شخصيتون ۽ خاڪا

مُون سي ڏٺا ماءِ

سائين لائق سنڌي سنڌ جي اهڙن ماڻهن مان هڪ هو، جنهن تي جيترو فخر ڪجي اوترو گهٽ آهي. ڏٺو وڃي ته هو گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. تعليم کاتي سان به واڳيل رهيو ته صحافت جهڙي گورک ڌنڌي سان به توڙ تائين نڀايائين. انهن سڀني وابسطگين جي پٺيان جيڪو سندس مقصد هو، سو هو ”سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال“ ماءُ ٻوليءَ سان کيس عشق هو، ڇاڪاڻ جو هُن اسڪولن ۾ ٻارن جي ٻوليءَ تي به ڌيان ڏيڻ ضرري ٿي سمجهيو ته صحافتي دنيا ۾ به سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ کي روڪڻ سندس مقصد هو.
Title Cover of book مُون سي ڏٺا ماءِ

وڇڙيو آ پر وسريو ناهي

وڇڙيو آ پر وسريو ناهي
علي ڏنو جروار (صحافي)

انتهائي پياري ۽ سٻاجهي انسان سائين لائق سنڌيءَ جي پهرين ورسي قريب آهي. سائين لائق 16 جنوري 2014ع تي اسان سنڌ واسين کان وڇڙي ويو. سندس يادون آهن، جيڪي اسان سيني ۾ سانڍيون ويٺا آهيون. سائين لائق کي ياد ڪرڻ ۽ کيس لفظن جي ڀيٽا ڏيڻ وقت قلم ۽ هٿ ساٿ ڇڏيو وڃن. ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪرڻ باوجود ذهن جي ڪينواس تي موجود يادگيرين جو ذخيرو نڀاءُ نه پيو ڪري.
چوندا آهن ته موت انٽر آهي، پر الائجي ڇو منهنجو ذهن هڪ سال گذرڻ باوجود اڃا تائين اهو قبولڻ لاءِ تيار ئي ناهي ته ڪو سائين لائق سنڌي اسان کان موڪلائي ويو آهي يا وڇڙي ويو آهي!!!
فارسي شعر جي هڪ سٽ جو ترجمو آهي ته: ”هڳاءَ ڀريو مڌ جو پيالو ڀڄي، ڀري پيو ۽ افسوس! ساقي به هليو ويو.“ سو يقين ته ڪرڻو پوري ٿو، نيٺ سائين لائق به موڪلائي ويو. جاندار ته ٺهيو، پر بيجان شيون به سدائين ساڳئي حالت ۾ نه ٿيون رهن، هر شيءِ کي پنهنجي جاءِ بدلائڻي پوندي آهي، پر يادگيريءَ ۾ تبديل ٿيڻا آهن، اهي خوشبوءِ ۾ تبديل پيا ٿين. سائين لائق سنڌي به اسان جي سيني ۾ ساهه سان خوشبوءِ جيان سانڍيل آهي.
سائين لائق سڄي زندگي قلم جو پورهيو ڪيو. بهترين استاد هئڻ سان گڏ هڪ سچو ۽ ايماندار صحافي به هو. سرڪاري نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ وٺڻ کانپوءِ صحافت کي باقائدگيءَ سان هڪ پيشي طور اختيار ڪيائين. حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ هڪ سنڌي اخبار ’آفتاب‘ ۾ ڪتابت سان گڏوگڏ ڪمپازيٽري به ڪندو هو. انهن ئي ڏينهن ۾ ’بيورو آف ڪريڪيولم‘ طرفان جاري ٿيندڙ ’آخبار تعليم‘ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر به ٿيو. وقت جا ڦيرا آهن، ’آفتاب‘ اخبار جي بند ٿيڻ کانپوءِ ’سنڌ‘، ’ڪاوش‘، ‘ڪوشش‘ ۽ ’عبرت‘ اخبار سان زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين لاڳاپيل رهيو.
سائين لائق جو رويو ننڍن توڙي وڏن سان سدائين شفيت ڀريو رهيو. سندس ملڻ ۽ ڳالهه ٻولهه جو انداز هر ڪنهن سان پنهنجائپ وارو هوندو هو. سائينءَ جي سڀاءَ ۽ پنهنجائپ کي ڏسندي مون کي لطيف سرڪار جون هي سٽون ذهن تي گونجڻ لڳن ٿيون.
لڏيو لطيفن، پلاڻي پنڌ پيا،
هٿان حبيبن، ڪونه ڏکوئيو ڪڏهن.

سائين لائق سنڌيءَ سان منهنجو تعلق 89-1988ع کان ان وقت شروع ٿيو، جڏهن آئون گورنمينٽ اليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن فار (مين) حيدرآباد ۾ پي. ٽي. سي ڪرڻ ويس. اهو تعلق، رشتو آخر تائين رهيو. آئون ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهندو هوس، نوان نوان ڪاليج ۾ داخل ٿيا هئاين، ان وقت ڪاليج ۾ پڙهائيءَ جو رجحان به هو ته وري ڪجھه نظم ۽ ضبط به. سو هڪ ڏينهن شام جي وقت آئون پنهنجي ڪمري مان نڪري ڪاليج جي لان ۾ ويس ته اتي ٽريننگ ڪاليج جو هڪ مانائتو استاد سائين حيدر علي خان لغاري ڪجھه دوستن ۽ شاگردن سان گڏ ويٺو هو. انهن سان گڏ منهنجو هڪ روم ميٽ ڪريم ڏنو ملاح موجود هو، (جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ وفات ڪري ويو آهي) ان مون کي سڏ ڪري اتي ويٺلن سان تعارف ڪرايو، منهنجو اهو تعارف ادبي ڪتابن سان ويجھڙائيءَ واري ناتي سان ٿيو. انهيءَ ڪچهريءَ ۾ سائين لائق به موجود هو، جنهن مون کي پنهنجي ڀر ۾ ويهاري حال احوال ورتا. ان کانپوءَ ڪڏه ٽريننگ ڪاليج ۾ ته ڪڏهن ’آفتاب‘ اخبار ۾ به ڪڏهن وري سائين حيدر علي خان لغاريءَ جي گھر تي ملاقاتن جو سلسلو جاري رهيو.
ٽيچرس ٽريننگ دوران هڪ ڏينهن مون کي دل جي تڪليف ٿي پئي، هاسٽل جي دوستن مون کي کڻي وڃي سول اسپتال حيدرآباد جي دل واري وارڊ ’ديوان مشتاق‘ ۾ داخل ڪرايو، ان ڳالهه جي خبر جيئن ئي سائين لائق سنڌي ۽ سائين حيدر علي خان لغاريءَ ج کي پئي ته اهي ٻئي اسپتال هليا آيا. اتفاق سان ان وقت ڊاڪٽر بيکارم مون کي چيڪ ڪري رهيو هو، ان ٻنهي کي پيرين پئي هٿ ڏنو ۽ حال احوال پڇڻ لڳو ته ڪيئن آيا آهيو؟ جنهن تي ٻنهي هڪدم مون ڏانهن اشارو ڪيو ته: ”هن همراهه سان ملڻ آيا آهيون“ ياد رهي ته ڊاڪٽر بيکارام ٽنڊو ڄام واري اسڪول ۾ پڙهيو هو، جتي سائين حيدر علي خان لغاري هيڊ ماتر ۽ سائين لائق سنڌي استاد هئا.
سائين لائق سنڌيءَ جي شاگردن جو وسيع حلقو اهڙو آهي، جنهن ۾ پي. سي. ايس ۽ سي. ايس .ايس جا امتحان پاس ڪيل شاگرد آهن، انهن مان ڪجھه ڊاڪٽر ۽ انجنئير به آهن. ڳالهه ڪرڻ جو مقصد سائين وارن جي همدردي بيان ڪرڻ آهي. اسپتال وران ڏينهن ۾ مون کي ٻنهي محترمن وڏو سهارو ڏنو، ايتريقدر جو مون کي ڳوٺ اطلاع ڪرڻ به نه ڏنائون، چيائون ته بابا ۽ امان کي هرو ڀرو پريشان ڪندين، هتي اسان ويٺآ آهيون، توکي ڪابه تڪليف نه ٿيندي. سائين وارن جون اهي همدرديون آهن، جن جي ڪري لڙڪن ۽ سڏڪن کي روڪي نه ٿو سگھجي. سندن وڇوڙي تي لڙڪ اڻ مندائتي مينهن جيان اوڙڪون ڪريو اچن.
سائين لائق سنڌي غريبن، مسڪينن، پورهيتن ۽ يتيمن جو هڏ ڏوکي هو، هو سنڌ جي ساڃاهه وند ماڻهن مان هو، جيڪي سماج ۾ اڻ برابريءَ جا حامي نه آهن، جن جو اهجو نظريو ۽ ايمان آهي ته هتي وسيلن جي ورڇ هڪ جيتري هجي، هتي امير ۽ غريب جو ٻار هڪ جهڙي تعليم حاصل ڪري سگھي، هتي ڪو به غريب علاج نه ٿيڻ سبب تڙپي تڙپي دم نه ڏي. سائين لائق به انهن مان هڪ هو، جيڪي پاڻ لاءِ گهٽ، پر ٻين لاءِ وڌيڪ جيئندا آهن. سائين لائق سنڌي به اسان سنڌ واسين لاءِ ماياڪو سڪي جي هيٺين سٽن جيان ترڇي مينهن وانگر گذري ويو آهي.
”مان چاهيان ٿو ته منهنجي ڀومي مون کي سمجهي، پر جيڪڏهن مون کي نه سمجهيو ويو ته ڪا پرواهه ناهي، مان پنهنجي اباڻن ٻوٺن کان ايئن گذري ويندس، جيئن ترڇو مينهن گذري ويندو آهي.“
مون کي اها خبر ناهي ته موري منگر جي ڏاڏي يوسف شاهه قبرستان ۾ دفن ٿيل سائين لائق سنڌي جهڙي عظيم انسان جي قبر جو ڪتبو ايندڙ نسلن کي نظر ايندو يا ميسارجي ويندو؟ پر هتي هڪ ڳالهه ضرور لکندس ته سنڌ عظيم انسانن جي وڇوڙي کانپوءِ يتيم بڻبي پئي وڃي، سنڌ لا وارث ٿيندي پئي وڃي، سنڌ جا مظلوم ۽ محڪوم بي سهارا بڻبا وڃن.
آخر ۾ آئون سائين لائق سنڌيءَ جي پهرين ورسيءَ جي مناسبت سان محترم نصير مرزا جون هي سٽون ڀيٽا طور پيش ڪندس، جيڪي شايد هن ڪنهن اهڙي ئي موقعي جي مناسبت سان تخليق ڪيو آهن:
اجازت ڏيو ته گلن جي پنکڙين ۾ واپس هليو وڃان،
هوائن ۾ سمائجي، پاڻيءَ ۾ ضم ٿي وڃان،
مٽيءَ تي سمهي مٽي ٿي وڃان.

روزاني ’عبرت‘ ۾ 11 جنوري 2015ع تي شايع ٿيل