باٿ يونيورسٽي
جتي مشهور شاعر فيض احمد فيض جي ڌيءُ سليمه هاشمي به پڙهي
انگلينڊ ۾ “باٿ” شهر جو نالو پهريون دفعو مون اتي مستقل طور رهندڙ پنهنجي دوست ڊاڪٽر دائم علي دربان جي واتان ٻڌو. ان کان اڳ مان “باٿ” صرف غسل ڪرڻ کي يا غسل خاني کي سمجهندو هيس، پر هي پهريون ڀيرو هيو جو مونکي اها خبر پئي ته انگلينڊ ۾ باٿ نالي هڪ شهر به آهي، ۽ پوءِ جڏهن اها به خبر پئي ته باٿ شهر واري يونيورسٽي به پنهنجو مٽ پڻ آهي ته اسان به سهي سنبري يونيورسٽيءَ جي درشن لاءِ باٿ شهر ڏانهن روانه ٿياسين. جڏهن ٻن ڪلاڪن جي ڪار واري سفر کان پوءِ باٿ ۾ پهتاسين ته هن شهر جي قدامت، لئنڊ اسڪيپ، سونهن ، ساوڪ ۽ حسن ڏسي حيرت ۾ پئجي وياسين. انگلينڊجو هي تاريخي شهر پنهنجي انفراديت ۽ قدامت جي ڪري يونيسڪو جي ورلڊ هيرٽيج سائيٽ واري لسٽ۾ شامل آهي.
هن شهر جو پورو نالو “باٿ اسپا” آهي پر سهوليت ڪارڻ کيس صرف باٿ به سڏيو وڃي ٿو. هي شهر لنڊن کان اولھه ڏکڻ ۾ ڏيڍ سئو ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي ۽ ريڊنگ شهر، جتي اسان رهيل هياسين اتان کان باٿ اسپا هڪ سئو ڪلوميٽر اتر طرف هيو. هن شهر بابت تاريخدانن جي هڪ راءِ آهي ته هي شهر عيسوي سن کان 8000 سال پهريون موجود هيو پر ٻي راءِ اها آهي ته هي شهر اصل ۾ رومين سن 43 عيسوي ۾ انگلينڊ تي قبضي کان ويھه سال پوءِ قائم ڪيو ۽ ان جو لاطيني ٻوليءَ ۾ پهريون نالو “اڪوا سولس” رکيو جنهن جي معنيٰ هئي “ سولس جا دريا ۽ نديون” . اصل ۾ “اسپا” پڻ اهڙي جاءِ کي سڏجي ٿو جتان قدرتي پاڻيءَ جا چشما نڪرندا هجن. هن علائقي مان پڻ گرم پاڻيءَ جا چشما ڦٽي ٿي نڪتا جن جي مٿان ان وقت جي رومي انتظاميه باٿ روم ۽ ڀرسان عبادتگاھه پڻ جوڙايا. ڇهين عيسوي صديءَ ۾ رومين جي هتان ڇڏي وڃڻ کان گهڻو وقت پوءِ ارڙهين صديءَ دوران هن شهر جو نالو ئي “ باٿ اسپا” مشهور ٿيو.. هن شهر ۾ هنن تاريخي نوعيت جي باٿ رومن ۽ شهر جي انفرادي بناوت جي ڪري هي شهر اڄ ڏينھن تائين ڏيهان ڏيھه مشهور آهي ۽ دنيا جي سياحن جي دلچسپيءَ جو مرڪز بڻيل آهي.
باٿ يونيورسٽي” جو پورو نالو “يونيورسٽي آف باٿ” آهي سا باٿ شهر جي مرڪزي علائقي کان ٻه ڪلوميٽر ٻاهر “ڪلائورٽن ڊائون” واري علائقي ۾ واقع آهي. دي سنڊي ٽائيمس گائيڊ جي “يوڪي يونيورسٽيز رئنڪنگ سروي رپورٽ” مطابق هيءَ يونيورسٽيِ برطانيا جي ٽيون نمبر معياري يونيورسٽي آهي. هن يونيورسٽيءَ ۾ اٽڪل پندرهن هزار هڪ سئو ستٽيھه شاگرد زير تعليم آهن.
يونيورسٽي آف باٿ، “ڪئمپس يونيورسٽي” آهي. يونيورسٽين جي ٻئي قسم کي، جيڪي ڪاليجن تي مشتمل هونديون آهن، “ڪاليجئٽ” يونيورسٽي چيو ويندو آهي، جئين آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج يونيورسٽيون آهن. ڪئمپس يونيورسٽي صرف پنهنجي فئڪلٽين ۽ تدريسي شعبن تي مشتمل هونديون آهن، ان جون هڪ کان وڌيڪ برانچون پڻ ٿي سگهن ٿيون. سموري پاڪستان جيان سنڌ ۾ به تقريبن سڀ ئي ڪئمپس يونيورسٽيون آهن. سنڌ يونيورسٽي ته هاڻي ٻين شهرن جھڙوڪ بدين، ميرپور خاص، دادو، ٺٽي ۽ لا ڙڪاڻي ۾ به پنهجون شاخون قائم ڪيون آهن جن کي به ڪئمپس لکيو ۽ سڏيو وڃي ٿو. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پڻ 1992ع ۾ لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪريءَ ۾ هڪ ڪاليج “شهيد زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري قائم ڪيوآهي، لاڙڪاڻي ضلعي جي ورهاست ۽ جاگرافيائي ڦير ڦار جي ڪري هاڻي هي ڪاليج تعلقي باقراڻي ۾ اچي ويو آهي. قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي نوابشاھه، پڻ 2009ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ پنهنجو هڪڙو ڪاليج، قائد عوام يونيورسٽي ڪاليج آف انجنئيرنگ، سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي جي نالي سان قائم ڪيو آهي. سنڌ يونيورسٽي، زرعي يونيورسٽي ۽ قائد عوام يونيورسٽيءَ جون شاخون يا ڪاليج انهن ٽنهي يونيورسٽين جا “ ڪانسٽيٽوئنٽ” يعني تدرسي توڙي انتظامي حصو آهن، جن کي يونيورسٽي طرفان مقرر ڪيل، پرووائيس چانسلر، ڪوآرڊينيٽر يا ڪو پرنسپال ئي سنڀاليندو آهي ۽ ٻيا ملازم به يونيورسٽي پاڻ ئي مقرر ڪندي آهي، جڏهن ته باقي ٻيا ڪاليج جيڪي صرف امتحان ۽ ڊگرين ۽ سرٽيفڪيٽن جي حد تائين يونيورسٽين سان لاڳاپيل آهن، پر انهن جو باقي انتظام ۽ مقرريون سرڪار جي تعليم واري کاتي جي حوالي آهي، اهي يونيورسٽيءَ سان “ ايفيلئٽڊ” ڪاليج هوندا آهن پر ڪانسٽيٽيوئنٽ ڪاليجن وانگر يونيورسٽيءَ جو انتظامي ۽ تدريسي حصو نه هوندا آهن. جيئن شاھ عبدللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور سان اتر سنڌ جا ڪيترا ئي ڪاليج ايفيلئٽڊ آهن. پاڪستان جي ٻين صوبن جي يونيورسٽين جا به ڪجھه ڪانسٽيٽيوئينٽ ڪاليج آهن پر زياده تر اهي سڀئي يونيورسٽيون پڻ ڪئمپس يونيورسٽيون آهن. انگلينڊ جي هيءَ باٿ يونيورسٽي پڻ ڪئمپس يونيورسٽي آهي. “ڪئمپس” لاطيني ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي “ ميداني زمين جو هموار ٽڪرو” پر انگريزي ٻوليءَ ۾ آيل هي لفظ تعليمي ادري جي جاءِ لاءِ استعمال ٿئي ٿو جتي هڪ ئي هنڌ تدريسي، تحقيقي سرگرميون ٿينديون هجن ۽ اتي ئي اداري جون مختلف عمارتون به هجن.
باٿ يونيورسٽي انگلينڊ جي اهڙي معياري ڪئمپس يونيورسٽي آهي جنهن پنهنجي قيام جي اڌ صديءَ جي عرصي ۾ سائنس انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي وارن تدريسي شعبن ۾ سڄي يورپ ۽ ايشيا جي ملڪن ۾ وڏي نيڪنامي حاصل ڪئي آهي. هن يونيورسٽيءَ جا پنجويھه سيڪڙو شاگرد جرمني، فرانس، چائنا، هانگ ڪانگ ۽ ٻين ملڪن سان تعلق رکن ٿا. هتي جا نمايان تدريسي شعبا اليڪٽرانڪس ائنڊ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ، مڪينيڪل انجنيئرنگ، سول انجنيئرنگ، آرڪيٽيڪچر۽ ڪمپيوٽر سائنس ۽ مئٿميٽڪيٽيڪل سائنسز ۾ شاگردن جو گھڻو تعداد داخل آهي. انهيءَ کان علاوه يونيورسٽيءَ جا ٻيا تدريسي شعبا جهڙوڪ فارميسي، فارماڪالاجي، بزنس ائڊمنسٽريشن، ايڪنامڪس، اسٽيٽسٽڪس، ماليڪيولر بائلاجي سائنسز، هيلٿ، فزڪس، ائسٽرانامي، ايجوڪيشن، آپريشنل ريسرچ ۽ سوشل ۽ پاليسي سائنسز ، پاليٽڪس، لئنگئج ۽ انٽرنيشنل اسٽڊي آهن.
باٿ يونيورسٽيءَ ۾ غير ملڪي شاگردن لاءَ داخلائن جا دروازا هميشھه کليل رکيا وڃن ٿا. انٽرنيشنل اسٽوڊنٽس ائڊوائزري سروس پاران پڻ شاگردن کي درپيش هر مسئلي جي حل لاءَ صلاح مشورو ڏنو وڃي ٿو، جن ۾ داخلائن ، فيس، اسڪالرشپ، رهائش ۽ ويزا جي حصول سميت ننڍن وڏن مسئلن لاءِ صلاح مشورا ڏنو وڃي ٿو. سينٽرل لائبرري شاگردن لاءِ چوويھه ڪلاڪ ئي کليل رھي ٿي جتي ڪتابن ءِ تحقيقي جرنلن سميت ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي سهوليت پڻ موجود هوندي آهي.هتي رائيٽنگ ۽ لرننگ سينٽر پڻ شاگردن جي لکڻ، پڙهڻ ۽ سکڻ واري عمل ۾ رهنمائي ڪندو رهي ٿو. شاگردن جي جسماني، ذهني، فني نشونما ۽ ثقافتي ۽ تفريحي ضرورتن جي پورائي لاءِ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ آرٽس ڪامپليڪس ۽ اسپورٽس ٽريننگ وليج پڻ قائم ڪيو ويو آهي. شاگردن جي رهائش لاءِ ڪئمپس جي ڀرسان هاسٽلون پڻ ميسر آهن.پاڪستان جي نامياري ترقي پسند شاعر فيض احمد فيض جي ڌيءُ سلمه هاشميءَ سميت مختلف شعبن ۾ نيڪنامي حاصل ڪندڙ دنيا جون ڪيتريون شخصيتون باٿ يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪري چڪيون آهن.
يونيورسٽي جي قيام۽ ترقيءَ جي تاريخ تي هڪ نظر وجھڻ سان خبر ٿي پوي ته هن يونيورسٽيءَ جو اصل بڻ بڻياد باٿ شهر جي ٻئي پاڙيسري شهر برسٽل جي هڪ ٽيڪنيڪل تعليمي اداري “برسٽل ٽريڊ اسڪول” سان ملي ٿو. برسٽل شهر باٿ کان 13 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. 1885ع ۾ هن اسڪول جو درجو وڌائي هن کي “مرچنٽ وينچرس ٽيڪنيڪل ڪاليج” جو نالو ڏنو ويو، بعد ۾ باٿ شهر واري “ دي اسڪول آف فارميسي” کي پڻ ان ڪاليج جو حصو بڻايو ويو. 1960ع ۾ هن جو نالو بدلائي “برسٽل ڪاليج آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي” رکيو ويو. 1963ع ۾ جڏهن هن ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي ته ان کي برسٽل ۾ شفٽ ڪري پاڙيسري شهر باٿ ۾ ڪنهن ڪشادي ۽ مناسب جاءِ تي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اهڙي طرح 1966ع ۾ هيءَ يونيورسٽي باٿ جي تاريخي شهر جي هڪ ٽڪريلي علائقي “ڪلائورٽن ڊائون” ۾ قائم ٿيڻ کان پوءِ يونيورسٽي آف باٿ جي نالي سان مشهور ٿي.
منهنجي دوست ڊاڪٽر دائم علي دربان جي ڪار، جنهن ۾ اسان سفر ڪري رهيا هياسين، جڏهن باٿ شهر جي ور وڪڙ ۽ هيٺائين مٿائين وارن روڊن تي سوين سال پراڻين ۽ قدوقامت وارين عمارتن جي ڇانورن مان گذرڻ لڳي ته پاڻ کي به تاريخ جي ڪنهن اونهي سمنڊ مان موتي لعل ميڙيندي محسوس ڪرڻ لڳس. هڪ پاسي رومين جا پندرنهن سئو سال اڳ جا قديمي آثار ته ٻئي طرف سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ جارجين دور جو ڪيل تعميري ڪم، شهر جون پراڻيون، شانائتيون ڪاراٺيل عمارتون ۽ انهن جي پس منظر ۾ چهچ سائي وڻن جا گهٽا جهڳٽا ۽ ننڍيون وڏيون جابلي ٽڪريون دل کي لڀائي رهيون هيون. اهڙي پر ڪيف ۽ ماحولياتي گدلاڻ کان پاڪ ۽ صاف شهر جي هڪ اوچي ٽڪريءَ تي قائم يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ شاگردن جي قسمت تي رشڪ اچڻ وارن احساسن کي روڪڻ پنهنجي دل ۽ دماغ تي ظلم ڪرڻ جي برابر لڳي رهيو. دنيا ۾ موجود اهڙيون تعليمي سهولتون ماڻيندڙ نوجوان يقينن خوشنصيب ئي هوند آهن.
(ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 8 مئي 2013)