ڪوئينس يونيورسٽي
جيڪا آئرلينڊ جي شهر بيلفاسٽ ۾ آهي
ڪوئينس يونيورسٽي آئرلينڊ ۾ آهي ۽ آئرلينڊ جو وڏو دلچسپ قصو آهي. هتي اسان لاءِ هڪ سوال آهي ته ڇا اسان پهريان آئرلينڊ جي ان قصي جو اڀياس ڪيون يا پهريان ڪوئينس يونيورسٽي جي دلپذر دنيا جو ادراڪ حاصل ڪرڻ لاٰءِ هن يونيورسٽي جي حال ۽ ماضي تي نظر ڦيرائيون ۽ هن جي اهم حقيقتن کان واقف ٿيون؟ منهنجي خيال ۾ شروعات آئرلينڊ کان ٿيڻ کپي جو ڪوئنيس يونيورسٽي آئرلينڊ جي ڌرتي تي آهي ۽ ڌرتي هميشه پهريان هوندي آهي.
دنيا ۾ آئر لينڊ جي نالي سان ٻه علائقا آهن. هڪ آئرلينڊ آزاد ۽ خود مختيار ملڪ جي حيثيت سان دنيا جي نقشي تي موجود آهي جنهن کي “ريپبلڪ آف آئرلينڊ” (Republic of Ireland)سڏين ٿا. يورپ جي هن آزاد ملڪ جي گادي وارو شهر ڊبلن (Dublin) آهي. ٻي آئرلينڊ جتي ڪوئنس يونيورسٽي قائم آهي سو برطانيا جو هڪ صوبو يا رياست آهي. هن رياست جو گادي وارو شهر بيلفاسٽ (Belfast) آهي. برطانيا واري رياست آئرلينڊ کي “نارٿ آئرلينڊ” (North Ireland) سڏيندا آهن. اها ڳالهه خود برطانيا جي پنهنجي سرڪاري نالي مان به ظاهر آهي يعني يونائيٽيڊ ڪنگڊم آف گريٽ برٽين ائنڊ نارٿ آئرلينڊ”.
بحرحال ٻن حصن ۾ هجڻ صرف آئرلينڊ جي ئي حقيقت نه آهي پر دنيا ۾ اهڙا ٻيا به مثال موجود آهن. جهڙوڪ ايشيا کنڊ ۾ ڪوريا جي نالي سان ٻه ملڪ آهن، هڪ سائوٿ ڪوريا ۽ ٻيو نارٿ ڪوريا. اڳي پاڪستان به ٻن حصن تي مشتمل هيو جهڙوڪ مشرقي پاڪستان ۽ مغربي پاڪستان. مشرقي پاڪستان 1971ع ۾ بنگلاديش بڻجي ويو.ڪنهن زماني ۾ جرمنيون (Germany) به ٻه هيون جن کي برلن جي ديوار ورهائي ڇڏيو هيو پر بعد ۾ ٻنهي ملڪن جي عوام جي خواهشن مطابق برلن ديوار کي ڊاهي 1990ع ۾ جرمني جو ميلاپ ڪيو ويو. انهيءَ کان اڳ هڪ ملڪ کي اِيسٽ جرمني يا جرمن ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ ۽ ٻئي کي ويسٽ جرمني يا فيڊرل ريپبلڪ آف جرمني سڏيو ويندو هيو. اِيسٽ جرمني جي گادي جو هنڌ برلن ۽ ويسٽ جرمني جي گادي جو هنڌ بون هيو. ساڳي طرح عرب دنيا جو ملڪ جيڪو هاڻي ريپبلڪ آف يمن سڏجي ٿو سو پڻ 22 مئي 1990ع ۾ هڪ ملڪ ٿيڻ کان پهريان ٻن ملڪن جي صورت ۾ موجود هيو. جنهن مان هڪ نارٿ يمن ۽ ٻيو سائوٿ يمن سڏبو هيو ۽ اهي ٻئي ملڪ آزاد حيثيت رکندا هيا. چند سال اڳ يعني 9 جولاءِ 2011ع تي آفريڪا جي سڀ کان وڏي ملڪ سوڊان جو ورهاڱو ٿيڻ سان ٻه سوڊان دنيا جي نقشي تي نروار ٿيا آهن. هڪ ريپبلڪ آف سوڊان جنهن جي گادي جو هنڌ “خرطوم” آهي ۽ ٻيو يعني تازو وجود ۾ آيل ريپبلڪ آف سائوٿ سوڊان جنهن جي گادي جو هنڌ “جُبا” آهي. بنگال ۽ پنجاب به اهڙا ٻه صوبا آهن جيڪي ٻن ملڪن ۾ ورهائيل آهن. جهڙوڪ مشرقي پنجاب هندوستان ۾ ۽ مغربي پنجاب پاڪستان ۾ آهي. ساڳي طرح اوڀر بنگال بنگلاديش جو صوبو آهي ته وري مغربي بنگال هندوستان جو صوبو آهي. اهڙي طرح آئرليند جي ڌرتي به ٻن حصن ۾ ورهائيل آهي.
بحرحال آئرلينڊ جي ٻن حصن ۾ ورهائجڻ جي ڪهاڻي ۽ ان ورهاست جي سياسي، سماجي سببن ۽ حقيقتن جو تفصيلي جائزو به ڪنهن ٻئي مضمون ۾ پيش ڪبو پر هتي نارٿ آئرلينڊ (North Ireland) جي تعليمي کيتر ۾ اهم حيثيت رکندڙ درسگاهه “ ڪوئينس يونيورسٽي بيلفاسٽ” بابت معلومات وٺون ٿا.
ڪوئينس يونيورسٽي جنهن جو پورو نالو “ ڪوئينس يونيورسٽي بيلفاسٽ” (Queen’s University Belfast) آهي، سا پنهنجي صوبائي حڪومت جي سرپرستي ۾ هلندڙ نامياري ريسرچ يونيورسٽي ليکي وڃي ٿي. هن کي آساني خاطر صرف “ ڪوئين” يا “ڪيو يو بي” (QUB) به سڏيندا آهن.هيءَ يونيورسٽي نارٿ آئرلينڊ جي گادي واري شهر بيلفاسٽ ۾ واقع آهي.هي يونيورسٽي اڄ کان اٽڪل ستانوي سال اڳ يعني 1908ع ۾وجود ۾ آئي. ڪوئينس “رسل گروپ”، ايسوسيئيشن آف ڪامن ويلٿ يونيورسٽيز” ۽ “يورپين يونيورسٽيز يونين” جي ميمبر آهي. هن يونيورسٽيجي ٽن ريسرچرس کي سندن نمايان تحقيقين، دريافتن ۽ ايجادن جي عيوض نوبيل انعام ملي چڪا آهن.
ڪوئينس يونيورسٽي جي ٻي اهم ڳالهه هي به آهي ته هيءَ يونيورسٽي برطانيا جي انهن آڳاٽين يونيورسٽين ۾ شامل آهي جن کي لنڊن جي ويسٽمنسٽر واري علائقي ۾ قائم “ يونائيٽيڊ ڪنگڊم آف گريٽ برٽين” جي پارليامينٽ ۾ سيٽون مليل هيون ۽ اهي يونيورسٽيون پنهنجا اميدوار چونڊي کين برطانيا جي قانون ساز اسيمبلي ۾ ميمبر جي حيثيت سان موڪلينديون هيون. ڪوئينس يونيورسٽي کي پڻ “ يو ڪي” ( UK) جي پارليامينٽ ۾ چونڊيل ميمبرن جون ٻه سيٽون مليل هيون. اهو سلسلو 1950ع تائين جاري هيو پر بعد ۾ ختم ڪيو ويو. ساڳي طرح 1920ع کان 1968ع تائين نارٿ آئرلينڊ جي پارليامينٽ ۾ پڻ ڪوئينس يونيورسٽي پنهنجا اميدوار چونڊي موڪليندي هئي.
ملڪي پارليامينٽ ۾ يونيورسٽين جي نمائندن کي چونڊي کين ميمبر جي حيثيت سان موڪلڻ جو رواج آڳاٽي دور ۾ اسڪاٽلينڊ کان شروع ٿيوهيو. 1603ع ۾ جڏهن بادشاهه جيمس ڇهون (جيڪو “ڪِنگِ جيمس سِڪسِ آف اسڪاٽلينڊ” جي نالي ۽ لقب سان مشهور هيو) برطانيا جي راڄ ڀاڳ جو مالڪ بڻيو ته هن انهيءَ نظام کي انگليڊ جي پارليامينٽ ۾ به لاڳو ڪيو هو جيڪو برطانيا جي “ يونائيٽيڊ ڪِنگڊم” بڻجڻ کان پوءِ به 1950ع تائين جاري رهيو.
ڪوئينس يونيورسٽي جون ٽي وسيع ۽ جامع فئڪلٽيون آهن جن ۾ اٽڪل ويهه اسڪول آهن جن ۾ بايولاجيڪل سائنسز، ڪيمسٽري ائنڊ ڪيميڪل انجنيئرنگ، ڪريئيٽِوِ آرٽ، اليڪٽرانڪس، اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ائنڊ ڪمپيوٽر سائنس ايجوڪيشن، جيوگرافي، آرڪيٽيڪچر ائنڊ پاليوڪالاجي، انگلش، هسٽري ائنڊ ائنٿروپالاجي، لا، مئنيجمنٽ، ائنٿراپالاجي،اسڪول آف مئٿميٽڪس ائنڊ فزڪس، مڪينيڪل ائنڊ ائرواسپيس انجنيئرنگ، ميڊيسن، ڊينٽسٽري ائنڊ بايوميڊيڪل سائنس، ماڊرن لئنگوِجِز، نرسنگ ائنڊ مڊ وائيفري، فارميسي، پلاننگ، آرڪيٽيڪچر ائنڊ سِوِل انجنيئرنگ، پاليٽڪس، انٽرنيشنل اِسٽڊيز ائنڊ فلاسافي، سائڪالاجي، سوشالاجي ۽ سوشل پاليسي ائنڊ سوشل ورڪ جهڙا اهم سبجيڪٽ پڙهايا وڃن ٿا.
انهن کان علاوه ڪوئينس يونيورسٽي جا مکيه انسٽيٽيوٽ جهڙوڪ انسٽيٽيوٽ آف ليگل اسٽڊيز، انسٽيٽيوٽ فار ڪوليبريٽِوِ ريسرچ اِن دي هيومنٽيز، انسٽيٽيوٽ فار دِي اسٽڊي آف ڪنفلڪٽ ٽراسفارميشن ائنڊ سوشل جسٽس، انسٽيٽيوٽ آف ٿيالاجي، انسٽيٽيوٽ آف اليڪٽرانڪس، ڪميونيڪيشنس، ائنڊ انفارميشن ٽڪنالاجي، انسٽيٽيوٽ فار گلوبل ڦوڊ سڪيورٽي، گِبسن انسٽيٽيوٽ، انسٽيٽيوٽ آف ڪاگنيشن ائنڊ ڪلچر. انسٽيٽيوٽ آف آئرش اسٽڊيز، انسٽيٽيوٽ آف اسپيشل ائنڊ انوائرنمنٽل پلاننگ ۽ وليم جِي ڪلنٽن ليڊرشپ انسٽيٽيوٽ پڻ ساراهه جوڳو ڪم ڪندا رهن ٿا.
ڪوئينس يونيورسٽي ۾ شاگردن جي هم نصابي سرگرمين لاءِ جوڳو انتظام ٿيل آهي.“ اسٽوڊنٽس يونين” پڻ انهيءَ ڏس ۾ هميشه متحرڪ رهي ٿي. اسٽوڊنٽس يونين يونيورسٽي ۾ شاگردن جي ڀلائي لاءِ هڪ ايڊوائس سينٽر (Advice Centre) پڻ قائم ڪيو آهي جنهن ۾ شاگردن کي پيش ايندڙ مونجهارن، مالي ۽ رهائشي توڙي ٻين مسئلن جي حل ۾ مدد ڪئي وڃي ٿي.
(ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 2 سيپٽمبر 2015)