مختلف موضوع

دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽيون

ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ جو پهريون حصو ”يورپ جون يونيورسٽيون“ پيش آهي. هن ڪتاب جي تحقيق ۽ مضمونن جو ليکڪ ناميارو شاعر ۽ ليکڪ پروفيسر مختيار سمون آهي. هن ڪتاب ۾ يورپ جي چوئيتاليهه معياري يونيورسٽين متعلق ڪارائتي ڄاڻ سان گڏ اتي پڙهندڙ يا پڙهي ڪاميابيون ماڻيندڙ سنڌ جي ڪيترن ئي شخصيتن جو احوال به ڏنو ويو آهي ته جيئن ٻيا نوجوان به معلومات ۽ اتساهه حاصل ڪري اڳتي وڌن ۽ انهن ادارن مان لاڀ حاصل ڪن.
Title Cover of book دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽيون

چارلس يونيورسٽي اِن پراگ

چارلس يونيورسٽي اِن پراگ،
جيڪا مشهور اديب ميلان ڪنڊيرا جي مادر علمي آهي

چارلس يونيورسٽي جو قصو يورپ جيهڪ جڳ مشهور بادشاهه جي قصي سان شروع ٿئي ٿو. ان بادشاهه جو نالو چارلس هو پر عوام ۽ مائٽ کيس چارلس چوٿون سڏيندا هيا ڇو ته ان بادشاهي ۾ ان نالي سان ٽي بادشاهه اڳم ئي ٿي گذريا هيا. هوصرف بادشاهه ئي نه پر مقدس رومي شهنشايت يعني “هولي رومن ايمپائر” (Holy Roman Empire) جو شهنشاهه هيو.هن جي شهنشاهي جو سرحدون وسيع هيون جنهن ۾ چارلس يونيورسٽي وارو ملڪ چيڪ ريپبلڪ پڻ اچي ٿي ويو. چيڪ ريپبلڪ جي گادي واري شهر پراگ ۾ قائم چارلس يونيورسٽي ان بادشاهه “چارلس چوٿين” جي نالي سان ئي سڃاڻپ رکي ٿي. چارلس يونيورسٽي جي تاريخ ۽ افاديت کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته هولي رومن ايمپائر جوبه ٿورو جائزو وٺجي، ڇو ته هي يونيورسٽي ان دور جي علمي اُفق جي هڪ روشن ستاري جي حيثيت رکي ٿي.
“هولي رومن ايمپائير” جا بنياد رومي شهنشاهيت يعني “رومن ايمپائير” جي باقيات ۾ پيل آهن. رومن ايمپائير (Roman Empire) ” آڪٽووئن” نالي هڪ يورپي حڪمران جيڪو “آگسٽس” جي لقب سان مشهور هيو، تنهن 27 قبل مسيح ۾ قائم ڪئي هئي. رومن ايمپائير پنهنجي آب تاب سان پنج صديون قائم رهي پنهنجي آخري حڪمران روميولس آگسٽلس جي معزوليءَ سان گڏ پنجين عيسوي صديءَ ۾ پڄاڻيءَ تي پهتي هئي. رومي شهنشاهيت کي ٽوڙڻ جو سهرو ان وقت جي حڪمران” ٿيوڊوسس” جي سر تي آهي، جنهن هن کي ٽوڙي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو هيو. ان جو هڪ حصو وَيسٽرن (Western) يا “لئٽن ائمپائير” (Latin Empire)۽ ٻيو حصو اِيسٽرن (Eastern)يا “گِريڪ ائمپائير” (Greek Empire)بڻيو. گريڪ ائمپائير 1453ع تائين زنده رهي پر لئٽن ائمپائير 476ع ۾ ختم ٿي چڪي هئي جنهن کي “چارليمئن” نالي هڪ حڪمران 800ع ۾ ٻيهر زنده ڪيو جيڪا پوءِ هولي رومن ائمپائير جي نالي سان 1806ع تائين سلامت رهي. انهيءَ هولي رومن ائمپائير جو شهنشاهه چارلس چوٿون جي دور ۾ 1347 ۾ پراگ ۾ چارلس يونيورسٽي جو بنياد پيو.
چيڪ ريپبلڪ جي ماضي جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي پسمنظر ۾ چارلس يونيورسٽي جا مختلف دورن ۾ نالا به تبديل ٿيندا رهيا آهن جيڪي ڪڏهن لئٽن ٻولي، ۾ ته ڪڏهن چيڪ ٻولي ۾ اچاربا هيا. جهڙوڪ 1347ع ۾ چارلس يونيورسٽي جي نالي سان قائم ڪيل هن يونيورسٽي جو 1654ع ۾ نالو تبديل ڪري ان دور جي شهنشاهه فردينند ٽئين جي نالي کي به هن ۾ شامل ڪري يونيورسٽيءَ جو نالو“چارلس فردينند يونيورسٽي” رکيو ويوهو جنهن کي لاطيني ٻوليءَ ۾” يونيورتاس ڪارلو فردينندي” سڏيو ويندو هيو. وري 1882ع ۾ هن يونيورسٽي جو نه رڳو نالو تبديل ڪيو ويو پر هن کي ورهائي هن مان ٻه يونيورسٽيون جوڙيون ويون جنهن مان هڪ کي “جرمن چارلس فردينند يونيورسٽي” ته وري ٻيءَ کي “چيڪ چارلس فردينند يونيورسٽي” جو نالو ڏنو ويو جنهن کي چيڪ ٻولي جي نالي “اونيورزتا ڪارلو فرننديوا” سان پڻ سڃاتو ويندو هو. آخرڪار هڪ دفعو ٻيهر 1920 ۾ هن جي نالي ۾ تبديلي ڪري کيس ۾“اُونورزتا ڪارلووا وي پرئز” جي سڃاڻپ ڏني وئي ۽ 8 مئي 1940ع ۾ هن جو اصلوڪو نالو بحال ڪري “چارلس يونيورسٽي اِن پراگ” رکيو ويو جنهن نالي سان هي يونيورسٽي اڄ به ساري دنيا ۾ سڃاتي وڃي ٿي. چيڪ ٻوليءَ ۾ هن کي هن طرح لکيو وڃي ٿو ” Česká univerzita Karlova”.چارلس يونيورسٽي چيڪ ريپبلڪ جي سڀ کان پراڻي ۽ وڏي يونيورسٽي سمجهيو وڃي ٿو.
چارلس يونيورسٽي چوڏهن فئڪلٽيون آهن جيڪي پراگ سان گڏ ٻين ٻن شهرن جهڙوڪ “هريڊڪ ڪرالوف” ۽ “پلزن” ۾ پڻ ڦهليل آهن. ٽائيمز هائير ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽيز رئنڪنگز جي سال 2012 ع جي سروي رپورٽ مطابق هي يونيورسٽي ٽي سئو پنجين نمبر واري معياري يونيورسٽي ليکي وڃي ٿي.
چارلس يونيورسٽي مان ڪيترائي اهڙا شاگرد پڙهي نڪتا آهن جن زندگي جي مختلف شعبن ۾ پنهنجي نمايان ڪارڪردگي جي ڪري تاريخ ۾ پنهنجو نالو درج ڪرايو آهي. هن جي اهڙن اڳوڻن شاگردن مان چيڪوسليويڪيا جو پهريون صدر ٽامس مئسرڪ ۽ آسٽريا جي آخري بادشاهه چارلس پهرين سميت کوڙ سارا سائنسدان، تعليمدان، ادبي، ثقافتي ۽ فنونِ لطيف جا وڏا نالا پڻ شامل آهن جن پنهنجي تحيقين ۽ ڪارگذارين عيوض نوبيل ۽ ٻين انعامن اڪرامن سميت دنيا ۾ وڏو نانءُ ۽ ناموس حاصل ڪيو آهي.مشهور ليکڪ ميلان ڪنڊيرا به چارلس يونيورسٽيءَ مان ادب ۽ اخلاقيات ۾ تعليم حاصل ڪئي.
جڏهن چيڪوسلوواڪيا هڪ ملڪ هو ۽ ان جون ٻه ريپبلڪ يعني چيڪ ۽ سلوواڪ ريپبلڪ نه بڻيون هيون تڏهن اسان جي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب اسحاق انصاري جيڪو ان وقت شاهه عبدالطيف يونيورسٽي ۾ ليڪچرار هيو، چيڪوسلوواڪيا سرڪار جي ڪلچرل اسڪالرشپ، وزارت تعليم، حڪومت پاڪستان جي ذريعي سان حاصل ڪري 1990ع ۾ چيڪوسلوواڪيا ويو هيو جتان سلوواڪيا ريپبلڪ جي ايڪنامڪس يونيورسٽي آف براتيسلاوا مان اسٽيٽسٽڪس واري سبجيڪٽ ۾ پي ايڇ ڊي حاصل ڪيائين. نه رڳو ايترو پر هن شادي به اتان ئي ڪري سلوويڪ ڊگري سميت سلوويڪ وَني سميت سنڌ واپس آيو هو.هن ٻيو دفعو 1998ع ۾ چارلس يونيورسٽي پراگ مان ڊيموگرافي ۾ سرٽيفڪيٽ ڪورس ڪيو. هو اڄڪلهه اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ڪراچي ۾ايڊيشنل ڊائريڪٽر جي عهدي تي فائز آهي. سنڌ جي شهر سانگھڙ سان تعلق رکندڙ هڪ سنڌي سپوت ابرار مري پڻ چارلس يونيورسٽي پراگ مان نفنسيات جي تعليم حاصل ڪري مستقل طور اتي ئي رهائش اختيار ڪئي آهي، ياد رهي ته جڏهن چيڪوسلوواڪيا ۾ سوشلسٽ حڪومت هوندي هئي ته اها ٻين غريب سوشلسٽ ملڪن جي نوجوانن کي تعليم لاءِ پاڻ وٽ گھرائيندي هئي. ان کان علاوهه ٻين ملڪن جي سوشلسٽ يا ڪميونسٽ پارٽيءَ جي نوجوانن کي به اسڪالرشپ ڏئي پاڻ وٽ گھرائيندي هئي. ان پارٽي واري اسڪيم تحت ابرار مري ۽ سنڌي ادب جي بهترين ڪتاب “ سنڌ جون تهذيبي روايتون” جي ليکڪ محمد بخش سومرو جي فرزند دودي سومرو پڻ چيڪ ريبلڪ مان تعليم حاصل ڪئي آهي.
لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ شير محمد جمالي جو رهواسي عبدالخالق جمالي ولد جادو خان جمالي پڻ چيڪوسلواڪيا مان انجنيئرنگ ۾ بي اِي ۽ پي ايڇ ڊي ڪرڻ کان پوءِ اتي ئي انجنيئر جي حيثيت سان نوڪري ڪري ٿو. هن منگوليا جي هڪ ڇوڪريءَ سان شادي ڪري اتي ئي مستقل رهائش اختيار ڪئي آهي.
چيڪ ريپبلڪ جي پراگ شهر ۾چارلس يونيورسٽي سميت ٻيون به چار نامياريون يونيورسٽيون آهن جهڙوڪ؛ يونيورسٽي آف ايڪنامڪس(اتان چيڪ ريپبلڪ جي ٻي صدر واتسلاو ڪلائوس تعليم حاصل ڪئي) يونيورسٽي آف لائيف سائنسز، چيڪ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي(جنهن مان ڊراما نگار ۽ چيڪ رييپبلڪ جي پهرين صدر واتسلاو هاول تعليم حاصل ڪئي) ۽ يونيورسٽي آف فئنانس ائنڊ ائڊمنسٽريشن. پراگ جون اهي سڀئي يونيورسٽيون توڙي چيڪ ريپبلڪ جا ٻيا اعليٰ تعليمي درسگاهه پنهنجي ڏيهي شاگردن ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جي نوجوانن سميت سنڌ جي طالبعلمن لاءِ به پنهنجا دروازا هميشه کيليل رکنديون آهن.
چيڪ ريپبلڪ توڙي سلوواڪيا جي درسگاهن ۾ تعليم لاءِ ويندڙ شاگردن کي پهريان اتان جي ٻولي جا ڪورس ڪرايا وڃن ٿا ڇو ته اتي تعليم اتان جي مقامي ٻولين ذريعي ڏني وڃي ٿي. پر اڄڪلهه اتي شاگرد سليف فئنانس تي به پڙهڻ وڃن ٿا جن کي انگريزيءَ ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي.
چارلس يونيورسٽي ملڪ چيڪ ريپبلڪ وچ يورپ جو پر امن ۽ خوشحال ملڪ آهي. هن جون زميني سرحدون اولهه ۾ جرمني، ڏکڻ ۾ آسٽريا، اوڀر ۾ سلوويڪيا، ۽ اتر ۾ پولينڊ سان ملن ٿيون. سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جيتري يعني اٽڪل تيرنهن لک آبادي رکندڙ شهر پراگ چيڪ ريبلڪ جو وڏو شهر ۽ حڪومتي گادي وارو هنڌ آهي. ٻيون نمبر شهر برنو آهي. چيڪ ريپبلڪ جي تاريخ به دلچسپي کان خالي نه آهي. نائين عيسوي صدي دوران چيڪ ريپبلڪ واري علائقي کي بوهميا جي نالي سان سڃاتو ويندو هيو. 1002ع ۾ هي بوهميا واري رياست مقدس رومن شهنشاهيت بڻي. 1918ع ۾ هن کي سلوواڪيا واري علائقي سان گڏائي ريپبلڪ آف چيڪو سلوواڪيا جي نالي سان هڪ ملڪ جي شڪل ڏني وئي، پر ڇاهتر سال جي ان ڊگھي وصال کان پوءِ پهرين جنوري 1993ع تي هي ملڪ ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي ويو جنهن مان ٻه آزاد ملڪ ريپبلڪ آف سلوواڪيا ۽ ريپبلڪ آف چيڪ دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيا. ريپبلڪ آف چيڪ وارو ئي ملڪ چارلس يونيورسٽي جو ملڪ آهي جتي ممڪن آهي ته اوهان به ڪڏهن اعليٰ تعليم جي خواهش کڻي وڃي اتي پهچو.

(ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 2 اپريل 2014)