سامي سفر هليا....!!!
محمد بخش ٿيٻو
(لائق سنڌيءَ جو فرزند)
ڪي ماڻهو پنهنجي شخصيت ۾ سادگيءَ، اعلى عمل ۽ ڪردار ائين کڻي هلندا آهن، جو اُهي پنهنجي وجود ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکندا آهن، سندن ڪردار گفتار توڙي طرز زندگي ڪنهن مشعل راهه کان گهٽ نه هوندو آهي اهڙا انسان پنهنجي سادگي ۽ عاجزيءَ مان ئي پڌرا هوندا آهن، جن جي صحبت ۾ گهڻو ڪجهه پرائي سگهبو آهي.
منهنجي خوش قسمتي ۽ خوش بختي اها چئبي جو مون پنهنجي ولادت وقت اک ئي هڪ اهڙي انسان جي ٻاجهاري جهوليءَ ۾ کولي، جنهن وٽ اخلاق جي اعلى زيور کان وٺي انسانيت وارا سمورا گڻ سندس سادگيءَ ۾ پيوست هئا. بيشڪ منهنجو اهو لائق فائق بابو، سائين لائق سنڌي مون سميت منهنجي وڏي ادا محمد اسماعيل ٿيٻي، اسان جي ٻن ادين توڙي پوري گهر ۽ تر وارن لاءِ ڪنهن اداري کان گهٽ ڪين هو.
19 ڊسمبر 1943ع تي حاجي محمد اسماعيل ٿيٻي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سنڌ ڌرتيءَ جو خدمتگار، استاد، صحافي، اديب، سنڌي ٻوليءَ جو پارکو ۽ ڪيترين ئي خوبين سان مالا مال سائين لائق سنڌي سچ پچ ته پنهنجي نالي جيئان لائق انسان هو، جنهن تمام گهڻي سادگيءَ سان پنهنجي زندگي گذاري.
16 جنوري 2014ع نه صرف اسان گهر وارن لاءِ پر پوري سنڌي صحافت جي دنيا لاءِ اهو اڀاڳو ڏينهن هو، جنهن ڏينهن اسان جي مٿي تان اُهو آٿت ۽ ٻاجهه ڀريو هٿ کڄي ويو ،۽ منهنجي من جو سائين ڀلارو بابا اسان کان هميشه جي لاءِ جدا ٿي ويو، هر اک آلي هُئي ۽ هر دل ۾ تڏو وڇايل هو.
مرڪڻو، مهڪڻو، ڳنڀير مزاج،مرڪ سان مڻين کي موڇَ ڪندڙ هيءُ شخص پنهنجي دور جي سادگي جو اعلى مثال ئي ته هو. بڙ جي ڇانوَ ۾ ٻاروتڻ جا ٻاتا ٻول ڪيئن ٻوليندي هن سخن ور جي جهول ۾ گذاري زندگي جي جواني جا پيرا پيشاني تي کڻي هيءُ جو هيترو سفر گهلي اڄ هتي پهتا آهيون،! تنهن جي ته خبر ئي نه پئي پر هينئر جڏهن فطري حقيقت ان سايي کي مٽي جي ڀاڪر ۾ ڏيئي مٽي ڪري ڇڏيو آهي ته ان ڳالهه جي سُڌِ ڀلي ڀت پيئي آهي ته زندگي ڪيئن نه هن شخص جي سادگي جو طواف ڪيو ٿي ۽ هن ان ئي زندگي جي لهس کي اتر جي اوت جي تاثير ۾ ڪيئن نه بدلائي اسان تائين انهن ڪوسن جهولن نٿي اچڻ ڏنو. هي۽ ته ڪلا جو اوتار ٿي زندگي کي سادگي جون ڇيرون پارائي رقص سيکاريندڙ ڪلا ڌڻي هو، جنهن وٽان ڪيترن پياسن زندگي کي جيئنڻ سکيو. اوک ڏيئي ڌرتي پاران دان ڏنل ماڻهن جي حياتي اسونهن لاءِ واٽ ٿيندي آهي.
لمحن جون سرگذشتون، پنهنجون ڪُرنَشُون ڪري اندر ۾ ڪَرَ موڙين ٿيون!۽ هُو ياد اچي ٿو!
جھڙو اتر جي اوت جي پالوٽ هميشه ڌرتي ۾ مدفن ٿي ويئي هجي!. پر ائين ٿو لڳي ان جلترنگ جو پرتوو ميرانجِهڙي، ڊڀائَين مٽي ٻڪ مان نڪري آڪاس جو قد ماپيندي هجي
ساڻس گڏ گذاريل منهنجي زندگيءَ جا 31 سال، جنهن سان ننڍپڻ ۽ جوانيءَ جون کوڙ ساريون املهه يادون سلهاڙيل آهن، جيڪي وسرڻ جهڙيون ناهن ۽ اهي ئي يادون منهنجي لاءِ زندگيءَ جو اهم سرمايو آهن. هُن وٽ ڏيڻ لاءِ ڪو ڌن يا ڪا دولت ته نه، پر انسانيت جا سمورا گڻ هئا، سندن اٿڻي ويهڻي، زندگي گذارڻ جا طور طريقا هڪ قسم جو سبق پڻ هئا. مون انسانيت جي بنيادي الف – ب پنهنجي گهر ۾، پنهنجي بابي وٽان ئي سکي ورتي هئي، جيڪا منهنجي لاءِ فخر جھڙي ڳالهه آهي.
بابا سائين پيشي جي لحاظ کان پهريان پرائمري استاد هئا، پوءِ ڊيپوٽيشن تي سائين حيدر علي لغاريءَ، حنان ميمڻ، فيض محمد نظاماڻي، پير بحش مررڙاڻي، ساجن مڱڻهار سان گڏ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊي ڄام ۾ مستقبل جي معمارن ۾ علم ۽ ڏاهپ جي شمع روشن ڪيائين، جنهن بعد ٽريننگ ڪاليج فار مين ۾ به رهيا ۽ اتان نڪرندڙ رسالي ’اخبار تعليم‘ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور فرائض سرانجام ڏنائون. بابا سائين جن 1986ع ۾ سرڪاري ملازمت تان وقت کان اڳ رٽائرمينٽ ورتي ۽ پوءَ حيدرآباد مان نڪرندڙ روزاني اخبار ’آفتاب‘ جي نوجوانن واري صفحي ’سرجڻهار‘ جي سرواڻ طور صحافتي دنيا ۾ قدم رکندي، پنهنجو پاڻ کي هميشه لاءِ صحافت ڏانهن منسوب ڪري ڇڏيو. هن اخبار جو ايڊيٽر پڻ بابا سائين جن جو ڳوٺائي ۽ دل گھريو مهربان شيخ علي محمد هو، جنهن جي مفيد مشورن سان بابا سائين جي صحافتي ميدان ۾ رهنمائي پڻ ٿيندي رهي. بدقسمتيءَ سان ڪن سببن جي ڪري ’آفتاب‘ اخبار جي بند ٿيڻ بعد بابا سائين صحافت کي جاري رکيو ڇاڪاڻ جو صحافتي زندگي سان ڄڻ ته بابا سائين کي پريم ٿي ويو، ان حوالي سان سنڌ مان جاري ٿيندڙ مختلف سگهارين اخبارن ’عبرت‘، ’ڪاوش‘، ’ڪوشش’، ’سنڌ‘ ۽ ٻين ڪيترين ئي اخبارن ۾ بابا سائين صحافتي پيشي سان ڀلي ڀت نڀايو، نـ صرف ايترو پر صحافت ۾ نور جي نچوڙ سان گڏ پريت جو پورهيو پڻ شامل ڪيو، اهوئي سبب آهي جو بابا سائين جو نالو صحافتي حلقي ۾ جُڳن تائين زندھ رهندو.
بابا سائين هميشه صحافت جهڙي مقدس پيشي سان پيار ۽ محبت ڪندي، سچائيءَ سان عوام جي خدمت ڪئي، پاڻ جنهن به اخبار سان وابسته رهيو ان اخبار جي ٻوليءَ جو خاص خيال رکندو هو. سنڌي ٻوليءَ تي حد کان وڌيڪ عبور حاصل هئس، هو جيئن منهنجي لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ هو، اهڙي نموني سنڌ ڌرتيءَ جي ڪيترن ئي نوجوان صحافين لاءِ درس توڙي دعائن جي در جي حيثيت رکندو هو. بابا سائين لاءِ ائين چوڻ غلط نه هوندو ته هُو بڙ جي وڻ جي مثال هو جيڪو پاڻ اُس کي به برداشت ڪري پر ٻين لاءِ ڇانو جو ذريعو بڻيو. باباسائين سادي ۽ درويش طبيعت جو مالڪ هو، جيڪڏهن ڪو به نوجوان صحافي وٽس ڪنهن رهنمائيءَ لاءِ ايندو هو ته پاڻ صدقِ دل ۽ جان سان سندس رهنمائي ڪندو هو ۽ ان نوجوان جي همت افزائي پڻ ڪندو هو. سندس هر دوست دشمن امير غريب لاءِ گهر جو ۽ دل جو دسترخوان هميشه کُليل رهندو هو. سندن قول ۽ فعل ۾ ڪڏهن به ڪو تر جيترو تفاوت ڪونه نظر آيو.
بابا جو سڀ ڪنهن سان ميل جول ۽ گفتار ۾ اهڙو ته جادو سمايل هوندو هو، جو ڪو به بابا سان جيڪڏهن هڪ ڀيرو ملندو هو ته سندس ڪردار ۽ گفتار تي موهت ٿيندي، سندس دوست بڻجي ويندو هو ۽ انهيءَ ڪري بابا جا دوست ۽ چاهيندڙ تمام گهڻا آهن، ان ڳالهه جي خبر ته اسان کي اول ئي هئي، پر اسان عملي طور تي محسوس تڏهن ڪيوسين، جڏهن بابا جي جنازي نماز توڙي تڏي تي اسان جي ڏ ک جو ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ هزارن جي تعداد ۾ پرين پيارا اسان وٽ ايندا رهيا، جن مان ڪيترائي ماڻهو اهڙا به هئا، جن بابا سان پوري زندگيءَ ۾ صرف ڪي گهڙيون گذاريون هيون.
بابا پنهنجي آخري ٽائيم ۾ جنهن اخبار ۾ پنهنجيون صحافتي خدمتون سرانجام ڏنيون، اها ڪوشش اخبار هئي، انهيءَ دؤران بابا سائين جي طبيعت خراب رهڻ لڳي، جنهنڪري اسين بابا کي ڳوٺ وٺي آياسين، جنهن تي بابا سائين ٿورو ناراض به ٿيو، پر پوءِ اسان جي گهڻي اسرار ڪرڻ ۽ آرام ڪرڻ لاءِ چوڻ تي بابا سائين اسان جي انهيءَ عرض کي مان ڏنو ۽ صحافتي زندگيءَ کي خيرباد ڪري مستقل طور تي ڳوٺ اچي رهيو. پر بابا سائين جو صحافت سان ايترو ته عشق هو، جو صحافت ڇڏڻ بعد به هر هفتي يا پندرهين ڏينهن بعد پريس ڪلب حيدرآباد ڏانهن چڪر ضرور هڻندو هو ۽ سڀني صحافي دوستن سان روح رهاڻ ڪندو هو. اڄ جڏهن به پريس ڪلب واري رستي کان گذرڻ ٿيندو آهي يا ڪنهن به ڪم سانگي پريس ڪلب جي بلڊنگ جي اندر وڃڻ ٿيندو آهي، تڏهن بابا جي تمام گهڻي ياد ايندي آهي ۽ اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو آهي. مون کي اڄ به پريس ڪلب مان بابا جي خوشبوءِ محسوس ٿيندي آهي ۽ ائين لڳندو آهي ته ڄڻ بابا اتي موجود هجي. جڏهن پريس ڪلب جي ان ننڍڙي باغيچي ۾ پيل ڪرسين تي منهنجي نظر پوندي آهي، تڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ اڄ به اتي بابا پنهنجي صحافي دوستن سان ويٺو آهي ۽ منهنجي اچڻ جو انتظار ڪندو هجي.
بابا سائين عمر جي آخري حصي تائين روزاني جي بنيادن تي سموريون سنڌي اخبارون خريد ڪري پڙهندو هو. سنڌ جا سمورا صحافي بابا سائين جو تمام گهڻو احترام ڪندا هئا ۽ بابا به کين تمام گھڻو قرب ڏيندو هو. بابا پنهنجي زندگيءَ ۾ سائين جي. ايم سيد، سائين صوفي نيڀراج، سائين حيدر علي لغاري، غلام محمد گرامي، مومن مليرائي،حاجي حقير ابن مڱڻ ،عبدالسبحان ميمڻ، شيخ علي محمد، عبدالواحد آريسر، ڪاڪي علڻ ٿيٻي سميت ٻين شخصيتن کان بيحد متاثر هو.
اڄ بابا کي اسان کان جدا ٿيندي پنج سال گذري چڪا آهن، پر پوءِ به الائي ڇو دل مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته منهنجو دلبر بابا هميشه لاءِ اسان کان جدا ٿي ويو آهي. اسان پوري گهر جا ڀاتي اڄ به اهو ئي سمجهون ٿا ته پاڻ اسان کان فقط جسماني طور تي جدا ٿيو آهي، پر روحاني طور تي هميشه اسان سان گڏ آهي ۽ سندن ٻاجهه ڀريو هٿ اسان جي مٿان هميشه رهندو. (آمين)
]روزاني `ڪوشش‘، ۾ ڇپيل [