سنڌ جي لائق فرزند جي ورسي
گل حسن لغاري (صحافي)
سنڌ ڌرتي ڪيترائي انمول موتي پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي وت ۽ سمجهه آهر پنهنجي ڌرتي جي خدمت ڪندي گذاري آهي، انهن موتين مان ڪن ادب، صحافت، شاعري، ڏاهپ ۽ دانشوري ذريعي پرڳڻي کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته ڪن وري پنهنجي اعليٰ صلاحيتن سان عظيم ڪارناما انجام ڏنا آهن، جن جي صدين کان اڄ تائين ڳڻپ ڪجي ته اها ڪري نه سگهبي، اهڙن ئي انمول شخصيتن مان حيدرآباد ڀرسان موري منگر ۾ جنم وٺندڙ سائين لائق سنڌي به هڪ هو، جنهن پنهنجي ننڍپڻ کان وڏي ڄمار تائين سنڌ جي لائق فرزندن ۾ پنهنجو نانءُ لکائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي. سائين لائق سنڌي جون تمام گهڻيون خاصيتون هيون جيڪي لفظن ۾ نه ٿيون ڳڻائي سگهجن پر سندس پوري ڄمار سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪندي گذري سائين لائق هر ننڍي وڏي، اڇي اجري ۽ ميري شخص سان هڪ جيترو پيار ڪندو هو، جيڪو هو لينڊ ڪروزر ۾ چڙهي ايندڙ شخص سان ڪندو هو، سنڌ جي هن محنتي شخص پوري ڄمار استادي پيشي ۽ صحافت ۾ گذري، سائين لائق سنڌي اهو شخص هو، جنهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پرڳڻي جي ٻئي نمبر وڏي شهر ۾ ايندڙ نوجوانن جو سهارو بڻيل هو، ساڻس هڪ دفعو ملاقات لاءِ کيس ڳولي لهڻ جي جستجو ڪندو هو، سائين لائق جي انهيءَ پيار، محبت جي ڪري کيس ڪيترائي ماڻهو اڄ به غمگين دل سان ياد ڪن ٿا، سائين لائق سنڌي پنهنجي ڪچهرين ۾ يا پنهنجن تمام ويجهن دوستن کي چوندو رهندو هو ته توهان هر ننڍي وڏي جي عزت ڪيو ڇو جو اها عزت اوهان ان شخص جي نه پر پنهنجي ڪري رهيا آهيو، ڇو جو مشهور چوڻي آهي ته توهان ڪنهن کي اهميت ڏيندا ته اڳيون به توهان کي اهميت ڏيندو، اهڙيون ئي سندس ڪيتريون ئي هدايتون سندس گڏ رهندڙن ۽ ان سان محبت ڪندڙ ماڻهن کي ياد آهن، ٻئي پاسي سائين لائق سنڌي پڙهيل لکيل سنڌي نوجوانن کي مختلف ادارا تمام نوڪريون وٺي ڏيڻ ۽ انهن جي مالي مدد ڪرڻ سان گڏوگڏ ادب سان واسطو رکندڙ شخصيتن سان متعارف ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو هو. ايتري تائين جو سائين لائق سنڌي پڙهيل لکيل نوجوانن کي ڪنهن اداري ۾ نوڪري ڏيارڻ خاطر ان اداري جي سربراهه تائين مختلف پنهنجي شاگردن ۽ دوستن کان فونون ڪرائي به پهچندو هو، جنهن ڪري سندس ڪيل ايڏين وڏين ڪوششن سان ڪيترائي سندس اهل شاگرد اڄ مختلف سرڪاري ۽ نيم سرڪاري جنهن ۾ خاص طور تي اخباري ادارن ۾ پنهنجون صحافتي خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن.
اڄ سنڌ جي ان پيار ڀري شخص جي پهرين ورسي آهي، جيڪو اسان کان گذريل سال 16 جنوري 2014ع ۾ وڇڙي ويو هو، سندس وڇوڙي کي هڪ سال گذرڻ باوجود سائين لائق سنڌي اڄ به ان نواڻ سان اسان سان گڏ آهي، جڏهن منهنجي سندس ملاقات 1996ع ۾ هڪ اخباري اداري ۾ ٿي هئي، سندس اها پهرين ملاقات اڄ به مون کي ياد آهي، جنهن ۾ سائين مون کي هدايت ڪندي چيو هو ته پُٽَ زندگي مان ڪڏهن به مايوس نه ٿيجان، جنهن ڏينهن تون مايوس ٿين ان ڏينهن تنهنجي زندگي جو مقصد ختم ٿي ويندو، انسان کي هر وقت جستجو ڪرڻ ۾ گذارڻ کپي ڇو جو محنت ڪندڙ شخص هر ان پليٽ فارم تي سوڀ حاصل ڪندو آهي، جيڪو سندس مقصد هوندو آهي، سائين لائق جي کوڙ سارين هدايتن تي عمل ڪندي مون اڄ تائين جيڪي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، انهن ۾ سائين لائق جي هدايتن ۽ همٿائڻ جو وڏو هٿ آهي، سائين لائق جي پرخلوص محبت جي واکاڻ اڄ هر اهو ماڻهو ڪري رهيو آهي، جيڪو سندس ٿورو به ويجهو رهيو آهي، يا سندس سان هڪ دفعو مليو آهي، سائين لائق سنڌي کي ادبي ڪچهريون، مشاعره ۽ راڳ رنگ جون محفلون تمام گهڻيون پسند هونديون هيون، جيڪو سڄي سڄي رات انهن محفلن ۾ ويٺل هوندو هيو. ان ڪري کيس اديب، شاعر ۽ فنڪار کيس نالي سان سڃاڻيندا هئا ۽ کيس تمام گهڻي عزت ڏيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن سائين لائق سنڌي مون کي مختلف راڳ جي حوالي سان چوندو هو ته راڳ روح جي غذا آهي، راڳ جي محفل ۾ فنڪار جي آواز ۽ شاعر جي شاعريءَ مون کي تمام گهڻي وڻندي آهي. ان ڪري مان چاهيندو آهيان ته جنهن محفل ۾ آئون ويٺو آهيان ان محفل ۾ آخري فنڪار تائين موجود رهان ڀل صبح ٿي وڃي. اهڙي طرح آئون ساڻس ڪيترين ئي اهڙين محفلن ۾ گڏ هوندو هيس. واقعي به سڄي رات گذري ويندي هئي، سائين لائق اٿڻ جي ڳالهه نه ڪندو هو، سنڌ جي هن ملنگ انسان جون جيتريون به سٺايون ڳڻجن اهي گهٽ آهن، جيئن ته سائين لائق اڄ اسان وٽ موجود ناهي پر سندس ڏنل پرخلوص هدايتون ۽ محبتون اسان وٽ موجود آهن، جيڪي سڄي حياتي وسارڻ جهڙيون نه آهن.
’روزاني شام، حيدرآباد 16 جنوري 2015ع‘