جن پروڙيو پاڻ ۾...
ذوالفقار هاليپوٽو
گذريل ڪجهه ڏينهن جون اخبارون ڪيترن ئي شخصيتن جي ورسين ۽ سالگراهن جون سرخيون کڻي نروار ٿيون آهن، سائين جي ايم سيد، فاضل راهو شهيد، استاد بخاري ۽ ڪيترائي ٻيا نالا ۽ ڪردار، ڪن سياست ۾ فقيري رنگ سان پنهنجو اثر ڄمايو ته ڪن شاعريءَ جهڙي پيغمبري ڪم سان روح گرمايا، ڪن عوامي انداز سان لوڪ کي موهي وڌو ته ڪن فڪري ۽ تخليقي ڍنگ سان سنڌ کي مالا مال ڪيو، محور سڀني جي پورهئي جو سنڌ رهندي آئي، رڳو گذريل ٻن ٽن ڏينهن جو اخبارون ڏسي خيال آيو ته ڪيئن نه سنڌو جي ٿڃ مان سرڪ هڻندا، مٽيءَ جو مانُ مٿانهون ڪندا ڪيترا نه با ڪمال ڪردار هن وطن ۽ قوم کي نصيب ٿيا آهن ۽ اڄ ايتري بحرانن ۽ طوفانن جي هوندي، تڪرارن ۽ دشمنن جي لوڌ هوندي به سنڌ شايد انهن ڪردارن جي پورهئي، ڪمٽمينٽ ۽ عشق جي ڪري بچي پئي آهي، هو ايندا وڃن ۽ پنهنجو نور نچوئي هلندا وڃن دنيا فاني آهي رهڻو ڪوبه ناهي، سواءِ پورهئي جي سو هو بنا ڪنهن لالچ، لوڀ، نفعي ۽ نقصان جي سنڌ لاءِ پورهيو ڪندا هلندا وڃن.
متان ٿين ملور، ڪين اڳاهون آهيان،
ڏسڻ ۾ ڪر ڏور حد ٻنهي جي هيڪڙي. (لطيف)
هڪڙا اميدي ۾ ته ٻيا فقيري ۾، هڪڙا ڀريءَ ۾ ته ٻيا ڀاڪر ۾، پنهنجي پنهنجي حصي ۾ ڪم ڪندا، بس هڪ ٻئي پٺيان هلندا وڃن، سنڌ تان سر گهوريندڙ هڪڙو اهڙو يگانو ڪردار سائين لائق سنڌي سنڌ کي گهڻو ڪجهه ڏيئي، اسان کان ڌار ٿي ويو، ان نڀاڳي صبح جي شروعات ۾ ڏينهن وانگر گهرجي اڱڻ ۾ هاڪر پاران اڇلايل اخبارون پڙهڻ، انٽرنيٽ تي خبرون ڏسڻ، فيس بڪ ۽ اي ميل چيڪ ڪرڻ سان ٿي رهي هئي، پيشوراڻي ڪم جو به گهڻو لاڳاپو لکڻ پڙهڻ سان آهي، تنهنڪري ڄاڻ جي انهن ذريعن تي ئي سڄو ڏينهن اک رهي ٿي، اڃا ڪجهه وقت گذريو ئي هو ته ناز سهتي جي فيس بڪ تي آيل هڪ پوسٽنگ دل جهوري وڌي، پوسٽنگ سائين لائق ٿيٻي جي وڇوڙي بابت هئي، پوسٽنگ ڄڻ ته تعزيتي ۽ مرتئي جي ”ڄاڻ“ ڏيڻ جو ذريعو بڻجي وئي، ڪجهه گهڙين کانپوءِ مرتضيٰ سيال ۽ ڊاڪٽر ظفر عباسي مهينو کن اڳ سائين لائق سان ٿيل ڪچهري ۽ ان ڪچهري جا نڪتل فوٽ اپ لوڊ ڪيا، اڃا انهن تصويرن مان وجهي ماضي جي يادگيرين جا صفحا ڦلوريا ئي نه هئا ته مراد شاهه بڪيرائي ۽ پياري وفا رضا جا ليک اچي اکين اڳيان پهتا، سائين لائق کي ويجهو رهندڙ دوست ٽربيوٽ پيش ڪرڻ شروع ڪيو. سنڌي صحافت جو يگانو ڪردار درويش ۽ پنهنجي جونيئرز سان انتهائي پاٻوهه سان پيار ڪندڙ هڪ استاد هڪ دوست سنڌ امڙ جي هنج ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿي ويو.
جن دوستن جو سائين سان استاد، صحافي ۽ اديب جي حيثيت وارو تعلق هو تن چيو ته سائين ٻوليءَ ۽ صحافت جي انسائيڪلوپيڊيا هو، ڪن لکيو ته سائين لائق کي سنڌي ٻوليءَ تي عبور حاصل هو ۽ سنڌ جي پراڻن خاندانن بابت سائين تمام گهڻي ڄاڻ رکندو هو، ڄاڻ جي ان انتهائي تيز اوزار وسيلي ڪلاڪن اندر سائين لائق جي جدائي جي خبر سائين لائق سان شناسائي رکندڙ انهن سڀني ماڻهن تائين پهچي وئي، جن جو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان سائين سان واسطو رهندو آيو هو، سائين جي گهران تدفين لاءِ ڄاڻ آيو ۽ آئون پنهل ساريي، جاويد سوز هالائي، ۽ ستار زنگيجي کي ساڻ ڪري موري منگر پهتس، اتي ڪيترائي دوست اڳ ۾ ئي موجود هئا ۽ سائين لائق جي زندگي جي ڪيترن ئي پاسن تي ڳالهائي رهيا هئا.
منهنجي نظر ۾ سائين هڪ گهڻ رنگي ۽ گهڻ رخي شخصيت هو، سائين هڪڙي هلندڙ ڦرندڙ ڊائريڪٽري هو، هو هڪ اهڙو غير معمولي ۽ غير رواجي شخص هو، جنهن جا ڪيترن ئي نسلن سان دوستاڻا واسطا هئا، مثال طور منهنجو والد به کيس دوست سمجهندو هو. منهنجي والد کان پوءِ واري ٽهي ۾ به کيس دوستي وارو درجو حاصل هو، ائين هو سنڌ ۾ پنهنجي نماڻي ۽ ٻاجهاري طبيعت جي ڪري هر ماڻهو کي پنهنجو ويجهو دوست تصور ٿيندو هو، ڪيترن ئي دوستن کي ان سائين لائق بابت گهڻي ڄاڻ آهي، جيڪو موري منگر مان بدين اسٽاپ يا فتح چوڪ تي فورسيٽر ۾ چڙهي اچي گول بلڊنگ وٽ روزاني آفتاب اخبار جي دفتر ۾ لهندو هو يا وري حيدر چوڪ تي گهمندي ڦرندي نظر ايندو هو، اهو سائين لائق سنڌي جيڪو هڪ اهڙي حيدرآباد جو رهواسي هو جنهن جي پسگردائي سياسي فهم توڙي سماجي سرگرمين ۾ شاهوڪار هوندي هئي، ان شهر ۾ سائين لائق بابت گهڻا قصا ته انهن ڳوٺن ۽ پسگردائي ۾ رهندڙ ماڻهن وٽ ئي آهن، ٽنڊي ٺوڙهي جا مرزا ڇا ٿا ڪن، شهر جا قاضي صاحبان ڪهڙا سياسي فيصلا ڪرڻ وارا آهن، ٽنڊي مير محمود جي ميرن برادران جي من ۾ ڇا آهي، پٻڻ شريف جا جيلاني پير ڇا سوچي رهيا آهن، شهر جي اردو ڳالهائيندڙ جا ان دؤر جا اڳواڻ، نواب مظهر ۽ مولانا وصي مظهر ندوي پنهنجي ذهنن ۾ ڪهڙي آند ماند رکن ٿا، ڪهڙن ماڻهن جا ڪهڙن نون ماڻهن سان واسطا وڌيا آهن، شهر جا مرڻا پرڻا ڪهڙا آهن، اڄ امامن جا پڙ ڪٿان نڪرندا، اڄ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي ڪهڙي ڳوٺ ۾ آهي، ڪنهن دؤر ۾ حيدرآباد شهر جي روحاني قائد مولانا نوراني ڪنهن جي گهر ترسندو، شهر جو نئون ڊپٽي ڪمشنر ڪهڙو اچي رهيو آهي، ڪهڙي اهڙي ڄاڻ هئي جيڪا سائين لائق ٿيٻي کي اڳواٽ نه هجي؟! سندس ڄاڻ جو ڪمال پاسو اهو هو ته هو انهيءَ سموري معلومات کي تمام زبردست سائنسي نموني سان شعبن ۾ ورهائي مختلف مزاحن جي صحافين، ڪالم نگارن، ايڊيٽرن ۽ اخباري مالڪن سان ائين ٽڪرن ۾ شيئر ڪندو هو، جو هرڪو ائين محسوس ڪندو هو ته کين ڪا ايڪسڪليوزو خبر ملي آهي، ترن ۽ تڪن بابت غضب جي ڄاڻ هوندي هئس، خبر جي پوئين پاسي ڌيان هوندو هئس، سندس تنقيدي اک ايتري ميچوئر جو ڪيترائي دوست خبر ۾ ”اينگل“ سمجهڻ يا ڏيڻ جو ڏانءُ سائين لائق کان سکيا، مون کي ياد آهي ته جڏهن 2007ع ۾ ڪوثر ڀٽي صاحب شهيد ڀٽو جي ٽڪيٽ تان اين اي 122 تي قومي اسيمبلي جي اميداور طور ميدان ۾ نڪتو ته مقابلي ۾ پيپلزپارٽي جو سيد نويد قمر ۽ نواز ليگ جو مير حيدر ٽالپر هئا، بظاهر ڪوثر ڀٽي صاحب جي چونڊ مهم زورن تي هئي ۽ لڳي ائين رهيو هو ته مقابلو زبردست ٿيندو تر جا ڪيترائي با اثر وڏيرا پهوڙ، ٿيٻا، جتوئي، ڪاتيار، ٽالپر، مگسي، نظاماڻي، جهيجا، شيخ ريحان جا ميان وغيره، ڪوثر صاحب جي ورڪ ۾ رڌل هئا، موري منگر ۾ ٿيل هڪڙي جلسي ۾ مون کي ٻانهن مان جهلي چيائين ته ”ذوالفقار پيپلز پارٽيءَ جي وڏيرن جو آهي اڇو مٿو پر بابا تعلقو حيدرآباد پيپلز پارٽي جو ويٽنام اٿئي، ڪوثر کي چئو ته پ پ لاڙڪاڻو هارائي سگهي ٿي، تعلقو حيدرآباد نه تنهنڪري ٻڌائينس ته خرچ مڙئي گهٽ ڪري.“
سائين لائق نه رڳو صحافت ۽ سياست پر گڏو گڏ عوامي سمجهه ۽ ڏاهپ جي فيض تي آڱر رکي هلندڙ بلاجو انٿراپالاجسٽ هو، طبيعت ۾ ٿڌائي هجڻ ڪري تر جا وڏيرا به سندس دوست ته مولائي اديب ۽ صحافي به سندس ساٿي شهر جي ڪنهن دڪاندار يا سيٺ سان ملو ته اهو به سائين جو واقف، ته ٻئي پاسي سي آءِ ڊي وارا به سائين جا مداح، فقيري طبيعت رکندڙ هڪ اهڙو شخص جنهن گهر جي ٻچن کي به بکيو رکي پرديسين ۽ سنگتين کي ويلا کارايا، ان وقت حيدرآباد شهر جا ڏهه ٻارنهن قديمي پاڙا هئا ۽ چند نالي وارا سنڌي گهراڻا هئا، هيڏانهن ٻي ڪنڊ تي شيخ علي محمد پنهنجي ٿڌي طبيعت سان پيو سوچيندو هو ته پنهنجي سياسي حيثيت کي ڪيئن وڌائجي، اسان جا گهر آفتاب اخبار جي پوئين گهٽين ۾ هئا ۽ ڏسندا هئاسين ته سائين لائق ڪڏهن به شيخ صاحب کي ڪا غلط يا اٻهرائپ واري صلاح نه ڏني، ٿيندو ائين آهي جو ملازم گهڻو ڪري مالڪ جي ها ۾ ها ملائي پيو اونڌيون صلاحون ڏيندو آهي پر سائين لائق پنهنجي فقيري طبيعت جي ڪري نه ڪنهن جي رعب ۾ آيو ۽ نه ئي ڪنهن کي وڻائڻ لاءِ ڪا اونڌي يا غلط صلاح ڏني، نيچر ۽ سونهن سان پيار ڪندڙ ماڻهو هو، هر وقت مرڪي ملندو هو ۽ ڪو نه ڪو جملو سندس چپن تي تيار پيو هوندو هو.
آئون حسن مجتبيٰ، حفيظ پپي، آغا قيوم آغا سهيل، آغا سيد ۽ ٻين دوستن کي ڪنهن مهل حيدر چوڪ تي سائين نثار حسيني جي آگم واري آفيس ته ڪنهن مهل سائين نياز همايوني جي دفتر ۾ ته ڪنهن مهل نصير مرزا جي ريڊيو پاڪستان جي آفيس ڏسي مرڪي چوندو هو ته سهڻا ڪٿي پيا گهمن، هن وٽ ڄاڻ جو خزانو هو، پر هن ڪڏهن به پنهنجي طبيعت ۾ تونگري نه آندي نه ئي پنهنجي ڄاڻ جو رعب وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، هو هر ٽهي جي دوست سان ان جي سطح تي لهي اهڙو ته تعلق جوڙيندو هو جو بس اهو تعلق ان وقت ئي جڙيو، جنهن وقت سائين لائق سنڌي جي ساهه جي تند ٽٽي پئي، هن ڪڏهن ڪنهن سان تعلق ٽوڙيو هجي، هن بابت ڪنهن ماڻهو ڪا شڪايت ڪئي هجي، اسان مان شايد ئي ڪنهن اهو ٻڌو هجي، اهو رويو خود سندس سڀاڳي ۽ سٻاجهي طبيعت جو وڏو اهڃاڻ آهي، سائين لائق صحافت جي شروعات روزاني ”آفتاب“ حيدرآباد کان 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ڪئي ڪجهه وقت روزاني عبرت ۾ ڪم ڪيائين ۽ آخري گهڙين ۾ روزاني ڪوشش سان لاڳاپيل رهيو، هو پروف ريڊنگ کان وٺي پيسٽنگ ۽ هيڊنگس جي خوشخطي تائين اخبار جي ڪم ۾ شامل هو، پنهنجي شعبي ۾ ماهر هو، غلط ٻولي لهجو ۽ گرامر جهلڻ جي اسڪين مشين هو شل نه غلط سٽ يا اکر سندس اکين اڳيان لنگهي، هو ان جو اهڙو پوسٽ مارٽم ڪندو هو جو لکندڙ پريشان ٿيڻ بدران سائين مان سکندو ۽ سائين کي استاد مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هو، سائين جي حوالي سان ڪيترائي قصا ذهن ۾ اچي رهيا آهن، جي لکڻ جي استعمال بابت حساس هجڻ جو رڳو هڪڙو واقعو پيش ڪندو هلان ته سائين لائق سنڌي، شهيد راڻي بينظير ڀٽو کي سندس 1988ع واري وزارت اعظميٰ جي ڏينهن ۾ هڪ خط لکي درخواست ڪئي ته سرڪاري فائيلن ۾ انگريزي ۾ سنڌ کي sind لکيو ٿو وڃي جڏهن ته ان کي صحيح ڪري sindh لکيو وڃي ان خط ملڻ کانپوءِ شهيد راڻي انگريزي ۾ سنڌ کي درست ڪرايو، سائين جي وسعت نظر ۽ دور انديشي جو اندازو ان ڳالهه ۾ لڳايو جو 2013ع ۾ وفاقي حڪومت کي اهو خيال آيو ته ان لفظ کي آئيني حيثيت ڏني وڃي ۽ 18 هين ترميم ۾ جيڪي ابتدائي تبديليون شامل آهن انهن ۾ لفظ سنڌ صحيح ڪري لکڻ واري ترميم به شامل آهي.
سائين لائق ورثي ۾ نه رڳو پنهنجو پورهيو ۽ دوست يار، مٽ مائٽ ۽ گهڻ گهريا ڇڏي ويو آهي پر سائين هڪ سبق سنڌي سماج لاءِ اهو به ڇڏي ويو آهي ته نوڙت ۽ نيٺائي سان پنهنجي حصي جو ڪم جاري رکجي، ساڙ ۽ حسد ڪرڻ بدران چڱي کي چڱو چئجي ته بري جو غريبان جهلڻ بدران پاسيرو ٿي پنهنجي ڪم کي جاري رکجي، سهپ ۽ رواداري سان ماڻهن سان لاڳاپا وڌائجن نه ڪي گهٽائجن سماج جي جج بڻجڻ بدران سماجي تبديلي ۾ پنهنجي حصي جي پتي وجهجي اڄ هو اسان ۾ ناهي پر سندس پورهيو سنڌي سماج جي بنيادي ڳڻن جو حصو رهندو.
سانجهيءَ سج لهي ويو، ان کان ڪهڙي پوءِ!
وڃ نه پرين ووءِ، منهنجو جيءُ جُهري پيو.
(اياز)
’روزاني سنڌ ايڪسپريس، حيدرآباد‘18 جنوري 2014ع