برئڊفورڊ يونيورسٽي
جنهن جو چانسلر عمران خان به رهي چڪو آهي
برئڊفورڊ شهر ۾ پنهنجي دوست زاهد جماڻي وٽ ٽي ڏينهن رهڻ کان پوءِ کائنس موڪلائي ساڳئي ئي شهر ۾ رهندڙ هڪ ٻئي دوست خدا بخش رند سان گڏجي “رچمنڊ روڊ” تي واقع برئڊفورڊ يونيورسٽي آياسين جٿي هو پنهنجي ڪنهن ڪم سان لڳي ويو، جڏهن ته ڊاڪٽر علي نواز مهر ۽ مان يونيورسٽيءَ جي ديدار ۽ درشن ۾ لڳي وياسين. يونيورسٽيءَ جي مختلف شعبن جي پسار ڪندا اتان، پمفليٽ، بروشرس (Brochures) ۽ ٻيو معلوماتي مواد گڏ ڪندا رهياسين.
برئڊ فورڊ يونيورسٽي 1966ع ۾ قائم ٿي. هن جون برئڊ فورڊ شهر ۾ ٻه ڪئمپسون آهن؛ هڪ رچمنڊ روڊ تي ۽ ٻي اسڪول آف مئنجمنٽ واري ايمنلئن وٽ آهي. برئڊ فورڊ يونيورسٽيءَ جو پهريون چانسلر برطانيا جو تڏهوڪو وزير اعظم هئرالڊ ولسن هيو ۽ موجوده چانسلر پاڪستاني ڪرڪيٽ جو اڳوڻو ڪپتان ۽ اڄڪلهه هڪ سياسي جماعت تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان آهي. توڙي جو هن يونيورسٽيءَ جي عمر ڪل ستيتاليهه سال آهي پر هن جو حسب نسب جو سلسلو اڻويهين صدي کان شروع ٿئي ٿو جنهن بابت ڄاڻڻ پڻ ضروري آهي.
برئڊ فورڊ يونيورسٽيءَ جي بڻ بڻياد جو قصو دنيا ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقيءَ سان جُڙي ٿو، ڇو ته بدلجندڙ دنيا ۾ برطانيا جي سياسي، سماجي ۽ تعليمي شعبن جي اهم ڪارڪردگيءَ سان گڏ سندس تحقيقي ۽ صنعتي ادارن پاران ٿيندڙ دريافن ۽ ايجادن جو پڻ اهم ڪردار رهيو آهي. برئڊ فورڊ اتر انگلينڊ ۾ واقع آهي ۽ هي انگلينڊ جو ڏهون نمبر وڏو شهر آهي. هن شهر ۾ ٽيڪنيڪل تعليم جي ضرورت کي محسوس ڪندي سال 1832ع ۾ “مڪئينڪس انسٽيٽيوٽ” قائم ڪيو ويوهيو. هن انسٽيٽيوٽ جي ٽيڪنيڪل تعليم ۽ تربيت ۾ وڌندڙ ڪردار سبب هن کي 1882ع ۾ وڌائي “برئڊ فورڊ ٽيڪنيڪل ڪاليج” جو نالو ڏنو ويو ۽ 1957ع ۾ هن کي “برئڊ فورڊ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي” بڻايو ويو.۽ سال 1966ع ۾ هن کي برئڊ فورڊ يونيورسٽيءَ درجو ڏئي “برئڊ فورڊ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي” کي ان ۾ ضم ڪيو ويو. اهڙي طرح انگلينڊ جي هن شهر ۾ برئڊ فورڊ يونيورسٽيءَ جي نالي سان پهرين سرڪاري يونيورسٽيءَ جو بنياد پيو. هن وقت هن يونيورسٽيءَ ۾ اٽڪل تيرنهن هزار شاگرد مختلف ڪورسن ۾ داخل آهن جتي هو پڙهڻ لکڻ سان گڏ پنهنجن لاڳاپيل شعبن ۾ تحقيق به ڪري رهيا آهن. هن يونيورسٽيءَ جي ڪل شاگردن ۾ اٽڪل ويهه سيڪڙو شاگرد دنيا جي هڪ سئو کان وڌيڪ ملڪن سان تعلق رکن ٿا. برئڊفورڊ يونيورسٽي جي سڃاڻپ نشان (logo) ۾ انگريزي ٻوليءَ جي نامور اديب ۽ شاعر شيڪسپيئر جي سانيٽ (شاعري جي هڪ صنف) مان شامل هڪ سٽ (give invention light) “ايجاد کي عام ڪيو” پڻ ڪلاسيڪي فهم ذريعي جديد دور جي تقاضائن جي پورائي لاءِ تعليم، تحقيق ۽ ايجادن واري عمل کي ترقي وٺرائڻ ۽ ان لاءِ اتساهڻ جو ڪم ڏئي ٿي، جيڪا ڳالهه خود هن يونيورسٽيءَ جي نيڪنامي واري تاثر ۾ اضافو ڪري ٿي.
برئڊ فورڊ يونيورسٽيءَ ۾ انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالاجي، ميڊيڪل انجنيئرنگ، بزنس اسٽڊيز، ميڊيا اسٽڊيز، اڪائوٽنگ، آرڪيالاجي، نيچرل سائنسز، هيلٿ اسٽڊيز، مارڪيٽنگ، ايڪنامڪس، آرٽس ائنڊ سوشل سائنسز، مئٿميٽڪس سميت جديد دنيا جي ضرورتن ۽ انٽرنيشنل جاب مارڪيٽ جي گھرجن مطابق ڪي ئي شعبا قائم آهن جن ۾ انڊر گريجوئشن، ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي جي ڪورسن ۾ داخلائون ڏنيون وڃن ٿيون. هڪ ٻي انفراديت جيڪا پڻ هن يونيورسٽيءَ جي کاتي ۾ اچي ٿي سا اها آهي ته هيءَ پهرين برطانوي يونيورسٽي آهي، جنهن ۾ 1973 ۾ “امن ۽ تضاد” جي مطالعي وارو هڪ شعبو قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو اڄڪلهه “پيس ائنڊ ڪنفلڪٽ سينٽر(peace and Conflict Centre) جي نالي سان ان نوعيت جو ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو سينٽر ليکيو وڃي ٿو. برئڊ فورڊ يونيورسٽيءَ جي ان سينٽر ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ پي ايڇ ڊيءَ جو اسڪالر ۽ شاگرد سعيد احمد رڏ به شامل آهي. سعيد احمد رڏ سان منهنجي ملاقات سيپٽمبر 2011ع ۾ اوڀر لنڊن جي الفرڊ واري علائقي ۾ واقع سيد آفتاب شاهه جي گھر ۾ ٿي هئي جٿي برطانيا ۾ رهندڙ سنڌ جا ڪجهه ساڃاهوَند دوست سنڌ جي مسئلن جي حل وارين ڪوششن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪا سماجي تنظيم جوڙڻ لاءِ گڏ ٿيا هيا. مان به برطانيا ۾ پنهنجي ريڊنگ شهر واري دوست ڊاڪٽر دائم علي درباڻ سان گڏجي اتي ويو هيس. اتي ٻين دوستن جهڙوڪ سعيد احمد سومرو، امداد علي اوڍو، ڊاڪٽر علي رضا ميرجت، ڊاڪٽر شهاب حيدر شيخ، ڊاڪٽر شجاع مهيسر، انجنيئر محمد علي شيخ، آفتاب ٽالپر، غلام علي رضا ۽ عبدالله عباسي سميت برئڊ فورڊ يونيورسٽيءَ جي شاگرد سعيد احمد رڏ سان به مکاميل ٿيڻ جو موقعو مليو هيو. سعيد احمد اصل ۾ خير پور ميرس ضلعي ۾ واقع ڪوٽڏيجي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ “مِٺڙي” سان تعلق رکي ٿو. هو قائد اعظم يونيورسٽيءَ جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان اسٽڊيز ۾ ليڪچرر آهي ۽ اڄڪلهه ڪامن ويلٿ جي اسڪالرشپ (Common Wealth Scholarship)تي برئڊ فورڊ يونيورسٽيءَ ۾ “ پِيس اسٽڊيز” واري شعبي ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ تحقيق ڪري رهيو آهي. هن کان اڳ هو 2006ع ۾ روٽري ورلڊ پيس فيلوشپ پروگرام (Rotary World Peace Fellowship Programme) جي مالي سهائتا سان آمريڪا جي يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا مان پوليٽيڪل سائنس ۽ ايريا اسٽڊيز ۾ ماسٽرس جون ڊگريون حاصل ڪري چڪو آهي. برئڊ فورڊ شهر ۾ ئي تعليم سانگي رهندڙ اسان جو دوست زاهد جماڻي تعليم، روزگار توڙي تفريح لاءِ هتي ايندڙ سنڌين جو گرمجوشيءَ سان استقبال به ڪندو رهي ٿو ته پرڏيهه ۾ انهن جي گھربل رهنمائي به ڪري ٿو. هو پاڻ مانچيسٽر ميٽروپوليٽن ڪاليج جو شاگرد به آهي ته برئڊفورڊ جي هڪ خانگي نرسنگ هوم ۾ جُزُ وقتي نوڪري (part-time job) به ڪندو آهي. زاهد جماڻي اصل ۾ شڪارپور سان تعلق رکي ٿو گذريل ڪيترن ئي سالن کان برئڊ فورڊ ۾ رهي ٿو، جتي هو سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ سنڌ ين جي هڪ سماجي تنظيم “ سنڌ ي سنگت يو ڪي” جو پڻ سرگرم رڪن ۽ عهديدار به آهي. برئڊ فورڊ يونيورسٽيءَ جو ٻيو شاگرد عبدالستار سومرو هيلٿ اسٽڊيز ۾ ماسٽرس ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي ڪٽنب سميت هتي رهائش پذير آهي. انهن دوستن کان اڳ هن يونيورسٽيءَ مان اعجاز مهر ۽ اياز سومرو انجنيئرنگ ۽ رضوان احمد ميمڻ ۽ وجئي ماکيجاڻي بزنس اسٽديز ۾ ڊگريون حاصل ڪري چڪا آهن. هيءَ ڳالهه به پڙهندڙن جي معلومات لاءِ ٻڌائيندو هلان ته برئڊ فورڊ يونيورسٽي لنڊن کان ٻاهر برطانيا جي پهرين يونيورسٽي آهي جيڪا مختلف شعبن ۾ ڊگري ڏيڻ لاءَ پارٽ ٽائيم پڙهائي پڻ ڪرائي ٿي.
اها اطمينان جوڳي ڳالهه آهي ته ٻين جيان اسان جا سنڌي پڻ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃن ٿا ۽ پنهنجي صلاحيتن، محنتن ۽ ڪارڪردگيءَ ذريعي ڌارين ديسن ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جو نالو روشن ڪندا رهن ٿا. انگلئنڊ جي برئڊ فورڊ شهر سميت برطانيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ سنڌي ماڻهو روزگار، تعليم، سماجي سرگرمين ۽ سياست جي ميدان ۾ پنهنجو متحرڪ ادا ڪري رهيا آهن. اهي ديس کان دور رهندي به هن جي خوشحالي، امن، آجپي، سماجي ۽ ثقافتي ترقي لاءِ سرگرم رهي سنڌ سان سلهاڙيل رهن ٿا. برئڊ فورڊ يونيورسٽي ۾ داخلا جي خواهش رکندڙ نوجوان سنڌي شاگردن جي معلومات لاءِ اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته برئڊ فورڊ شهر ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ ڪيترائي سنڌي ڪٽنب آباد آهن، جيڪي سنڌ کان هتي ايندڙ جي رهنمائي ڪندا رهن ٿا. برئڊ فورڊ ۾ رهندڙ سنڌي ڪٽنبن ۾ علي ميمڻ، عبدالستار سومرو، عبدالرئوف لغاري، ضمير گلال، سڪندر خاصخيلي، سردار علي سوهو، ڊاڪٽر عطاءالله جکراڻي ۽ ٻيا شامل آهن. لاڙڪاڻي جي حيتم سوهُو ڳوٺ جو هڪ نوجوان مسعود سوهو پڻ برئڊفورڊ جي ڪنهن خانگي ڪاليج مان تعليم به حاصل ڪري رهيو آهي ته پارٽ ٽائيم روزگار سان به سلهاڙيل آهي.
برئڊفورڊ شهر ۾ موجود ڪيتريون ئي تفريحي جڳهون تجارتي مرڪز برئڊفورڊ يونيورسٽيءَ جي شاگردن لاءِ پڻ دلچسپيءَ جو خاصو سامان مهياڪن ٿا. يونيورسٽي جي ڪئمپسن توڙي هاسٽلن ۾ شاگردن کي متحرڪ رکڻ لاءِ تدريسي بندوبست سان گڏ تفريح لاءِ پڻ ڪيترا ئي ڪلب ۽ سوسائٽيون موجود آهن. “برئڊ فورڊ يونيورسٽي اسٽوڊنٽ يونين” شاگردن جي فلاح ۽ بهبود، تفريح ۽ تعليمي ترقي لاءِ ڪم ڪندي رهي ٿي. يونيورسٽي ۾ اسٽوڊنٽس يونين جي انتظام هيٺ هلندڙ سينما شاگردن کي دلچسپ فلمن ذريعي تفريح مهيا ڪندي رهي ٿي . انهيءَ کان علاوه ريڊيو، سئمنگ پول، فٽنيس ۽ اسپورٽس ڪلب، ثقافتي ۽ ادبي گروپ برئڊ فورڊ يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي ذهني ۽ جسماني آسودگي حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪندا رهن ٿا .
داخلائن متعلق وڌيڪ معلومات برئڊ فورد يونيورسٽيءَ جي ويب سائيٽ تي پڻ موجود آهي ، جنهن ۾ پاڪستان ۾ سندن نمائندن جوڏس پتو پڻ ڄاڻايل آهي. منهنجي خيال مطابق برئڊ فورڊ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا لاءِ ايجنٽن جي بجاءِ جيڪڏهن خواهشمند اميدوار سنئون سڌو يونيورسٽيءَ جي لاڳاپيل شعبي سان رابطو ڪن ته وڌيڪ بهتر آهي.
(ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 28 آگسٽ 2013)