لِيڊس يونيورسٽي
جتي سنڌ جي ڳوٺ جو نوجوان به پڙهيو
برطانيا ۾ اسان واري هن سفر جي آخري منزل يوڪي جي اترئين طرف واري رياست اسڪاٽلينڊ جو هڪ ننڍڙو شهر “ڪِرڪاڊي” هيو. ڪرڪاڊي، اسڪاٽلينڊ جي گادي واري شهر ايڊنبرا کان اٽڪل 19 ڪلوميٽر اتر ۾ هڪ ننڍڙو شهر آهي جنهن جي ڪل آبادي اٽڪل 49000 آهي. برطانيا جو اڳوڻو وزيراعظم گورڊن برائون پڻ هن شهر سان تعلق رکي ٿو. منهجي ميزبان ڊاڪٽر علي نواز جو هڪ گهاٽودوست حامد محمود ڪيترن ئي سالن کان ڪرڪاڊي ۾ پنهنجو گهر گهاٽ ٺاهيو ويٺو آهي، جنهن جي دعوت تي اسان اسڪاٽلينڊ وڃڻ جو پروگرام جوڙيو هو. حامد محمود اصل ۾ اسلام آباد جو آهي.
ڊاڪٽر علي نواز مهر ۽ مان اهو گڏيل فيصلو ڪيوسين ته هن سفر دوران رستي ۾ سولو پوندڙ انگلينڊ، وَيلز ۽ اسڪاٽلينڊ جي مختلف شهرن ۾ هلي اتي رهندڙ سنڌي دوستن سان ملاقاتون ۽ ڪچهريون به ڪجن ته وري انهن شهرن جا تعليمي ادارا، تفريحي ماڳ ۽ تاريخي هنڌ به ڏسجن. اهڙي طرح، اسان پنهنجي هن سفري شيڊول ۾ انگلينڊ جا شهر جهڙوڪ لِيڊس، نيوڪاسل، لِوَر پُول، بليڪ برن؛ ويلز رياست جا شهر بينگر، انگلسي، بيومريز ۽ اسڪاٽلينڊ جا شهر ايڊنبرا ۽ گلاسگو به شامل ڪياسين. نيٺ هڪڙي ڏينهن “الله تو آهر” چئي ڪار تي چڙهي سفر تي نڪري پياسين. رستي ۾ اسان جي پهرين منزل اتر انگلينڊ جو هڪ ناميارو شهر برئڊفورڊ هئي جنهن جو پاڙيسري شهر لِيڊس پنهنجي جڳ مشهور “لِيڊس يونيورسٽي” جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. اسان رَيدنگ شهر مان اڍائي سئو ڪلوميٽرن جو سفر طئي ڪري برئڊ فورڊ ۾ رهندڙ پنهنجي هڪ دوست خدا بخش رند وٽ پهتاسين جنهن سان گڏجي ليڊس يونيورسٽي جو درشن ڪرڻ لاءِ، ليڊس شهر لاءِ روانا ٿياسن.
ليڊس شهر برئڊ فورڊکان 19 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي ۽ برئڊفورڊ سان ائين ئي سلهاڙيل آهي جيئن ڄامشورو ۽ حيدرآباد يا جئين ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد هڪٻئي سان گڏيا پيا آهن. ليڊس اتر انگلينڊ جي يوڪشائر ڪائونٽي جي اولاهين حصي ۾ واقع آهي. هن جي ڪل آبادي 775360 آهي. هي انگلينڊ جو ٽيون نمبر وڏو شهر آهي. هن جي شهرت جو هڪ حوالو سندس تجارتي مرڪز هجڻ ۽ منجهس وڌندڙ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري (ڪپڙي جي صنعت) ۽ اُن (وول) جي پئداوار آهي پر بين الاقوامي طور هي شهر پنهنجي ان هڪ صدي پراڻي درسگاھه جي ڪري پڻ سڃاتو وڃي ٿو جيڪو “ ليڊس يونيورسٽي” يا “يونيورسٽي آف ليڊس” جي نالي سان نه رڳو برطانيا جي شاگردن ۾ علم جو فيض عام ڪندورهي ٿو پر دنيا جي مختلف ملڪن جا طالبعلم پڻ هتي اچي اعليٰ تعليمي ڊگريون ماڻي وڃن ٿا.
ليڊس يونيورسٽيءَ جي عمر ته اڃا هڪ صدي ۽ چند سال آهي جو هن کي يونيورسٽيءَ واري حيثيت 1904ع ۾ ملي پر هن جي بڻ بڻياد جو سلسلو ليڊس شهر ۾ باشعور شهرين پاران 1831ع ۾ قائم ڪيل “ليڊس اسڪول آف ميڊيسن” سان ملي ٿو. 1884ع ۾ هن اسڪول جو درجو وڌائي کيس “ يَوڪشائر ڪاليج آف سائنس” جو نالو ڏنو ويو ۽ هن ۾ ليڊس اسڪول آف ميڊيسن کي به ضم ڪيو ويو. شروعاتي ڏينهن ۾ هن ڪاليج ۾ جيالاجي، مائيننگ، ڪيمسٽري، بايولاجي ۽ فزڪس جا سبجيڪٽ پڙهايا ويندا هيا پر پوءِ هن ۾ انجنئرنگ ۽ ٽيڪسٽائل جا درسي شعبا به شامل ڪيا ويا. ڪجھه سال بعد جڏهن هن ئي ڪاليج ۾ اساسي ۽ جديد ادب ۽ تاريخ جا تدريسي شعبا به متعارف ڪرايا ويا ته ڪاليج جو نالوبدلائي “ يوڪشائر ڪاليج ليڊس” رکيو ويو ۽ 1887ع ۾ کيس مانچيسٽر جي وفاقي “ وڪٽوريا يونيورسٽي” سان منسلڪ ڪري هن جي حيثيت ۾ اضافو ڪيو ويو. 1904ع ۾ انگلينڊجي ان وقت جي بادشاھ ايڊورڊ ستين هن ڪاليج جي وڌندڙ شهرت ۽ ضرورت جي مد نظر هن ڪاليج کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏئي کيس “يونيورسٽي آف ليڊس” بڻائي ڇڏيو، اهڙي طرح ليڊس شهر جي هيءَ پهرين يونيورسٽي ترقيون ڪندي اڄڪلھ دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ ڳڻي وڃي ٿي. ليڊس شهر ۾ تازو ٻه ٻيون يونيورسٽيون به قائم ڪيون ويون آهن جهڙوڪ 1992ع ۾ ليڊس مئٽروپوليٽن يونيورسٽي ۽ 2012ع ۾ ليڊس ٽرنٽي يونيورسٽي.
ليڊس يونيورسٽي ۾ بِزنس، ميڊيسنس، انجنيرنگ، سائنس، هيومئنٽيز ۽ آرٽس جي سڀني شعبن ۾ گريجوئيشن، پوسٽ گريجوئيشن، ۽ ريسرچ وارن ڪورسن ۾ ڊگريون ڏنيون وڃن ٿيون. خاص طور انجنيرنگ ۽ ٽيڪنالاجي وارن شعبن ۾ هي يونيورسٽي اسان جي ملڪ ۾ به ڪافي مقبول آهي. سنڌ مان پڻ وڏي تعداد ۾ اسڪالرن، استادن ۽ شاگردن هن يونيورسٽيءَ مان اعليٰ ڊگريون حاصل ڪيون آهن. اسان جي مهراڻ يونيورسٽيءَ جو موجوده وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدلقدير راجپوت، پرووائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي، ڊين آف فئڪلٽي آف انجنيئرنگ ڊاڪٽر حفيظ الرحمان ميمڻ هن يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن. هن ئي يونيورسٽي جي ٻن ليڊي پروفيسرن ڊاڪٽر ثنا حور آريسر ٽيليڪميونيڪيشن ۽ ڊاڪٽر ثانيا ڀٽي ڪمپيوٽر سسٽم وارن شعبن ۾ ليڊس يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جو ڊگريون حاصل ڪيون آهن. مان جڏهن 2011ع ۾ ليڊس يونيورسٽي ڏسڻ ويس هيس تڏهن مهراڻ يونيورسٽيءَ جا 15 استاد انجنيرنگ جي مختلف شعبن ۾ پي ايڇ ڊي جا ڪورس ڪري رهيا هيا. ليڊس يونورسٽيءَ ۾ منهنجي ملاقات اتي مڪينڪل انجنيرنگ ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ مهراڻ يونيورسٽي جي استاد جاويد لاڙڪ ۽ علي اصغر ميمڻ سان ٿي. جاويد لاڙڪ اصل ۾ سنڌ جي عظيم شاعر شاھه عبدللطيف ڀٽائي جي نگري ڀٽ شاھ جو ويٺل آهي ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي گڏيل اسڪالرشپ تي ليڊس يونيورسٽي ۾ پڙهي رهيو هو. ڊاڪٽر علي نواز ۽ مان فون تي ٻڌايل سندس ائڊريس، هالبورن اسٽوڊنٽس ريزيڊنس، هائيڊ پارڪ ايريا ليڊس ۾ سندس فيملي رهائشگاھ تي پهتاسين ته اسان جو پُرجوش استقبال ڪيائين. جاويد لاڙڪ انجنئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي تي وسيع ڄاڻ رکڻ سان گڏوگڏ ادبي ۽ سياسي ساڃاھ رکندڙ نوجوان پروفيسر آهي. پُر خلوص چانهن پارٽي ۽ علمي ادبي ڪچهري کان پوءِ اسان کي يونيورسٽي گھمائڻ لاءِ وٺي هليو.
ليڊس يونيورسٽي، ليڊس شهر جي انتظامي حصي نمبر ٻئي ۾ قائم آهي. انتظامي سهوليت خاطر ليڊس شهر کي ٻارنهن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. ليڊس يونيورسٽي کي (رَيڊ بِرڪ يونيورسٽي ) يعني ڳاڙهين سرن واري يونيورسٽي ليکيو وڃي ٿو. “رَيڊ بِرڪ يونيورسٽي” جو اصطلاح انگلينڊجي ڇهن صنعتي شهرن ۾ قائم ڪل ڇهن يونيورسٽين لاءِ استعمال ٿئي ٿو، انهن يونيورسٽين ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ۽ پهرين عالمي جنگ کان اڳ يونيورسٽيءَ واري حيثيت ماڻي هئي. شروعاتي دور ۾ انهن جي ڪجھه عمارتن جي تعمير ۾ ڳاڙهيون سرون استعمال ڪيون ويون هيون، انهن عمارتن جو شان ۽ شوڪت ۽ خوبصورتي اڄ به اکين کي وري وري ڏسڻ تي مجبور ڪري ٿي. ريڊ برڪ يونيورسٽين ۾ يونيورسٽي آف برمنگهنم، يونيورسٽي آف لِوَرپُول، يونيويرسٽي آف ليڊس، يونيورسٽي آف شيفيلڊ ۽ يونيورسٽي آف برسٽل اچي وڃن ٿيون. ليڊس يونيورسٽي کي “ريڊبرڪ يونيورسٽي” جو اعزاز پڻ برطانيا جي يونيورسٽين ۾ هڪ منفرد حيثيت بخشي ٿو.
ليڊس يونيورسٽي ۾ دنيا جي سڀني جديد علمن جون فئڪلٽيون ۽ ڊپارٽمنٽس موجود آهن. اهي فئڪلٽيون هن ريت آهن؛ فئڪلٽي آف آرٽس، فئڪلٽي آف بزنس، فئڪلٽي آف انجنيئرنگ، اسڪول آف ڪمپيوٽنگ، فئڪلٽي آف مئڊيسن ائنڊ هيلٿ، فئڪلٽي آف بايولاجيڪل سائنسز، فئڪلٽي آف ايجوڪيشن، سوشل سائنسز ائنڊ لا، فئڪلٽي آف مئٿميٽڪس ائنڊ فزيڪل سائنسز، ۽ فيڪلٽي آف پرفارمنس، وزيول آرٽس ائنڊ ڪميونيڪيشنز. يونيورسٽيءَ جي هر فئڪلٽيءَ ۾ ان شعبي سان لاڳاپيل مختلف ڊپارٽمنٽ آهن. جن ۾ ميرٽ وسيلي داخلا حاصل ڪري سگھجي ٿي. ليڊس يونيورسٽي ۾ هن وقت 33600 شاگرد زير تعليم آهن جن۾ پاڪستان سميت دنيا جي 145 ملڪن جا 5000 کان وڌيڪ شاگرد پڻ شامل آهن.
منهنجي هڪ دوست ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ نوڪري دوران منهنجي ساٿي استاد، رفيق ميمڻ پڻ ليڊس يونيورسٽيءَ مان ٻه ڀيرا تعليم حاصل ڪئي آهي. هڪ دفعو 1994ع ۾ برٽش ڪائونسل جي اسڪالرشپ تي هو هتان انگلش لئنگوِيج ۾ ايم اي ڪري آيو ۽ پوءِ وري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري دوران سنڌ يونورسٽيءَ طرفان مليل اسڪالر شپ تي 2002ع ۾ ليڊس يونيورسٽيءَ مان ئي پي ايڇ ڊي ڪري آيو، واپسيءَ تي کيس انسٽيٽيوٽ آف انگلش لئنگئج ۽ لٽريچر جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. اڄڪلھه هي دوست سعودي عربيه جي “يانبو يونيورسٽي ڪاليج” ۾ پروفيسر آهي. ڊاڪٽر رفيق ميمڻ ٺٽي ضلعي جي سجاول تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ “ٻيلو” جو رهاڪو آهي. (تازي معلومات موجب ڊاڪٽر رفيق اڄڪلهه سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئج ائنڊ لٽريچر جو ڊاريڪٽر آهي.)
يونيورسٽي لِيگ ٽيبل مطابق هيءَ برطانيا جي 34هون نمبر معياري يونيوررسٽي آهي.هن ۾ شاگرد ن جي لاءِ بيچلر ۽ فئملي هاسٽلون ۽ رهائشگاهون پڻ ميسر آهن. “ليڊس يونيورسٽي يونين” طرفان شاگردن جي تخليقي، سماجي ۽تفريحي سرگرمين جو مسلسل اهتمام ڪيو وڃي ٿو. پاڪستاني شاگردن پاران جوڙيل “ليڊس يونيورسٽي پاڪستاني سوسائٽي”، پاڪستان مان ايندڙ شاگردن جي هر لحاظ سان رهنمائي ۽ مدد ڪندي رهي ٿي.
(ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 15 مئي 2013)