شخصيتون ۽ خاڪا

مُون سي ڏٺا ماءِ

سائين لائق سنڌي سنڌ جي اهڙن ماڻهن مان هڪ هو، جنهن تي جيترو فخر ڪجي اوترو گهٽ آهي. ڏٺو وڃي ته هو گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. تعليم کاتي سان به واڳيل رهيو ته صحافت جهڙي گورک ڌنڌي سان به توڙ تائين نڀايائين. انهن سڀني وابسطگين جي پٺيان جيڪو سندس مقصد هو، سو هو ”سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال“ ماءُ ٻوليءَ سان کيس عشق هو، ڇاڪاڻ جو هُن اسڪولن ۾ ٻارن جي ٻوليءَ تي به ڌيان ڏيڻ ضرري ٿي سمجهيو ته صحافتي دنيا ۾ به سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ کي روڪڻ سندس مقصد هو.
Title Cover of book مُون سي ڏٺا ماءِ

هڪ هو لائق سنڌي

هڪ هو لائق سنڌي
حيدر ملاح

اسان جي ملاقات ڪو اتفاق نه هئي نه ئي سوچيل سمجهيل ۽ رٿابندي تحت ڪيل ملاقات هئي، ائين ئي هڪ ڏينهن ناز سهتو ۽ گل ملاح گول بلڊنگ جي اقبال هوٽل تي چانهه جون سرڪيون پيئندي ملي ويا، تڏهن ناز سهتو ”آفتاب اخبار“ ۾ ڪم ڪندو هو، جڏهن ته گل اڃا ٽڙيو مس هو، هو غلام قادر مان گل سڏجڻ شروع ٿيو هو، ائين ئي چانهه جي ڪپ تي اسان سان جيڪو چوٿون ماڻهو اچي ويٺو تنهن کي سڀ ”سائين“ چئي مخاطب ٿي رهيا هئا، هن جي هنج ۾ اخبارن جو ٿهو سندس مٿي جا وار اڌ اڇا ۽ اڌ ڪارا هئا، ڏاڙهي لٿل هئس پر چهري تي ڪا ٿڪاوٽ هئي، جا سندس اکين مان بکي رهي هئي، ائين لڳو پئي ڄڻ رات جو ننڊ نه ڪري سگهيو آهي، اها پهرين ملاقات هئي تنهن وقت ۾ بهارنين جي آمد جو سنڌ ڏانهن سلسلو شروع ٿيڻ وارو هو، سنڌ اندر قومپرستن طرفان احتجاج مظاهرا ۽ ڌرڻا لڳي رهيا هئا ۽ ضياءِ جي آمريت جو ڪارو سج اڃا نه لٿو هو، نه انبن جي پيتين ۾ رکيل بم هوا ۾ ڦاٽو هو، مون هن کي ان دؤر ۾ گچيري کان وٺي پياري بند ۾ ٿيندڙ جشن لطيف جي پروگرامن ۾ پويان صفن ۾ بيٺل ڏٺو، هو ائين هو جئين ڌراڙ هوندو آهي، ڌڻ جي پويان هلندو رهندو آهي ۽ ائين ئي ٻهراڙيءَ جي ٻڪر جيان، ان جي ڌڻ جو مان به حصو ٿي ويس، هو صرف اخبارن جي پروف ريڊنگ نه ڪندو هو هن وٽ ته ماڻهن جي پروف ريڊنگ ڪرڻ جو ڏانءُ به هو، ان ڪري هن جي نگاهه جنهن تي پئي تنهن پنهنجي ڪپڙن جي اندر جهاتيون پائڻ شروع ڪيون، هن جون اکيون آرسيون هيون پر زمانو ته پٿر هٿ ۾ کڻي هلي ٿو، جنهن سدائين کيس پيار جي بدلي ۾ الزامن جا انبار ڏنا، هن کي ڏنڀ ڏيڻ وارا پراوانه پر پنهنجا هئا، تنهنڪري، کيس پيار جي بدلي ۾ الزامن جا انبار ڏنا، هن کي ڏنڀ ڏيڻ وارا پراوا نه پر پنهنجا هئا، تنهنڪري سندس مُرڪ ۾ آخري وقت تائين سدائين خاموش احتجاج لڪل رهيو پر شڪوه نه ڪرڻ سندس روح ۾ سمايل هڪ اهڙو احساس هو، جنهن کي هن ائين سنڀالي رکيو، جيئن موکيءَ متارن لاءِ مئه کي سنڀالي رکيو هو، هن منهنجو پهريون نظم ”آفتاب“ جي ٻاراڻي صفحي ۾ ڇپي پاڻ وٽ موجود اخبارن جي انبارن ۾ محفوظ رکيو، تڏهن اڃا سنڌ جي اخبارن کي اشتهارن جي ڪا وڏي لست نه لڳي هئي، نه ڪي وري ترجيحات تبديل ٿيا هئا، اخبارون تجارت بدران صداقت جي پاسي گهڻيون بيٺل هيون، مقابلو ته هو پر گهڻي ڀاڳي اڃا توجهه طلب جا اشتهار ئي اندرين پيجن ۾ سونهن ۽ رونق جو سبب هئا، پريمي جوڙن جون اڃا خبرون اهميت وارلاري نه سگهيون هيون، ان ڪري اخبارن وٽ (Space) جڳهه جو مسئلو نه هو، مختلف اخبارون مختلف صفحا ڇپينديون هيون، جنهن ۾ ٻارن جا صفحا به شامل هئا، جيڪي اڄ جي ڪمپيوٽر دنيا ۾ گهڻو ڪري غائب ٿي ويا آهن.
هُن ڪڏهن به ٻن شين تي نه ڪرفيو لڳايو، نه ئي 144 قلم هڪ چانهه تي، ٻيو چاهه تي توري جو 1987ع ۽ 1988ع ٻئي سال حيدرآباد جي گهٽين ۾ بارود جي بوءِ هئي، گرين پيس هوٽل جيڪا پوءِ دهشتگردي راڄ جي ڪري تلڪ چاڙهي کان هيٺيان يونيورسل جي ويجهو هئي، سا هڪ رهائشي اپارٽمينٽ ۾ تبديل ٿي وئي هئي، تنهن جي اڱڻ ۾ گرم تيل جي ڪڙهائي ۾ ترجندڙ سموسا ۽ بادامن واري چانهن جا سُرڪا ڌيمي روشني ۾ ڪڏهن هو حسن درس سان گڏ ويهي شاعري ٻڌندي ڀريندو ته ڪڏهن احمد سولنگي جي نگاهن ۾ نگاهون وجهي سندس طويل نظمن جو سٽون ٻڌي، ٿڌا ساهه ڀريندو هو، شيخ اياز انهي گهُٽ ۽ پوسٽ واري ماحول ۾ جڏهن پريس ڪلب جي اڱڻ تي پنهنجي شاعري ٻڌائڻ لاءِ آيو هو ته هن کي ميزبان بڻجي در تي آجيان لاءِ مون بيٺل ڏٺو، اسان جڏهن پنهنجي دوستن سان گڏ، سنڌ جي عالم سائين حيدر علي لغاريءَ سان گڏ پريس ڪلب جي اڱڻ ۾ داخل ٿياسين ته ڪيترن ئي نوجوانن کي پَٽَ تي پلٿي ماري ويٺل ڏٺوسين، تڏهن اڃا جو پريس ڪلب انهيءَ بلڊنگ ۾ تبديل نه ٿيو هو، ڇٻر تي چوڪڙيون لڳنديون هيون ۽ ٿڪل ڦٽل قومي ڪارڪن ٿڪ ڀڃڻ لاءِ پريس ڪلب ۾ اچي پر پکيڙيندا هئا، ڪينٽين جي ماني حيدرآباد جي سمورن هوٽلن کان سستي ۽ سٺي هوندي هئي، انهيءَ ڪري ڪامريڊ پيا مزا وٺندا هئا، موبائيلن جو دؤر نه هو ان ڪري نياپا، نڙا پريس ڪلب جي ذريعي پيا ونڊبا هئا، اياز جي گونجندڙ آواز ۾ خون کي گرم ڪندڙ نظم سچ وڏو ڏوهاري آهي، مون پريس ڪلب ۾ ٻڌو هو، بحثن ۾ ڇڙي گاريون ڏيندڙ صحافين ۽ سياسي ڪارڪن جو ديدار به اتي نصيب ٿيو، اهو سڀ ڪجهه ان قلندر طبيعت انسان جي ڪري ممڪن ٿيو هو، جنهن مون کي هڪ ڏينهن تاڪيد ڪندي چيو هو ته جنهن ڏينهن تو، اخبار نه پڙهي ۽ جنهن رات تو ڪتاب جا ٻه چار صفحا نه پڙهيا، سمجهه اهو ڏينهن ۽ اها رات تنهنجي جنب جي ڪتاب ۾ خالي صفحي جيان آهي ۽ پوءِ زندگي جي هر ڏينهن ۽ رات کي مون صفحا سمجهي لکڻ ۽ پڙهڻ شروع ڪيو، سندس سادگيءَ جو ڇا عالم هو، هن ڪڏهن پنهنجي ڏات کي ڏونڪي جي ڀيرڙ تي نه وڄايو، هو نه ادبي بورڊ جي آفيسر جي درجي اڳيان ڪشڪول کڻي بيٺو، نه سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري اڳيان جهول جهلي بيٺو ته مون کي ٻه چار ڪتاب ڏيو ته مان اوهان کي پروف ريڊنگ ڪري ڏين، سندس نالي تي توڙي جو ڪيترائي اڻ گهڙيا ڪاٺ جيئندا هئا، ۽ ڪتابن جي پروف ريڊنگ ڪري سرڪار کان چيڪ وصول ڪندا هئا، پر هو آخر تائين رات جو رولاڪ رهيو، سندس ڪم ئي اهڙو هو، شام کان شروع ٿي رات جي پوئين پهر ۾ ختم ٿيڻ وارو هو، اخبارن کي تيل ڦليل، مسي مساڳ ۽ ڪجل پارائڻ جو ڪم ڪندو هو، جنهن کي جديد دنيا شايد بيوٽي پالر جو نالو ڏئي وجهي، ان ڪري مون سدائين رات جو هن کي ٻين جا در کڙڪائيندي ڏٺو يا صبح جو سوير اخبارن جي ٿهن سان گڏ دوستن سان ٽهڪ ڏيندي ڏٺو.
هن تي الزام هنيو پيو وڃي ته هو فلاڻي خان جو پوئلڳ هو حقيقت ۾ هو پوئلڳي جو سخت مخالف هو، مون ڪڏهن به هن کي ڪنهن جي تقليد ڪندي نه ڏٺو، نه ئي وري تنقيد ڪندي ٻڌو، سندس ڌيمو لهجو نه مارڪسي هو نه شائونسٽ قومپرست هو، نه ترقي پسند هو نه تبديلي پسند ۽ هن وٽ ڪنهن جو وزن تورڻ جي ڪا مشين هئي، نه هو واپاري هو، تنهن ڪري الزام تراشي ڪندڙ سڄڻن کي فقط ايترو سمجهڻ گهرجي ته هو اڱرن جي ناتي ڪاروبار ڪندڙ لوهار نه پر لفظن کي مالهائن ۾ پوئڻ وارو سونارو هو، هو گرم سج جهڙو گرم به هو ۽ نما شام جهڙو انتهائي سٻاجهو به هو، هو پنهنجي دؤر جي تاريخ هو جنهن وٽ گناهه ڪبيرن جي جڳهه تي ثوابن جي سوچ وڌيڪ حاوي هئي، هن پنهنجي زندگي گولڊ ليف جي دونهين سان رڳو نه گذاري پر سچ ته اهو آهي ته هو سڄو سون هو، تنهنڪري مان کيس هڪ ئي تعارف سان سڄاڻان ٿو، سنڌ جو لائق پٽ، لائق سنڌي، جنهن پنهنجي زندگي پنهنجي سنڌ جي خدمت ڪندي گذاري مون کي ذاتي طور ڄاڻ آهي ته هو چاهي ها ته سبحان ميمڻ کان وٺي اڪبر لغاري تائين بيوروڪريسي ۾ ويٺل ڪيترائي ساڻس پيار ڪندڙ سندس بيماري جي آخري ڏينهن ۾ علاج لاءِ مدد ڪن ها پر هن جو موت لال بتي جي جنهن بستري تي ٿيو، اهو ان ڪري به سندس لاءِ اعزاز آهي جو هو جنم کان عام ماڻهو بڻجي ويو هن ڪنهن کان زندگي امداد ۾ نه پني، ڇاڪاڻ ته هو لائق سنڌي هو ڪو عام رواجي ماڻهو نه هو.
’روزاني ڪوشش، حيدرآباد‘ 22 فيبروي 2014ع.