هڪڙو ماڻهو هو.....
وفا رضا
اڄ سنڌ جي ان عظيم انسان جي پهرين ورسي آهي، جيڪو ٻوليءَ جو وڏو پارکو هو، هو جيڪو اسان پاران ماڻهن جي لکڻين کي سنواري سينگاري اخبارن ۾ ڇاپيندو هو.
اهو سائين جنهن وٽ ڄاڻ جي کاڻ هئي، ها اهو اسان سڀني جو وڏڙو سائين لائق سنڌي هو. جيڪو جيتوڻيڪ اسان سان هينئر جسماني طور تي گڏ ته ناهي پر سندس يادون، سمجهاڻيون ۽ قربتون ڪٿي ٿا وساري سگهون؟ ياد آهن اهي ڏينهڙا جڏهن آئون پهريون ڀيرو ساڻس آفتاب اخبار جي آفيس ۾ مليو هئس ته هن ڪهڙي نه پنهنجائپ سان آجيان ڪندي چيو ”ڀلي ڪري آئين سهڻا“ ۽ پوءِ هن پهريائين ٽنڊي آدم جا حال احوال ورتا هئا ۽ ڳچ دير تائين آفيس ۾ ڪچهري ڪرڻ بعد چيو هئائين ته هاڻي هل ته ٻاهر هلي ماني جا ٻه ڀور هڻي اچون.“ ان کان اڳ هيڏانهن اچ چوندي مون کي سائين شيخ علي محمد صاحب جي آفيس ڏانهن وٺي وڃي ساڻس ملايائين ۽ چيائين بابا ماڻهن سا ميل جول ضروري آهي، بس پوءِ ته جڏهن به حيدرآباد اچبو هو ته سائين لائق جي حاضري ضرور ڏبي هئي اهڙيءَ ريت سائين لائق جي محبتن ۾ آئون به اچي صحافت جي دنيا ۾ داخل ٿيس.
گهڻ رخي شخصيت جي مالڪ سائين لائق سان گڏ مون به روزاني سنڌ ۽ روزاني عبرت اخبار ۾ گڏ ڪم ڪيو. ان کان اڳ آئون جڏهن اخبار جي ڊيسڪ جي دنيا ۾ نوڪري جي شروعات لاءِ جاڳو اخبار ۾ ڪم لاءِ ڪراچي پئي ويس ته پهريائين سائين لائق وٽ ويس جتي هن مون کي اخباري آفيس ۾ ڪم بابت ڪيتريون ئي سمجهاڻيون ڏنيون.
ڪجهه عرصو جاڳو ۾ نوڪري ڪيم ته اوچتو هڪ ڏينهن بمبئي هوٽل وٽ مدد علي سنڌي گڏيم جنهن چيو تنهنجي ڳولا پئي ڪيم، بختاور اخبار جي ذميواري ملي آهي، سو تون به حيدرآباد هل. ائين پوءِ دوستن کان موڪلائي اچي حيدرآباد پهتس. پوءِ ته حيدرآباد ۾ رهندي سائين لائق سان رهاڻيون جهڙوڪ روز جو معمول بڻجي ويون. ٻه ٽي ڏينهن نه ملبو هو ته سائين آفيس اچي پهچندو هو. سنڌ اخبار ۾ نوڪري وقت ڪاپي ڏيڻ بعد اسان گهڻو ڪري سائين لائق جي آشياني تي رهاڻ ٿيندي هئي، جتي لالا رحمان سمون، امداد سومرو، اسحاق مڱريو، صادق ابڙو ۽ جئه پرڪاش موراڻي سميت ٻئي سنگت به گڏبي هئي، رات جي پوئين پهر تائين اوڀاريون، لهواريون ٿينديون هيون ۽ سائين لائق وٽ ٿيندڙ اها رهاڻ تڏهن وڌيڪ سهڻي ٿي ويندي هئي. جڏهن پيارو دوست ارشاد گلاباڻي به ڪراچي مان ڪهي ايندو هو.
سدائين اخبارن جو ٿهلو پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ کڻي هلندڙ سائين لائق پري کان پڌرو هوندو هو. ڄاڻ سڃاڻ سميت وڏي معلومات رکندڙ سائين لائق گڏ هجي ۽ سگريٽن جي کوٽ ٿئي، اهو ته سوال ئي پيدا نه ٿيندو هو، جڏهن ڪچهري ۾ ويهندو هو ته الائي جي ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهچندو هو. استادن، صحافين، سياستدانن، اديبن، فنڪارن توڙي سنڌ جي راڄن ڀاڳن بابت سائين لائق وٽ تمام گهڻي معلومات هوندي هئي، ٻوليءَ جو ته هو ماهر هو. اکر، اکر لفظ ۽ جملي، جملي بابت هو سمجهاڻيون ڏيندو هو. سندس اکر به موتيءَ جي داڻن وانگر هوندا هئا.
جڏهن اڃا موبائيل فون نه آيا هئا ته سائين لائق ڪڏهن ڪڏهن پي ٽي سي ايل جي نمبر تان گهر ڳالهائڻ لاءِ سلپ تي نمبر وٺو ته گهر ڳالهايان ۽ پوءِ سائين پنهنجي هٿ اکرن سان لکيل اهو نمبر وارو پني جو ٽڪرو کيسي يا وري ماچيس ۾ رکندي چوندو هو ته بابا پنهنجي شين کي سنڀالڻو آهي، پوءِ اها اخبار هجي، ڪتاب هجي يا وري لکيل ڪو اکر يا انگ توڙي دوست، يار، مٽ مائٽ هر هڪ جي سنڀال ڪرڻي آهي.
هو بيشڪ سنڀال لهڻ وارو هو، جيڪڏهن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪجهه ڏينهن نه وڃبو هو ته هو ساريندو هو، يا وري دوست چوندا هئا ٻه ٽي ڏينهن ٿي ويا آهن، سائين لائق سان ملاقات ناهي ٿي ۽ پوءِ نيٺ وڃي ساڻس ملبو هو.
هڪ قصو ياد ٿو پوي ته اسان سنڌ اخبار ۾ نوڪري ڪندا هئاسين، شام جو جيئن ئي ڊيوٽي تي پهتاسين ته خبر پئي لالا رحمان سمون استعيفيٰ ڏئي ويو آهي، جنهن تي مون سلپ کڻي استعيفيٰ لکڻ شروع ڪئي ته پويان ڏٺم ته سائين لائق بيٺل هجي، چيائين لالا رحمان جي نوڪري ڇڏڻ جو ارمان ٿيو آهي پر اخبار ته ڪڍڻي آهي نه بابا، پاڻ هجون يا نه پر ادارا هئڻ گهرجن ۽ پوءِ استعيفيٰ وارو پنو منهنجي کيسي ۾ وجهندي چيو ته في الحال رک اڳتي ڏٺو وندو.
انهن ڏينهن ۾ اسان جي او آر ڪالوني ۾ رهندا هئاسين، جتي سائين لائق به ايندو هو، رات جو دير تائين ڪچهري ٿيندي هئي، جنهن ۾ جئه پرڪاش، آفتاب قاضي، وزير اوڏ ۽ ٻئي سنگت گڏ هوندي هئي. صبح جو ساجهر ننڊ مان اٿي سائين لائق چوندو هو چانهه جو ڪو بندوبست ٿيندو؟ جنهن تي آئون رڌڻي ۾ وڃي چانهه جا ٻه ڪوپ ٺاهي هڪ سائين جي حوالي ڪندو هئس. موٽ ۾ هو مون کي سگريٽ ڏيندو هو، سائين لائق سنڌي کي راڳ بابت به وڏي ڄاڻ هوندي هئي، جڏهن ٽنڊي آدم ايندو هو ته شهيد محمد علي کوسي جي اوطاق تي مانڊاڻ مچندي هئي. جتي الياس فقير ٻرڙي کان لطيف سائين، سچل سائين، حمل فقير، پير اعجاز ۽ احمد شاهه لڪياري جا ڪلام ٻڌي سائين چوندو هو ته هاڻ وري دلدار سيال سان به ملڻو آهي.
اڄ ان سائين جي ورسي جي موقعي تي کيس ڪجهه لفظن جي ڀيٽا ڏيندي اهو به چئبو ته هڪڙو ماڻهو هو، موتيءَ داڻو هو.
’روزاني عبرت، حيدرآباد اخبار ۾ شايع ٿيل16 جنوري 2015ع‘