مختلف موضوع

دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽيون

ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ جو پهريون حصو ”يورپ جون يونيورسٽيون“ پيش آهي. هن ڪتاب جي تحقيق ۽ مضمونن جو ليکڪ ناميارو شاعر ۽ ليکڪ پروفيسر مختيار سمون آهي. هن ڪتاب ۾ يورپ جي چوئيتاليهه معياري يونيورسٽين متعلق ڪارائتي ڄاڻ سان گڏ اتي پڙهندڙ يا پڙهي ڪاميابيون ماڻيندڙ سنڌ جي ڪيترن ئي شخصيتن جو احوال به ڏنو ويو آهي ته جيئن ٻيا نوجوان به معلومات ۽ اتساهه حاصل ڪري اڳتي وڌن ۽ انهن ادارن مان لاڀ حاصل ڪن.
Title Cover of book دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽيون

ناروي جي اوسلو يونيورسٽي

ناروي جي اوسلو يونيورسٽي،
جيڪا عوام تحريڪ هلائي قائم ڪرائي هئي


اوسلو يونيورسٽي اتر يورپ جي هڪ خوبصورت ملڪ ناروَي جي گاديءَ واري شهر اوسلو ۾ واقع آهي. هن ملڪ جو نالو “ناروَي” (Norway) انگريزي ٻوليءَ جي ٻن لفظن جهڙوڪ نارٿNorth۽ وَي way مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي “اتر وارو رستو“. شايد هن ملڪ کي سندس هي نالو هن جي جاگرافيائي بيهڪ جي مناسبت سان ئي پلئه پيو هجي، ڇو ته ناروَي وارو ملڪ اتر يورپ ۾ اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي قائم ٿيل آهي.
يونيورسٽي آف اوسلو، ناروي جي سڀ کان پهرين يونيورسٽي آهي جيڪا 1811ع ۾ قائم ڪئي وئي. اڪيڊمڪ رئنڪنگ آف ورلڊ يونيورسٽيز مطابق هيءَ ستهٺين نمبر تي دنيا جي معياري يونيورسٽي آهي. هن يونيورسٽي جي ڇهن استادن ۽ محققن نمايان ڪم ۽ ريسرچ جي عيوض نوبيل انعام مليا آهن. يونيورسٽي ۾ اٽڪل ٽيهه هزار شاگرد زيرِ تعليم آهن.
اوسلو يونيورسٽي جو اڳوڻو نالو “ رايل فريڊرڪ يونيورسٽي” آهي. 1811ع ۾ جڏهن هيءَ يونيورسٽي قائم ٿي هئي ان وقت ناروي آزد نه هيو پر هي ملڪ ڊينو نارويجن يونين (Dano-Norwegian Union) جو حصو هيو ۽ ان يونين جو بادشاهه “ڪِنگ فريڊرڪ ڇهون” هيو جيڪو ڊينمارڪ ۽ ناروي تي حڪومت ڪندو هيو. هن جي راڄ ۾ رعيت جي نوجوانن جي اعليٰ تعيلم جو ڪو به جوڳو بندوبست ڪونه ٿيل هيو. هو سمجهندو هيو ته سندس ملڪ ۾ اعليٰ تعليمي درسگاهه جي قيام سان سندس حڪمرانيءَ هيٺ آيل يونين ۾ رهندڙ نوجوانن ۾ علحدگيءَ واري سياست جو رجحان جنم وٺندو، تنهنڪري هو يونيورسٽي جي قيام جو حامي نه هيو. انهيءِ ڳالهه کي محسوس ڪندي ناروي جي عوام يونيورسٽي جي قيام لاءِ زوردار تحريڪ هلائي جنهن جي نتيجي ۾ ناروي جي هڪ ننڍڙي شهر “ڪرسٽينيا” ۾ 1811ع ۾”رايل فريڊرڪ يونيورسٽي” جو قيام عمل ۾ آندو ويو جنهن جو نالو ڊينو نارويجن يونين جي بادشاهه فريڊرڪ جي نالي پٺيان ئي رکيو ويو. 1814ع جي جنگ جي نتيجي ۾ ناروي آزدي ماڻي هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت سان پنهنجو آئين جوڙي ورتو پر کيس معاهدن هيٺ آڻي سوئيڊن جي يونين سان جوڙي رکيو ويو پر ڪجهه محدود اختيارن ۾ کيس آزاد رکيو ويو. بحرحال فريڊرڪ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ استادن درس ۽ تدريس سان گڏ ناروي جي قومي تشخص کي سلامت رکڻ لاءِ پنهنجي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي ترقيءَ وارين سرگرمين سان گڏ سياسي ۽ قومي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ جدوجهد جاري رکي. آخر ڪار 1905ع ۾ جڏهن سوئيڊن سان يونين واري نظام جو خاتمو آيو ته ناروي جا ادارا خودمختيار بڻجي ڪم ڪرڻ لڳا ۽ اهڙي طرح هيءَ رايل فريڊرڪ يونيورسٽي پڻ ترقي جا ڏڪا چڙهندي وئي. آخرڪار 1939ع ۾ يونيورسٽي جو اهو بادشاهيءَ وارو نالو تبديل ڪري هن کي سندس موجوده نالو يعني “ اوسلو يونيورسٽي” ڏنو ويو. 1946ع تائين هيءَ يونيورسٽي ناروي جي اڪيلي يونيورسٽي هوندي هئي جنهن ڪري هن کي صرف “ دي يونيورسٽي” جي نالي سان پڻ سڏيو ويندو هيو. اڄڪلهه اوسلو يونيورسٽي دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ شمار ٿئي ٿي. جنهن ۾ پڙهڻ لاءِ پهچندڙ ڏيهي توڙي پرڏيهي شاگرد پنهنجي مستقبل جي روشن هجڻ لاءِ هميشه پر اعتماد رهن ٿا.
اوسلو يونيورسٽي جي اصلي ۽ مکيه ڪئمپس جنهن کي نيوڪلاسيڪل دور جي فنِ تعمير جو اعليٰ نمونو سمجهيو وڃي ٿو سا اوسلو شهر جي مرڪزي علائقي ۾ واقع آهي. يونيورسٽي جي فئڪلٽي آف ميڊيسن جون اسپتالون اوسلو شهر جي مختلف علائقن ۾ موجود آهن، جيڪي هن يونيورسٽي جي شاگردن جي تدريسي ۽ تحقيقي گھرجن جي پورائي سميت شهرين جي صحت لاءِ پڻ اعليٰ خدمتون سرانجام ڏينديون رهن ٿيون. يونيورسٽي جون فئڪلٽين ۾ هيلٿ، بيسڪ ميڊيڪل سائنس، ڪلينيڪل ميڊيسن، فارينسڪ ميڊيسنس،آرڪيالاجي، ڪنزروَيشن ائنڊ هسٽري، ڪلچرل اسٽڊيز، ائنڊ اورنٽيئل لئنگِوِجز، فلاسافي، ڪلاسڪس، هسٽري آف آرٽ ائنڊ آئڊياز، لٽريچر، ايريا اسٽڊيز ائنڊ يوروپين لئنگِوِجز، ميڊيا ائنڊ ڪميونييڪيشن، ميوزڪلاجي، ابيسن اسٽڊيز، اسٽڊيز آف مائنڊ اِن نيچر، انوائرنمنٽ. مئٿميٽڪس ،بايولاجي، ڪيمسٽري، جيو سائنسز، انفارميٽڪس، مئٿميٽڪس، ماليڪيولر بايوسائنسز ۽ فزڪس، فارميسي، ٿيوريٽيڪل ائسٽروفزڪس، مٽيريل سائنسز ائنڊ نئنوٽيڪنالاجي،ايڪلاجيڪل ائنڊ اِووليوشن سينٿسز،. ڊينٽسٽري،سوشالاجي، هيومن جاگرافي، سائڪالاجي، پوليٽيڪل سائنس، ايڪنامڪس،ٽيچرس ايجوڪيشن ائنڊ اسڪول ريسرچ، اسپيشل نيڊس ايجوڪيشن ۽ ايجوڪيشنل ريسرچ، ڪرمنالاجي ائنڊ سوشل لا، پرائيويٽ لا، پبلڪ ائنڊ انٽرنيشنل لاءِ کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ادارا هن يونيورسٽي جي شاگردن جي تدريس ۽ تحقيق واري عمل ۾ گھربل ماحول ۽ موقعا فراهم ڪندا رهن ٿا.
اوسلو يونيورسٽي ۾ عجائب گھرن (Museums)جوپڻ هڪ شانائتو نيٽ ورڪ موجود آهي ، جتي نه رڳو هن يونيورسٽي جا شاگرد پر دنيا جي مختلف ملڪن مان تفريح تي ايندڙ سياح پڻ هتي اچي ميوزيمس ۾ موجود شين کي ڏسي انهن مان معلومات ۽ حض حاصل ڪندا رهندا آهن. اوسلو يونيورسٽيءَ جون اهڙيون ميوزمس هن ريت آهن؛ هسٽاريڪل ميوزيم، وائيڪنگ شپ ميوزيم، ايٿنوگرافڪ ميوزيم، ڪوائنس ائنڊ مَيڊلس ميوزيم، نيچرل هسٽري ميوزيم، پئليوٽونالاجي ميوزيم،باٽنيڪل ميوزيم ۽ باٽنيڪل گراڊن وغيره.
اوسلو يونيورسٽي مان اهڙا ڪي ئي اهل ۽ ناميارا شاگرد تعليم مڪمل ڪري نڪتا آهن جن زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي وسيلي ذاتي، قومي ۽ ملڪي سطح تي ڪاميابيون ماڻي تاريخن ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي قوم جو نالو روشن ڪري ڇڏيو آهي. هن يونيورسٽي جي اهڙن اڳوڻن شاگردن ۾ ناروي جا اڳوڻا ٽي وزيراعظم هارليم پرنڊلئنڊ، جينس اسٽالٽنبرگ ۽ ڪئري وولچ، لاطيني آمريڪا جي ملڪ انٽيگوئا ۽ باربودا جو وزيراعظم بالڊوِن اسپينسر، يورپ جي ملڪ ڪوسووو جو دپٽي فارين منسٽر پيٽر سلمي ۽ آمريڪي خلاباز هيرسن پڻ شامل آهن.
اوسلو يونيورسٽي جي هڪ اهم ۽ قابل تعريف خصوصيت اها به آهي ته هي يونيورسٽي پڻ ناروي جي سڀني سرڪاري اعليٰ تعليمي اداران جيان شاگردن کان ڪا ڳري فيس وغيره ڪو نه وٺندي آهي. البته هر تدريسي ٽرم جي لاءِ شاگردن کي صرف 550 ناريويجن NOK جيڪي صرف 70 آمريڪن ڊالر جي برابر ٿين ٿا، سي يونيورسٽي جي فنڊ ۾ جمع ڪرائڻا پوندا آهن جيڪا رقم پڻ بعد ۾ شاگردن جي عام ڀلائي واري تنظيم “فائونڊيشن فار اسٽوڊنٽس لائيف اِن اوسلو” جي حوالي ڪئي ويندي آهي. هيءَ تنظيم شاگردن کان مليل اها رقم ناروي ۾ ننڍن ٻارڙن جي اسڪولن، صحت ۽ رهائش جي سهوليتن، ثقافتي سرگرمين، يونيورسٽي جي هفتيوار اخبار جي ڇپائي ۽ يونيورسٽي جي ريڊيو جي ترقيءَ تي خرچ ڪندي آهي. باقي پين پني، ڪاپي ۽ ڪتاب لاءَ شاگردن کان صرف 100 NOK يعني 17 آمرڪي ڊالر ورتا ويندا آهن. انهيءَ سان گڏ پنج ڊالر ٻيا به ورتا ويندا آهن جيڪي پڻ شاگردن جي ڀلائي واري هڪ ٻي تنظيم جي حوالي ڪيا ويندا آهن.
سنڌ مان سفر ڪري ناروي ۾ پڙهڻ جي خواهش رکندڙ شاگردن جي معلومات لاءِ اوسلو يونيورسٽي جي ڌرتي ناروي ۽ ان جي شهر اوسلو جو ٿورو حال احوال ڪرڻ به ضروري ٿو ڀانيان، جيڪو هيٺينءَ ريت آهي.
ناروي جو سرڪاري نالو “ ڪِنگڊم آف ناروَي” آهي. هي ملڪ پنهنجي زميني بيهڪ جي لحاظ کان اسڪينڊنيويا (Scandinavia) واري اڪائي جو حصو آهي، جنهن ۾ ٻيا ملڪ جهڙوڪ جاگرافيائي طور ڊينمارڪ ۽ سوئيڊن، جيلاجيڪل ۽ معاشي طور فنلينڊ، ۽ انهي کان علاوه آئسلئينڊ کي پڻ نسلي ۽ ٻوليءَ جي بنياد تي شامل سمجھيو ويندو آهي. ناروي وارو ملڪ پکيڙ جي لحاظ کان پاڪستان جي اڌ ايراضيءَ جيترو آهي. ڇو ته هن جي ڪل پکيڙ ٽي لک پنجاسي هزار ٻاويهه ڪلوميٽر آهي جڏهن ته پاڪستان جي ڪل ايراضي اٽڪل ساڍا ست لک ڪلوميٽر آهي. ناروي جي ڪل آبادي اٽڪل پنجاهه يا سٺ لک ماڻهن تي مشتمل آهي جنهنڪري هن ملڪ کي يورپ جو ٻيو نمبر گھٽ آباديءَ وارو ملڪ سمجھيو ويندو آهي. هي ملڪ پيٽروليئم، معدنيات، قدرتي گئس ۽ سامونڊي مال ۽ کاڌي جي نعمتن سان مالا مال آهي. تيرهين عيسوي صديءَ ۾ ناروي وائيڪنگ حملن (Viking Raids) جي نتيجي ۾پنهنجو اثر رسوخ برطانيا، آئرلينڊ، گرينلينڊ ۽ آئسلينڊ تائين پڻ وڌايو هيو، جيڪو مختصر عرصي تائين قائم رهيو هيو. هن ملڪ جون ڊگھيون سرحدون سوئيڊن سان ملن ٿيون جيڪي سورنهن سئو اڻويهه ڪلوميٽرن تي مشتمل آهن.انهيءَ کان علاوه فنلئنڊ، رشيا ۽ ڊينمارڪ سان پڻ هن جون سرحدون ملن ٿيون. اوسلو هن ملڪ جي گادي جو شهر آهي. جيڪو نه رڳو اوسلو يونيورسٽي جو گھر آهي پر هن ۾ قائم ٻيا اعليٰ تعليمي ادارا ۽ يونيورسٽيون پڻ ناروي سميت دنيا جي شاگردن لاءِ اعليٰ تعليم جا موقعا فراهم ڪنديون رهن ٿيون.

(ڪاوش مڊويڪ مئگزين 12مارچ 2014)