يار زندهه، صحبت باقي!!
شبير نظاماڻي
هڪ سال ٿي ويو آهي، جو هن جا اهي لفظ منهنجي سماعتن تي نه پيا آهن، جڏهن به محبت ونڊي، ڪچهري ڪري، هن سراپا پياري ماڻهوءَ جي محفل مان هٿ ٻڌي اٿبو هو، ته هن جا آخري لفظ اهي هوندا هئا ته: ”يار زندهه، صحبت باقي!!“
وقت ڇاڪاڻ ته گذري نه ٿو، ان ڪري وقت جي گذرڻ جي ڪا خبر ئي نه پوندي آهي. ان جي ڪا رفتار ناهي، انهيءَ ڪري اه بي انتها تيزيءَ ۾ هوندو آهي. هن انتهائي پياري ماڻهوءَ جي وصال کي سال ٿي ويو آهي، هو جيڪو مٽيءَ هانو ماڻهو هو، سو مٽيءَ سان ملي ويو آهي ۽ هيڏانهن اسان اڃا هن جي ٻاجهاري مرڪندڙ چهري کي ياد ڪري اهو سوچي رهيا آهيون ته ڪڏهن ڪنهن اخبار جي دفترم گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ ڪنهن ڪتاب گهر تي يا وري پريس ڪلب، حيدرآباد ۾ هن سان موکا ميل ٿي ويندي. يا وري جڏهن ڪنهن محفل ۾ ڪو يار، ڪو صوفي فقير، ڪو درويش ڪنهن مٺڙي ٻوليءَ ۾ ٻولي ٿو ته اسان جون اکيون ان محفل ۾ ويٺلن مان هن کي ڳولينديون رهنديون آهن. هو جيڪو حيدرآباد ۾ ٿيندڙ هر پياري محفل ۾ اڳين قطار ۾ ويٺل هوندو هو ۽ جنهن کي سڀ اچي ڳراٽڙي پائي، ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيندا هئا ۽ جيڪو وري موٽ ۾ انهن کي بي انتها پيار ڪندو هو، سو زندگيءَ جو سفر مڪمل ڪري ان بي انت ۽ بيحد سفر ڏانهن روانو ٿي ويو آهي، جنهن جو چون ٿا ته ڪوبه انت نه پار آهي. هن کي هڪري لافانيت ملي وئي.
زندگيءَ تي ڳالهائيندي ماڻهو هميشه موت جي باري ۾ سوچڻ لڳندو آهي. مون کي خبر ناهي ته جيڪو هتان ويو آهي، سو وري ڪنهن ۽ ڪهڙي روپ ۾ جنم وٺندو، پر منهنجي خواهش آهي ته جڏهن سنڌ جو ڪو ماڻهو ٻيهر جنم وٺي، اهو سائين لائق جي دل ۾ جنم وٺي، اها دل، جنهن ۾ سنڌ جي هر ماڻهوءَ، سنڌ جي هر ماڳ، سنڌ جي هر شهر، هر ڳوٺ، هر رنگ ۽ روپ سان محبت. اها محبت فقط محبت هئي، ان ۾ ٻيو ڪجھه شامل نه هو. نه ڪا دعوئي ۽ نه ئي ڪنهن مڃتا جي لالچ هئي. هو مڃتا جي رڻ ۾ رلڻ وارو ماڻهو نه هو، هن لاءِ ديس جو هر پيچرو پنهنجي محبوب ڏانهن ويندڙ واٽ جيان هو. هو سنڌ جو عاشق هو ته ساڳي وقت سڄي سنڌ ۾ هن جا بي انت عاشق هوندا هئا.
مون کي محمد بخش ٻٻر جي مسڪراهٽ وڻندي آهي، بلڪل ائين ئي سائين لائق جو پيار به وڻندو آهي. جڏهن اسان هن سان گڏجي ڪم ڪندا هئاسون ته نيوز روم ۾ ڪم جي گھڻائيءَ سبب ڪجھه ٿڪجي پوندا هئاسين ته هو اسان کي انتهائي پيار سان سگريٽ دکائي ڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن وري اسان هن کان سگريٽ وٺندا هئاسين ته هو کيسي ۾ هٿ وجھي، انتهائي نفاست سان پاڪيٽ مان گولڊ ليف جو سگريٽ ڪڍي ڏيندو هو ۽ وري جڏهن ماچيس گھرنداهئاسين ته اهي لفظ چئي ڏيندو هو ته: ”واپسيءَ جي بنياد تي“ ان ماچيس جي دٻيءَ ۾ تيلين سان گڏ ڪجهه سڪا به پيل هوندا هئا، چوندو هو ته”انهن جي پارت اٿَوَ“ وڏو عرصو ٿي ويو آهي، ته اهو سگريٽ مليو آهي ۽ نه ئي وري اهو ماچيس، جنهن جي واپسيءَ سان گڏ ان ۾ پيل سڪن جي پارت ڪيل هئي. مون کي اها خبر ناهي ته اهي پنا، اهي اخبارون، اهي دستاويز، اهي آرڊينينس، اهي قراردادون ۽ ٺهراءَ سڀ هن وقت ڪٿي هوندا، جيڪي سائين لائق اخبارن ۾ اسان سان گڏ هوندي سنڀالي رکندو هو. سائين چوندو هو ته: ”اهي سڀ سنڌ جي تاريخ آهن ۽ اسان کي سنڌ جي تاريخ سنڀالي رکڻ گھرجي.“ سائين چوندو هو ته: ”خبر ناهي ته سڀاڻي ڪنهن کي سنڌ جي جديد تاريخ لکڻي هجي ۽ ان کي ڪن ڪاغذن جي ضرورت پوي ته ان کي متان ڪٿي نه ملن.“شايد آئنده جڏهن به ڪو پنهنجي ديس جي تاريخ تي ٻه اکر لکڻ چاهي ۽ اهو عرصو سائين لائق جو دور هجي ته ان شخص کي هر خبر، هر واقعو سائين لائق جو سنڀاليل ملندو.
’روزاني عبرت حيدرآباد ۾ 11 جنوري 2015ع تي شايع ٿيل