سنڌي صحافت ۾ ”گوگل“ جهڙي حيثيت رکندڙ سائين لائق جو وڇوڙو
محمد بخش ٻٻر
پوري سنڌ دولتپور جي ٻارڙن سان نوابشاهه ۾ پيش آيل دردناڪ سانحي تي سوڳوار هئي ته اسان ”ڪوشش“ سٿ جي ساٿين ۽ سنڌ جي سمورن گهڻ گهرن جي دلين تي هڪ خبر سوڳ تاري ڪري ڇڏيو، اسان معمول موجب پنهنجي آفيس ۾ ڪم ۾ مصروف هئاسين ته نيوز ايڊيٽر مون کي ٻڌايو ته سائين لائق جي خبر اٿئي؟ ٿوري دير لاءِ آئون پريشان ٿي ويس ۽ مون هن کان معلوم ڪيو ته ”خير ته آهي؟“ جنهن تي اسان کي پنهنجي نيوز ايڊيٽر ٻڌايو ته سائين لائق سنڌي اسان کان موڪلائي تمام پري هليو ويو آهي ۽ هاڻ هو يادن ۾ رهجي ويو آهي، ان وقت هن جو لهجو ڏکارو هو ۽ اسان سڀني جي اکين ۾ غمگيني پر پکيڙي ڇڏيا، اها خبر ٻڌڻ شرط ذهن ۾ 18 سال پراڻيون سائين لائق جون يادون هلڻ لڳيون، سائين لائق کي مون پهريون دفعو 18 سال اڳ ”سنڌ“ اخبار ۾ ڏٺو هو ان وقت اڃا انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون جي دنيا جو اسان وٽ وجود نه هو، اڇا ڪپڙا ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپي پائي آفيس ايندڙ سائين لائق سنڌي جي هٿ ۾ هڪ ٿيلهي ضرور هوندي هئي جنهن ۾ هو صبح توڙي شام وارين اخبارن کانسواءِ ڪاغذ پَٽَ کڻي هلندو هو، تڏهن سنڌي اخبارون پيج ميڪنگ بدران مينيوئل پيسٽنگ ذريعي ٺهنديون هيون، سائين اخبار کي غلطين کان پاڪ ڪرڻ جو ڪم ڪندو هو، جڏهن رات جو سروهي صاحب خيبر ميل ريل جي ٽائيم سبب اخبار جلدي ۾ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته آخري ٽائيم ۾ جيڪي غلطيون هونديون هيون ته سائين پاڻ بليڊ سان انهن کي ٺيڪ ڪري پوائنٽر سان درست ڪري اخبار کي وقت تي ڇپائڻ جو ڪم سر انجام ڏيڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندو هو، سائين لائق ”آفتاب“ ۽ ”ڪاوش“ سميت گهڻين ئي اخبارون ۾ ڪم ڪيو پر هو 15 ورهين کان سينئير سب ايڊيٽر طور روزاني ”ڪوشش“ سان سلهاڙيل هو، سائين لائق بزرگ نوجوان توڙي ٻارڙن سان محبت ۽ اخلاق سان ڳالهائيندو هو، سائين لائق وٽ پاڪستان جي تاريخ کان ويندي صحافتي تاريخ جي وڏي ڄاڻ هوندي هئي، هو ”آفتاب“ اخبار جي مالڪ ۽ پنهنجي ڳوٺاڻي صحافي شيخ علي محمد سائين جي. ايم. سيد، شيخ مجيب، ايم آر ڊي ۽ مارشلائن لساني وڳوڙ جمهوري حڪومتن جي خاتمي ٽنڊو بهاول سانحي ڌاڙيلن جي قصن کان ويندي ڪيترائي داستان اسان کي ٻڌائيندو هو، سائين هڪڙي هٿ ۾ هيڊنگر جو فائيل کڻي پڙهندو هو ته ٻئي هٿ ۾ وري گولڊ ليف سگريٽ سندس هر وقت دکيل هوندو هو، جيڪو گهڻو ڪري سائين جي مصروف هئڻ سبب پاڻ ئي دکي سڙي ويندو هو، جڏهن سائين کي سگريٽ جي ياد ايندي هئي ته هو پنهنجي قميص جي کليل پڦن کي مٿي ڪري هڪڙو ڪش هڻندو هو، هو 2 گولڊ ليف جا پاڪيٽ پاڻ وٽ رکندو هو، جيڪي پاڻ به پيئندو هو ته ساڻس ملندڙ صحافي توڙي دوست به هجت ڪري سگريٽ پيئڻ لاءِ وٺندا هئا، سائين لائق صحافت جي دنيا ۾ ايندڙ هر نئين ماڻهو جي رهنمائي سان گڏ مدد پڻ ڪئي، تڏهن ته نيويارڪ ۾ سنڌ ڄائي بي بي سي جي رپورٽر ۽ مشهور صحافي حسن مجتبيٰ پڻ سائين لائق جا مون کان حال احوال پڇندو رهندو. (حسن سائين لائق سان گڏ ڊان ڊاٽ ڪام جي چيف ايڊيٽر دوست سانول مصدق جي به اوچتي لاڏاڻي تي وڏو ڏکارو آهي) هو چوندو هو ته سائين لائق عظيم انسان آهي، هن جا مون تي وڏا ٿورا آهن، جيڪي مان لاهي به نٿو سگهان، انهيءَ کانسواءِ علي قاضي، سهيل سانگي، علي حسن، لالا رحمان، رشيد راڄڙ، ناز سهتو، اقبال ملاح، امداد سومرو، اسحاق مڱريو، فاروق سومرو، شبير نظاماڻي، چاچو عزيز سومرو ۽ نعمت کهڙو سميت ڪيترائي صحافي ۽ عام ڪارڪن سائين سان ڏاڍا هجائتا هوندا هوا، اڪثر ڪري سائين به انهن سان کل ڀوڳ ڪري وقت پيو وندرائيندو هو، هڪڙي ڀيري مون کي ياد آهي ته اسان جي ايڊيٽر رشيد راڄڙ جڏهن سڄي آفيس جي ورڪرن جي موڪلن واري لسٽ ٺاهي رهيو هو، سڀني ورڪرن جي موڪلن جا ڏينهن طئي ڪيائين جڏهن ته سائين جي نالي هيٺان لکي ڇڏيائين ته يارن سان ڪهڙا ليکا، سائين لائق رڳو صحافي نه هو، هو بهترين استاد سان گڏ لطيف جوبه وڏو پارکو هو.
جڏهن ته هو ٻڌائيندو هو ته سندس خاندان سروري جماعت جو مريد آهي، ان کانسواءِ سائين چوندو هو ته سنڌ کي پهريائين انگريزي ۾ Sind ڪري لکيو ويندو هو، جيڪو مون ملڪ جي ان وقت جي وزير اعظم شهيد بينظير ڀٽو کي خط لکي درست ڪرڻ جو چيو جيڪو پوءِ ئي سنڌ کي Sindh ڪري لکيو ويو، سائين لائق هميشه سادي، نوڙت ۽ صوفياڻي انداز سان زندگي گذاري، هن ڪڏهن زندگي ۾ نشو نه ڪيو، نه ڪڏهن ڪنهن سان جهڳڙو ڪيائين، نه ڪڏهن ڪنهن سان پئسن تي وڙهيو، نه عهدن تي سائين آخر تائين خبرداري سان زندگي گذاري هن ڪڏهن ڪنهن چونڊيل نمائيندي يا آفيسر جو در نه کڙڪايو، نه ئي هن اخبارن ۾ پنهنجي بيماري جي خبر هلائي سرڪاري مدد وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، اهو به عجيب اتفاق آهي ته استاد بخاري جهڙي صورت رکندڙ سائين لائق جو لاڏاڻو وري استاد بخاري جي سالگرهه جي ڏينهن ٿيو، اسان جڏهن سائين لائق جي جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سندس ڳوٺ پهتاسين ته رات جو پورو چنڊ آسمان تي اُڀريل هو، جڏهن ته ڳوٺ بجلي وڃڻ سبب اونداهه ۾ ٻڏل هو، مون کي لڳي رهيو هو ته تاريخ سنڀالي رکندڙ ۽ ورهين جي اخبارن جو رڪارڊ سانڍيندڙ، سنڌي صحافت جي سرچ انجڻ ”گوگل“ جهڙي حيثيت رکندڙ سائين لائق جي وڇوڙي کانپوءِ سنڌي صحافت ۾ اها اونداهه ڇائنجي وئي آهي، شايد ئي سائين لائق جهڙو ڪردار وري جنم وٺي ”ڪوشش“ جو سڄو سٿ سائين لائق جي وڇوڙي تي سندس پُٽ اسماعيل ٿيٻي ۽ محمد بخش ٿيٻي سميت پونئيرن سان ڏک ۾ گڏ آهي ۽ دعاڳو آهي ته سائين لائق کي رب پاڪ جنت ۾ جاءِ ڏي آمين.
’روزاني ڪوشش، حيدرآباد‘18 جنوري 2014ع