مختلف موضوع

دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽيون

ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ جو پهريون حصو ”يورپ جون يونيورسٽيون“ پيش آهي. هن ڪتاب جي تحقيق ۽ مضمونن جو ليکڪ ناميارو شاعر ۽ ليکڪ پروفيسر مختيار سمون آهي. هن ڪتاب ۾ يورپ جي چوئيتاليهه معياري يونيورسٽين متعلق ڪارائتي ڄاڻ سان گڏ اتي پڙهندڙ يا پڙهي ڪاميابيون ماڻيندڙ سنڌ جي ڪيترن ئي شخصيتن جو احوال به ڏنو ويو آهي ته جيئن ٻيا نوجوان به معلومات ۽ اتساهه حاصل ڪري اڳتي وڌن ۽ انهن ادارن مان لاڀ حاصل ڪن.
Title Cover of book دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽيون

ائمسٽرڊئم يونيورسٽي

ائمسٽرڊئم يونيورسٽي،
جيڪا هيرن جواهرن جي شهر ۾ قائم آهي

ائمسٽرڊئم يونيورسٽي ان ملڪ ۾ واقع آهي، جيڪو پهريان هالينڊ ۽ هاڻي نيڌرلينڊس جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. نيڌرلينڊس ڊچ قوم جو ملڪ آهي. جهڙي طرح اسان جي تاريخ جي ڪيترن ئي ڪتابن ۾ برطانيا جي انگريزن جي برِصغير ۾ واپاري مقصدن لاءِ آمد جا احوال ۽ ان کان پوءِ انهن پاران حڪمران بڻجي هن مٿان لڳ ڀڳ هڪ صدي حڪومت ڪرڻ جا جام قصا ۽ ڪهاڻيون ملن ٿيون، اهڙي طرح انگريزن جي آمد کان اڳ هن ڌرتيءَ تي ٻين يورپي توڙي ايشيائي قومن جهڙوڪ پورچوگيز، فرانسيسي، ۽ وچ ايشيائي رياستن جي قومن سميت نيڌرلئنڊس جي ڊچ واپارين جو هندوستان ۾اچڻ ۽ پوءِ هتي اچي پنهنجي اجاراداري قائم ڪرڻ جون ڪوششون ڪرڻ جا سر بستا احوال به ڪيترن تاريخي ڪتابن ۾ رقم ٿيل آهن. بحرحال اهو احوال وڌيڪ تفصيلي طرح ڪنهن ٻئي موقعي تي ڪبو، هن مضمون ۾ ڊچن جي ملڪ نيڌرلينڊس جي ان يونيورسٽي جو ذڪر ڪريون ٿا جيڪا قائم ته سترهين صديءَ جي شروعات ۾ ڊچن طرفان هندوستان ۾ اچڻ کان ڪجهه سال پوءِ ٿي هئي پر هي يونيورسٽي اڄڪلهه نه رڳو ڊچ قوم جي نئين نسل جي تعليم ۽ تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي پر برصغير پاڪ ۽ هند سميت دنيا جي هر ملڪ جي نوجوانن لاءِ پڻ علم ۽ ادب جا دروازکولي بيٺي آهي. ان عظيم درسگاهه جو نالو آهي ائمسٽرڊئم يونيورسٽي.
يونيورسٽي آف ائمسٽرڊئم جنهن کي ڊچ ٻوليءَ ۾ “يونيورسٽيٽ وئن ائمسٽرڊم” (UVA) يا صرف ائمسٽرڊم يونيورسٽي پڻ سڏيو وڃي ٿو سا نيڌرلينڊس جي گاديءَ واري شهر ائمسٽرڊئم ۾ قائم ٻن وڏين سرڪاري يونيورسٽين مان هڪ آهي. هي يونيورسٽي 1632ع ۾ ان وقت جي ٻن ناميارن ڊچ دانشورن “گيراردس ووسئس” ۽ “ڪئسپر برلوئس” قائم ڪئي هئي. يونيورسٽي جي انهن باني دانشورن شروعات ۾ هن درسگاهه جو نالو پنهنجي ڊچ ٻوليءَ ۾ “ ائٿينيئم السٽري” رکيو هو. ائمسٽرڊئم يونيورسٽي کي نيڌرلينڊس جي ٽن پراڻين يونيورسٽين مان هڪ هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. هن يونيورسٽي ۾ پنجٽيهه هزار شاگرد مختلف ڊگري ڪورسن ۾ داخل آهن.. ائمسٽرڊم يونيورسٽي ۾ هر سال دنيا جي مختلف ملڪن جا اٽڪل ٻن هزارن کان وڌيڪ انٽرنيشنل شاگرد پڻ اعليٰ تعليم لاءِ داخلائون وٺن ٿا. تدريس سان گڏ سائنٽيفڪ ريسرچ واري شعبي ۾ پڻ هي يونيورسٽي دنيا ۾ نيڪنامي رکي ٿي. هڪ اندازي موجب هر سال هن يونيورسٽي جي استادن، سائنسدانن ۽ شاگردن جون اٺ هزار سائنٽيفڪ پبليڪشنس منظرعام تي اچن ٿيون. دنيا جي درسگاهن جو معيار جاچيندڙ اداري “ڪيو ايس ورلڊ يونيورسٽيز رئنڪنگ” جي گذريل سال واري سروي مطابق ائمسٽرڊئم يونيورسٽي تدريسي، تحقيقي ۽ انتظامي معيار جي حوالي سان دنيا جي اٺونجاهون اهم يونيورسٽي آهي. ساڳئي اداري جي 2011ع واري رپورٽ مطابق هي يونيورسٽي، سائنس، جاگرافي، فلاسافي، ائڪنامئٽرڪس، سوشالاجي، لنگئسٽڪس۽ ايڪنامڪس وارن تدريسي شعبن ۾ دنيا جي پنجاهه اعليٰ معياري يونيورسٽين ۾ شامل آهي.هن يونيورسٽي جي استادن ۽ سائنسدانن پنهنجين نمايان تحقيقن عيوض ڇهه نوبيل انعام ۽ ست اسپينوزا انعام حاصل ڪيا آهن.
ائمسٽرڊئم يونيورسٽي جي مکيه عمارت نيڌرلينڊس جي وڏي شهر ائمسٽرڊئم جي مرڪزي علائقي ۾ واقع آهي جڏهن ته هن جي ستن فئڪلٽين مان ڪجهه فئڪلٽيون ۽ اسڪول هن جي ڀرپاسي وارين ٻين علائقن ۾ واقع آهن. يونيورسٽي جي خاص فئڪلٽين ۾ فئڪلٽي آف سائنس، فئڪلٽي آف ميڊيسن، فئڪلٽي آف ڊينٽسٽري، فئڪلٽي آف بِهَيوريَل سائنس، فئڪلٽي آف هيومنٽيز، فئڪلٽي آف لا ۽ فئڪلٽي آف سوشل سائنسز شامل آهن. انهن فئڪلٽين ۾ دنيا جي جديد علمن جا سڀئي شعبا تدريس ۽ تحقيق واري عمل ۾ پاڻ ملهائيندا رهن ٿا.
ائمسٽرڊئم يونيورسٽي جي قيام واري تاريخي عمل تي نظر ڦيرائڻ سان خبر پئي ٿي ته هن يونيورسٽي کان پهريان نيڌرلينڊس واري پوري وسيع صوبي ۾ صرف هڪ يونيورسٽي هوندي هئي جيڪا “ ليئڊن يونيورسٽي” جي نالي سان سڏبي هئي. ائمسٽرڊئم ۾ هڪ وڌيڪ معياري اعليٰ تعليمي اداري جي ضرورت کي محسوس ڪندي اتان جي شهري حڪومت لئيڊن يونيورسٽي جي ٻن پروفيسرن ۽ دانشورن جو سهڪار حاصل ڪيو جن “ ائٿينيم السٽري” نالي سان 1632ع ۾ ائمسٽرڊئم شهر ۾ هڪ تعليمي ادارو جوڙيو جتي شاگردن کي اعليٰ تعليم ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ويو. هن درسگاهه جا اهي ٻئي باني پروفيسر”گيراردس ووسئس” ۽ “ڪئسپر برلوئس” پڻ هن اداري ۾ تاريخ ۽ فلاسافي جا سبجيڪٽ پڙهائيندا هيا. توڙي جو هي ادارو ائمسٽرڊئم ۽ ان جي آس پاس جي علائقن جي شاگردن جي تعليمي ضرورتن جي پورائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ لڳو تاهم هن کي اڃا يونيورسٽي وارو درجو حاصل ڪونه ٿيو هيو، تنهنڪري هتان تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ هتان جا شاگرد وري به ڪنهن ٻئي پاسي ڪنهن يونيورسٽي ۾ وڃڻ لاءِ پيا نهاريندا هيا. انهيءِ کوٽ کي محسوس ڪندي هتان جي حڪومتهن درسگاهه کي 1961ع ۾هن جو درجو وڌائي کيس “يونيورسٽي آف ائمسٽرڊئم” جو نالو ڏنو. هن يونيورسٽي ۾ ڊچ ۽ انگريزي ٻولين ۾ تدريس جوعمل ڪيو وڃي ٿو.
هي يونيورسٽي ڇوڪرين لاءِ پڻ پسنديده تعليمي اداري جي حيثيت رکي ٿو جنهن جو اندازو ان حقيقت مان به لڳائي سگھجي ٿو ته هن يونيورسٽي ۾ اٺونجاهه سيڪڙو ڇوڪريون ۽ ٻاونجاهه سيڪڙو ڇوڪرا پڙهن ٿا. هتان جي شاگردن جي آباديءَ ۾ ڊچ شاگردن سميت ايشيا، نارٿ ۽ سائوٿ آمريڪا، آفريڪا ۽ يورپ جي مختلف ملڪن جا شاگرد پڻ شامل آهن. هڪ اندازي مطابق هن يونيورسٽيءَ ۾ زيرِ تعليم ڪل شاگردن جو ست سيڪڙو انٽرنيشنل شاگردن تي مشتمل آهي.
ائمسٽرڊئم يونيورسٽي ۾ هڪ وسيع سينٽرل لائبريري کان علاوه هن جي مختلف تدريسي شعبن ۾ ستر کان وڌيڪ شعباجاتي لائبريريون قائم آهن. سينٽرل لئبريري ۾ اٽڪل چاليهه لک ڪتاب موجود آهن. انهيءَ کان علاوه هن جي ڊپارٽمنٽ آف رَيئر پِريوَيس وَرڪ ۽ مئنو اسڪرپٽ ميوزم ۾ ستر هزار کن قلمي نسخا ۽ مسودا، لکن جي تعداد ۾ تاريخي خط ۽ اٽڪل سوا لک مختلف نقشا موجود آهن. ائمسٽرڊئم يونيورسٽي پريس هن يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ تحقيق جي نتيجي ۾ تيار ٿيندڙ ڪتاب ۽ ٻيو مواد ڇاپيندي رهي ٿي.
ائمسٽرڊئم يونيورسٽي مان نيڌر لينڊس سميت دنيا جي مختلف ملڪن جا ڪي ئي اهڙا شاگرد تعليم حاصل ڪري چڪا آهن جيڪي سائنس، اقتصاديات، سياست، حڪومتي معاملن ۽ سماج جي ٻين شعبن ۾ پنهنجي نمايان ڪارڪردگي جي ڪري پنهنجي ملڪ ۽ دنيا جي اهم شخصيتن جو درجو ماڻي چڪا آهن. اهڙن شخصيتن ۾ نيڌر لينڊس جا ٻه اڳوڻا وزير اعظم پيٽر لنڊين ۽ جوپ ڊين ائل، اڳوڻا وزير فرٽس بولڪيسٽن، ايلس بورسٽ، فرئنڪ هيمسڪرڪ، وم ڊيوسبرگ، ناميارا سائنسدان ۽ نوبيل انعام يافته ڪرسٽين ايجڪسن، ايلس جيفري، ايم اي ليون، مشهور ليکڪ ۽ اديب مينو براڪ، فيڊرڪ هيرمن شامل آهن.
سنڌ جون ڪافي شخصيتون پڻ نيڌرلينڊس جي مختلف يونيورسٽين ۽ ٻين درسگاهن مان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪري آيون آهن، ڪجهه سنڌي نوجوان اڃا به اتي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ شهيد زيڊ.اي.ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري جو پروفيسر انجنيئر اياز حسن ابڙو رايل ڊچ فيلوشپ جو مالي تعاون حاصل ڪري نيڌر لينڊس جي آرنيم صوبي ۾ قائم هڪ اداري انٽرنيشنل لئنڊ ريڪليميشن ائنڊ امپرومنٽ مان لينڊ ڊرنيج متعلق ٽريننگ ڪورس ڪري آيو آهي. انهي کان علاوه شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي پروفيسر سميا شاهه نيڌرلينڊس جي واخنگھن يونيورسٽي مان بزنس ائڊمنسٽريشن ۾ پي ايڇ ڊي ڪري آئي آهي. ساڳي يونيورسٽي جوهڪ استاد عرفان ميراڻي پڻ نيڌرلينڊ ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگريءَ لاءِ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄا م ۾ انجنيرنگ جو پروفيسر سراج سيال، زاهد ملڪ ۽ سنڌ جي ماحولياتي تحفظ واري اداري جو شهاب ميمڻ پڻ نيڌرلئنڊس مان تعليم حاصل ڪري آيا آهن.
ناميارين يونيورسٽين ۽ حسين نظارن وارو ملڪ نيڌرلينڊس يورپ جو هڪ اهم ملڪ آهي جيڪو ٻارنهن صوبن تي مشتمل آهي ۽ هن جا ڪئيربيئن سمنڊ ۾ ٽي ٻيٽ پڻ آهن. نيڌرلينڊس وارو ملڪ “ڪنگڊم آف نيڌرلينڊس” جو جز آهي.نيڌرلينڊس کي هالينڊ جي نالي سان پڻ سڃاتو ويندو آهي، جڏهن ته اڄڪلهه اتر هالينڊ ۽ ڏکڻ هالينڊ هن جي ٻارنهن صوبن ۾ شامل آهن. نيڌرلينڊ هن حوالي سان به دنيا جو هڪ منفرد ملڪ آهي جو هن ملڪ جو وڏو حصو سطح سمنڊ کان هيٺ آهي.هن جي گادي وارو شهر ائمسٽرڊئم آهي، جڏهن ته هن ملڪ جو حڪومتي ڪاروبار هتان جي مشهور شهر “هيگ” مان هلايو ويندو آهي. ائمسٽرڊئم ۾ هيرن ۽ جواهرن جو وڏو مارڪيٽ آهي جنهن ڪري هن کي ڊائمنڊ سِٽي پڻ سڏيندا آهن. تعليم لاءِ نيڌرلينڊس ڏانهن سفر ڪرڻ جي خواهش رکندڙ سنڌي نوجوان نيڌرلينڊس ۾ تعليم پرائڻ سان گڏ نه رڳو اتان جي ماڳن مڪانن، تفريحي جاين ۽ هيرن جي مارڪيٽن جا جلوا پسي سگھن ٿا پر اتان تعليم جي زيور سان آرستا ٿي سماج کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ ۾ هيرن کان به وڌيڪ قيمتي ۽ ڪارج ڀريو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا.

(ڪاوش مڊ ويڪ مئگزين، 5 مارچ 2015)