وٿ واري ماڻهو جي موڪلاڻي
ڪردار جي پرک جي حوالي کان سنڌ ۾ هيءُ مها ڪال وارو دؤر آهي، اهڙا ماڻهو جن لاءِ ڀٽائي ”وڏي وٿ هئام“ چيو هو، اهي هاڻ بنهه اڻلڀ ٿي چڪا آهن، لائق سنڌي به اهڙن ماڻهن مان هو، سنڌي صحافت ۾ هن کي سڀ ”سائين لائق“ ڪري سڏيندا هئا ۽ سائين لائق سنڌي صحافت ۾ اڌ صديءَ جو جيئري جاڳندي تاريخ هو، هو نوَن صحافين ۾ ويندي صحافت جي وڏن نالن کي صحافت جي الف ب ئي نه سمجهائيندو هو پر سنڌ جي ورهاڱي کانپوءِ واري سياسي ۽ خانداني تاريخ به ٻڌائيندو هو، هو اصل ۾ هڪڙي ڳالهائي ويندڙ تاريخ هو، نقصان اهو ٿيو ته هن وٽ جيڪي يادگيريون ۽ مشاهدا هئا ۽ جن متعلق هن کي تصديق ٿيل پتو هو، اهو ”لکيل تاريخ“ ۾ تبديل ٿي نه سگهيو ۽ هن جي سيني جا راز هن جي اندر ڏکن جيان موري منگر ۾ دفن ٿي ويا.
سائين لائق سنڌي تصوف ۽ تهذيب تمدن واري ڪردار جي ڪسوٽيءَ تي ماڻهو پرکيندڙ هو، ان ڪري جيڪي صاحب ڪردار ان ڪسوٽيءَ تي پورا لٿا اهي هن جي Good books ۾ اچي سگهيا ۽ ٻيا نه اچي سگهيا، پاڻ ارپڻ ۽ صحافت جي پيشي کي استاد واري مقدس پيشي جيان هن ڪڏهن به پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ استعمال نه ڪيو. صحافت کي گهڻو ڪجهه ڏنو، هو ٻوليءَ، گرامر توڙي خبر جي فني نوعيت مطلب صحافت جي دنيا ۾ پير پائيندڙن لاءِ هڪ گائيڊ مثل هو. اخباري دنيا ۽ حيدرآباد هن لاءِ نه ختم ٿيندڙ Passions وانگر هئا ڀل ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي ڌوم ۾ سنجيده ۽ ذميوار صحافت جا اهي ماڻهو نمائشي اسٽيج تي پورو نه لهندا هجن پر جي ائين چئجي ته لائق سنڌيءَ جهڙن ماڻهن جو ان ۾ بنيادي ڪنٽربيوشن آهي ته اهو ڪنهن به صورت ۾ وڌاءُ نه ٿيندو، سنڌ جي حقيقي ۽ اڻ لکيل تاريخ ۾ اهڙن ماڻهن جو حصو واقعي به اُملهه ۽ ناياب آهي.
’روزاني عبرت اخبار حيدرآباد‘ 18 جنوري 2014ع‘