سنديون کاهوڙين خبرون...
سائين لائق سنڌي
اسحاق مڱريو
هو پهرين فقير هو، پر هو پڙهيو لکيو هجڻ ڪري فقيريءَ مان استاد ٿيو ۽ پوءِ وري جڏهن صحافت ۾ آيو ته به هو استاد ئي رهيو. هن ڪيترن ئي صحافين کي آڱر مان جھلي صحافت سيکاري، اهو ئي سبب هو جو هن کي سنڌ جي صحافين جو وڏو انگ ’سائين لائق‘ چئي سڏيندو هو. هن وقت کان اڳ ۾ نوڪريءَ تان استعيفى فقط ان ڪري ڏني، ته جيئن هن جي جاءِ تي ڪو بيروزگار نوجوان نوڪريءَ ۾ کڄي سگهي. هن جي مزاج ۾ جيڪا نياز مندي هئي، ممڪن آهي ته ان جو سبب هن جي گهراڻي کي مخدوم نوح سرور وٽان مليل گودڙيءَ واري اها امانت هجي، جنهن جي حوالي سان پيرائتي جيڪا ڳالهه موري منگر جا رهواسي ٻڌائين ٿا، تنهن ۾ هو چون ٿا ته سائين لائق تي پنهنجي ڏاڏي فقير لائق ڏني جو نالو رکيل هو. فقير لائق ڏنو مخدوم نوح سرور جو فقير هو. هو روزانو پنهنجي ڳوٺ موري منگر مان مخدوم نوح سرور لاءِ هالا تائين پنهنجي مينهن جو کير کڻي ويندو هو. روايت آهي ته هڪڙي دفعي مخدوم نوح سرور لائق ڏني فقير کي چيو ته توکي ڇا گھرجي؟ فقير چيو ته جنهن گودڙيءَ ’پراڻي رلي‘ تي توهين ويٺا آهيو، بس! اها ئي ڏيو. اها گودڙي سائين لائق سنڌيءَ جي گھر ۾ تبرڪ طور محفوظ ٿي رکيل آهي.
صحافتي ڪم، ڪيترن ئي وزيررن ۽ ڪامورن سان دوستي ۽ تعلق جو سبب بڻبو آهي. انڪري سائين لائق جي پڻ ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن سان واسطيداري هئي، پر سائين ڪڏهن به ڪو ذاتي فائدو حاصل ڪرڻ وارن مان نه هو. هو هميشه فقيري انداز م رهندڙ هو، هو پنهنجي پگھار اخبارون وٺڻ ۽ سگريٽن تي خرچ ڪندو هو. هو روزاني سموريون اخبارون خريد ڪندو هو، پوءِ اهي ڪيترن ئي ڏينهن جون اخبارون پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ وجھي پيو هلندو هو. جڏهن ٿيلهي ڪٿان ٽٽي پوندي هئي ته هو ان مٿان ٻي چاڙهي ڇڏيندو هو. اهڙيءَ ريت سائين لائق جي هٿ ۾ کنيل اخبارن جو ٿهو ڪيترين ئي پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ ويڙهيل هوندو هو.
سائين لائق جنهن به اخبار ۾ رهيو، ان اخبار جي سنڌيءَ جي درستگيءَ جو ڪم به ڄڻ سائين لائق جي ذمي هوندو هو. نوجوان سب ايڊيٽر ٻوليءَ جي معاملي کي گھٽ اهميت ڏيندا رهيا آهن، پر سائين پنهنجي ڪم کانسواءِ اهڙيون درستگيون به ڪندڙ هو. هڪ دفعي مونکي ڀان سعيد آباد لکڻ لاءِ چوندي، سمجھايائين ته ان شهر ۾ سيد ۽ ڀان رهندڙ آهن، ان ڪري متفق طور تي ان شهر جو نالو ڀان سيد آباد رکيو ويو.
ساڳئي ريت وڌيڪ مثال ڏيندي چيو هئائين ته قنبر علي خان به ائين ئي آهي، هڪ پاسي قنبر آهي ۽ ٻي پاسي علي خان آهي، جنهن کي گڏائي قنبر علي خان سڏيو ويو. هو جيترو سنڌي ٻوليءَ جو ماهر هو، اوترا وري هن جا اکر به سٺا هوندا، هو سنڌ جي ڄڻ انسائيڪلوپيڊيا هوندو هو. ان ڪري شهرن، ذاتين، قبيلن، راڳين ۽ درگاهن بابت درست نالا ۽ ٻي معلومات ڏيندو رهندو هو. هو ماڻهن جي ايڙهين پيڙهين جي ڄاڻ رکندڙ هو، هو رڳو فقيري مزاج نه پر صوفي مزاج وارو به هوندو هو. سنڌ جي رواداري ڪو هن کان سکي.
هن ڪڏهن به پنهنجي ڪنهن واقفڪار جو ڪو مرڻو يا پرڻو نه ڇڏيو. پروفيسر حيدر علي لغاريءَ جو شاگرد ۽ دوست هوندو هو. ان ڪري هن ڪڏهن به پنهنجي علم جي معتبري ظاهر نه ڪئي ۽ انتهائي سادگيءَ سان رهندڙ هو. هو عاشق به وڏو هو، عشق عبادت سمجھي ڪندو هو، تنهنڪري انهيءَ عشق واري لغار لڳل هئڻ سبب هو ماڻهن سان ڏاڍو پيار ڪندو هو.
اسين هيرآباد ۾ ڪجهه دوست گڏجي هڪڙي گهر ۾ رهندا هئاسون، اسان جي گهر ۾ فقط هڪڙو ئي وهاڻو هوندو هو، پوءِ روزاني آيل مهمان مان جيڪو وڌيڪ معتبر لڳندو ته اهو تاريخي وهاڻو ان مهمان جي حوالي ٿيندو هو. هڪ دفعي سائين اسان جو مهمان ٿيو.
عزيز جان بلوچ انهيءَ رات اهو عظيم وهاڻو سائين لائق جي حوالي ڪيو، سائينءَ چيو بابا! وهاڻو مون کي ڪونه ٿو کپي، باقي رڳو بتي وسايو پوءِ ڏسو ته ٻانهون ڪيئن نه وهاڻا ٿي وڃن ٿيون. عام سنڌي ماڻهوءَ وانگر سائينءَ کي به سنڌ جي چورن ۽ چورن جي مشهور وارداتن سان تمام وڏي دلچسپي هوندي هئي ۽ اهڙن چورن ۽ انهن جي وڏين ڪاررواين جا قصا اهڙي ته انداز ۾ سائين ٻڌائيندو هو، جو نوجوان صحافي وات ڦاڙي سائينءَ جون ڳالهيون ٻڌندا هئا.
سائينءَ وٽ سنڌ جي سمورن سياستدانن جا ڪيئي قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائڻ لاءِ هوندا هئا. چانهه مٿان چانهه، سگريٽ مٿان سگريٽ ۽ سائينءَ جون ڳالهيون. سائين وٽ پيل ماچيس ۾ اڪثر ريجو پيل هوندو هو، جنهن زماني ۾ چار آنا ۽ اٺ آنا به اهم سڪا هوندا هئا، ته سائينءَ جي ماچيس واري دٻيءَ ۾ ان خزاني جي ڪابه کوٽ نه هوندي هئي. سائين جي رهائش جي حوالي سان به هڪ ڳالهه تمام خاص هوندي هئي، جو ان جي ائڊريس هر ڪنهن کي نه ڏيندو هو، سواءِ ان جي جيڪي سائينءَ جا پنهنجا هئا. هونءَ ته سائين سڀني کي پنهنجو سمجھندو هو، پر پرائيوسيءَ وارو حق هو پاڻ وٽ سدائين محفوظ رکندو هو. سائين کان آفيس ۾ مفت سگريٽ پيئڻ وارا سيکڙاٽ موالي به وڏو فائدو وٺندا هئا ۽ سائينءَ جي سگريٽ جي ونڊ ائين پئي هلندي هئي. اڄ جڏهن سائين اسان سڀني کان هميشه جي لاءِ موڪلائي ٻي پار هليو ويو آهي، ته سچ به اسين سڀ هڪ اهڙي استاد کان محروم ٿي ويا آهيون، جنهن سان هر ملاقات هڪ تربيت هوندي هئي، سائينءَ جهڙا ماڻهو ڪڏهن به دلين تان نه ٿا ميسارجي سگھجن ۽ سائين به اسان جي روح ۾ سدائين رهندو.
’روزاني سنڌ ايڪسپريس، حيدرآباد‘ 19 جنوري 2014ع