مختلف موضوع

دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽيون

ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ جو پهريون حصو ”يورپ جون يونيورسٽيون“ پيش آهي. هن ڪتاب جي تحقيق ۽ مضمونن جو ليکڪ ناميارو شاعر ۽ ليکڪ پروفيسر مختيار سمون آهي. هن ڪتاب ۾ يورپ جي چوئيتاليهه معياري يونيورسٽين متعلق ڪارائتي ڄاڻ سان گڏ اتي پڙهندڙ يا پڙهي ڪاميابيون ماڻيندڙ سنڌ جي ڪيترن ئي شخصيتن جو احوال به ڏنو ويو آهي ته جيئن ٻيا نوجوان به معلومات ۽ اتساهه حاصل ڪري اڳتي وڌن ۽ انهن ادارن مان لاڀ حاصل ڪن.
Title Cover of book دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽيون

يونيورسٽي ڪاليج لنڊن

يونيورسٽي ڪاليج لنڊن،
جيڪا ٽئگور ۽ گانڌي جي به مادر علمي آهي

يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جنهنسان تعلق رکندڙ ٻٽيهه شخصيتن نوبيل انعام ماڻيا آهن، سو پنهنجن ٻين خصوصيتن کان علاوه ان ڪري به منهنجي ڌيان جو مرڪز بڻيو جو هن ۾ دنيا جو هڪ اهڙو نامور اديب، دانشور ۽ تعليمدان به شاگرد رهي چڪو آهي جنهن جو ذڪر منهنجي شهر لاڙڪاڻي ۾ تمام گهڻو ٿيندو رهيو آهي. يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي ان اڳوڻي شاگرد ۽ نامور اديب جو نالو آهي رابندرناٿ ٽئگور.
سموري سنڌ سميت لاڙڪاڻي جي ادبي ۽ علمي حلقن ۾ ٽئگور جو تعارف ته سندس ڪتابن ۽ علمي ڪارنامن جي ڪري اڳ ئي ٿيل هيو پر سندس گهڻو ذڪر هتي ان حوالي سان به ٿيندو رهيو آهي جو هو تازو پرلوڪ پڌاري ويندڙ لاڙڪاڻي واسي مهان شخصيت ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جو استاد هيو. ڪامريڊ سوڀو لاڙڪاڻي جي مختلف علمي ۽ ادبي تقريبن، يا نجي ڪچهرين ۾ اڪثر ڪري هن جو ذڪر وڏي شان ۽ مانَ سان ڪندو هيو، ڇاڪاڻ جو ڪامريڊ سوڀو ٽيگور جوشاگرد رهي چڪو هيو ۽ ٽيگور کيس “ مئن فرام موهن جو دڙو” سڏيندو هيو. رابندر ناٿ ٽئگور جيڪو پاڻ هندوستان جي هڪ نامياري درسگاهه شانتي نيڪتن جو باني هيو سو، يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جو پڻ شاگرد رهي چڪو هيو، جنهن ڪري اها ڳالهه به هن يونيورسٽي جي اهميت کي اجاگر ڪري مون کي مٿانهس لکڻ لاءِ وڏو اتساهه ڏيندي رهندي هئي.
هونئن ته يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جنهن کي اڄڪلهه “لنڊنس گلوبل يونيورسٽي” پڻ سڏيو وڃي ٿو تنهن مان سائنس ٽيڪنالاجي ۽ ٻين سماجي علمن جي ماهرن سميت دنيا جي ڪيترين ئي ناموَر شخصيتن تعليم حاصل ڪئي آهي. انهن ۾ برطانيا جو اڳوڻو وزير اعظم جان رسل، هندوستان جي آزاديءَ جو اڳواڻ مهاتما موهنچند ڪرمچند گانڌي، جپان جا ٻه اڳوڻا وزير اعظم “اتو هر بومي” ۽ “جونيرو ڪوائزمي”، چين جو اڳوڻو وزير اعظم ووزوافنگ، آفريڪا جي ملڪ ماريشس جو پهريون وزيراعظم سيووسگر رمگولم، ڪينيا جو باني پهريون صدر ۽ وزيراعظم جومو ڪينياتا، ٽيلفون جو ايجاد ڪندڙ سائنسدان اليگزينڊر گراهم بيل به شامل آهن پر يونيورسٽي ڪاليج آف لنڊن تي لکڻ لاءِ اڃا به وڌيڪ جذبو تڏهن جاڳيو جڏهن مون کي، لنڊن جي هن نامياري يونيورسٽي ۾ ريسرچ فيلو جي حيثيت سان پڙهائيندڙ ۽ تحقيقي ڪم ڪندڙ هڪ اهڙي سنڌي نوجوان بابت معلومات ملي، جنهن وڏي همٿ، محنت ۽ جدوجهد جي وسيلي سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ آباد پورهيت ڪٽنب مان اڳتي نڪري دنيا جي مرڪزي شهر لنڊن ۾ واقعي ڪوئين ميري يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم پرائي ۽ پوءِ هن درسگاهه يعني “يونيورسٽي ڪاليج آف لنڊن” ۾ سينيئر ريسرچ فيلو جو جاب حاصل ڪيو آهي. ان نوجوان جو نالو آهي رفيق نانگريجو. هن سنڌي نوجوان جي يونيورسٽي ڪاليج آف لنڊن ۾ پهچڻ واري جدوجهد جي ڪهاڻي ٻڌي منهنجي اتساهه جي حد ئي نه رهي، ان کان پوءِ مون هڪدم فيصلو ڪري ورتو ته هن يونيورسٽي کي پنهنجن ٻين اهڙن ئي همٿ ڀرين نوجوانن سان متعارف ڪرائي کين به اتي پهچڻ جو جذبو ڏيارجي.بحرحال يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي ان همٿ ڀرئي سنڌي نوجوان جو تعارف ۽ سندس جدوجهد جو اتساهيندڙ احوال به هيٺ هن مضمون ۾ ايندو پر ان کان پهريان هڪ نظر هن يونيورسٽي جي تاريخ ۽ موجوده صورتحال تي وجهون ٿا.
يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جيڪو نالي ۾ ته ڪاليج لکجي ٿو پر حقيقت ۾ هي مڪمل طور تي هڪ يونيورسٽي جي حيثيت رکي ٿو. سرڪاري سرپرستي ۾ هلندڙ لنڊن جو هي درسگاهه “ فيڊرل يونيورسٽي آف لنڊن” جو حصو آهي. فيڊرل يونيورسٽي آف لنڊن ڪل ارڙهن خود مختيار ڪاليجن ۽ ڏهن تحقيقي مرڪزن تي مشتمل آهي. انهن ارڙهن ئي ڪاليجن ۾ يونيورسٽي جي سطح جي ئي تعليم ۽ تحقيق جو ڪم ٿيندو آهي. يونيورسٽي ڪاليج لنڊن پڻ يونيورسٽيءَ جي انهن ارڙهن ڪاليجن مان هڪ آهي.
لنڊن شهر جي بلومسبري علائقي ۾ واقع هي ادارو 1826ع ۾ وجود ۾ آيو، شروعاتي طور تي سندس نالو “ لنڊن يونيورسٽي” هيو پر 1836ع ۾ “فيڊرل يونيورسٽي آف لنڊن” جو قيام عمل ۾ آڻي هن کي به ان جو حصو بڻائي هن جو نالو “يونيورسٽي ڪاليج لنڊن” رکيو ويو. هن درسگاهه کي لنڊن شهر جي پهرين يونيورسٽي هجڻ جو پڻ اعزاز حاصل آهي.
برطانيا جي آڳاٽين يونيورسٽين جي رواج جي ابتڙ هيءَ پهرين يونيورسٽي هئي جيڪا مڪمل طور تي غيرجانبدار ۽ سيڪيولر نوعيت جي هئي. هونئن قديمي رواج مطابق برطانيا توڙي يورپ ۽ آمريڪا جون آڳاٽيون يونيورسٽيون شروعاتي ڏينهن ۾ چَرچ (Church) جي اثر هيٺ هونديون هيون ۽ انهن جو انتظام پڻ چرچ ئي هلائيندو هيو، پر بعد ۾ جيئن ئي حڪومتي معاملن مان چرچ جي مداخلت ختم ٿي ته پوءِ اتان جا اعليٰ تعليمي ادارا به چرچ جي اثر کان آجا ٿي غير جانبدار ۽ خود مختيار بڻيا. لنڊن يونيورسٽي جو تعليمي نظام جديد تقاضائن سان هم آهنگ هيو جنهن ڪري هي يونيورسٽي معياري تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندڙ شاگردن جي دلچسپي جو مرڪز بڻيل رهي آهي.
يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي هي به هڪ سٺي روايت رهي آهي ته هيءَ آڳاٽين يونيورسٽين جي شروعاتي رواج جي ابتڙ شروع کان ئي عورتن جي تعليم لاءِ پڻ مناسب موقعا پئدا ڪندي رهي آهي ۽ پنهنجي ابتدا کان ئي ڪو ايجوڪيشن يعني تعليم جي گڏيل نظام واري اصول تحت نياڻين کي پڻ اعليٰ تعليم لاءِ مختلف ڪورسن ۾ برابريءَ جي بنياد تي داخلائون ڏيندي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نياڻين جو وڏي تعداد پڻ هن يونيورسٽي ڪاليج ۾ اعليٰ تعليم جي زيور سان آراستا ٿيندو رهيو آهي. اڄڪلهه يونيورسٽي ڪاليج لنڊن ۾ زيرِ تعليم شاگردن جو ڪل تعداد اٽڪل چاليهه هزار آهي جن ۾ خاصو تعداد دنيا جي مختلف ملڪن کان آيل انٽرنيشنل شاگردن جو پڻ آهي. هن يونيورسٽي جي مکيه ڪئمپس سينٽرل لنڊن جي هڪ خوبصورت ۽ مرڪزي علائقي بلومسبري ۾ واقع آهي. هن جون ملڪ کان ٻاهر واريون ڪمپسون جهڙوڪ يو سي ايل آسٽريليا، يوسي ايل قطر ۽ يوسي ايل دوها پڻ انهن ملڪن جي شاگردن سان گڏ ٻين ملڪن کان ايندڙ نوجوانن کي پڻ معياري تعيلم جا فراهم ڪري ٿي.
يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي مکيه ڪئمپس يارنهن فئڪلٽين تي مشتمل آهيجهڙوڪ؛ فئڪلٽي آف لائيف سائنسز، فئڪلٽي آف ميڊيڪل سائنسز، فئڪلٽي آف برين سائنسز، فئڪلٽي آف انجنيئرنگ سائنسز، فئڪلٽي آف مئٿميٽيڪل ائنڊ فزيڪل سائنسز، فئڪلٽي آف پاپوليشن هيلٿ سائنسز، فئڪلٽي آف آرٽس ائنڊ هيومنٽيز، فئڪلٽي آف بِلٽ انوائرنمنٽ، فئڪلٽي آف آرٽس ائنڊ هيومنٽيز، فئڪلٽي آف سوشل ائنڊ هسٽاريڪل سائنسز، فئڪلٽي آف لا ۽ انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن وغيره. انهن مٿي ڄاڻايل فئڪلٽين ۾ ميڊيڪل، انجنيئرنگ، سوشل ۽ انوائرنمنٽل سائنسز جا سڀئي تدريسي ۽ تحقيقي شعبا پنهنجي ڪم ۽ ڪارج واري حوالي سان سموري دنيا جي طالبعلمن، تعليمدانن ۽ تحقيڪارن ۾ وڏي مقبوليت رکن ٿا.
يونيورسٽي ڪاليج لنڊن ۾ سورنهن لئبريريون آهن جن ۾ مختلف موضوعن تي اٽڪل پندرنهن لک ڪتابن سان گڏ ڊجيٽل انفرميشن جا ذريعا موجود آهن جتي شاگرد باقاعدگيءَ سان اچي مطالعي وسيلي پنهنجي معلومات ۾ اضافو ڪندا رهندا آهن. انهيءَ کان علاوه هن يونيورسٽي جا ريسرچ انسٽيٽيوٽ، ميڊيڪل ائنڊ هيلٿ سينٽر شاگردن جي روزمره واري عملي سکيا سان گڏ تحقيقن ذريعي انساني سماج جي چڱ ڀلائي لاءِ پڻ ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا.
يونيورسٽي ڪاليج لنڊن شهر جي مرڪزي علائقي ۾ اهڙي جڳهه تي واقع آهي جتي دنيا جا ٻيا ناميارا ادارا پڻ هن درسگاهه جي شاگردن جي پهچ ۾ هجن ٿا جتي وڃي اهي پنهنجي معلومات ۾ پڻ اضافو ڪندا آهن. انهن ناميارن ادارن ۾ برٽس لائبريري جتي هڪ اندازي مطابق اٽڪل ڏيڍ ڪروڙ ڪتاب ۽ مسودا موجود آهن، ۽ ٻيو معلومات وارو ادارو اهرو ئي ادارو برٽش ميوزم آهي، جتي پڻ دلچسپي ۽ معلومات جا وڏا سامان مهيا آهن.
يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي ان مختصر پر مفصل تعارفي حال احوال کان پوءِ ان يونيورسٽي ۾ جاب ڪندڙ سنڌ جي سپوت ڊاڪٽر رفيق نانگريجو جي جدوجهد تي هڪ نظر ڦيرايون ٿا، جيڪا مون کي يقين آهي ته پڙهندرن جي اتساهه جو وڏو ذريعو بڻبي.سنڌ مان سفر ڪري يونيورسٽي ڪاليج لنڊن ۾ سندس پهچڻ واري ڪامياب جدوجهد جي معلومات وٺڻ لاءِ مون جڏهن ڊاڪٽر رفيق نانگريجو ڏانهن ڪجهه سوال لکي اِي ميل ذريعي موڪليا ته انهن جي جواب ۾ هن جيڪو ڪجهه لکيو اهو سندس ئي زباني هن ريت آهي ؛ “ مان خيرپور جي تعلقي ڪمب کان اٺ ڪلوميٽر پري ڳوٺ ٽالپر وڏا ڀرسان واقع هڪ ننڍڙي ڳوٺ “ناگريجا چودڳي” سان تعلق رکان ٿو. منهنجو پيءُ جيڪو منهنجي پڙهائي دوارن ئي وفات ڪري ويو هيو سو ريلوي کاتي ۾ مزدوري ڪندو هيو. مان بنيادي تعليم پرائمري اسڪول ناگريجو مان حاصل ڪري اٺين جماعت مڊل اسڪول ڳوٺ جهنڊو مشائخ ۽ مئٽرڪ راڻيپور اسڪول مان پاس ڪئي. مان گرمي توڙي سرديءَ ۾ هر روز پنهنجي مڊل اسڪول ڏانهن هڪ ڪلاڪ پنڌ ڪري ويندو هيس ڇو ته ان زماني ۾ اسان وٽ سائيڪل خريد ڪرڻ جي لاءِ به پئسا ڪو نه هيا. بحرحال انٽرميڊيٽ جو امتحان گمبٽ ڪاليج مان پاس ڪري شاهه عبدالطيف يونيورسٽي مان بي ايس سي ۽ ايم ايس سي فزڪس ۽ ايم اي سوشالاجي ۾ پاس ڪيم. توڙي جو مان غربت جي ڪري ڪيترائي ڀيرا دلشڪستو به ٿيو هيس پر همٿ نه هاريم ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا ٻه امتحان هڪ سوشل ويلفيئر آفيسر ۽ ٻيو ليڪچرار فزڪس جي عهدي لاءِ پاس ڪيم ۽ نوڪرين جا به ٻه آفر آرڊر مليا پر مون فزڪس جي ليڪچرار جي حيثيت سان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. ان کان پوءِ به محنت جاري رکيم ۽ نيٺ برطانيا جي اوورسيز ايوارڊ اسڪيم تحت اسڪالرشپ حاصل ڪري برطانيا ۾ اچي لنڊن جي ڪوئين ميري ڪاليج مان “ميٽيرلس سائنس ائنڊ انجنيئرنگ” ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيم ۽ ان دوران تحقيقي پيپر به لکيم جنهنڪري برطانيا جي نامور اداري رائيل ڪميشن فار ائزگزيبيشن پاران مون کي فيلوشپ ايوارڊ ڪئي وئي ۽ مون کي برطانيا جي پارليامينٽ پاران هائوس آف ڪامنس ۾ پنهنجو تحقيقي ڪم پيش ڪرڻ جي دعوت به ڏني وئي.
بحرحال سال 2006ع ۾ مون کي يونيورسٽي ڪاليج لنڊن ۾ سينيئر ريسرچ فيلو جي نوڪري ڏني وئي آهي جتي اڄڪلهه مان شاگردن جي نگراني سان گڏ سائنسي تحقيق به ڪري رهيو آهيان ۽ هن وقت تائين ڪيترن ئي ترقي يافته ملڪن جهڙوڪ آمريڪا، ڪيناڊا، جرمني، اٽلي، اسپين، سوئزرلينڊ، فرانس، هالينڊ، مصر، دبئي ۽ سعودي عرب وڃي اتي جي مختلف ادارن ۾ پنهنجا سائنٽيفڪ تحقيقي پيپر پيش ڪري چڪو آهيان”
يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي سينيئر ريسرچ فيلو سنڌ ڄائَي ڊاڪٽر رفيق نانگريجو جي جدوجهد جي ان ڪهاڻيءَ مون کي ته وڏو اتساهه ڏنوآهي پر مون کي يقين آهي ته سنڌ جا نوجوان به ان ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ محنت، جدوجهد ۽ همٿ واري اها ئي راهه اپنائي پنهنجي منزلن کي تلاش ڪري وٺندا.

(ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 4 فيبروري 2015)