شخصيتون ۽ خاڪا

مُون سي ڏٺا ماءِ

سائين لائق سنڌي سنڌ جي اهڙن ماڻهن مان هڪ هو، جنهن تي جيترو فخر ڪجي اوترو گهٽ آهي. ڏٺو وڃي ته هو گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. تعليم کاتي سان به واڳيل رهيو ته صحافت جهڙي گورک ڌنڌي سان به توڙ تائين نڀايائين. انهن سڀني وابسطگين جي پٺيان جيڪو سندس مقصد هو، سو هو ”سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال“ ماءُ ٻوليءَ سان کيس عشق هو، ڇاڪاڻ جو هُن اسڪولن ۾ ٻارن جي ٻوليءَ تي به ڌيان ڏيڻ ضرري ٿي سمجهيو ته صحافتي دنيا ۾ به سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ کي روڪڻ سندس مقصد هو.
Title Cover of book مُون سي ڏٺا ماءِ

سائين لائق جي ياد ۾

سائين لائق جي ياد ۾
ظهيرالدين ٽالپر (بابر ٽالپر)

اڄ 16 جنوري 2014ع تي تقريباً 01 لڳي 45 منٽن تي محمد اسماعيل ٿيٻي جو فون آيو ته بابا سائين لائق سنڌي، هن جهانِ فاني مان لاڏاڻو ڪري ويو.
انهيءَ خبر کي ٻڌندي ئي، مون کي اٽڪل 24 سال پوئتي جي، ان ڏينهن جي ياد آئي، جڏهن آءٌ پهريون ڀيرو سائين لائق سان مليو هئس.
آءٌ ۽ اسماعيل مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙهندا هئاسين هڪ ڏينهن اسان ڪاليج مان ٿي آفتاب اخبارجي آفيس وياسين ته پهريون ڀيرو سائين لائق سان ملاقات ٿي. سائين هڪ نهايت ئي شفيق سادو ۽ مٺن لفظن ڳالهائڻ وارو انسان هو. ان پهرين ملاقات مون تي سائين جي شخصيت جو تمام گهڻو اثر وڌو. ان کان پوءِ جڏهن به سائين سان مليس هر دفعي سندس شخصيت جو هڪ نئون پهلو ڏٺم ۽ ان مان متاثر ٿيس.
سائين کي هر موضوع تي عبور ۽ تمام گهڻي ڄاڻ هوندي هئي جڏهن به ڪنهن موضوع تي بحث مباحثو ٿيندو هو ته سائين وٽ معلومات جا انبار هوندا هئا، ڄڻ انسائيڪلوپيڊيا هجي. سندس ان گهڻ رخي شخصيت جو هڪ پهلو اهو به هو ته (منهنجي سوچ مطابق) سائين جي سنڌ جي تقريباً هر اهم ماڻهوءَ ۽ سندس خاندان سان واقفيت هوندي هئي. ڪنهن شخصيت جو اگر ذڪرنڪرندو هوته سائين سندس پوري تاريخ ۽ جاگرافي پيو ٻڌائيندو هو ۽ آءٌ حيراني سان پيو ٻڌندو هئس.
سائينءَ جي شخصيت جو اثر نه رڳو اسان نوجوان شاگردن، صحافين ۽ عام ماڻهن تي هو، پر وڏا وڏا ڪامورا ۽ بيوروڪريٽس به سندس تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڪندا هئا. 1992ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ گهڻين برساتن ۽ ٻوڏن جي صورتحال هئي، تڏهن سانگهڙ ضلعو گهڻو متاثر ٿيو. ان وقت جي ڊي . سي جناب عبدالسبحان ميمڻ، سائين لائق جي چوڻ تي اسان جي اوطاق تي آيا ۽ بابا (مير ضيغم الدين ٽالپر) سان ملاقات ڪيائون. ان ڪچهري ۾ آفتاب اخبار ۽ ٻوڏ ستايلن جي امداد وارا موضوع زير بحث رهيا، ڇاڪاڻ ته ان وقت سانگهڙ جي ٻوڏ ستايل عوام سان آفتاب اخبار ڀلي ڀت نڀايو.
ڪجهه عرصو اڳ جڏهن سائينءَ جي طبيعت ناساز هئي. تڏهن آءٌ موري منگر۾ سندس گهر ويس ته سائين پاڻ هلي ٻاهرئين ڪمري ۾ آيا، گلي ۾ تڪليف جي ڪري سندن آواز ته هلڪو پئي آيو پر ان باوجود به اسان سان ڪافي دير ويٺو ڪچهري ڪندو رهيو.
اڄ ان فون کان پوءِ سائينءَ سان 24 سال پراڻو ظاهري ملاقاتن جو سلسلو ته شايد ختم ٿيو، پر سائينءَ سان جيڪو محبت وارو رشتو هو، سو ڪڏهن به ختم نه ٿي سگھندو.
آخر ۾ آءٌ دعاڳو آهيان ته الله تعاليٰ سندن پونئيرن محمد اسماعيل ٿيٻي ۽ محمد بخش ٿيٻي کي صبر جميل عطا فرمائي ۽ کين سگهه ڏئي ته سائينءَ جي محبت ۽ محنت جي لاٽ کي روشن رکن.