عُمر سڀ عشق سين!
مسڪين سمون
دنيا ۾ ماڻهوءَ جي جيئڻ جا ٻه رستا هوندا آهن، هڪڙو پنهنجيءَ ذات جي لاءِ جيئڻ وارو، خسيس، بي بقا ۽ فاني رستو، جنهن تي هلڻ سان، ماڻهو حياتيءَ ۾ ئي مري ويندو آهي، ٻيو رستو اهو هوندو آهي، ته ماڻهو زندگيءَ کي معنيٰ ڏيڻ لاءِ، ڪنهن عظيم مقصد لاءِ پنهنجيءَ ذات کان مٿانهون ٿي، هزارين، لکين ۽ ڪروڙين ماڻهن جي لاءِ پاڻ کي وقف ڪري، حياتيءَ جو پل پل با مقصد گذاري ڇڏي.
”جهانَ ۾ زندگي ائين گذار،
جو جڏهن مري وڃين،
ته ماڻهو ايئن نه چون ته ڪو فلاڻو
”مري ويو!“ (حافظ شيرازي)
گوئٽي چيو هو:
”ڇا تون سچ پچ،
ڪجهه ڪرڻ گهرين ٿو؟
ته مهل هيءَ اٿئي،
جيڪي ڪجهه ڪري سگهين ٿو،
يا جيڪي سمجهين ٿو ته،
آئون ڪري ويندس،
تنهن کي اُٿي شروع ڪري ڇڏ،
هينئر جو هينئر
اِجهو بِنهه هِن مهل! (گوئٽي)“
جيڪي ماڻهو، گوئٽي جي ان اصول تي عمل ڪندا آهن، تن جي زندگيءَ کي معنيٰ، ۽ مرڻ کان پوءِ سندن مِٽيءَ کي به مانُ مِلي ويندو آهي.
سنڌي صحافت، جيڪا گهڻي ڀاڱي زرد ۽ ڪرپٽ ٿي چڪي آهي، وڏيرڪي ۽ جاگيرداڻي سماج ۾ اڪثر صحافي ذاتي مفادن لاءِ سونَ تي سيڻ مٽائي، ضميرن جو سودو ڪري ڏاڍا سستا ۽ جمعي بازار جي مال وانگر وڪامي رهيا آهن، اتي ڪي اهڙا به معتبر نالا، سنڌي صحافت جي ميدان ۾ نظر اچن ٿا، جن جو ڪردار، عمل ۽ سوچ، ايترا ته صاف، پاڪ ۽ سندن دامن ايترا ته بي داغ ۽ مقدس آهن، جو سندن عظمت جي اڳيان احترام مان ڪنڌ جُهڪائڻا پون ٿا. اهڙن محترم ۽ باڪردار صحافين ۾ سائين لائق سنڌيءَ جو نالو به سِر فهرست آهي. جنهن سڄي زندگي، بااصول، بامقصد ۽ بي داغ صحافت کي ارپي ڇڏي، ڪنهن به دٻاءُ ۽ لالچ، هن شخص کي ڪمزور ڪري نه جُهڪايو!
ايماندار ۽ اصول پرست صحافيءَ لاءِ هن سماج ۾ قلم جو ڀرم رکڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي، ڪئين لالچون، دٻاع ۽ ٻيا انيڪ طوفان، لوڏڻ لاءِ گهُلي پوندا آهن. وڏا وڏا تناوَر وڻ پاڙئون پٽجي ويندا آهن، پر جيڪي پنهنجو وجود قائم رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن، سي تاريخ ۾ ڪڏهن به مرندا ناهن.
”جيڪو رڳو پڙهيل آهي، ڪڙهيل ناهي،
تنهن کي جڏهن به ڪو خريدار ملندو،
تڏهن پنهنجي علم کي، بازاري شيءِ وانگر وڪڻي ڇڏيندو!
(مولانا رومي)“
سائين لائق سنڌيءَ کان سينيئر ۽ سندس همعصر صحافي، ڪک پتيءَ مان لک پتي ٿي ويا، گاڏين ۽ بنگلن جا ڌڻي ٿي ويا، پر سائين لائق سنڌيءَ ”ڀَلي بُکَ ڀَرَمَ جي، شالَ مَ وڃي شانُ“ جي اصول تي هلندي، سنڌي صحافي ۾ جيڪو مقام، مانُ ۽ مرتبو حاصل ڪيو، تنهن جي آڏو، دنيا جون دولتون ۽ ظاهري ٺَٺَ ڪا به اهميت ۽ حيثيت نٿا رکن.
مستقبل جو مؤرخ، جڏهن سنڌي صحافت جي تاريخ لکڻ ويهندو، تڏهن سائين لائق سنڌيءَ جو ذڪر، انتهائي احترام سان، انهن باضمير، پاڪدامن ۽ نه وڪامندڙ صحافين سان گڏ ڪندو، جن جي عظمتن آڏو هماليه جبل به ڏاڍو ننڍڙو لَکبو آهي.
اڄ به سائين لائق سنڌيءَ جي ذڪر ٿيڻ تي پڪ ڄاڻو، ڪرپٽ ۽ داغدار دامن رکندڙ صحافين جا ڪنڌ شرم کان جُهڪي ويندا هوندا. سندن ساهَه مُنجهي پوندا هوندا ۽ سندن ضميرَ، کين چُهنڊڙيون وجهندا هوندا ۽ ٻئي پاسي دنيا جون سموريون عظمتون، رُتبا، مرتبا، عزتون ۽ شُهرتون، سائين لائق سنڌيءَ جهڙن اعليٰ شانَ ۽ ڪردار وارين آڏو جُهڪي، سلام پيش ڪندا آهن ۽ تاريخ گواهي ڏئي ڇڏيندي ته، پنهنجو ايمان سلامت رکندڙ ماڻهو، ڪڏهن به فنا ناهن ٿيندا.
عُمر سڀ عشق سين، پُنهون جي پُڇن،
رِيسَ ريزاليون تن سين، ڪُڄاڙي لئه ڪَنِ؟
مارڳ جي مَرَن، وڏا طالع تن جا. (شاهه)