ناول

سعي

”سعي“ مانواري ليکڪا ”مهراڻ ايوب“ جو لکيل ناول آهي.
سعي هڪ گهريلو سماجي ناول آهي. جنهن ۾ زندگيءَ جي تڪليفن ۽ ڪشالن سان ڀريل ڊگهي سفر جو هڪ ڪشٽ سمايل آهي. هن ناول ۾ ڪيئي ڪهاڻيون لڪل آهن ۽ هر هڪ ڪهاڻيءَ جا الڳ الڳ موضوع آهن، جن تي ڌار ناول لکي سگهجن ٿا، ڇو ته جنهن سماج ۾ اسان رهيا آهيون ان ۾ رهندڙ فردَ بذاتِ خود ڪئين ڪهاڻيون آهن ۽ اڪثر فرد جي چهري مٿان چهرو اوڍيل آهي، انهن کي سمجهڻ ۽ وائکو ڪرڻ لاءِ به ڪئين زندگيون گهرجن. هن ناول ۾ ليکڪا انهن مڪروه چهرن کي بي نقاب ڪرڻ جي هڪ سٺي سعي ڪئي آهي.

  • 4.5/5.0
  • 4309
  • 984
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مهراڻ ايوب
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Saee

3

مؤمن ۽ شهلا جي شاديءَ کي اڄ ٽيون ڏينهن هو. انهن ٽن ڏينهن ۾ سواءِ چند جملن جي، هنن پاڻ ۾ ڪجھه نه ڳالهايو هو. جيتوڻيڪ مؤمن ڪجھه سالن کان هن گهر ۾ صديقي صاحب وٽ ايندو رهندو هو، پر هو ٻئي هڪ ٻئي لاءِ اجنبي هئا. مؤمن ڪڏهن به شهلا کي نه ڏٺو هو. اچانڪ اهڙيون حالتون پيدا ٿي ويون جو صديقي صاحب جيڪو شهلا جو والد هئڻ سان گڏوگڏ سندس اڪيلو سهارو پڻ هو، هن کي هميشه لاءِ دنيا ۾ اڪيلو ڇڏي ويو.
پيءُ جي جدائيءَ کان پوءِ شهلا پنهنجو پاڻ کي دنيا ۾ اڪيلو محسوس ڪري رهي هئي. مؤمن کي ان ڳالهه جو پورو احساس هو، انڪري هن هر طرح سان شهلا کي ان صدمي مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. گهر ۾ هنن ٻنهي کان علاوه ٻيو ڪوبه نه هو، انڪري جلدئي هنن جي وچ مان تڪلف جي ديوار ڪِرڻ لڳي.
شهلا جي ماءُ هن جي ننڊپڻ ۾ ئي گذاري ويئي هئي، ان کان پوءِ هن کي پنهنجي والد پاليو. شهلا پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو اڪيلي ئي گذاريو هو ڇو ته صديقي صاحب به نوڪري جي ڪري مصروف رهندو هو. اسڪول کان پوءِ ڪاليج اهڙي جڳهه هئي جتي هوءَ ٻيا ماڻهو ڏسندي هئي، پر اڪيلائي جي ايتري عادي ٿي چڪي هئي جو اتي به ڪنهن سان ايترو ڳالهائي نه سگهندي هئي.
آهستي آهستي هوءَ مؤمن سان پنهنجي گذريل زندگيءَ جون ڳالهيون ڪرڻ لڳي، جنهن ۾ صرف هن جي پيءُ يا ماءُ سان گذاريل ڏينهن جون ڳالهيون هونديون هيون.
“توهان مون کي پنهنجي باري ۾ ڪڏهن ڪجھه به نه ٻڌايو آهي، هر وقت مان ئي پنهنجون ڳالهيون ڪندي رهندي آهيان.” هڪ دفعي رات جو سمهڻ کان اڳ شهلا، مؤمن کي چيو.
“منهنجي باري ۾ ته صديقي صاحب توهان کي اڳي ئي ٻڌائي ڇڏيو هوندو.”
“بابا صرف ايترو ٻڌايو هو ته مؤمن گوتم ٻڌ وانگر مليل آسائشن کي ٿڏي، زندگيءَ جو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هتي پهتو آهي ۽ هنن کي توهان سان وقت گذارڻ سٺو لڳندو هو. انهن کي يقين هو ته جيڪڏهن توهان مون کي پنهنجي زندگيءَ ۾ شامل ڪيو ته مان هڪ سٺي زندگي گذارينديس. ان کان علاوه هنن ڪجھه به نه ٻڌايو هو توهان جي باري ۾.” شهلا هن ڏانهن ڏسندي چيو.
“بس پوءِ ان کان وڌيڪ منهنجي باري ۾ ڄاڻي ڇا ڪندؤ؟” مؤمن شهلا ڏانهن سواليه نظرن سان ڏٺو.
“توهان جي باري ۾ سڀ ڪجھه ڄاڻڻ چاهيان ٿي.” شهلا ورندي ڏني.
“ٺيڪ آهي پهرين چانهه ٺاهي اچو، ته ٻڌايان ٿو سڀ ڪجهه.” مؤمن مسڪرائيندي چيو.
ڪجھه دير ۾ شهلا چانهه کڻي آئي.
مؤمن چانهه جو ڪپ هٿ ۾ کنيو ۽ شهلا کي ڀرسان ويهڻ جو اشارو ڪيو.
“منهنجي نظر ۾ اها منهنجي وڏي بدنصيبي آهي جو مان هڪ قبيلي جي سردار گهراڻي ۾ پيدا ٿيس. شادي کان پوءِ ڪافي سالن تائين امان کي ٻار نه ٿيندو هو. امان جي چوڻ مطابق مرشدن جي دعائن سان کيس اولاد ٿيو. پر شروع ۾ امان کي ٻـه ڌيئر ڄايون ته امان جي پريشاني وڌي ويئي، انڪري وري هن مرشدن جي در جا ڀيرا شروع ڪيا ته جيئن کيس پٽ جو اولاد ٿئي.” مؤمن چانهـه مان ڍُڪ ڀريندي ڳالهه شروع ڪئي.
شهلا غور سان ڳالهه ٻڌڻ لڳي.
“نيٺ آخرڪار مرشدن جي دعائن سان سردار بهـادر خان جي گهر ٻن ڌيئرن زينت ۽ درناز کان پوءِ هڪ پٽ دلاور خان ڄائو. حويلي ۾ خوشيون ملهايون ويون، سڄي ڳوٺ ۾ ڪپڙا ۽ کاڌا ورهايا ويا. پر دلاور خان جي طبيعت اڪثر خراب رهڻ لڳي. اها ڳالهه سردار صاحب لاءِ ڏاڍي پريشان ڪندڙ هئي. علاج ڪرائڻ سان گڏوگڏ مرشدن جون دعائون به گڏ هلنديون رهيون. نيٺ مرشد بابا سائينءَ کي چيو ته پٽ جو نالو مٽائي، ڇو ته اهو نالو ڳورو آ.بابا سائين انهن کي ئي نالو رکڻ لاءِ چيو ته هنن منهنجو نالو مؤمن رکيو.” مؤمن جي منهن تي هلڪي مُرڪ هئي.
“توهان جو نالو دلاور هو؟” شهلا حيران ٿيندي پڇيو.
“ها.” مؤمن جواب ڏنو.
“پوءِ ڇا ٿيو؟” شهلا پڇيو.
“پوءِ خبر ناهي ته دوائن سان يا امان جي چوڻ موجب نالو مٽائڻ سان، مان واقعي ٺيڪ ٿي ويس. مون کان پوءِ امان کي ٻيو پٽ ڄائو بهرام خان، هاڻي ته امان بابا مون کي خوش نصيب سمجهڻ لڳا ڇو ته مون گهر ۾ ڀاءُ آندو هو. ان کان پوءِ زينب ۽ صفوران ڄايون.”
شهلا، مؤمن جي ڳالهه غور ۽ اتاولائيءَ سان ٻڌڻ لڳي.
“بابا سائين کي هڪ ڀاءُ ۽ هڪ ڀيڻ آهن. بابا انهن ۾ وڏو آهي انڪري سرداري نظام ان جي حوالي هو. پر بابا جو ڀاءُ سبزل خان فطرتاً ڏاڍو شاطر دماغ ماڻهو آهي، جيڪو ظاهري طور بابا جو تابعدار ۽ خيال رکندڙ هو. پر اندر ۾ پنهنجو مفاد عزيز رکندڙ هو. بابا هڪ شوقين طبيعت ماڻهو هو، جنهن جي ڪري سبزل خان دل ئي دل ۾ سوچي ڇڏيو هو ته هڪ ڏينهن هو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان اهو نظام پنهنجي حوالي ڪندو. ان لاءِ هن ٿوري گهڻي تياري ڪري رکي هئي. هن جي شادي پڦاٽ سان ٿيل آهي، جنهن مان کيس صرف هڪ ڌيءُ دُربيبي هئي. هن جي زال کي هر وقت اهو خدشو رهندو هو ته سبزل خان پٽ جي اولاد لاءِ ڪٿي ٻي شادي نه ڪري وجهي.
بهرام خان جي پيدائش ٿي ته سبزل خان کي پنهنجي زال زور ڀرڻ لڳي ته هو پنهنجي ڀاءُ کان اهو پٽ پالڻ لاءِ وٺي. هڪ ئي حويلي ۾ رهندا هئاسين، انڪري بابا به انهن جي اها خواهش پوري ڪئي.
سردارن لاءِ ان جي قبيلي، ثقافت ۽ صدين کان هلندڙ رسم و رواج هر شيءِ کان مٿي هوندا آهن. اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ چاهي سردار جو پٽ يا ڌيءُ ڇو نه هجي پر انهن کي ڪَڙي کان ڪَڙي سزا ڏني ويندي آهي.
قبيلي جو سردار پنهنجي ايندڙ گادي نشين کي پاڻ سان گڏ رکندو آهي ته جيئن هو سرداري نظام کي ساڳئي نموني هلائڻ جا طور طريقا سکي سگهي. ان لاءِ بابا مون کي ننڍي لاءِ کان ئي پاڻ سان گڏ رکندو هو. گهر ايندو هئس ته امان ۽ ڀينر مون تان صدقو پئي وينديون هيون. اٺن سالن جي عمر کان ئي مان بابا سائين سان گڏ ٻاهر رهڻ لڳو هئس. اسان جو گهڻو وقت ماڻهن جا جهيڙا نبيرڻ، ڪنهن مخالف قبيلي جي خلاف سازشون رٿڻ ۽ ڌاڙيلن کان انهن جي اغوا ڪيل ماڻهن جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪرڻ ۾ گذرندو هو. جڏهن ڪم گهٽ هوندو هو ته بابا سان گڏ ڪراچي واري بنگلي تي رهندو هئس. هتي هر روز ڪنهن نه ڪنهن ڪاموري جي بنگلي تي دعوت رکي ويندي هئي، جتي مون جيترا ٻيا ڇوڪرا به موجود هوندا هئا. اسان سڀ پنهنجي پيئرن کي رقص ۽ موسيقي جي محفلن ۾ موج مستي ڪندي ڏسندا هئاسين. نشي جي حالت ۾ موسيقارن ۽ رقاصائن جي مٿان پئسا نڇاور ڪرڻ جو مقابلو هوندو هو. پئسا وصول ڪندڙن جي ته عيد ٿي ويندي هئي. شايد اهو به اسان جيِ ٽريننگ جو هڪ حصو هو. سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو اسان هتي ضرور ايندا هئاسين.”
“ايڏي ننڍي عمر کان ئي اهڙي خطرناڪ ٽريننگ!؟” شهلا جي حيرانگي وڌندي پئي ويئي.
“ها، منهنجو ننڊپڻ شروع ٿيڻ کان پهريون ئي ختم ٿي ويو هو، ان عمر ۾ اسان پاڻ کي وڏو سمجهندا هئاسين.” مؤمن ٻڌايو .
“ڪجهه سالن کان پوءِ چاچي سبزل خان کي پٽ ڄائو هيبت خان، جنهن جي خوشي هن کي ايتري هئي جو هن بهرام خان کي به نظرانداز ڪري ڇڏيو. بهرام خان هنن جي لاڏ ڪوڏ جي ڪري تمام گهڻو ضدي ۽ خودسر ٿي ويو هو. اسان کي ته پنهـنجو ڪجهه سمجهندو ئي نه هو پر هن کي هيبت خان کان به نفرت ٿيڻ لڳي.
شهلا مون ننڍي لاءِ کان ئي مسڪين ماڻهن تي بي انتها ظلم ٿيندي ڏٺو،جڏهن به انهن لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهيندو هئس ته چاچا وارا اِهيو چئي چپ ڪرائي ڇڏيندا هئا ته “تون اڃا ننڍو آهين وڏو ٿيندين ته پاڻ ئي انهن ڳالهين کي سمجهي ويندين” اهڙين ڳالهين جي ڪري آهسته آهسته مان بابا ۽ چاچا وارن کان پري ٿيندو ويس . مؤمن جي منهن تي سخت تاثر اُڀري آيا.
بابا سان گڏ رهندي به مون ڳوٺ ۾ ئي پنهنجي تعليم جاري رکي. منهنجو استاد ڏاڍو مهربان طبيعت جو مالڪ هو. هو مون کي ڏاڍو پسند هو، هميشه مون کي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ چوندو رهندو هو.ان استاد ئي مونکي ڀٽائي سرڪار سان آشنا ڪرايو. جڏهن وٽس شام جو ملڻ ويندو هوس ته پيو ڀٽائي ۽ سچل سائين جون ڪافيون جهوگاريندو هو. مون به دل ئي دل ۾ طئـه ڪري ڇڏيو هو ته پنهنجي پڙهائي جاري رکندس.
“بابا سائين جن جي طبيعت خراب رهڻ لڳي. مسلسل شراب نوشي جي ڪري هنن جي بُڪين تي خراب اثر پئجي ويو. بابا علاج لاءِ ڪراچي ويندو هو ته مان به ساڻس گڏ ويندو هئس. بابا جي بيماري سبزل خان جي لاءِ گادي تي ويهڻ جو موقعو مهيا ڪري ڇڏيو. آهستي آهستي هو سڄو نظام پنهنجي هٿ ۾ ڪرڻ لڳو. ماڻهن کي دوکي ۾ رکڻ لاءِ هو بهرام خان کي پاڻ سان گڏ رکندو هو، ته جيئن هو سمجهن ته هن جي نظر سرداري گدي تي ناهي. بهرام خان جيڪو اڳي ئي سبزل خان کي پنهنجو پيءُ سمجهندو هو تنهن چالاڪيءَ جو هر گُر هن کان وٺي ڇڏيو هو.
بابا جي طبيعت ڪجھ بهتر ٿي ته هو ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو پر تيستائين سبزل خان بابا جي جڳهه والاري چڪو هو. بابا به بهرام خان کي هن سان گڏ ڏسي اهو ئي سمجهندو رهندو هو ته هو هن جي ئي پٽ کي گڏ رکي رهيو آهي ته ان کي ئي سردار بڻائيندو. پر پوءِ به بابا جي اها خواهش هئي ته سردار جي پڳ مون کي ٻڌائي وڃي، جنهن جي لاءِ مان هرگز تيار نه هئس. مون بابا سان في الحال پڙهڻ جو بهانو ڪري ڇڏيو. ڀرسان واري شهر جي اسڪول مان مون مئٽرڪ جو امتحان سٺي نمبرن ۾ پاس ڪيو.
مون بابا کي ڪنهن سٺي اسڪول ۾ داخلا ڪرائڻ لاءِ چيو پر هنن انڪار ڪري ڇڏيو.” مؤمن ايتري ڳالهه ٻڌائي هٿ ۾ جهليل خالي ڪپ شهلا کي ڏنو.
“امان ۽ پنهنجي ڀينرن جي باري ۾ ته ڪجهه ٻڌايو ئي نه اوهان.” شهلا ڪپ وٺندي چيو.
“جڏهن کان بابا بيمار رهڻ لڳو تڏهن کان مون کي به گهر رهڻ جو موقعو مليو. بهرام خان ته مون کي لفٽ ئي نه ڪرائيندو هو، انڪري مان هر وقت امان ۽ ادي وارن سان گڏ رهڻ لڳس.” پنهنجي ماءُ ۽ ڀينرن جو ذڪر ڪندي ئي مؤمن جي اکين ۾ چمڪ اچي ويئي.
“زينب ۽ صفوران ته مون لاءِ بلڪل دوستن وانگر هيون. گهر ۾ هنن کي صرف قرآن پڙهڻ سيکاريو ويو، مان انهن کي گهر ۾ ئي ڪتاب پڙهائيندو هئس. مان مئٽرڪ ۾ هئس ته آپا زينت جي شادي بابا جي پڦاٽ سان ٿي ويئي. اهي خضدار ۾ رهندا هئا.
منهنجي وڌيڪ پڙهائي لاءِ بابا ته انڪار ڪري ڇڏيو، پر زينب مون کي همٿائيندي رهندي هئي. نيٺ هڪ ڏينهن گهر مان ڪجهه پئسا کڻي ڪراچي نڪري آيس.
هتي هڪ سال اڳ ئي منهنجي دوست جي فيملي ان جي پڙهائيءَ جي خاطر شفٽ ٿي هئي. ڪجهه ڏينهن ان وٽ رهي مون پنهنجي لاءِ هڪ اسٽور تي نوڪري ڳولي ورتي. مون ڪاليج ۾ ايڊميشن به وٺي ڇڏي. ميڊيڪل اسٽور جو مالڪ تمام سٺي طبيعت جو مالڪ هو، هن کي خبر پئي ته مون وٽ رهڻ لاءِ جڳهه ناهي، ته هن مون کي اتي ئي رهڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي ۽ بسترو به آڻي ڏنائين.
“مان صبح جو ڪاليج ويندو هئس ۽ باقي سڄو ڏينهن اسٽور تي نوڪري ڪندو هئس. ڪاليج ۾ اچي مون کي احساس ٿيو ته مان پڙهائيءَ ۾ گهڻو هوشيار نه آهيان ڇو ته هتي پڙهائي جي ميدان ۾ مقابلو لڳو پيو هو. ان جي لاءِ مون کي ڏينهن رات محنت ڪرڻي هئي. مون ايتري محنت ڪئي جو امتحان جي رزلٽ آئي، ته مون کي يقين ئي نه پئي آيو ته منهنجو نالو پنجين نمبر تي آيو آهي.
بابا سان مان ناراض هئس انڪري مان ڳوٺ نه ويس پر پنهنجي هڪ ملازم جي نالي تي هڪ خط لکيم جيڪو اصل ۾ زينب وارن لاءِ هو. ان ملازم تي يقين هو ته هو اهو خط انهن تائين پهچائيندو. هن ائين ئي ڪيو ڇو ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ زينب به خط جو جواب لکيو.
ٻي خط ۾ زينب مون کي ڳوٺ چڪر لڳائڻ لاءِ زور ڀريو ته مان موڪلن ۾ ڳوٺ هليو ويس. امان ۽ ادي واريون مون کي ڏسي خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيون. پر بابا ۽ چاچا وارا خوشي ظاهر ڪرڻ بدران مون تي ئي ڪاوڙ ڪرڻ لڳا. ٻئي طرف چاچا سبزل خان کي بابا جي سامهون ائين رعب ۽ دٻدٻي سان ڳالهائيندي ڏسي سمجهي ويس ته منهنجي وڃڻ سان جيڪڏهن ڪا تبديلي آئي آهي ته اها صرف اها آهي ته قبيلي جو سرداري نظام سردار سبزل خان جي هٿ ۾ اچي ويو آهي. حقيقت ۾ سبزل خان ۽ بهرام خان منهنجي واپس اچڻ تي خوش نه هئا. زينب مون کي ٻڌايو ته سبزل خان اهو چئي بابا کان سڀ اختيار ورتا آهن ته تنهنجي وڏي پٽ ۾ اهو نظام سنڀالڻ جو ڪو افعال ڪونهي، انڪري جيسين بهرام خان وڏو ٿئي تيسين قبيلي جو نظام هن وٽ امانت هوندو.
بهرام خان ۾ سردارن واريون اهي سڀ خوبيون موجود هيون جيڪي بابا مون ۾ ڏسڻ پئي چاهيون. پر مان انهن جي اميدن تي پورو نه لهي سگهيو هئس.
“زينب مون کي ڪيترائي دفعا واپس اچڻ لاءِ چيو ڇو ته هوءَ سبزل خان ۽ بهرام خان کان خائف ٿي ويئي هئي. هو ٻئي قبيلي سان گڏوگڏ حويلي جا به آقا بڻجي ويا هئا. پر منهنجي لاءِ هاڻي فيصلو ڪرڻ آسان ٿي ويو هو ڇو ته بابا بهرام خان مان مطمئن پئي لڳو.
پوءِ به مان امان ۽ ادي وارن سان وري چڪر لڳائڻ جو واعدو ڪري واپس ڪراچي هليو آيس.” بابا سوچيو ته ڪجهه عرصي ۾ مون تان پڙهائيءَ جو ڀوت لهي ويندو پر ائين نه ٿي سگهيو. فرسٽ ايئر جي رزلٽ منهنجي همٿ وڌائي ڇڏي هئي. مان هاڻي اڃا وڌيڪ محنت ڪرڻ لڳس. زينب ۽ صفوران مون ڏي خط لکنديون رهنديون هيون. هنن ٻڌايو ته هو هاڻي آپا زينت ڏي به خط لکنديون آهن. مون خط مان ئي انهن جي خوشيءَ جي خوشبو محسوس ڪري ورتي هئي.”
“ڇا ان ڳالهه جي خبر حويليءَ ۾ ٻين کي هئي؟” شهلا، مؤمن جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي پڇيو.
ان ڳالهه جي خبر صرف امان کي هئي. امان کي خط جي ذريعي منهنجو ۽ ادي زينت جو حال احوال ملندو هو سو اها ته ڏاڍي خوش هئي. هڪ ملازم ۽ ملازمه کي به حويلي ۾ ان ڳالهه جي خبر هئي.
اسان وٽ ڇوڪريءَ جي پڙهڻ تي اعتراض ڪيو ويندو آهي. هوءَ خط لکي، اها ته بلڪل اعتراض جوڳي ڳالهه ليکي ويندي آهي. مان هاڻي موڪلن ۾ جلدي جلدي گهر ويندو هئس. زينب ۽ درناز آپا ته هر وقت منهنجي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ٺاهينديون رهنديون هيون ۽ صفو مون سان گڏ ويٺي پڙهندي رهندي هئي. مان صفوران کي پيار مان صفو چوندو هئس. هن جي پڙهائيءَ ۾ دلچسپي ڏسي منهنجي دل چوندي هئي ته هن کي ان ماحول مان ڪڍي وڃان پر مان ائين ڪرڻ کان قاصر هئس.” صفو جو ذڪر ڪندي مؤمن جي اکين ۾ گهري اداسي اچي ويئي هئي.
پري رهڻ جي ڪري امان جي ته مون مان سڪ ئي نه لهندي هئي. هنج ۾ سمهاري پئي منهنجا لاڏا چوندي رهندي هئي. مؤمن جي چپن تي هڪ ويران مسڪراهٽ اچي ويئي.
“بابا سائين جن جو رويو بدليو؟” شهلا دلچسپيءَ وچان پڇيو.
“بابا سائين جن هاڻي ٿورو ٿورو ڳالهائيندا هئا ۽ هو پيار سان واپس اچڻ لاءِ چوندا هئا، پر مان به پنهنجي ڳالهه تي اٽل هئس. بابا جن مون کي ڪجهه رقم ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا هئا پر مان نه وٺندو هئس.
مون انهن کي گهڻو ئي چيو ته مون کي انهن جي پئسن جي نه پر انهن جي ساٿ جي ضرورت آهي، دل ۾ اهو خيال هوندو هو ته شايد ائين ڪرڻ سان هو راضي ٿي وڃن پر ائين نه ٿيو.
مون انٽر به سٺي نمبرن ۾ پاس ڪئي. انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل ۾ مون کي ڪا خاص دلچسپي نه هئي، ان لاءِ مون يونيورسٽيءَ ۾ فلاسافي سبجيڪٽ ۾ بيچلرز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مون فارم ڀرائي ڇڏيو پر اڃا ڪلاس شروع نه ٿيا هئا، ان لاءِ مان ڳوٺ هليو ويس.” ائين چئي مؤمن چپ ٿي ويو.
“ڇا ٿيو؟” مؤمن کي خاموش ڏسي شهلا پڇيو.
“بس پوءِ يونيورسٽي ۾ داخلا ٿي ته صديقي صاحب سان مليس ۽ انهن جي ذريعي توهان سان.” مؤمن ٿڌو ساهه کڻندي چيو.
“توهان ڳوٺ نه ويندا آهيو هاڻي؟” شهلا پڇيو.
“نه.” مؤمن بيڊ جي تاج تي پوئتي ٽيڪ لڳائي، اکيون بند ڪيون.
“ڇو؟” شهلا پڇيو.
“چاچا جي ڌيءُ دُربيبي منهنجي نالي ٿيل هئي، جنهن جي خبر مون کي تڏهن پئي هئي جڏهن مان ڪاليج ۾ هئس. پر يونيورسٽيءَ جي ٻئين سال ۾ هئس جڏهن مون کي بابا وارن ان سان شادي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. مون انڪار ڪيو ته بابا مون کي نڪري وڃڻ لاءِ چيو، انڪري نه ويندو آهيان.” مؤمن ڳوٺ نه وڃڻ جو اصل ڪارڻ لڪائيندي چيو.
“پوءِ دُربيبي جو ڇا ٿيو؟” شهلا پڇيو.
“ٻه سال اڳ ان جي شادي بهرام خان سان ٿي ويئي آهي، انهن کي هاڻي هڪ پٽ به آهي.” مؤمن ٻڌايو.
“توهان جو خاندان ماشاءالله ايڏو وڏو آهي، ڪاش مان انهن سڀني سان ملي سگهان ها.” شهلا حسرت مان چيو.
“الله چاهيو ته سڀني سان ملرائيندس توهان کي هڪ ڏينهن، هاڻي آرام ڪريو، رات ڪافي ٿي ويئي آهي.” مؤمن پنهنجو ويهاڻو ٺاهيندي شهلا کي به سمهڻ لاءِ چيو.
“ها، گڊ نائيٽ.” شهلا به لائيٽ آف ڪري آهلي پئي.

****************