وياسي وينجهار...
واحد پارس هيسباڻي
ان ڏينهن جڏهن سائين لائق سنڌي کي دفنائي واپس موٽياسين پئي ته منهنجي ذهن ۾ مسلسل بخاري جون اهي سٽون پئي ڦريون ته:
بخاري جي خوشبوءِ بچي شهر ۾،
چمن ويو دفن ٿي هلائي ڇڏيو.
سائين لائق به هڪ چمن هو، جيڪو دفنائجي ويو ۽ سندس خوشبوءِ باقي رهجي ويئي، چمن رڳو زميني سرحدن جا ٿورئي ٿيندا آهن، چمن ته دلين جا به ٿيندا آهن، چمن ته چاهتن جا به ٿيندا آهن، چمن ته سڪ جا به ٿيندا آهن، چمن ته خلوص جا به ٿيندا آهن، چمن ته پنهنجائپ جا به ٿيندا آهن ۽ سائين انهن سڀني جو گلدستو هو، گل سڪي ويندو آهي پر سندس خوشبوءِ ڪڏهن ختم نه ٿيندي آهي، سائين لائق پنهنجي خلوص جي جيڪا خوشبو ڇڏي ويو آهي اها به ڪڏهن ختم ناهي ٿيڻي، سائين لائق ڇا هو؟ سندس تعارف ڪرائڻ ايترو سولو ڪٿي آهي! هو ڄڻ ته ڪو سمنڊ هو، جنهن جو ٻيو ڪنارو ڪنهن به نه ڏٺو، هو ڄڻ ته هوا جو ڪو جهوٽو هو، جيڪو صرف محسوس ڪري سگهبو آهي، هو ڄڻ ڪا روشني هو، هو جنهن اڻ ڳڻين ماڻهن جي جيون ۾ اجالو ڪيو ان رات موري منگر جي اونداهي قبرستان مٿان چنڊ پنهنجي پوري روشنائي سان چمڪيو پئي، ائين پئي لڳو ڄڻ ته هڪ روشنيءَ ٻي روشني کي ڌرتي جي هنج ۾ سمهندي حيرت منجهان ڏٺو پئي.
سائين لائق سنڌي سينئر صحافي هو، هو بهترين انسان هو.... هي لفظ الائي ڇو سطحي لڳن ٿا، سائين جو قد انهن لفظن کان گهڻو گهڻو مٿانهون هو، هو انهن ماڻهن مان هو جن لاءِ ڪنهن شاعر چيو آهي ته:
هم فقيرون سي دوستي ڪرلو،
بادشاهي ڪي گُر سکا دينگي.
پنهنجي طبيعت ۾ هي فقير ماڻهو پنهنجي وجود ۾ پوري بادشاهي رکندڙ هو، اها بادشاهي ڪنهن رياست تي حڪمراني ڪرڻ واري نه پر دلين تي حڪمراني جو منظر ان رات موري منگر ۾ ڏسڻ وٽان هو، جنهن ۾ سندس مٽن مائٽن کان به وڌيڪ اهي ماڻهو شريڪ هئا جن سان هن جو خلوص جو رشتو هو، هر ڪلهو سندس کٽ جو پائو جهلڻ لاءِ آتو هو، سائين لائق سنڌي هڪ استاد هو، ٻولي جو ماهر هو، لطيف جو پارکو هو، اهي سڃاڻپون پنهنجي جڳهه تي پر هو وڏو ماڻهو هو، سندس اصل سڃاڻپ اها آهي ته هو سڀني جي ڏک تي اداس ٿي ويندڙ ماڻهو هو، هو پنهنجي پيٽ جو گرهه به ٻين کي ڏيندڙ ماڻهو هو، هن سڄي زندگي محنت مزدوري ڪئي پر سندس مقصد پئسو ڪمائڻ نه پر قرب ڪمائڻ هو.
هن پنهنجي 70 سالن جي ڄمار ۾ صرف قرب ئي ڪمايو ۽ خوب ڪمايو، انهن ماڻهن مان نه هو جيڪي پونئيرن لاءِ بئنڪ بيلنس ڇڏي ويندا آهن، پر هي انهن ماڻهن مان هو جيڪو عزت جو بيلينس ڇڏي ويو. بئنڪ جي بيلنس جو ڪونه ڪو انگ هوندو آهي، پر سائين جيڪو عزت وارو بيلنس ڇڏي ويو آهي، ان جو ڪوبه انگ ڪونهي، دنياداري جو ڪوبه ڪلڪيو ليٽر ان حسان جو جوڙ ڪٽ ۽ ونڊ ضرب نه ٿو ڪري سگهي، جيئن ڪنهن جو گهر جو وڏو گذاري ويندو آهي، سائين جي جنازي سان هلندي اسان سڀني ائين ئي محسوس ڪيو. هن جي شفقت، هن جي پنهنجائپ، هن جو خلوص گهر جي وڏي جهڙو ئي هو.
سائين لائق سنڌي سان جنهن جو به واسطو رهيو پوءِ اهو ڊگهي عرصي وارو هجي يا مختصر عرصي وارو پر شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو هجي جيڪو هن جي پنهنجائپ کان متاثر نه ٿيو هجي، هي پنهنجي طبيعت ۾ بلڪل ئي سڌو ۽ سادو ماڻهو هو، ڪنهن کيس خوش ڪيو ۽ ڪنهن کيس رنج ڪيو، هن پوري زندگي ان جو ڪوبه حساب ڪتاب نه رکيو، هن جو ڪوبه دشمن نه هو، هن هر ڪنهن کي پنهنجو دوست ئي سمجهيو، مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙا بردبار ماڻهو تمام گهٽ ڏٺا آهن، سائين لائق سان اڻ ڳڻيون ڪچهريون ٿيون، هن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، پر مون ڪڏهن به کيس ڪنهن جي گلا يا شڪايت ڪندي نه ٻڌو ۽ جيڪڏهن ڪنهن، ڪنهن جي گلا ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي ته هي ساڻس سُر ۾ سُر ملائڻ بدران ڪمال ڪاريگري سان ان موضوع کي ئي گول مول ڪري ڇڏيندو هو، هي نه گلا ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندو هو ۽ نه ڪنهن جي گلا ٻڌڻ ۾، سائين جهڙو ٻاهر جو اجرو ماڻهو هو، جهڙو ٻاهر جو معصوم ماڻهو هو اندر جو به بلڪل ئي ائين هو. سندس زندگي ۾ هڪڙو به اهڙو مثال نه ٿو ملي، جنهن ۾ سائين جي زبان يا هٿ مان ڪنهن کي ڪا تڪليف پهتي هجي.
هي نيڪي ڪري وساري ڇڏڻ وارن ماڻهن مان هو، ان کان وڌيڪ سندس وڏ ماڻهپ جو ٻيو ڪهڙو مثال ٿي سگهي ٿو ته هن پنهنجي شاگردن جي اڳواڻي ۾ هلڻ ۾ به ڪا ارهائي نه بلڪه سرهائي محسوس ڪئي، مان سائين لائق کي هڪ خاموش خدمتگار چوندس، جيڪو ڪڏهن به پنهنجي پذيرائي وارن چڪرن ۾ نه رهيو، جيڪڏهن سندس منهن تي ڪنهن سندس تعريف ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي ته هي آڱر چپن تي رکي ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندو هو، هي اهو ماڻهو هو جنهن کان ٻولي جا ماهر به ڏکين لفظن جون معنائون پڇندا هئا، پر هن ڪڏهن به پاڻ کي ايڪسپرٽ نه چيو هن جي سيني ۾ سياست ادب ۽ صحافت جي هڪ پوري تاريخ دفن ٿيل هئي، پر هن ڪڏهن به پاڻ کي تاريخدان چورائڻ پسند نه ڪيو هن وٽ اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن جو وڏو رڪاڊ موجود هو ۽ مختلف ادارن ۾ ڪم ڪرڻ ۽ واسطيداري هجڻ باوجود اخبارن ۽ رسالن جون اعزازي ڪاپيون وٺڻ بدران پنهنجي پئسن سان خريد ڪندڙ هو، پر هن ڪڏهن به اها هام نه هنئي ته وٽس هيترن سالن جو اخبارن جو رڪارڊ موجود آهي، ۽ ايترا ڪتاب ۽ رسالا وٽس محفوظ ٿيل آهن، هي گهرج وارن جي خاموشي سان گهرج پوري ڪري ڇڏيندو هو، مون کي خبر ناهي ته سائين جي گهر ۾ موجود لائبرري ڪيتري وڏي آهي پر اها خبر ضرور اٿم ته هن جي سيني ۾ موجود لائبرري وسيع هئي جنهن ۾ هر قسم جي موضوعن وارا دستاويز موجود هئا، محفلن ۾ خاموشي سان ٻين جون ڳالهيون ٻڌندڙ هن شخص ڪڏهن به اها دعويٰ نه ڪئي ته هن جي سيني ۾ هيترو سارو علم موجود آهي، هن جتي به جيڪو ڪجهه به ڳالهايو اهو ڪم جو ڳالهايو فضول هي ٻڌي ته ويندو هو، پر ڪڏهن به فضول ڳالهائيندو نه هو، سائين لائق پنهنجي وجود ۾ هڪ مڪمل انسائيڪلوپيڊيا هو، ڪاش هي پنهنجي يادگيريون لکي ها! اڄ جڏهن سائين اسان جي وچ ۾ نه رهيو آهي ته هڪڙي عجيب قسم جي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي، اسين پاڻ کي الائي ڇو اڪيلو اڪيلو محسوس ڪري رهيا آهيون، وڻ جي گهاٽي ڇانو جيان هو، جيڪا هاڻي اسان جي سرن مٿي نه رهي آهي، هو ڪو وينجهار هو، جيڪو ويو هليو، يتيم صرف محمد اسماعيل، محمد بخش ۽ سندس ٻه ڀينرون نه ٿيون آهن، پر اسان سڀ پاڻ کي يتيم محسوس ڪري رهيا آهيون، سائين لائق جهڙا ماڻهو روز روز پيدا نه ٿيندا آهن، پاڻ واري مفاپرست هن سماج ۾ اهڙا ماڻهو هاڻي پيدائي ڪٿي پيا ٿين، سچ سندس نه هجڻ وارو احساس دل ۾ ڪنهن ڇيت جيان هميشه چڀندو رهندو، سفيد مفلر ڳچي ۾ ويڙهيل ڳاڙهي ٽوپي پاتل ۽ هٿ ۾ اخبارن سان ڀريل ٿيلهي کڻي هلندڙ سائين لائق سنڌي کي هاڻي اسان ڪڏهن به نه ڏسي سگهنداسين، اهو تصور ئي نڙي ۾ هڪ سڏڪو اٽڪائي ڇڏي ٿو.
بڇڙا ڪڇ اس ادا سي ڪي رت بدل گئي
اڪ شخص ساري شهر ڪو ويران ڪر گيا.
[’روزاني عبرت، حيدرآباد‘ ”پندرنهن روزه عبرت مئگزين، پهرين فيبروري کان پندرهن فيبروري 2014ع‘]