5
شهلا انٽر کان پوءِ ميڊيڪل لاءِ اپلاءِ ڪيو هو پر هوءَ سليڪٽ نه ٿي سگهي هئي. مؤمن هن کي ايندڙ سال يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ جو مشورو ڏنو پر هوءَ يونيورسٽي وڃڻ نه پئي چاهي.
ڪجهه ئي مهينن کان پوءِ هنن جي گهر خوشخبري اچي ويئي ته شهلا في الحال پڙهڻ جو ارادو ئي ترڪ ڪري ڇڏيو. شهلا اميد سان هئي اهو ٻڌي مؤمن تمام گهڻو خوش هو.
ايتري عرصي ۾ مؤمن شهلا کي پهريون دفعو ايترو خوش ڏٺو هو. هن جي چهري تي هر وقت مسڪراهٽ رهڻ لڳي هئي جنهن جي ڪري هوءَ وڌيڪ خوبصورت لڳي رهي هئي.
مؤمن، زينب ڏي خط لکي، ان کي پنهنجي ۽ شهلا جي شادي جي باري ۾ ٻڌايو .
شهلا ايترين تڪليفن جي باوجود ڪڏهن به الله تعاليٰ کان شڪايت نه ڪئي. مؤمن هميشه هن کي الله جو شڪرگذار ئي ڏٺو. الله پاڪ پنهنجي ٻانهن کي انڪري ئي اڪيلو ڪندو آهي ته جيئن هو انهن ٻانهن ۽ پنهنجي وچ ۾ هڪ خاص رشتو پيدا ڪري. مؤمن پهريون دفعو الله ۽ انسان جو اهو تعلق ويجهي کان ڏٺو هو. هو دل ئي دل ۾ الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندو هو ته ان کيس ايتري نيڪ شريڪِ حيات عطا ڪئي آهي.
زينب، مؤمن جي خط جو جواب موڪليو. هوءَ تمام گهڻي خوش هئي. مؤمن شهلا کي به خط پڙهايو. حويليءَ ۾ ٽيليفون لڳي ويئي هئي انڪري زينب، مؤمن ڏي فون جو نمبر موڪلي ڏنو.
“آپا ڪيتري نه خوش لڳي رهي آهي نه؟” شهلا، زينب جي خط مان ئي ان جي خوشيءَ جو اندازو لڳائيندي مؤمن کي چيو.
“ها، توهان ان جي سامهون هجو ها ته هوءَ اڃا وڌيڪ خوش هجي هان.” مؤمن وراڻيو.
“ڪاش آپا به هتي اسان سان گڏ هجي ها.” شهلا جي دل ۾ شديد خواهش اڀري.
“اها هتي ڪڏهن به نٿي اچي سگهي.” مؤمن جواب ڏنو.
“توهان ائين نٿا چئي سگهو ڇو ته الله اگر چاهي ته هو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.” شهلا يڪدم مؤمن کي چيو.
“هو ڌرتي جا خدا بڻيا ويٺا آهن اتي، انهن جي اڳيان ڪنهن جي هلندي.” مؤمن افسوس مان پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو.
“ڌرتيءَ جي خدائن جي رسيءَ کي في الحال ڪائنات جي خدا ڍر ڏني آهي، جڏهن انهن جي رسي ڇڪي ويندي تڏهن هو صرف پنهنجو پاڻ بچائڻ ۾ لڳا پيا هوندا. ان وقت انهن جي رعيت (عوام) آزاد هوندي.” شهلا مؤمن جي ڳالهه ٻڌي چيو.
“رعايا جي ايڏي وڏي آزمائش پئي ورتي وڃي، ڪٿي حقيقي خدا تان انهن جو يقين ئي نه ختم ٿي وڃي.” مؤمن چيو.
“يقين رکندڙن جو ايمان جيڪڏهن ڪامل هجي ته خدا تي يقين آزمائشن ۾ ئي وڌندو آهي.” شهلا، مؤمن جي واتان اهڙي ڳالهه ٻڌي چپ نه رهي سگهي.
“هر ڪنهن کي اهڙو يقين عطا ناهي ڪيو ويندو سائين، جن کي اهو عطا ڪيو ويو آهي، اهي اتي صبر سان رهن پيا، باقي اسان جهڙا بي صبرا ته نڪري آيا.” مؤمن مسڪرائيندي چيو.
“مون کي يقين نٿو اچي هن دؤر ۾ به ايترا ظالم ماڻهو آهن!” شهلا بي يقيني مان چيو.
“انهن جي نظر ۾ اهو ظلم ناهي، بس جيڪو انهن جي اصولن جي پاسداري ڪندو ان کي هر قسم جي عزت ۽ آسائش عطا ڪئي ويندي، جيئن ڪائنات جو خدا ڪندو آهي جنت جو واعدو ڪري. باقي جنهن اصولن جي خلاف ورزي ڪئي ته ان لاءِ دروازا بند ڪيا ويندا آهن. جيئن اصل خدا ڪندو آهي.” مؤمن، شهلا جا بدلجندڙ تاثر انجواءِ ڪرڻ لڳو.
“جي نه، اصل خدا پنهنجي ٻانهن تي ظلم ناهي ڪندو. هن وٽ معافي جو دروازو هر وقت کليل هوندو آهي، ۽ اهو جنت جو واعدو انسانن جي فاعدي جي ڳالهه آهي. هاڻي پليز ٻيهر ڪڏهن توهان ڪڏهن به الله تعاليٰ کي انسانن سان ڪمپيئر نه ڪجو.” شهلا ناراض ٿيندي مؤمن کي پنهنجو فيصلو ٻڌايو.
“جيڪو حڪم منهنجا آقا.” مؤمن کلندي چيو.
شهلا به مسڪرائيندي ڪمري مان ٻاهر هلي ويئي.
ڪجهه مهينن کان پوءِ شهلا ۽ مؤمن جي گهر ۾ پٽ جي پيدائش ٿي. مؤمن شهلا کي ان جو نالو رکڻ لاءِ چيو. شهلا ان جو نالو عبدالعالي رکيو. مؤمن ان وقت ئي ماءُ کي به فون ڪري اها خوشيءَ جي خبر ٻڌائي.
“بس هاڻي ته اها ئي آخري خواهش آهي ته تنهنجي پٽ کي هڪ دفعو پنهنجي هنج ۾ کڻان.” ماءُ کيس فون تي حسرت مان چيو.
زينب کي اها خبر پئي ته اها خوشيءَ ۾ نه پئي ماپي.
“امان خبر ناهي اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو. ايندو به الاءِ جي نه.” زينب به ارمان وچان چيو.
“امان مان حويلي ۾ مٺا چانور ورهائيندم، مؤمن جي پٽ ڄمڻ جي خوشيءَ ۾.” زينب ماءُ کي چيو.
“ها ها ڀلي ورهاءِ، آخر هو هن حويلي جي وڏي پٽ جو وڏو پٽ آهي. ياالله هن اکين کي اهي ڏينهن ڏسڻ نصيب ڪجانءِ جڏهن منهنجو پوٽو حويليءَ ۾ اچي کيڏندو.” هن جي ماءُ وري دعا ڪئي.
شام جو زينب رڌڻي ۾ ٻانهين سان گڏجي مٺا چانور رڌا.
“ڪهڙي خوشيءَ ۾ اهي چانور ورهايا پيا وڃن؟” دُربيبي ٻانهين کي چانور ورهائڻ لاءِ کڻي ويندي ڏسي پڇيو.
“ادا مؤمن کي پٽ ڄائو آهي ان خوشيءَ ۾.” زينب خوشيءَ مان وراڻيو.
“ان شادي ڪئي آهي؟” دُربيبيءَ حيرانگيءَ مان پڇيو.
“ها.” زينب ڪم جاري رکندي جواب ڏنو.
دُربيبي جي منهن تي ڪاوڙ جا آثار اڀري آيا، جن کي هن ضبط ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي.
“ڀاڄائي هي وٺو چانور کائو.” زينب هن ڏانهن چانورن جي پليٽ وڌائيندي چيو.
دُربيبي زينب تي قهر آلود نظر وجهي هلي ويئي.
زينب سمجهي ويئي ته هُن کي مؤمن تي هڪ دفعو ٻيهر ڪاوڙ آئي آهي.
زينب هن کي نظرانداز ڪري پنهنجو ڪم ڪرڻ لڳي.
......................
مؤمن پنهنجي آفيس ۾ ليڪچر جي تياري ڪري رهيو هو ته ڪنهن آفيس جي دروازي وٽ اچي کيس سلام ڪيو.
سلام جو جواب ڏيڻ لاءِ مؤمن ڪنڌ مٿي کنيو ته دروازي وٽ بهرام خان بيٺو هو.
“پٽ جي ڄمڻ جي مبارڪ هجئي.”
مؤمن اڃا پنهنجي ڪرسي تي ئي ويٺو هو ته هن اندر اچي کيس مبارڪ ڏني.
“خير مبارڪ” مؤمن جواب ڏنو ۽ دل ئي دل ۾ ٿورو خوش ٿيو ته شايد هن جي پٽ ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ هو ملڻ آيو آهي.
“معنيٰ ته اها ڳالهه سچ هئي؟” بهرام خان پڇيو.
“ها سچ هئي تڏهن ئي ته اوهان ٻڌي.” مؤمن وراڻيو
“توکي ته خبر هوندي ته سردار سبزل خان جي وفات کان پوءِ قبيلي جي پڳ مون کي ٻڌرائي ويئي آهي.” بهرام خان مؤمن ڏانهن سواليه نظرن سان ڏٺو.
“ها خبر آهي.” مؤمن جواب ڏنو.
“ته پوءِ سردار هئڻ جي ناتي مان توکي چوان ٿو ته ان مائيءَ کي ڇڏي پنهنجي پٽ کي کڻي ڳوٺ واپس هل.” بهرام خان حاڪماڻي انداز ۾ چيو.
“جيڪڏهن نه ايندس ته ڇا ٿيندو؟” مؤمن کي هن جي چيل لفظن تي سخت ڪاوڙ اچي ويئي، هن به سوال ڪيو.
“پوءِ توکي ته خبر آهي ته سردار جو حڪم نه مڃڻ وارن کي ڪهڙي سزا ڏني ويندي آهي.” بهرام خان ڌمڪي آميز لهجي ۾ چيو.
“ها مون کي خبر آهي، تڏهن به نه ايندس ۽ مون کي يا منهنجي گهر وارن کي ڪجهه به ٿيو ته توکي ان جو حساب ڏيڻو پوندو.” مؤمن ڪاوڙ جو جواب ڪاوڙ ۽ ڌمڪيءَ واري انداز ۾ ڏنو.
“سوچي وٺ تون منهنجو وڏو ڀاءُ آهين، انڪري ڪجهه وقت ڏيانءِ ٿو.” بهرام خان ائين چئي ٻاهر هليو ويو.
مؤمن پريشان ٿي ويو پر هن ان ڳالهه جو ذڪر شهلا سان نه ڪيو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ زينب فون ڪري مؤمن کي ٻڌايو ته امان سائنڻ وفات ڪري ويئي ۽ بهرام خان ڄاڻي واڻي هن کي اطلاع نه ڪرايو نه ئي زينب کي فون ڪرڻ ڏنائين.
مؤمن پنهنجي حالت نه لڪائي سگهيو ۽ پنهنجا لڙڪ اگهندي شهلا کي ٻڌايو.
مؤمن سان ڪيل ايڏي وڏي زيادتيءَ جو هن کي به تمام گهڻو ڏک رسيو.
“توهان ڳوٺ نه ويندؤ؟” شهلا پنهنجا لڙڪ صاف ڪندي مؤمن کان پڇيو.
“ڳوٺ سان هاڻي منهنجو ناتو ئي نه رهيو، ته هاڻي مان ڇو وڃان شهلا. ايترو پري هئڻ جي باوجود به مان هميشه پنهنجو پاڻ کي امان جي دعائن جي ڇانوَ ۾ محسوس ڪندو هئس. هاڻي جڏهن اها دعائن ڪرڻ واري ئي نه رهي آهي ته مان اُتي وڃي ڇا ڪندس.”
“مون کي لڳندو هو ته امان ڪڏهن منهنجي حق ۾ نه ڳالهائي مون کي پاڻ کان پري ڪري ڇڏيو هو پر هاڻي احساس ٿئي ٿو ته هن مون سان گڏ اندر ئي اندر ۾ پاڻ سان بغاوت شروع ڪري ڇڏي هئي. مان آخري دفعو امان سان ملي به نه سگهيس شهلا.” مؤمن ائين چئي ٻارن وانگر روئڻ لڳو.
شهلا پهريون دفعو ڪنهن مرد کي ايترو روئندي ڏسي رهي هئي.
ماءُ جي وڇوڙي کان پوءِ مؤمن ڏاڍو اداس ٿي ويو .
يتيم ٿيڻ جو احساس صرف پيءُ يا ماءُ جي نه هجڻ جو احساس نه هوندو آهي، پر احساس محرومي ۽ احساس ڪمتري هر وقت ان انسان جا مذاق اڏائيندا رهندا آهن جنهن جا والدين هن دنيا مان هليا ويندا آهن.
مؤمن جڏهن شهلا کي عالي کي پنهنجي هٿن سان گراهـه کارائيندي ڏسندو هو، ته روئي پوندو هو. جذباتي طور هو ايترو ڪمزور نه هو پر ماءُ جي وڃڻ کان پوءِ هو ڪمزور ٿي پيو هو. شهلا ان احساس کان چڱي طرح واقف هئي، انڪري هن مؤمن جو هر طرح سان خيال رکيو.
ٿورن ئي ڏينهن کان پوءِ زينب هن کي فون ڪري ٻڌايو ته بهرام خان کي ڌيءُ ڄائي آهي جنهن جو نالو صفوران رکيو ويو آهي، دُربيبي ان جو نالو صفوران رکڻ لاءِ راضي نه هئي پر اها ادا سائين جي اڳيان انڪار نه ڪري سگهي. ۽ هاڻي اها ٻارڙي زينب کي پالڻ لاءِ ڏني ويئي آهي.
ڪنهن جو نالو رکڻ سان اهو ماڻهو واپس نه اچي ويندو آهي. مؤمن، زينب کي چيو ۽ پنهنجي مرحوم ڀيڻ کي ياد ڪري اداس ٿي ويو.
ٽي سال گذري ويا بهرام خان ٻيهر مؤمن وٽ آيو. هو وري به شهلا کي ڇڏڻ تي مجبور ڪري رهيو هو.
“توهان کي جيڪڏهن پنهـنجي ريتن ۽ رسمن جو ايترو خيال آهي ته پوءِ توهان کي اهو احساس به هوندو ته پنهنجي گهرواري کي ڇڏڻ بي غيرتي آهي.” مؤمن ڀاءُ کي چيو.
“تون آخر سمجهين ڇو نٿو مؤمن. اسان تنهنجي شادي کي قبول ڪيون به ته پوءِ خاندان ۾ ٻين ڇوڪرن کي به اهو رستو ملي ويندو. هر ڪوئي وڃي پنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪري ايندو.” بهرام خان سخت لهجي ۾ هن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
“پوءِ ان ۾ ڇا آهي، آخر هونئن به ته وڃي هو غير عورتن سان تعلق رکن ٿا، پوءِ ڇا اهو صحيح ناهي ته باعزت طريقي سان هو انهن کي پنهنجي گهر جي عزت بڻائين.” مؤمن چيو
“پوءِ خاندان جون ڇوڪريون ڪيڏانهن وينديون؟” بهرام خان سوال ڪيو.
“انهن جو نصيب لکڻ وارو تون ڪير ٿيندو آهين. الله پاڪ انهن لاءِ به ضرور ڪوئي نه ڪوئي ته لکيو هوندو نه ۽ هڪ ڳالهه ٻڌي ڇڏ بهرام خان، شهلا سان منهنجي شادي هڪ مجبوري تحت ٿي هئي پر هاڻي مان ان کي ڪڏهن به نه ڇڏيندس.” مؤمن فيصله ڪن انداز ۾ چيو.
“تون ڪجهه به چئه توکي ان کي ڇڏڻو ئي پوندو، هاڻي اسان جي عزت جو سوال آهي، ماڻهو اهو ئي پيا چون ته اسان توکي ڳوٺ واپس نه ٿا گهرائي سگهون. مان هاڻي ٻيهر تو وٽ آخري دفعو ايندس ۽ ان وقت تو وٽ انڪار جو رستو نه هوندو.” بهرام خان ائين چئي هليو ويو.
مؤمن پنهـنجي ڪرسي تي ڄڻ ته ڄمي ويو هو. بهـرام خان جون ڳالهيون ٻڌي هو ڊڄي ويو.
هن شهلا کي گهر کان اڪيلي ٻاهر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ پاڻ به يونيورسٽي مان اچڻ کان پوءِ گهر ۾ ئي رهندو هو.
ڪجهه مهينن کان پوءِ مؤمن کي ڌيءُ ڄائي. هن کي هنج ۾ کڻندي مؤمن هڪ عجيب خوشي محسوس ڪري رهيو هو. ان جي چهري کي ڏسندي هن کي پنهنجي ماءُ ياد اچڻ لڳي.
“پيءُ جڏهن پهريون دفعو پنهنجي ڌيءُ کي هنج ۾ کڻندو آهي ته ان جي چهري ۾ هو پنهنجي ماءُ جي شبيهه ڳوليندو آهي. ڇا اوهين به هن ۾ امان سائڻ کي پيا ڳوليو؟” شهلا مؤمن کي ننڍڙيءَ ڏانهن ائين غور سان ڏسندي پڇيو.
“مون ته جيئن ئي هن کي ڏٺو مون کي هن جي چهري ۾ امان جو چهرو نظر آيو.” مؤمن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا .
“اسان امان سائڻ جو نالو پنهنجي ڌيءُ تي رکون؟ انهن جو پورو نالو ڇا هيو مؤمن؟” شهلا مؤمن کان پڇيو.
“زهرا” مؤمن خلا ۾ گهريندي ماءُ جو نالو ورتو.
“مان هن جو نالو سيرتِ زهرا رکان مؤمن؟” شهلا، مؤمن کان پڇيو.
“اوهان جي مرضي.” مؤمن شهلا ڏانهن غور سان ڏسندي چيو.
مؤمن سيرت جي ڄمڻ جي خبر زينب کي نه ڏني. هڪ سال کان پوءِ سردار بهادر خان مؤمن کي فون ڪئي.
هن مؤمن کي ڳوٺ واپس اچڻ لاءِ چيو ۽ هن کي هاڻي مؤمن جي نوڪري تي به ڪو اعتراض نه هو. هن عالي جي اسڪول ۽ پنهـنجي يونيورسٽيءَ جي ڪري پيءُ کي سياري جي موڪلن ۾ اچڻ جو چيو. پيءُ سان ڳالهائڻ کان پوءِ مؤمن ڏاڍو خوش هو، هن شهلا کي به اها ڳالهه ٻڌائي. شهلا پڻ اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي.
“شهلا مون کي لڳي ٿو ته هاڻي ڳوٺ ۾ هڪ سٺو اسڪول شروع ڪرڻ وارو پنهنجو خواب پورو ڪري سگهندس.” مؤمن شهلا سان پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو.
“اهو ته ڏاڍو سٺو ٿيندو مؤمن اسانجي ٻارن کي ڏاڏاڻن جو پيار ملندو. گهٽ ۾ گهٽ هو مون وانگر ايترن پيارن رشتن کان محروم ته نه رهندا.” شهلا جي خوشي به اکين مان ئي ظاهر هئي.
پر قسمت به شايد بهرام خان جو ئي ساٿ ڏيڻ پئي چاهيو. ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ سردار بهادر خان جي طبيعت خراب ٿي پئي، پر مؤمن کي ان جو به اطلاع نه ڏنو ويو. زينب هن کي فون ڪري پيءُ جي طبيعت جي باري ۾ ٻڌايو ۽ اهو به ٻڌايو ته هو ڪراچي ۾ ئي آهي. مؤمن ان وقت ئي پنهنجي پيءُ وٽ اسپتال پهتو.
سردار بهادر خان جي حالت خراب هئي پر پوءِ به هن مؤمن سان ڳالهايو ۽ هن کي پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن کي هن سان ملرائڻ جو چيو.
مؤمن ان وقت ئي شهلا ۽ ٻارن کي وٺي اچڻ لاءِ گهر ويو. بهرام خان اها ڳالهه ٻڌي ڪاوڙ ۾ اچي ويو. هن پنهنجي بيمار پيءُ کي بستري تي ئي ڪاوڙ مان ڳالهائڻ شروع ڪيو.
“مؤمن جي زال جيڪڏهن هتي آئي ته پوءِ هوءَ هتان زندهه واپس نه ويندي.” پيءُ کي ائين چئي هو ڪاوڙ ۾ ڪمري مان ٻاهر هليو ويو.
مؤمن، شهلا ۽ ٻارن کي وٺي پنهنجي پيءُ جي ڪمري ۾ آيو. هُن جي طبيعت هاڻي وڌيڪ خراب ٿي چڪي هئي پر پوءِ به هن شهلا جي مٿي تي هٿ رکي کيس دعا ڏني ۽ عالي ۽ سيرت کي به پيار ڪيو. پر جلد ئي هن مؤمن کي ٻارن کي گهر واپس ڇڏي اچڻ جو چيو. مؤمن هنن کي جلد گهر ڇڏي پيءُ وٽ واپس اچڻ پيو چاهي، انڪري جلدي هنن کي وٺي وڃڻ لاءِ ٻاهر نڪتو.
مؤمن، شهلا لاءِ گاڏي جو اڳيون دروازو کولي رهيو هو ته اچانڪ هڪ گولي هن کي لوندڙي ۾ لڳي ۽ هو اتي ئي ڪري پيو. ڪجهه لمحن ۾ ئي شهلا جي پيرن وٽ رت جو دٻو ٺهي ويو. هن گهڻيون ئي رڙيون ۽ دانهون ڪيون پر جيستائين ماڻهو پهتا تيستائين مـﺆمن جو روح هن فاني دنيا مان پرواز ڪري ويو.
ٻي طرف سردار بهادر خان به ساڳي وقت پنهنجي زندگي ۾ لکيل آخري هڏڪي ڏيندي، دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيو.
................................