شخصيتون ۽ خاڪا

مُون سي ڏٺا ماءِ

سائين لائق سنڌي سنڌ جي اهڙن ماڻهن مان هڪ هو، جنهن تي جيترو فخر ڪجي اوترو گهٽ آهي. ڏٺو وڃي ته هو گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. تعليم کاتي سان به واڳيل رهيو ته صحافت جهڙي گورک ڌنڌي سان به توڙ تائين نڀايائين. انهن سڀني وابسطگين جي پٺيان جيڪو سندس مقصد هو، سو هو ”سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال“ ماءُ ٻوليءَ سان کيس عشق هو، ڇاڪاڻ جو هُن اسڪولن ۾ ٻارن جي ٻوليءَ تي به ڌيان ڏيڻ ضرري ٿي سمجهيو ته صحافتي دنيا ۾ به سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ کي روڪڻ سندس مقصد هو.
Title Cover of book مُون سي ڏٺا ماءِ

وڙائتو وينجهر: سائين لائق

وڙائتو وينجهر: سائين لائق
وفا رضا

سنڌيءَ ٻوليءَ صحافت جو منفرد نانءُ سائين لائق سنڌي به راهه رباني ٿي ويو، سائين لائق سان منهنجي پهرين ملاقات تڏهن ٿي جڏهن هو آفتاب اخبار ۾ هوندو هو ۽ منهنجون اڻپوريون لکڻيون سنواري انهن کي اخبار ”سرجڻهار“ صفحي ۾ ڇپيندو هو، ائين هڪ ڏينهن آئون حيدرآباد اچي پهتس، گول بلڊنگ وٽ آفتاب اخبار جي آفيس ۾ سائين سان ملڻ لاءِ جيئن ئي نوڙيس ته سائين ٻانهن کان وٺي پاڻ ڏانهن ڇڪي ڀاڪر ۾ ڀرينديءَ چيو، سهڻا ڀلي ڪري آئين ۽ پوءِ ڳچ وقت تائين سائين سان ڪچهري ڪيم، منجهند جي ماني سائين کارائي، ائين ٿي پوءِ جڏهن حيدرآباد اچڻ ٿيندو هو ته سائين جي حاضري ضرور ڏبي هئي، سائين لائق جون محبتون ئي مون کي صحافت جي دنيا ۾ وٺي آيون، آئون جڏهن جاڳو اخبار ۾ نوڪري لاءِ ڪراچي پئي ويس ته پهريائين سائين لائق وٽان ٿيندو پوءِ ڪراچي ويس سائين ان ڏينهن مون کي اخباري آفيس جي جهان بابت گهڻيون ئي سمجهاڻيون ڏنيون.
سائين لائق گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو، سائين سان گڏ مون روزاني سنڌ ۽ روزاني عبرت ۾گڏجي ڪم ڪيو، اهي ڏينهن ۽ راتيون ڪيڏيون نه پياريون هونديون هيون، سنڌ اخبار مان ڪاپي ڏيڻ کانپوءِ اڪثر اسان جي ڪچهري سائين لائق جي آشياني تي ٿيندي هئي، جتي لالا رحمان سمون، امداد سومرو، اسحاق مڱريو، صادق ابڙو، جئه پرڪاش مورائي ۽ ٻي سنگت رات جي پوئين پهر تائين روح رهاڻ ڪندي هئي ۽ ان رهاڻ ۾ وڌيڪ رنگ تڏهين ڀرجي ويندو هو جڏهن پيارو ارشاد گلاباڻي به ڪراچي مان ڪهي ايندو هو، بس پوءِ واه واه ٿي ويندي هئي.
پري کان پڌرو سائين لائق جنهن وٽ سدائين اخبارن جو ٿهو پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ هوندو هو، سائين لائق هجي ۽ سگريٽ کٽن، سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، سائين جي ڄاڻ سڃاڻ توڙي معلومات وڏي هوندي هئي، هو جڏهن به ڪچهري ۾ ويهندو هو ته الائجي ڪٿان کان ڪٿي وڃي نڪرندو هو، ان جي ياد گيرن بابت کوڙ سارا پنا لکجي سگهجن ٿا، صحافين، سياستدانن، اديبن، شاعرن، فنڪارن، استادن، توڙي ٻوليءَ بابت وڏي معلومات رکندو هو، هو وڏو پارکو ماڻهو هو. سندس اکر به موتي جي داڻن جيان هوندا هئا، سائين لائق آفيس ۾ هوندي ڪڏهن ڪڏهن گهر فون تي ڳالهائيندو هو ته سلپ تي نمبر لکي چوندو هو هي نمبر آهي آپريٽر کان وٺو ته جئين گهر ڳالهائيان ۽ پوءِ سائين پنهنجي هٿ اکرن سان لکيل نمبر وارو پني جو ٽڪرو کيسي يا وري ماچيس ۾ رکندو هو، پڇا ڪرڻ تي چوندو هو بابا پنهنجي شين کي سنڀالي رکڻ گهرجي، پوءِ اها اخبار هجي، ڪتاب هجي يا وري پنهنجي ئي هٿ سان لکيل ڪو اکر يا انگ.
هو واقعي سنڀال لهڻ وارو سائين هو، هو جڏهن سنگت سان ڪجهه ڏينهن نه ملندو هو ته دوست کيس ساريندا ۽ پڇائون پيا ڪندا هئا، نيٺ کيس ڳولهي وڃي پريس ڪلب ۾ هٿ ڪبو هو، جتي هو کنگهندي کيڪار ڪندو هو، سنڌ اخبار جي نوڪري وقت جئه پرڪاش ۽ آئون جي او آر ڪالوني ۾ رهندا هئاسين، آفتاب قاضي ۽ وزير اوڏ به اتي ئي رهندا هئا، جتي پڻ اسان جي اڱڻ تي سائين لائق ايندو هو، رات جو دير تائين ڪچهري ڪري وري صبح جو سوير جاڳڻ وارو سائين لائق اشارن اشارن ۾ چوندو هو چانهه جو ڪو بندوبست آهي؟ ۽ پوءِ آئون جهٽ ڪري رڌڻي ۾ وڃي چانهه جا ٻه ڪوپ ٺاهي هڪ سائين کي ڏيندو هئس ۽ موٽ ۾ سائين وري مون کي سگريٽ آڇيندو هو.
سائين لائق ڪم جي حوالي سان ڪوتاهي برداشت نه ڪندو هو ۽ اسان پارن سيکڙاٽ ماڻهن کي سدائين سمجهاڻيون ڏيندو هو، قصو ياد ٿو پئي ته هڪ ڏينهن جيئن ئي سنڌ اخبار ۾ ڊيوٽي تي پهتاسين ته خبر پئي ته لالا رحمان سمون استعيفيٰ ڏيئي ويو آهي، جنهن سڄڻ جي معرفت اخبار ۾ آياسين تنهنجي هليو وڃڻ جو ٻڌي مون به کڻي سلپ کنئي ۽ استعيفيٰ لکڻ لڳس ته اوچتو کنگهڪار ٿي، پٺتي نهاريم ته سائين لائق بيٺل هو، منهنجي اها لکيل اڻپوري استعيفيٰ کڻندي چيائين سهڻا ايڏي تڪڙي چڱي ناهي ۽ پوءِ هو مونکي نيوز روم مان سرڪيوليشن واري ڪمري ۾ وٺي ويو، جتي هن سمجهائيندي چيو ته بابا پاڻ هجون يا نه هجون پر ادارا هئڻ گهرجن، لالا صاحب جي وڃڻ جو مون کي به ارمان آهي، پر پاڻ کي اخبار به ته ڪڍڻي آهي ۽ پوءِ هن منهنجا اهي لکيل ڪجهه اکر منهنجي کيسي ۾ وجهندي چيو في الحال هي رک اڳتي ڏٺو ويندو.
سائين لائق راڳ جو به وڏو پارکو ماڻهو هو، هڪ ڀيري ضلعي ڪائونسل وٽ پياري دوست محمد علي کوسي جي ڀائرن جي فليٽ تي ڪچهري ٿي جنهن ۾ سائين لائق، لالا رحمان، جئه پرڪاش، محمد علي کوسو، آئون ۽ فقير الياس ٻرڙو گڏ هئاسين، جتي الياس فقير جيڪو صوفي راڳي هو، تنهن جڏهن شاهه لطيف، سچل سائين، حمل فقير، پير اعجاز ۽ سائين احمد شاهه لڪياري جا ڪلام ڳايا ته سائين لائق چيو ابا الياس فقير کي ته ريڊيي تي اچڻ کپي ۽ پوءِ هن الياس فقير کي چيو ٻيهر جڏهن به حيدرآباد اچو ته مون کي ٻڌائجو ته گڏجي ريڊيي تي هلي سنگت کي چئبو ته توهان کان به آئٽم ڳارائين، جنهن تي الياس فقير چيو ته سائين اهي ته اوهان جا وڏا وڙ ٿيندا.
سائين لائق کي جڏهن به وجهه ملندو هو ته هو ٽنڊي آدم به ڪهي ايندو هو، جتي محمد علي کوسي جي اوطاق تي مانڊاڻ مچندي هئي ۽ هو الياس فقير کان راڳ ٻڌندو هو.
ذڪر راڳ جو نڪتو آهي ته مون کي اها رات به ياد آهي ته جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي سالگره جي موقعي تي هڪ فنڪشن ٿيو هو، اسان عبرت اخبار جي ڪاپي ڏيئي جيئن ئي ريڊيي تي پهتاسين ته سائين لائق اتي اڳ ۾ ئي موجود هو، جنهن ملڻ سان گولڊ ليف جو سگريٽ ڏيندي چيو اڄ عابده پروين تو واري دوست جو ڪلام ٻڌائيندي، مون چيو سائين ڪهڙو ڪلام ۽ ڪهڙو دوست؟ جنهن تي سائين مسڪرائيندي چيو ته ايتري تڪڙ چڱي ناهي بس ڪجهه گهڙيون انتظار ڪر، ائين عابده پروين جڏهن اسٽيج تي آئي ته ان جي شانائتي آجيان ڪئي وئي، عابده پهريون ڪلام مس پورو ڪيو ته پنڊال مان هڪ گيت جي فرمائش ٿيڻ لڳي، جنهن کانپوءِ عابده پروين ”هِن جنم هُن جنم جو وچن ٿو ڪيان“ ڳائڻ شروع ڪيو ته سڄو پنڊال جهومڻ لڳو ۽ انهن گهڙين ۾ ارشاد گلاباڻي جي جهومر به ڏسڻ وٽان هئي، ڪلام جي پڄاڻي تي سائين کي چيم اسحاق ڪهڙو؟ مڱريو يا سميجو، جنهن تي سائين چيو اها شاعري اسحاق تنيي جي اٿئي،
اڄ اهو مٺڙو سائين لائق سنڌي اسان وٽ موجود ناهي رهيو پر سندس محبتون ڪچهريون ۽ سمجهاڻيون سدائين ياد رهنديون. سائين کي ساريندي جڏهن هي ڪجهه اکر لکڻ ويٺس ته منهنجي نظر سائين پاران سندس هٿ اکر ۾ لکي ڏنل هنن ٻن سٽن تي پئي.
چڱا ڪن چڱايون، مَدايون مَٺن،
جو وَڙَ جَڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪَن!

’روزاني عبرت، حيدرآباد‘ 19 جنوري 2014ع