شخصيتون ۽ خاڪا

مُون سي ڏٺا ماءِ

سائين لائق سنڌي سنڌ جي اهڙن ماڻهن مان هڪ هو، جنهن تي جيترو فخر ڪجي اوترو گهٽ آهي. ڏٺو وڃي ته هو گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. تعليم کاتي سان به واڳيل رهيو ته صحافت جهڙي گورک ڌنڌي سان به توڙ تائين نڀايائين. انهن سڀني وابسطگين جي پٺيان جيڪو سندس مقصد هو، سو هو ”سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال“ ماءُ ٻوليءَ سان کيس عشق هو، ڇاڪاڻ جو هُن اسڪولن ۾ ٻارن جي ٻوليءَ تي به ڌيان ڏيڻ ضرري ٿي سمجهيو ته صحافتي دنيا ۾ به سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ کي روڪڻ سندس مقصد هو.
Title Cover of book مُون سي ڏٺا ماءِ

سائين لائق سنڌيءَ جو يادگار انٽرويو

سنڌ جو خدائي خدمتگار سائين لائق ...
شبير نظاماڻي

جيڪڏهن توهان کي اوچتو ڪٿي ڪو ماڻهو گڏجي ۽ توهان کي گمان ٿئي ته ”هي استاد بخاري ته ناهي“ ته توهان يقينن سائين لائق سان ملي رهيا آهيو، قد جو پورو پنو، مٿي تي سدائين ڳاڙهي ٽوپي، سنهو جسم، اڇا ڪپڙا پهريل. هڪڙي هٿ ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهي، ان ٿيلهي ۾ اخبارون، پنا ۽ خبر ناهي ڇا ڇا ڀريل، ٻئي هٿ ۾ سگريٽ.
پر هي ان شخص جو مڪمل تعارف ناهي، هو پنهنجو مڪمل تعارف ڪرائي به نٿو، ڪڏهن به هن کان هن جو تعارف پڇيو وڃي ٿو ته هو جيڪو ڪجهه ٻڌائي ٿو، ان کانپوءِ به ڪافي تشنگي باقي رهي ٿي. لڳي ٿو ته اڃان گهڻو ڪجهه آهي، جنهن جي پرده داري ڪئي پيئي وڃي. هن پروفائيل لاءِ جڏهن سائين لائق سان ٻه ٽي ويهڪون ڪيون ويون ته انهن ۾ به هو مڪمل کلي نه سگهيو.
اسڪول جي رجسٽر موجب هي شخص 19 ڊسمبر 1943ع ۾ موري منگر ۾ ڄائو هو، اهو موري منگر جيڪو سنڌ جي هڪڙي وڏي نالي شيخ علي محمد جو به گهر آهي، حاجي اسماعيل ٿيٻي کي پوڻيٺي جو پٽ ڄائو ته هن ان جو نالو ڏنو لائق رکيو، جيڪو اڳتي هلي هن جو لائق پٽ ثابت ٿيو، هن جو ننڍو ڀاءُ محمد قاسم آهي، ڀينرون به حال حياتي آهن. وڏي ڪڙم سان لاڳاپيل محمد لائق ڳوٺ ۾ ئي داسن ۽ پٽين سان ٺهيل پرائمري اسڪول ۾ داخلا ورتي، سيد الهڏنو شاهه هيڊ ماستر هوندو هو، پهريون سبق سائين ابراهيم شاهه ڏنو، ان کانپوءِ يار محمد شيدي ۽ عبدالرحمٰن ٿيٻو پرائمري اسڪول ۾ هن جا استاد ٿيا. سائين لائق جڏهن به پنهنجي استادن جو نالو کنيو ٿي ته اڄ به احترام وچان هن جون اکيون جهڪي ويون ٿي، تڏهن جنوري کان ڊسمبر تائين تعليمي سال هوندو هو، ڊسمبر 1957ع ۾ هن ڳوٺ ۾ ئي ست درجا پاس ڪيا، هن 1958ع ۾ سنڌي فائنل امتحان به پاس ڪيو ان امتحان جو داستان هو وڏي دلچسپيءَ سان ٻڌائي ٿو، هو ٻڌائي ٿو، ڳوٺ جا ٽي ڄڻا سنڌي ورنيڪيولر فائنل جو امتحان ڏيڻ لاءِ حيدرآباد پهتاسين، هڪڙو آئون هئس ٻيو ڏاتر ڏنو شيخ ۽ ٽيون عيدن خاصخيلي، امتحان جي لاءِ اسان کي سائين عبدالرحمٰن ٿيٻو حيدرآباد وٺي آيو، جتي اسان اوقاف جي جاءِ ۾ رهندا هئاسين، هڪڙي جاءِ ۾ شيخ علي محمد رهندو هو ۽ ٻيءَ ۾ اسان رهياسين، مون سائين صوفي نيڀراج وٽ به امتحان جي تياري ڪئي، عبدالرحمٰن ٿيٻي منهنجي لاءِ چيو ته هي پاس نه ٿيندو، باقي هي ٻئي ڄڻا پاس ٿيندا. اسان رياضيءَ جو پيپر ڏيئي آيا هئاسين، سائين نيڀراج اسان ٽنهي کان پڇيو ته پيپر ڪيئن ٿيو، ٽنهي حسابن جا جواب ٻڌايا، چيائين ته هي هڪڙو پاس ٿيندو، باقي ٻئي ناپاس ٿيندا ۽ ٿيو به ائين.
سائين لائق ورنيڪيولر امتحان پاس ڪيو ته ان وقت هن جي ڄمار 18 سال به نه هئي کيس پرائمري ٽيچر جي نوڪري ملي، ان وقت سندس ڄمار 17 سال 4 مهينا هئي، ان وقت 18 سالن جي ڄمار کان گهٽ واري ماڻهو کي ماستري نه ملندي هئي، سائين لائق ٻڌائي ٿو ته تڏهن ايس ڊي او رفيع عالم صديقي هو، الهه بخش ٽالپر سپروائيزر کيس نوڪري وٺي ڏني، رفيع عالم چيو ته هن جا 18 سال پورا ناهن ته الهه بخش ٽالپر چيو ته باقي 8 مهينا سروس ۾ پورا ڪندو، نوڪري وارو آرڊر الهه بخش ٽالپر پاڻ لکيو، اهو الهه بخش ٽالپر جنهن جا حسابن کان علاوه ”اُداسيءَ جون آهون“ ۽ ”پرديسيءَ جو پيار“ جهڙا ڪتاب لکيل آهن.
سائين ٻڌائي ٿو ته اصل ڪهاڻيون وڏيري شاهنواز جوڻيجي جون هيون، هي سانگهڙ وارو وڏيرو نه پر حيدرآباد تعلقي جي راهوڪيءَ جو آهي.
سائين ان وقت جي پرائمري ڪورس بابت ٻڌائي ٿو ته ان ۾ شاهه لطيف، سچل سرمست، مخدوم نوح، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي ۽ شاهه عنايت ۽ اهڙن ئي ٻين سنڌ جي عظيم شخصيتن تي سبق هوندا هئا، ڳالهه کي وري ٿورڙو پوئتي وٺي وڃون ٿا. پنهنجي خاندان بابت هو ٻڌائي ٿو ته اسان جو وڏو ڏاڏو لائق فقير هر سهائي سومار تي موري منگر ڳوٺ مان پند هالا ويندو هو ۽ ٻئي ڏينهن علي الصبح واپس ڳوٺ موٽي ايندو هو، سائين کي ياد ناهي ته تڏهن هالن جي گاديءَ تي ڪير ويٺل هو پر هو چوي ٿو ته شايد مخدوم ظيهر الدين عرف پکن ڌڻي هو، هو هڪڙي انتهائي دلچسپ ڪٿا اها ٻڌائي ٿو ته اسان جي وڏي ڏاڏي تي مخدومن جي خاص مهرباني هئي ۽ هو ذاتي طور تي هن کي سڃاڻندا هئا، هڪ ڀيري گادي نشين چيو ته جيڪو گهرڻو هجئي ته گهر ڏاڏي چيو ته بس سائين دعائون کپن، گادي نشين چيو ته دعائون ته آهن ئي آهن ٻي ڪا ڳالهه ڪر، گهڻي زوربار تي ڏاڏي چيو ته جيڪڏهن مهرباني ڪريو ٿا ته اها ڏيو ڏاڏي جو اشارو رليءَ ڏانهن هو، جنهن تي گادي نشين ويهندو هو، ان تي هن چيو ته زماني جي ڳالهه ڪر، ڏاڏي چيو ته جي ڏيڻي اٿو ته اها ڏيو. ان تي گادي نشين اها رلي ڏاڏي جي حوالي ڪئي، جيڪا اڃا تائين اسان جي گهر ۾ موجود آهي، هو ٻڌائي ٿو ته اڃا به پوڙهيون پڪيون اينديون آهن ۽ چونديون آهن ته بيمار آهيون، پلاند پسائي ڏيو، سائين لائق اهو انڪشاف ڪندي چيو ته ”اهو ڪم آئون ڪندو آهيان“ هو ٻڌائي ٿو ته اسان جا وڏا اصل موري منگر جا ئي هئا. اهو ڳوٺ ته حيدرآباد تعلقي جي ٽنڊي قيصر ڀرسان آهي، هو ٻڌائي ٿو ته گذر لاءِ ٻنيءَ ٻارو هو، ويهارو کن ايڪڙ پنهنجا هوندا هئا، تڏهن ڦليلي ڦاٽ مان سنڌ واهه وهندو هو، اهو ڳوٺ وچان نڪرندو هو ڳوٺ جو وڏو حصو ديهه ڌماچاڻي ۽ ننڍو حصو ديهه موري ۾ هوندو هو، اهو موري منگر سائين لائق جو به ڳوٺ آهي ته شيخ علي محمد جو به گهر آهي، هو ٻڌائي ٿو ته بابا جي ظاهري تعليم نه هئي، فقراه رنگ وارو هو، زماني جي ڪنهن ضرورت سبب ان زمين مان 12 ايڪڙ تڏهن 15 هزارن ۾ وڪڻي ڇڏيا، هو اهو به ٻڌائي ٿو ته بابا هڪ ڀيري اجمير شريف خواجه معين الدين چشتي رحه جي درگاهه تي به ويا هئا. اها اجمير شريف جتي بئريسٽر جان محمد جوڻيجو به دفن ٿيل آهي، هو ٻڌائي ٿو ته زمين وڪڻڻ کانپوءِ بابا هارپو ڪيو زميندار هوندو هو وڏيرو شير محمد ٿيٻو. هو زميندار جي ساراهه ڪندي چوي ٿو ته اهو پنج ڏيئي 15 لکڻ وارو نه هو، هو ٻڌائي ٿو ته اهو اهو دؤر هو جڏهن کير وڪڻڻ کي گناهه سمجهيو ويندو هو.
سائين لائق سنڌي ورنيڪيولر فائنل جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ ڳوٺ ۾ ئي انگريزي اسڪول کليو ته ان ۾ ٽي سال پڙهيو، هن کي اڃا تائين سائين محمد بخش انصاري خيرپور رياست وارو غلام محمد ابڙو نصرپور وارو، احمد ٿيٻو موري شاخ وارو ۽ محمد الياس بڪيرو بڪيرا شريف وارو چڱي ريت ياد آهن، هو چوي ٿو ته اڄ آئون جيڪو ڪجهه آهيان اهو انهن استادن جي ئي ڪري آهيان، نوجوان لائق ڏني ٿيٻي جي پهرين پوسٽنگ توڪل علي ميرجت اسڪول ۾ ٿي جيڪو حيدرآباد- ٽنڊي محمد خان روڊ تي کٿڙ ويجهو هو، ڳوٺ کان پنڌ وڃڻو پوندو هو يا وري حيدرآباد کان ريل رستي هوسڙي ريلوي اسٽيشن تي لهي 3 ميل پنڌ ڪري اسڪول پهچڻو پوندو هو، وڏو پنڌ هجڻ ڪري هو اتي رهي پيو ۽ هفتي هفتي ڳوٺ ايندو هو ۽ پهرين درجي ۾ 36 ٻار داخل ٿيا هئا، جن مان 18 پاس ٿيا هئا. کيس پهريون پگهار 71 رپيا مليو، جنهن مان 40 رپيا پڪو پگهار هو، 25 رپيا هڪڙو الائونس ۽ 6 روپيا ٻيو الائونس هو، هو ٻڌائي ٿو ته ان اسڪول ۾ هڪ شاگرد بيمار ٿي پيو ته آئون پڇڻ ويس، مير جت ٻروچ ماڻهو هئا، ڌارين کي گهر نه اچڻ ڏيندا هئا، پر مون تي مهربان هئا، هو ٻڌائي ٿو ته ان شاگرد جي ڏاڏي کي گندي جا 20 رپيا ڏنا ته ڳوٺ ۾ ڳالهه مشهور ٿي ويئي ته استاد راڄائتو ماڻهو آهي ان اسڪول کانپوءِ 1962ع ۾ نوجوان لائق موري منگر پرائمري اسڪول ۾ آيو ماستري دروان ئي هن اديب سنڌي، اديب عالم ۽ اديب جا ڪورس ڪيا. 1963ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ لاءِ حيدرآباد ۾ داخلا ورتي، هو ٻڌائي ٿو ته اسان جو ڪلاس ٽيچر حيدر علي لغاري تاجپور وارو هوندو هو، هن جو پڙهائڻ جو انداز ايڏو ته سهڻو هو جو استادن پيرڊ ڇڏي ان پيرڊ ۾ وڃي ويهندو هئس. ان کان پوءِ سائين حيدر علي لغاري سان نياز مندي جو رستو هلندو اچي، هن کي پنهنجا اهي ڏينهن به انتهائي سهڻا لڳن ٿا، جڏهن سائين حيدر علي لغاري ٽنڊي ڄام هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماستر ٿي آيو اتي ئي سائين لائق استاد طور مقرر ٿيو، ان کان پوءِ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد واري اسڪول ۾ ڊيپوٽيشن تي ٽيچر ٿيو، سائين لائق سنڌي 25 سال پورا ڪري ڊسمبر 1986ع ۾ رٽائر ٿيو، تڏهن هن جي ڄمار 43 سال مس هئي، هو ٻڌائي ٿو ته مون پاڻ رٽائرمينٽ ورتي، جيڪا وڏي غلطي هئي.
نوجوان محمد لائق جي 1966ع ۾ شادي ٿي، جنهن مان کيس 8 ٻار ٿيا، جن مان 4 مالڪ پاڻ وٽ گهرائي ورتا، وڏو محمد اسماعيل پرائمري ٽيچر آهي (جيڪو هن وقت ليڪچرار آهي) ننڍو محمد بخش (جيڪو هن وقت ايم.اي سنڌي ادب”فرسٽ ڪلاس“آهي) وڏي ڇوڪريءَ جي شادي هن پنهنجي ڀاڻيجي محمد موسيٰ سان ڪرائي آهي، جيڪو فوج ۾ آهي، هو ٻڌائي ٿو ته سس سندس سڳي سئوٽ آهي.
لائق ڏني مان هو لائق سنڌي ڪڏهن ٿيو؟ ان ڳالهه تي هو ٻڌائي ٿو ته مولانا عبيد الله سنڌيءَ ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کان متاثر ٿي پاڻ کي سنڌي سڏايو. هو ٻڌائي ٿو ته جڏهن رشيد ڀٽي سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري هو، تڏهن موري منگر شاخ جو پهريون سيڪريٽري صوفي نيڀراج ٿيو، جنهن سائين لائق جي زندگيءَ تي وڏا اثر ڇڏيا. ان جي صحبت جي اثر ۾ هو شاهه لطيف سان ويجهو ٿيو، ان شاخ جو ٻيو سيڪريٽري امين ٿيٻو هو ۽ ٽيون لائق سنڌي ٿيو. هو ٻڌائي ٿو ته مرڪزي سيڪريٽري رشيد ڀٽي سان پوسٽ ڪارڊ ذريعي لکپڙهه ٿيندي هئي، جيڪا آئون ڪندو هوس، تڏهن سنڌ جي انگريزي اسپيلنگ Sind هوندي هئي، هو ٻڌائي ٿو ته آئون ”D“ کانپوءِ ”H“ جو اضافو ڪري ان کي Sindh لکي ڇڏيندو هئيس، هو ٻڌائي ٿو ته سنڌي ادبي سنگت جي رڪارڊ ۾ اڄ به اها لکت موجود آهي، جنهن ڳالهه شاهدي تاج جويو صاحب به ڏيئي سگهي ٿو، هو اهو به ٻڌائي ٿو ته هن 1988ع ۾ بينظير کي ذاتي خط لکيو، جنهن ۾ کيس اها گذارش ڪئي ته سرڪاري لکت ۾ سنڌ جي اسپيلنگ صحيح نٿي لکي وڃي ان کي Sind بدران Sindh ڪري لکيو ويو.
سائين لائق جي صحافت ۾ داخلا تڏهن ٿي جڏهن هو ماڊل اسڪول ۾ هوندو هو، هن شيخ علي محمد جي ادارت ۾ نڪرندڙ آفتاب اخبار جوائن ڪئي، هو شروع ۾ اندرين صفحن ۾ هيڊنگس لاءِ ڪتابت ڪندو هو. ان کانپوءِ هن نوجوانن جو صحفو سنڀاليو، ان صفحي جو نالو ”سرجڻهار“ رکيو ويو، جنهن جو هو انچارج ٿيو، ان سان گڏ سائين لائق ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ ماهوار اخبار تعليم جو پهرين سب ايڊيٽر ۽ پوءِ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿيو. ٽنڊي ڄام مان ”هاڪڙو“ پبليڪيشن نڪرندي هئي جنهن جو هو نگران هو، آفتاب اخبار بابت هو ٻڌائي ٿو ته هن جو سنڌ پرستيءَ ڏانهن لاڙو وڌيڪ هو، هو ٻڌائي ٿو ته جن جو به بيان ٻي اخبار ۾ نه ڇپبو هو ته آفتاب ۾ ڇپبو هو.
ڀُٽي جي دؤر بابت ڳالهائيندي هو چوي ٿو ته تڏهن نظير عباسي ۽ ڄام ساقيءَ جي بيانن تي سختي هئي، پر شيخ صاحب اهي شايع ڪندو هو، تڏهن ڪميونسٽ پارٽيءَ تي پابندي هئي، نظير عباسي ۽ ڄام ساقي تي گهڻي سختي هوندي هئي، تڏهن به اهي شيخ صاحب سان ملڻ لاءِ روبرو آفيس ۾ ايندا هئا، هو ٻڌائي ٿو ته جڏهن ڄام ساقي ۽ سهيل سانگي وارا گرفتار هئا، ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيو هو ته شيخ صاحب سندن آزادي لاءِ شاهدي ڏني ۽ ضمانت به ڏنائين، هو ٻڌائي ٿو ته جنرل جهانداد شيخ صاحب کي چيو ته سهيل سانگي ڀارت ڀڄي ويندو جنهن تي شيخ صاحب چيو ته هن جي روزگار جو بندوبست به آئون ئي ڪريان ٿو، ان بعد هن سهيل سانگي کي آفتاب ۾ نوڪري ڏني، هو ٻڌائي ٿو ته جڏهن ڀٽي دؤر ۾ سائين جي ايم سيد کي نظر بند ڪيو ويو ته سندس آزاديءَ لاءِ اخبار ۾ ايڊيٽوريل به لکيائين، هو اهو به ٻڌائي ٿو ته جڏهن ضياءَ جي دؤر ۾ شيخ علي محمد مجلس شوريٰ جو ميمبر ٿيو ته هن اتي سائين جي ايم سيد جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو، تڏهن ان تقرير جا منٽس شيخ صاحب وٽ پهتا، جنهن ۾ لکيل هو ته شيخ صاحب ”ايلڊر پوليٽيشن آف سنڌ“ جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو آهي ته شيخ صاحب ان ۾ درستي ڪري چيو ته مون سائين جي ايم سيد جو نالو کنيو آهي، هو ٻڌائي ٿو ته آفتاب ۾ تڏهن اندرئين پيج جو انچارج هوندو هو، محمد بخش جوهر ۽ شام جو عبدالرحمٰن جوڻيجو انچارج هو جيڪو اداڪارا مونا جوڻيجي جو چاچو هو، هن جي ميٽرڪ ممبئي يونيورسٽي مان ٿيل هئي.
سائين لائق تڏهن جي هڪڙي خبر بابت ٻڌائي ٿو ته سامونڊي جيوت بابت اسٽوري آيل هئي، جنهن تي عبدالرحمٰن جوڻيجي چيو ته سڀاڻي ٻين اخبارن ۾ به هيءَ اسٽوري ڏسجان. فقط آفتاب ۾ سڀني مڇين ۽ بين سامونڊي جانورن جا نالا سنڌيءَ ۾ هوندا ۽ ٻين سنڌي اخبارن ۾ ڪجهه نالا ته ترجمو ٿيل هوندا، باقي اڪثر نالا انگريزيءَ ۾ ئي هوندا. سائين ٻڌائي ٿو ته واقعي ائين هو، هو ٻڌائي ٿو ته شيخ صاحب چوي ٿو ته خبر ڪيتري به سخت هجي پر سچي هجي، خبر جي ترديد نه ڪبي، هن کي ياد آهي ته شيخ صاحب وٽ مولوي خير محمد نظاماڻي، مولانا عبدالغفور سيتائي، مولانا غلام محمد گرامي، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ سيد سردار علي شاهه ايندا هئا، ان سان گڏ نياز همايوني ۽ شيخ اياز به ڀيرو نه ڀڃندا هئا، هو ٻڌائي ٿو ته شيخ اياز جو سرنهن ۾ نڪتل فوٽو موري منگر جو آهي، هو ٻڌائي ٿو ته مولانا عبدالحق ربانيءَ جو شيخ صاحب تمام گهڻو لحاظ ڪندو هو، هو ٻڌائي ٿو ته تڏهن سنڌ جا اهي سهڻا فرد پنهنجي ديس جي ماضي، حال ۽ مستقبل تي ڪچهريون ڪندا هئا ۽ انهن کي پنهنجي ديس جو تمام گهڻو اونو هوندو هو، انهن وٽ سنڌ جي تصوير هڪ خوشحال ديس جي هوندي هئي، انهن وٽ سنڌ جي سڃاڻپ وطن ۽ ديس واري هوندي هئي، اهي سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاريءَ کي سنڌ لاءِ سڀ کان وڏو نقصان سمجهندا هئا، هو ٻڌائي ٿو ته آفتاب ۾ سائين محمد ابراهيم جويو به لکندو هو، تڏهن ڊيلي نيوز ۾ جي ايم مهڪري (غلام محي الدين مهڪري) انگريزي ۾ لکندو هو، جنهن جا ترجما محمد ابراهيم جويو ڪندو هو، ٻين اخبارن اهي لکتون ڇپڻ کان جواب ڏنو پر شيخ صاحب ڇپيندو هو، پروف جويو صاحب پاڻ پڙهندو هو، پر جڏهن جويو صاحب نه ايندو هو ته ان جا پروف هي گناهگار (پاڻ ڏانهن اشارو ڪندي) ڏسندو هو، هو ٻڌائي ٿو ته جڏهن مولانا گرامي صاحب لاڏاڻو ڪري ويو. ’آفتاب‘ اخبار موڪل ڪئي هئي، هن کي اهو به ياد آهي جڏهن ضياٰءِ مارشل لا هنئي ۽ ڀٽي کي قيد ڪيو ته ملڪ تي فوج جي قبضي خلاف شيخ صاحب ايڊيٽوريل لکيو هو، جنهن ۾ هن لکيو هو ته هڪڙي مارشل لا ملڪ ٽوڙيو آهي، ٻي مار شل لا به چڱائي نه ڪندي.
سائين لائق جو پهريون مضمون پڪي قلعي مان شايع ٿيندڙ هلال پاڪستان ۾ ڇپيو، جيڪو ڀٽي تي سانگهڙ ۾ حملي خلاف هو، ان مضمون جو عنوان هو ”ذوالفقار علي ڀٽو ڪنهن جو آواز آهي؟“ هو ٻڌائي ٿو ته ان ۾ سندس نالو نه ڏنو ويو هو، شيخ صاحب ان مضمون جي هيٺان نالي بدران ”ازعوام“ لکي ڇڏيو، هو ٻڌائي ٿو ته هلال پاڪستان ۾ هن جو پهريون شعر نالي سان ڇپيو، اهو هو.
سياست سنڌ جي سڌري جو جناب ذوالفقار آيو،
خزان جو دؤر ويو گذري وري واپس بهار آيو.

هو ڀٽي صاحب ۽ حيدرآباد جي مير برادران بابت هڪڙو قصو به ٻڌائي ٿو، جيڪو شايد گهڻن کي معلوم ناهي، هو ٻڌائي ٿو ته، جڏهن ڀٽو صاحب قيد هو ته ڀٽي صاحب بيگم نصرت ڀٽو کي چيو ته تون شيخ اياز وٽ وڃ، کيس چئو ته هو شيخ علي محمد سان ملي، جيڪو مير برادران کي نياپو ڪري ته اوهان ٻاهر نڪرو ته ماڻهو به ٻاهر نڪرندا، تڏهن مير علي محمد ۽ مير رسول بخش پيپلز پارٽي ۾ نه هئا، ٻنهي کي ڀٽي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو هو، هي ٻڌائي ٿو ته شيخ اياز اسان جي سامهون وي سي واري گاڏيءَ ۾ چڙهي آيو، هن شيخ صاحب کي نياپو پهچايو، جيڪو ميرن تائين پهتو، مير رسول بخش ٻاهر نڪرڻ تي آماده ٿيو پر چيائين ته وڏو ڀاءُ ويٺو آهي، ان کان پڇو، مير علي احمد چيو ته ڀٽي کي ڦاسي اچڻي آهي، آمريڪا طئه ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري ڪوشش اجائي آهي ۽ جلوس به اهي ڪڍن، جيڪي هن سان گڏ ويٺا آهن، پاڻ کي ته پارٽيءَ مان ڪڍي ڇڏيائين، سائين لائق ٻڌائي ٿو ته ڀٽي جي نياپي باوجود ميرن جلوس نه ڪڍيو.
هو ٻڌائي ٿو ته جڏهن شيخ علي محمد صاحب آفتاب اخبار ڪڍي تڏهن ڪنهن اچي کانئس پڇيو ته آفتاب ڪنهن جي آهي، جنهن تي هن ٻڌايو ته اسان اخبارون ڪڍندا وياسين اخبارو اسان کي ڪڍنديون ويون هيءُ اخبار اهڙي ڪڍي اٿئون جو اسان کي نه ڪڍندي، هو ٻڌائي ٿو ته شيخ صاحب جي وفات کانپوءِ سندس پٽن اخبار سنڀالي پر اهي اخباري مزاج جا نه هئا جنهن ڪري اها اخبار بند ٿي ويئي.
هو اخباري دنيا جي حوالي سان پنهنجو هڪڙو تجربو شيئر ڪندي ٻڌائي ٿو ته مون کي پنهنجا ڪي دوست يار استاد بخاري ڪري چوندا آهن هو ٻڌائي ٿو ته استاد بخاري آفتاب اخبار ۾ به ايندو هو، هڪ دفعي ڪاوش اخبار جي دفتر ۾ گهمڻ ويو هئس، خادم وطن ۾ ناز سهتي وٽ ويٺو هئس ته ڪاوش جي آفيس مان علي قاضي صاحب، سهيل سانگي صاحب ۽ فقير محمد لاشاري صاحب ايڊيٽر جاڳو اخبار نڪري آيا پئي وڌي انهن سان ملياسين مون فقير کين مخاطب ٿيندي چيو ته استاد بخاري اوهان کي ملهه ماري ويو، ته هو حيرانگيءَ ۾ پئجي ويو تيستائين سهيل سانگي هن سان منهنجو تعارف ڪرايو ۽ چيو ته توهان جي اخبار ”جاڳو“ ۾ استاد جي وفات جي خبر نه ڇپي آهي ان بابت چئي رهيو آهي (اها خبر فقط ڪاوش ۽ عوامي آواز ۾ ڇپي هئي) فقير چند گهڙين لاءِ گم سم ٿي ويو ۽ پوءِ اظهار ڪيائين ته آئون هتي حيدرآباد ۾ هئس ڪراچي ۾ نه هئس تڏهن خبر رهجي ويئي آهي، هو ٻڌائي ٿو ته پروف ڏسڻ وارو ڪم مون لاءِ عيب ناهي، ٻين لاءِ جيڪو عيب آهي مون اهو ڪم ڪيو، روزگار عيب نه هوندو آهي، هو ٻڌائي ٿو ته اخبار خريد ڪري وٺڻ جو شوق 1970ع کان شروع ٿيو، شروع ۾ عبرت، هلال پاڪستان يا وري جنگ اخبار وٺندو هئس، اخبارون سنڀالي رکي ڇڏيندو هئس، منهنجو هڪڙو ڪمرو هو، جيڪو ڀرجي ويو.
هن سياست ڪڏهن به نه ڪئي، هن کي سائين جي ايم سيد تمام گهڻو وڻندو آهي، ڀٽو به وڻندو اٿس، اها ڳالهه گهڻن ماڻهن لاءِ عجيب هوندي ته ٻه متضاد شخصيتون هن کي ڪيئن وڻن ٿيون، هن کي اڃا تائين سائين جي ايم سيد سان اها پهرين ملاقات ياد آهي، جڏهن هڪڙي سياري ۾ اعجاز قريشي، شوڪت سنڌي ۽ ڪاڪي علڻ ٿيٻي سان گڏجي هو سن ويو، هو ٻڌائي ٿو ته رات بنگلي تي ترسياسين، صبح جو ناشتو سائين سان گڏجي ڪيو.
سائين لائق هڪڙو انڪشاف اهو به ڪيو ته جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت هئي تڏهن هڪڙو همراهه سائين جي ايم سيد ۽ شيخ اياز کي ڪافر سمجهي ٻنهي کي مارڻ لاءِ نڪتو، اهو پهرين ڄامشوري پهتو، جتي شيخ اياز وي سي هو، اتي پوليس گهڻي هئي، ان ڪري هو اتان ٿي سن ويو، جتي جهلجي پيو، سائين سان اصل ڳالهه ڪيائين جنهن تي سائين وري کيس ڇڏي ڏنو، ڪاڪي علڻ ٿيٻي شيخ علي محمد کي آفتاب اخبار ۾ فون ڪئي، تڏهن دادو جو رپورٽر احمد خان کُهرو ويٺو هو، جنهن کي شيخ صاحب فوٽوگرافر مبشر سان گڏجي سن موڪليو،جتي هن ان همراهه جا فوٽو ڪڍيا، اخبارن ۾ خبر ڇپي ته سائين جي ايم سيد تي قاتلاڻو حملو ٿيو آهي، ڀٽي حڪومت وضاحت ڪئي ته اهو ڪوڙ آهي، ڪوبه قاتلاڻو حملو نه ٿيو آهي، جنهن ڏينهن حڪومت جي وضاحت واري خبر آئي، ان ڏينهن شيخ صاحب فوٽو ڇپي ڇڏيو ۽ ان هي هيٺان ڪئپشن ۾ لکيائين ته حملي آور پوليس تحويل ۾.
مون جڏهن سائين لائق کان پڇيو ته توهان کي سائين جي ايم سيد ۽ ڀٽو ٻئي وڻن ٿا، جيڪڏهن انهن مان ڪنهن هڪڙي جي چونڊ ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ته ڪنهن جي چونڊ ڪندا؟
ته هن اهو ئي جواب ڏنو جيڪو هڪڙو معصوم ٻار ڏيندو آهي، جڏهن کائنس پڇيو ويندو آهي ته توکي تنهنجو پيءُ ٿو وڻي يا ماءُ، هن جو جواب هو ته ٻئي منهنجا سائين آهن، پر هن کي اهو ڏک ضرور آهي ته سائين جي ايم سيد سيد ضياءَ الحق سان ملاقات ڇو ڪئي؟
هن وٽ ضياءُ الحق جو ڪردار هڪ ولين جو ڪردار آهي، هو چوي ٿو ته سائين جي ايم سيد کي ضياءُ الحق سان ملڻ نه کپندو هو، هو چوي ٿو ته ڀٽو ڪيئن به هو، ضياءُ الحق سان گڏ نه رهيو، ان لاءِ نرم گوشو نه هئس، پر سائين جي ايم سيد کي ضياءُ لاءِ نرم گوشو هو ۽ ان سان ويجهو هو، هو ٻڌائي ٿو ته جڏهن سڄي سنڌ هڪڙي پاسي هئي، اها ضياءُ کي پنهنجو دشمن سمجهندي هئي تڏهن سيد ضياءُ سان ملاقات ڪئي کيس ائين نه ڪرڻ کپندو هو، هو ان موقعي تي جذباتي ٿي اهو چوي ٿو ته آئون پاڻ وڏو قومپرست آهيان، سنڌ جو خاموش خدمتگار آهيان، ببانگ دهل نه پر خاموش خدمتگار، ائين جيئن خان غفار خان وارا خدائي خدمتگار هئا. تيئن اسين سنڌ جا خدائي خدمتگار آهيون، هو ٻڌائي ٿو ته جنهن ڀينڊي مدرسي ۾ آريسر پوءِ پڙهيو ان مدرسي ۾ آئون اڳي پڙهيس، هو ٻڌائي ٿو ته کيس ذاتي طور تي آريسر اڳ به وڻندو هو ۽ اڄ به وڻندو آهي، هن جي نظر ۾ ڀٽو ۽ جي ايم سيد ٻئي سنڌ جا سپوت آهن، سنڌي ٻوليءَ جي بل کي هو ڀٽي دؤر جي وڏي حاصلات سمجهي ٿو، ساڳئي وقت هو اهو به چوي ٿو ته ڀٽي کي قومپرستن تي سختي نه ڪرڻ کپندي هئي، هو ٻڌائي ٿو ته جي ايم سيد ڀٽي کي ڀائٽيو چوندو هو، ڀٽو وري سائين کي چاچو ڪري سڏيندو هو. 1973ع جي آئين تي نعپ جي اڳواڻن کي صحيح ڪرڻ لاءِ آماده ڪرڻ وارين سائين جي ايم سيد جي ڪوششن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هو چوي ٿو ته سنڌ روايتن جي امين رهي آهي، ان سدائين روايتن جي پاسداري ڪئي آهي، سائين جي ايم سيد به ان روايتن جو امين هو، ذاتي طور ڀٽي صاحب فون تي سائين جي ايم سيد کي گذارش ڪئي هوندي، سائين ان ڪري انڪار نه ڪري سگهيو هوندو.
قومپرستن جي پارليامني سياست کان دوري تي ڳالهائيندي هو چوي ٿو ته شايد ائين هي ٻڌائيندا هوندا ته اسان هن نظام کي قبول نٿا ڪريون، هو اهو چوي ٿو ته سائين قومپرستن کي پارلياماني سياست کان نه جهليو هوندو، ڇاڪاڻ ته سائين جي ايم سيد جا ٻه پٽ هئا، امير حيدر شاهه ۽ امداد محمد شاهه ايم پي اي ٿيا. انهن پاڪستان جي خلاف حلف ته نه کنيو هوندو، ٻيا پاڪستان جو حلف کڻن ٿا ته انهن تي سائين جي ايم سيد جي پارٽيءَ وارن کي ناراض نه ٿيڻ گهرجي. هو ٻڌائي ٿو ته سائين جي ايم سيد جو پوٽو جلال محمود شاهه سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو ۽ ڊپٽي اسپيڪر به رهيو، هو ٻڌائي ٿو ته سائين جي ايم سيد جي ورسي هئي يا سالگرهه جو موقعو هو، جنهن ۾ سنڌو ديش جو ترانو چيو ويندو آهي، جنهن ۾ اسان صحافين واري پاسي ويٺا هئاسين، اتي اقبال ملاح به ويٺو هو، مون اقبال کي چيو ته جيستائين ترانو ختم نه ٿيندو تيستائين جلال محمود شاهه پنڊال ۾ نه هوندو ترانو وڄڻ کان اڳ جلال محمود شاهه ٻاهر نڪري ويو، اقبال ملاح ان تي حيرت ۾ چيو ته توکي ڪيئن خبر پئي؟
سائين لائق کي رسول بخش پليجي جي سياست ۾ به سنڌ جي مفادن جي حق ۾ لڳي ٿي هو ٻڌائي ٿو ته اها منظم پارٽي آهي، غير منظم ناهن، اتي سياسي عمل کي پختو ڪرڻ لاءِ ليڪچر ٿين ٿا، وڏو هوم ورڪ ٿئي ٿو، ان جي پاليسيون سنڌ دوستيءَ واريون آهن، هو وفاقي سياست ڪونه ٿو ڪري.
ان سان گڏ هو جيئي سنڌ ۾ عبدالواحد آريسر جي پذيرائي گهٽجڻ تي ڏکارو آهي، آريسر کي هو پنهنجو مهربان دوست سمجهي ٿو، هو چوي ٿو ته جيئي سنڌ جي ٿنڪ ٽينڪ آريسر ئي آهي، سائين لائق وٽ سنڌ جو تصور ”سنڌ جيئي ۽ سنڌ وارا جيئن“ وارو آهي، سنڌ هن جو محبوب ديس آهي، هو ٻڌائي ٿو ته اسان جو سنڌ وطن آزاد به رهيو آهي ۽ وفاق ۾ به شامل رهيو آهي، سنڌ ۽ سنڌ جي ڪافي ڪردارن کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رحه پنهنجي شاعريءَ ۾ سموعي اَمر ڪري ڇڏيو آهي، ان حساب سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڪو رهبر يا رهنما چئجي ته اهو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه آهي، جنهن سنڌ جي سماجي قصن ۽ ڪهاڻين کي شاعريءَ جو روپ ڏيئي اَمر ڪري ڇڏيو آهي، سندس شاعريءَ ۾عشق، محبت، نياز، نوڙت، جرئت، همت، جاکوڙ ۽ جدوجهد جو سبق سمايل آهي.
ايستائين جو هو چوي ٿو ته دشمن سان يا مخالف سان جنگ ڪري:
”هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال ۾ ڍار“
هن جو وڏي ۾ وڏو سبق آهي آئون ان کي ڪائناتي شاعر سمجهان ٿو ۽ درياهه کي ڪوزي ۾ بند نه ڪبو آهي، سنڌ جا باقي شاعر اديب، ليکڪ، پنهنجي جرئت، بهادري ۽ بردباريءَ سان شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شاعريءَ جي ڍال ۾ سموعي پنهنجي همت جو اظهار ڪن ٿا، هن جو چوڻ آهي ته سنڌ وطن کي هرڪو سنڌي آزاد ڏسڻ چاهي ٿو.
هو پنهنجي آتم ڪٿا نه پيو لکي ۽ نه ئي لکڻ جو ارادو اٿس، هن جو چوڻ آهي ته آئون هڪڙو ادنيٰ انسان آهيان، مون سان ڀلائي اها ٿي جو آئون سنڌ جو سنڌي آهيان، آئون روحاني، اخلاقي ۽ سماجي طور تي پاڻ کي ڀاڳوان سمجهان ٿو جو سنڌ ڌرتيءَ تي هلان ڦران پيو ۽ مري به هي خاڪي جسم ان جي خاڪ ۾ پناهه وٺندس.
ذاتي حوالي سان هو صوفي نيڀراج، سائين حيدر علي خان لغاري، شيخ علي محمد، مولانا غلام محمد گرامي، کان تمام گهڻو متاثر آهي، حاجي حقير ابن مڱڻ، سائين احمد علي نظاماڻي سان سائين لائق جي ذاتي وابستگي رهي ۽ هو انهن جي شفقت ملڻ تي پاڻ کي فخر مند سمجهي ٿو.
هو ٻڌائي ٿو ته مولوي خير محمد نظاماڻي، سردار علي شاهه، مولانا عبدالغفور سيتائي، شيخ علي محمد، محمد عثمان ڏيپلائي، صحافت جي شعبي ذريعي سنڌ جي وڏي خدمت ڪئي، هن کي اهو ڏک آهي ته اڄ ڪلهه جا نوجوان صحافي انهن کي نظر انداز ۽ درگذر ڪن ٿا، هو چوي ٿو ته انهن بزرگن جون پنهنجي ايام ڪاريءَ ۾ صحافت لاءِ وڏيون خدمتون هيون، هنن ڪڏهن به ڪا خبر ڪنهنجي چوڻ ته نه روڪي، ڪير روڪڻ لاءِ چوندو هئن ته چوندا هئا، خبر خبر آهي، هنن جي برجستگي قائم ۽ دائم رهندي آئي، انهن جي پورهئي کي اسان جي نوجوان صحافين کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي.
جڏهن آئون سائين سان ڪچهري ڪري رهيو هئس تڏهن مون کي هر موقعي تي اهو محسوس ٿيو ته سائين وٽ وڏا داستان آهن، جن کي هو ظاهر نه ڪري رهيو هو، جيتوڻيڪ هن جو آتم ڪٿا لکڻ جو ارادو ناهي پر هن لکڻيءَ ذريعي کيس گذارش ڪجي ٿي ته هو پنهنجو ارادو تبديل ڪري ۽ اهو سڀ ڪجهه لکي وڃي جيڪو پويان ايندڙ جي راهه آسان ڪري، هو آخر ۾ پنهنجي هٿن سان لکيل هڪڙي چٽ منهنجي حوالي ڪري ٿو جنهن تي لکيل آهي ته ”پاڻ کان وڏن جي عزت، پاڻ جيڏن سان محبت پاڻ کان ننڍن سان شفقت، زندگيءَ جا اهي رويا مون ڀرپور نموني سان روا رکيا آهن ۽ موٽ ۾ مون سان به اڃا وڌيڪ گهرائي سان اهي رويا روان رکيا ويا آهن، اهڙن قدرن جو مون ڀرپور نموني سان ڀرم رکيو آهي.
ها هن اهو به لکي ڏنو هو ته سنڌي اخبارن ۾ خاص ڪري صادق ابڙي جو محاورو ”ڪاٽڪو ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته“ منهنجو ايجاد ڪيل آهي.
جڏهن مون هي اڌورو پروفائيل اڃا نه لکيو هو ته سائين چيو ته ان جي آخر ۾ لکجانءِ يار زندهه صحبت باقي، سو موڪلاڻي ناهي، يار زندهه صحبت باقي!!!
[نوٽ: هيءَ ڳالهه ٻولهه ’روزاني ڪوشش‘ 2006ع جي سالگرهه واري ايڊيشن ۾ شايع ٿيل]
