنگئجز جنهن ۾ اڄڪلهه انگلش، فرينچ، جرمن ۽ اطالوي ٻوليون سيکاريون وڃن ٿيون ۽ انهن ۾ ڊگري ۽ سرٽيفڪيٽ ڪورس پڻ ڪرايا وڃن ٿا.
ارسٽاٽل يونيورسٽي جي ترقيءَ جو ٻيو دور 1961ع کان وٺي 1990ع تائين ڦهليل آهي. هن عرصي ۾ يونيورسٽي اندر انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي، ڪمپويٽنگ ۽ پلاننگ واري تعليم ۽ تحقيق کي ترقي وٺرائڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ انهن تدريسي ۽ تحقيقي مضمونن وارا بهترين شعبا جوڙيا ويا. يونيورسٽي جي انهن شعبن ۾ فئڪلٽي آف انجنيئرنگ، اسڪول آف ڪمپيوٽيشنل سائنس، اسڪول آف اربن پلاننگ، اسڪول آف آرڪيالاجي، اسڪول آف مڪينيڪل انجنيئرنگ، اسڪول آف سِوِل انجنيئرنگ، اسڪول آف اليڪٽريڪل انجنيئرنگ سميت انجنيئرنگ جي ٻين فيلڊس وارا ڪي ئي ٻيا شعبا قائم ڪيا ويا.
ارسٽاٽل يونيورسٽي جي ترقيءَ جو ٽيون دور جيڪو 1991ع کان شروع ٿيو۽ اهو اڃا تائين جاري آهي، ان دور ۾ هيءَ يونيورسٽي يونان سميت دنيا جي ٻين ملڪن کان هتي ايندڙ شاگردن جي مستقبل ۾ درس و تدريس، علم ۽ ڦهم جي فرواني وسيلي چار چنڊ لڳائڻ جي ڪوشس ڪندي رهي ٿي. هن دور ۾ ارسٽاٽل يونيورسٽي اندر جن علمن جي شعبن جو اضافو انهن ۾ فئڪلٽي آف فائين آرٽس جنهن ۾ فلم ائنڊ ڊراما اسٽڊيز، ميوزڪ اسٽڊيز، وزيل ائنڊ اپلائيڊ اسٽڊيز جا اسڪول قائم آهن ۽ فئڪلٽي آف ائگريڪلچر، فاريسٽري ائنڊ نيچرل انوائرنمنٽ، اسڪول آف جرنلزم ائنڊ ماس ڪميونيڪيشن، اسڪول آف فزيڪل ايجوڪيشن ائنڊ اسپورٽس سائنس وغيره اچي وڃن ٿا. مجموعي طور تي اڄڪلهه ارسٽاٽل يونيورسٽي ۾ ڪل ٻارنهن فئڪلٽين ۽ ڇٽيهه اسڪولن سان گڏ ڪي ئي انسٽيٽيوٽ، تحقيقي مرڪز، لائبريريون، لئبارٽريون، اسپتالون، ڪلينڪس،پارڪس، ميوزمس ۽ ٻيون تدريس، تحقيق، تفريح ۽ رهائش جون سهوليتون موجود آهن.
يونان ڏکڻ اوڀر يورپ جوهڪ تاريخي ملڪ آهي جنهن جو سرڪاري نالو ته ريپبلڪ آف هيلنس (Republic of Hellans) آهي پر عام طور تي هن ملڪ کي گريس (Greece) سڏيو ۽ لکيو ويندو آهي. يونان بنيادي طور تي هڪ زرعي ملڪ آهي پر اڄڪلهه هي ملڪ به صنعتي ترقي ۾ گهڻو اڳڀرو اچي چڪو آهي. هڪ اندازي مطابق هن ملڪ جي ڪل آبادي سوا ڪروڙ ماڻهن تي مشتمل آهي. ايٿنس هن جي گاديءَ جو شهر آهي. قديم زماني ۾ ايٿنس علم، شعور ۽ تهذيب جي نمائندگي ڪندڙ شهر رهيو آهي جڏهن ته يونان جو هڪ ٻيو شهر “اسپارٽا” ان جي ابتڙ رهيو آهي جنهن ڪري ان زماني ۾ انهن ٻنهي شهرن جي ماڻهن جي هڪ ٻئي سان چپڪلش ٿيندي رهندي هئي. هاڻي اهي ٻئي شهر تاريخي حيثيت رکن ٿا.
ارسٽاٽل يونيورسٽيءَ وارو شهر ٿيسالونڪي يونان جو ٻيو نمبر وڏو شهر ۽ “گريڪ مقدونيا” ريجن جو گادي وارو شهر آهي. هن شهر کي سالونڪيا پڻ سڏيو ويندو آهي. ٿيسالونڪي جي آبادي اٺ لک ماڻهن تي مشتمل آهي. هي شهر صنعتي، تجارتي، تعليمي ۽ سياسي سرگرمين جي لحاظ کان پڻ يونان جو ٻيو نمبر متحرڪ شهر ليکيو ويندو آهي. هتي ٿيندڙ ثقافتي سرگرمين جي ڪري هن کي يونان جي “ثقافتي گادي” پڻ سڏيو ويندو آهي.
(ڪاوش مڊ ويڪ مئگزين 10سيپٽمبر2014)