امن پسند شخص
پروفيسر عبد العزيز عمراڻي
سائين لائق سنڌي کي مون سنڌي فائنل امتحان جي تياري وقت ڏٺو، موري منگر ڳوٺ ۾ سائين مرحوم عبدالرحمٰن ٿيٻو جي رهنمائي ۾ ڪجهه شاگردن سنڌي فائنل جي تياري پئي ڪئي. رات جو گولا ٻاري پڙهائي ڪئي ويندي هئي، ان وقت سنڌي فائينل پاس ڪرڻ ڪو آسان امتحان ڪونه هو. انوقت سائين لائق سنڌي سان گڏ استاد ڏاتر ڏنو شيخ حاجن ٿيٻو موريءَ وارو ۽ ڪجهه ٻيا امتحان جي تياري ڪري رهيا هئا. منهنجو ايترو قريبي تعلق ڪونه هو. البت هڪ ٻئي کي سڃاڻندا هئاسون، ان وقت آءٌ ڳوٺ پنيل ڳاهي ۾ رهندو هئس. سائين سان ملاقات جو سلسلو آفتاب اخبار جي نئين سر شايع ٿيڻ کانپوءِ شروع ٿيو. جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي ته سنڌي صاحب فراخدلي سان وقت ڪڍي زماني بابت ڳالهه ٻولهه سان گڏ چانهه جي پيالي پياريندو هو. پنهنجي وس آهر دوستن جي ڪم ڪار ۾ مدد به ڪندو هو.
جڏهن آءٌ اسلام آباد ۾ نوڪري سانگي هئس ته ڪو دوست اسلام آباد ايندو هو ته ان کي خط لکي ڏيندو هو ته جيئن ان جي ڪنهن طريقي سان مدد ڪجي يا رهنمائي ڪجي. سنڌي صاحب جي گفتگو ۾ مون ڪڏهن ڪو غير مهذب لفظ نه ٻڌو. گفتگو ۾ آهستگي ۽ شائستگي هوندي هئي. عام طرح خاموشي پسند پر ويجهن دوستن سان کُلي ڪچهري ڪندو هو. جهڳڙن ۽ فساد کان تمام پري رهندو هو. پاڻ امن پسند ۽ حليم طبيعت جا هئا. سائين خود به اديب هو ۽ علم دوستن سان اڪثر صحبت هئس، عام ماڻهونءَ سان گفتگو نه برابر هئس ڇو ته علمي ۽ ادبي گفتگو کان خالي ڳالهه ٻولهه کيس متاثر نه ڪندي هئي. سنڌي صاحب ادبي سنگت ۽ اخباري صحافت ۾ اچڻ سان شهرت حاصل ڪئي، سنڌ جي ڪافي علائقن ۾ سندس سڃاڻپ ٿي سائين جي پروف ريڊنگ ۾ مهارت هئي، جنهن ڪري جڏهن سنڌيءَ ۾ ووٽر لسٽون ٺهيون ۽ ان جي ڇپائي جو ڪم لاهور ۾ هڪ پبلشر کي ڏنو ويو ته ان جي پروف ريڊنگ لاءِ سنڌي صاحب کي لاهور گهرايو ويو، جتي ڪجهه مهينن تائين ڪم ڪيائون سندس گفتگو ۽ ڪردار جي ڪري پريس مالڪ ايترو متاثر ٿيو جو هُن ڪجهه روا ڀرائڻ لاءِ کيس ڏنا جڏهن ته هو واپس اچي رهيو هو ۽ وري لاهور وڃڻ جو ارادو ڪونه هئس، اُهي روا ڀرت ڀرائڻ کانپوءِ مون ان شخص کي اسلام آباد ويندي لاهور ريلوي اسٽيشن تي ڏنا.
اصل قصو ائين آهي ته سائين کيس چيو ته آءٌ ته ڪونه ايندس مون تي توهان ڪيئن ٿا اعتبار ڪريو، ان پريس جي مالڪ چيس ته نه مليا ته به خير آهي، مقصد آهي ته سائين تي ان شخص جو اعتبار ۽ اعتماد هو جيڪا سندس سُٺي ڪردار جي خوبي هئي، جڏهن ڳاهن جي ڳوٺ مان لڏي منگرن ۾ اچي آباد ٿيس ته سائين پهريون شخص هو جنهن سڄي گهر جي دعوت ڪئي هئي، طبعيتاً دل جا سخي ۽ همدرد انسان هئا، مون کي نٿو ياد پوي ته ڪو ڪنهن کي ڏکويو هوندائين، ڌڻي در دعا آهي ته سائين لائق سنڌي صاحب کي سچي سعادت ۽ دائمي سڪون ملي ۽ سندس درجا بُلند ٿيندا رهن.