شخصيتون ۽ خاڪا

مُون سي ڏٺا ماءِ

سائين لائق سنڌي سنڌ جي اهڙن ماڻهن مان هڪ هو، جنهن تي جيترو فخر ڪجي اوترو گهٽ آهي. ڏٺو وڃي ته هو گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. تعليم کاتي سان به واڳيل رهيو ته صحافت جهڙي گورک ڌنڌي سان به توڙ تائين نڀايائين. انهن سڀني وابسطگين جي پٺيان جيڪو سندس مقصد هو، سو هو ”سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال“ ماءُ ٻوليءَ سان کيس عشق هو، ڇاڪاڻ جو هُن اسڪولن ۾ ٻارن جي ٻوليءَ تي به ڌيان ڏيڻ ضرري ٿي سمجهيو ته صحافتي دنيا ۾ به سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ کي روڪڻ سندس مقصد هو.
Title Cover of book مُون سي ڏٺا ماءِ

سائين لائق

سائين لائق
احمد خان شيخ

ثابت لنگهيا سير، لهرن لوڙهيا ڪينڪي،
وڃـي پـهـتـا پـار کـي، نرتئون منجهان نير،
مـاءُ پـهـتا مـيـر، ٻار لنگھيائون ٻاجهه سين.

(شاهه)

سنڌڙي سونهاريءَ سدائين اَملهه ماڻڪ پيدا پئي ڪيا آهن، جن پنهنجي خداداد صلاحيتن سان هن ڀلاري ڀونءِ جي ماڻهن جي دل ۽ جان، پيار ۽ محبت سان خدمت ڪئي آهي ۽ انهيءَ ڪري اهي پنهنجا نالا تاريخ جي سُنهري اکرن ۾ لکرائي ويا آهن. انهن سدا سٻاجهڙن ماڻهن ۾ ڳوٺ موري منگر جو لائق ڏنو (سائين لائق) پٽ حاجي محمد اسماعيل ٿيٻو به هڪ هو، جيڪو پوءِ هلي ’لائق سنڌي‘ يا ’سائين لائق‘ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. ڪيترائي ماڻهو کيس ’محمد لائق‘ به سڏيندا هئا.
جيئن ته سندس وڏا مخدوم سرور نوح جا مريد هئا، جن کي پنهنجي مرشد جي خدمت ڪندي فقيريءَ جي وٽَ ملي ۽ پوءِ هي ’درس فقير‘ سڏجڻ لڳا، انهيءَ فقيريءَ جو اثر سائين لائق تي به پيو ۽ هن پنهنجي سڄي ڄمار ماڻهن سان پيار، محبت، نياز ۽ نوڙت سان گذاري ۽ هن محبتي ماڻهوءَ سان ڪنهن به ماڻهوءَ جي هڪ دفعو ملاقات ٿيندي هئي ته هو هميشه لاءِ سائينءَ جو دوست بڻجي ويندو هو.
سائين لائق، منهنجو دوست هئڻ سان گڏوگڏ استاد پڻ هو، تنهنڪري آئون ته کيس هر وقت سائين چئي مخاطب ٿيندو هوس، پر ٻيا دوست به سائين لائق کي سندس محبت ۽ بلند اخلاق سبب سائين لائق ئي چوندا هئا ۽ ڪنهن به تقريب يا دعوت ۾ سائين لائق ايندو هو ته هر ڪو کيس اٿي نهايت ادب ۽ عزت سان سلام ڪندو هو ۽ پنهنجي جڳهه ڇڏي کيس ويهڻ لاءِ عرض ڪندو هو.
جيئن ته سائين لائق بنيادي طور پرائمري استاد هو، جنهنڪري بزرگ استادن، خاص طور تي سائين حيدر علي خان لغاري ۽ سائين صوفي نيڀراج سوٽهڙ جي صحبت ۾ اهڙو ته رڱجي ويو، جو سنڌ جا ڏاها ۽ دانشور به کانئس سنڌي ٻوليءَ جي ڏکين لفظن جي معنى ۽ شاهه جي ڪلام جي ڪنهن به سٽ جي نه ايندڙ معنى ۽ سمجهاڻي پُڇندا هئا.
سائين لائق سنڌي ٻوليءَ جو وڏو ڄاڻو ۽ شاهه صاحب جي ڪلام جو ته پارکو هو. مگر خاموش طبيعت ۽ سادگيءَ سبب سائينءَ کي اها پذيرائي نه ملي، جنهن جو سائين حقدار هو، اهڙي پذيرائي سائين جي شاگردن کي ضرور ملي. سائين لائق وٽ علم ۽ ادب جو جيڪو ذخيرو هو، جيڪڏهن هو چاهي ها ته ڪيترائي ڪتاب لکي ڇڏي ها، مگر سائينءَ اهو نه ڪيو. هن کي جيڪو علم هو، اهو هن نوجوانن ۽ پنهنجي شاگردن ۾ ورهائي ڇڏيو، جيڪي اڄ وڏا اديب، دانشور ۽ تعليمي ماهر سڏجن ٿا. مون جھڙي ڏڏ ماڻهوءَ کي به هن سڄاڻ ماڻهن جي صف ۾ آڻي بيهاريو.
جيئن ته 1971ع کان آئون سائينءَ جي صحبت ۾ رهيس، جڏهن ته عمر جي لحاظ کان سائين مون کان وڏو هو ۽ هن جا ان وقت ٻيا همعمر دوست به هئا، جن ۾ سائين پير بخش مرڙاڻي، سائين فيض محمد نظاماڻي ۽ ٻيا شامل آهن. انهن دوستن سان به سائينءَ جا گھرا تعلقات رهيا، مگر مون کي تمام ويجهو رهيو. ڪا راز نياز جي ڳالهه هوندي هئي ته سڀ کان پهريائين مون سان اوريندو هو. ڪيڏانهن گهمڻ ڦرڻ لاءِ به اڪثر گڏ ئي ويندا هئاسين. 23 مارچ 1974ع تي جناب شيخ علي محمد صاحب جڏهن آفتاب اخبار کوکر محلي حيدرآباد مان ڪڍي ته آئون ۽ سائين لائق رات جي شفٽ ۾ ڪم ڪرڻ لڳاسين. ڇاڪاڻ ته سائين لائق ڏينهن جو ماستري ڪندو هو. اتان جڏهن ڊيوٽي ڪري ايندو هو ته پوءِ گڏجي آفتاب اخبار جي دفتر ويندا هئاسين. جيئن ته سائين منهنجو سنڌي پرائمريءَ ۾ ڪجهه وقت استاد به رهيو هو، انڪري ان هتي به منهنجي تمام گهڻي رهنمائي ڪئي، جنهنڪري ٿوري وقت کانپوءِ مون کي ’آفتاب‘ اخبار جي ٻاراڻي صفحي جو انچارج بڻايو ويو.
بهرحال آفتاب اخبار هجي، پريس ڪلب هجي يا سکر سانگهڙ جو دؤرو هجي، هميشه سائين ۽ آئون گڏ رهياسين، جنهنڪري اسان کي ماڻهو ٻه دوست نه پر ٻه ڀائر سمجهندا هئا ۽ اڪثر ائين چوندا هئا ته ’جوڙي سلامت هجي.‘ جيئن ته سائين لائق نه رڳو هڪ سٺو استاد، صحافي ۽ اديب هو، پر هو هڪ سٺو شاعر به هو. هو جڏهن سنڌي ادبي سنگت موري منگر شاخ جو سيڪريٽري هو ته هو اتي پنهنجي شاعري به ٻڌائيندو هو. سائين لائق بنيادي طور تي قومپرست هو، جنهنڪري هن 1986ع ۾ وقت کان اڳ ماستريءَ تان اهو چئي استعيفى ڏني ته: ”هڪ سنڌي نوجوان لاءِ جاءِ خالي ڪيان ٿو.“ سائين لائق جيئن ته سگريٽ ۽ چانهه پيئڻ جو وڏو شوقين هو، سائين لائق ۾ ايتريون ته صلاحيتون هيون، جو ماستريءَ واري دؤر ۾ اڪثر ڪري کيس ڏاها استاد پنهنجي سيڪنڊري اسڪولن ۾ وٺي ويندا هئا. حيدرآباد ۾ ماسترن واري ٽريننگ ڪاليج ۾ به سائين حيدر علي لغاريءَ وٽ نوڪري ڪيائين ۽ اتي هو استادن لاءِ نڪرندڙ ’اخبار تعليم‘ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر به رهيو. جناب شيخ علي محمد جڏهن ’سينيٽر‘ چونڊيو ويو ته ان وقت به سائين لائق سماجي ڪمن بابت تمام سٺا مشورا ڏنا. سائين لائق جي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان محبت ايتري هئي، جو وٽس ٻه پئسا هوندا هئا ته سنڌي ڪتاب يا رسالن خريد ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو هو، هونئن به هو اخبارن ۽ ڪتابن پڙهڻ جو شوقين هو، جنهنڪري روزانو ٿيلهو اخبارن جو وٺندو هو. حيدرآباد ۾ هوندا هئاسين ته چانهه پيئڻ کان اڳ اخبارن جي اسٽال تي وڃي سڀ اخبارون وٺي ايندو هو. سائين لائق فڪري حوالي سان سائين جي. ايم سيد جو پوئلڳ هو، جنهنڪري هن سائين جي. ايم سيد جي جلسن يا گڏجاڻين ۾ هميشه شرڪت ڪئي. هو هونئن ته هر انسان سان محبت ڪندڙ هو، پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، شيخ علي محمد ۽ ڪاڪي علڻ خان ٿيٻي سان کيس تمام گهڻي محبت ۽ عقيدت هوندي هئي. سائين لائق جا صحافي برادريءَ ۾ لالا رحمان سمون، رشيد راڄڙ، اقبال ملاح، علي حسن، محمد حسين، نياز پنهور، جئي پرڪاش، جعفر ميمڻ، خالد کوکر، سهيل سانگي ۽ مدد علي سنڌي دوست هئا، جن سان سائين جون سدائين ڪچهريون ۽ بحث مباحثا رهيا. ڪڏهن به ڪنهن سان ناراض نه ٿيا، هميشه باغ بهار رهيا.
سنڌ صوفين ۽ درويشن جي ڌرتي آهي. سائينءَ تي به پنهنجن استادن جو اثر پيو ۽ هن جو به صوفي ازم ڏانهن لاڙو هو، جنهنڪري هو اڪثر اوليائين ۽ صوفي بزرگن جي مزارن تي ويندو هو ۽ انهن بزرگن ۽ درويشن جو ڪلام دلجوئيءَ سان نه صرف ٻڌندو هو، پر هن ان پيغام تي عمل به ڪيو. منجهس ننڍ وڏائي توڙي رنگ ۽ نسل جو ڪوبه فرق نه هوندو هو. سائين لائق هڪ مڃيل استاد هو، جنهنڪري معاشري ۾ اڄ به کيس تمام وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. سائين لائق جا ڪيترا شاگرد اڄ به وڏن سرڪاري عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾: عبدالسبحان ميمڻ، ڊاڪٽر بيکارام ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. سائين لائق سخي انسان به هو. هن وٽ ٻه پئسا هوندا هئا ته ضرورتمندن تي خرچ ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو هو. پوءِ کڻي کيس گهر کان آفيس تائين پنڌ ئي ڇونه وڃڻو پوي. منهنجو ۽ سائين لائق جو سڄي زندگيءَ ڪو حساب نه رهيو، پوءِ خبر ناهي ته ڪير قرضي هو، پر هاڻي آئون سندس قرضي آهيان ۽ سندس اهو ڏنل قرض سندس ياد تازي ڪندي لاهيندو رهندس. آئون سائين لائق جي ٿورن جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان. پريس ڪلب جي چونڊن ۾ اميدوار طور بيهان يا ڳوٺ جي مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ بيهان، سائين لائق جي ننڊ ڦٽي ويندي هئي، جيسين آئون اليڪشن ۾ کٽي نه اچان ۽ سائين هار نه پارائي. جڏهن ڪا واندڪائي ملندي هئي ته سائين لائق چوندو هو ته احمد خان! هل ته ٽنڊي قيصر سائين روشن شاهه ۽ سائين فيض نظاماڻيءَ سان ڪچهري ڪري اچون. پوءِ اتي سائين عبدالحسين نظاماڻيءَ سان به ملي وٺندا هئاسين. ڪو شهر يا ٻاهر جو ماڻهو حيدرآباد گول بلڊنگ وٽ اچي ۽ شيخ علي محمد صاحب ۽ اسان ٻن سان نه ملي ته هو ڄڻ حيدرآباد آيو ئي ڪونه هو. سائين لائق ڳوٺ ۾ سائين نيڀراج کانپوءِ ناني بقادار ٿيٻي، ڊاڪٽر عبدالعزيز عمراڻي، فقير محمد علي اوٺي، محمد امين ٿيٻي سان به ڪچهري ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن چوندو هو. سائين لائق شام جي وقت ڳوٺ ۾ والي بال راند به کيڏندو هو.
سائين لائق ۽ آئون ڪيترا ڀيرا شهيد ڀٽي جي مزار تي حاضري ڏيڻ وياسين. جيئن ته زندگيءَ ۾ ڪيئي سرديون ۽ گرميون اچن ٿيون. اسان جي ڳوٺ موري منگر ۾ به جڏهن اليڪشن جا ڏينهن ايندا هئا ته پوءِ اسين شيخ علي محمد سان گڏ هئڻ سبب مختلف تڪليفن ۾ به آياسين، پر شيخ صاحب جو ساٿ نه ڇڏيوسين. سائين لائق تمام شريف، خدا ترس ۽ ايماندار انسان هو. ڪڏهن به ڪنهن سان ڏاڍو يا تکو نه ڳالهايائين، جنهنڪري هر ماڻهو سندس وڏي عزت ڪندو هو.
سائين لائق جتي وڏن سان محبت ڪندو هو، اتي ٻارن سان به کيس تمام گھڻي محبت هئي ۽ اسان جي اوطاق تي اسماعيل ۽ جانيءَ جا ٻار ايندا هئا ته هو نه صرف انهن کي خرچي ڏيندو هو، بلڪه مون کي چوندو هو ته انهن کي دڙڪا نه ڏيو ۽ پاڻ ڪرسيءَ تان اٿي انهن کي کڻندو هو ۽ پرچائيندو هو.
بهرحال سائين لائق الله لوڪ ماڻهو هو. اسان کان جلد سندس جدا ٿي وڃڻ سبب خاص ڪري منهنجو وڏو نقصان ٿيو آهي. مون کي زندگيءَ ۾ هڪ وڏو واقعو اسماعيل جي اغوا ٿيڻ جو پيش آيو، ان ۾ به سائين لائق مون سان هر گھڙي گڏ رهيو، ايتريقدر جو پنهنجي پريس جي نوڪريءَ تان هٿ کڻي مون سان گڏ سُور سليندو هو.
ان کانپوءِ هڪ ٻيو واقعو مون کي پيش آيو، جنهن ۾ نوجوان اشتياق کي شهيد ڪيو ويو، ان ڏُکي گهڙيءَ ۾ به سائين لائق مون کي اڪيلو نه ڇڏيو. آئون سمجھان ٿو ته سندس جدا ٿي وڃڻ سان جتي سندس فرزندن جو وڏو نقصان ٿيو آهي، اتي منهنجون به ٻئي ٻانهون ڄڻ ڀڄي پيون آهن ۽ پنهنجو پاڻ کي هاڻي هڪ اڻپورو انسان سمجھان ٿو، جيسين جيئرو هوندس. سندس يادون ستائينديون رهنديون. الله پاڪ کيس پنهنجن پيارن جو پاڙو نصيب ڪري ۽ مون کي ۽ سندس محبت ڪندڙن کي صبر جي توفيق سان گڏ سندس ٻاريل شمع کي قائم ۽ دائم رکڻ جي همت ۽ طاقت ڏي. آمين.