سائين لائق جو وڇوڙو
ڪجهه ماڻهو پنهنجي اڻٿڪ جدوجهد ۽ عاشقانه جاکوڙ سبب اهڙا ڪردار بڻجي ويندا آهن، جو اهي سوين هزارين دلين ۾ جاءِ ٺاهي وٺندا آهن، جن جو هجڻ آٿت جو وڏو احساس ڏيندو آهي ۽ جن جو وڇوڙو جيءُ جهوري وجهندو آهي، پر موت به هڪ اٽل حقيقت آهي، جنهن کي ڪنهن به طرح ٽاري نه ٿو سگهجي، هر اهو جيو جيڪو زندگي جو مزو چکي ٿو، تنهن کي موت جو مزو به چکڻو آهي، اها حقيقت ڄاڻندي به ڪجهه ماڻهن جي وڇوڙي تي دل درد جو داستان بڻجي ويندي آهي، ۽ انهن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي آهي، اسان جو بزرگ سائين لائق سنڌي به اهڙن ماڻهن منجهان هڪ هو، جيڪو پنهنجي زندگي ۾ سراپا صحافت ۽ سراپا جدوجهد بڻيل رهيو، سائين لائق سنڌي زندگيءَ جا ڪيترا نه ڪٺن ۽ اذيتناڪ مرحلا ڏٺا پر هو هميشه مرڪندو رهندو هو ۽ اسان سڀني کي اهڙي تسڪين ڏيندو هو جو ڪڏهن به اڪيلائي جو احساس نه ٿيندو هو، سائين لائق سنڌي هڪ استاد، ٻوليءَ جو هڪ ڄاڻو، صحافت جو سر موڙ ڪردار ۽ هڪ انتهائي شفيق انسان هو، جيڪو ڪافي عرصي کان ڪينسر جي مرض سان جهيڙيندو رهيو، سائين لائق سنڌي آخري دم تائين ”ڪوشش“ سان سلهاڙيل هو پر هو پنهنجي ڳوٺ آرامي هو ۽ ”ڪوشش“ جو سٿ هميشه سندس موجودگي جو احساس سانڍي هلندو هو.
سائين لائق سنڌي هاڻ طبعي طرح سان اسان وٽ موجود ناهي پر هن جون سوين هزارين يادون ۽ انهن يادن جا سهڻا سلسلا هميشه قائم رهڻا آهن.
دراصل هن شخص کي جيڪڏهن ٻن لفظن ۾ بيان ڪجي ته هو ”سراپا صحافت“ ۽ ”اخبارن جو عاشق“ هو، جنهن پنهنجي پوري زندگي تعليم ۽ صحافت کي ارپي ڇڏي، هو هميشه چوندو هو ته سنڌ سلامت رهندي ۽ سنڌ تان ڪارا ڪڪر هڪ ڏينهن ٽري ويندا. هو هڪ استاد ۽ صحافي سان گڏ سنڌ جو عاشق ملنگ پڻ هو، جيڪو هر فڪر کان بالاتر ٿي پنهنجي ڪم ۾ مگن رهندو هو ۽ هميشه اهو پيغام ڏيندو هو ته پورهئي ۾ ئي عظمت آهي، ۽ جيستائين اسان ماڻهو محنت کي پنهنجو شيوو نه بڻائينداسين، تيستائين غلامي ۽ عفلت مان نڪري نه سگهنداسين، اسان سائين لائق سنڌي جي وڇوڙي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪريون ٿا ۽ سندس وارثن کي يقين ڏياريون ٿا ته هنن سان هر ڏک سک ۾ گڏ هونداسين.
’روزاني ڪوشش حيدرآباد 17 جنوري 2014ع‘