7
درناز اڄ ڪافي دير تائين شهلا سان ويهي ڳالهيون ڪندي رهي. شاهمير ۽ ماهـه نور عالي ۽ سيرت سان کيڏڻ لاءِ ٻاهر ويا. شاهمير عالي سان ڳالهائڻ ۽ دوستي ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ڪري رهيو هو پر عالي کي هنن سان ڳالهائڻ ۾ ڪا دلچسپي نه هئي. هو صرف سيرت جي ڪري هتي بيٺل هو. هو پنهنجو پاڻ کي هتي اجنبي محسوس ڪري رهيو هو.
پراڻي حويليءَ ۾ ڀرسان ئي ملازمائن لاءِ ٺهيل ڪوارٽر هو. شام جو جڏهن ڪجهه ملازمائون وانديون ٿينديون هيون ته زينب ۽ شهلا سان گڏ اچي ويهنديون هيون. زينب حويلي جي ٻين عورتن کان مختلف هئي. هوءَ نوڪرياڻين سان ڪڏهن به مالڪياڻي واري طريقي سان نه ڳالهائيندي هئي.
شهلا اڪثر سوچيندي هئي ته مؤمن ۽ زينب هن گهر ۾ جيڪر پيدا نه ٿين ها ته چڱو هو.
“هي سڀ هتي ڇو رهنديون آهن آپا؟” شهلا زينب کان پڇيو.
“هنن مان ڪجهـه ته ڳوٺ جون بيواهـه عورتون آهن، ڪن کي اولاد نه آهي، ڪن کي اولاد ته آهي پر پنهنجو گهر ناهي، انڪري هتي رهنديون آهن ۽ ڪجهه وري سام ۾ آيل عورتون آهن جيڪي پنهنجي مالڪن ڏي وڃڻ جي بجاءِ هتي رهڻ بهتر سمجهنديون آهن.” زينب هن کي ٻڌايو.
“جيڪي بيواهه عورتن جا ٻار آهن، ڇا مان انهن کي هتي پڙهائي سگهان ٿي.” شهلا ڪجهه سوچيندي زينب کان پڇيو.
“ها ڇو نه، اهو ته نيڪيءَ جو ڪم آهي.” زينب چيو.
“تون ادا مؤمن جي لائبرري ڏٺي آهي؟” زينب اچانڪ ڪجهه ياد اچڻ تي هن کان پڇيو.
“نه.” شهلا چيو.
“هلي آ توکي ڏيکاريان.”
زينب، شهلا کي مؤمن جي ڪمري جي پويان ٺهيل هڪ ڪمري ڏانهن وٺي آئي. هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ چؤڌاري ڪتابن جي لاءِ خانا ٺهيل هئا جيڪي الڳ الڳ موضوعن جي ڪتابن سان ڀريل هئا.
شهلا اڳي ئي مطالعو ڪرڻ جي شوقين هئي سو ايترا ڪتاب ڏسي ڄڻ ته هن ۾ ساهه پئجي ويو.
ڪافي دير هوءَ ڪتاب کولي ڏسندي رهي.
“اڄ ئي جميلا کي چئي مان هتان جي صفائي ٿي ڪرايان.” زينب چيو.
“ها آپا، ائين صحيح رهندو.” شهلا به چيو.
شهلا کي وقت گذارڻ جو سٺو ذريعو ملي ويو. هوءَ پورو ڏينهن ڪتاب پڙهندي هئي، شام جو عالي ۽ ٻين ٻارن کي گهر ۾ ئي پڙهائيندي هئي.
قرآن شريف پڙهڻ لاءِ عالي مولوي صاحب وٽ ويندو هو، جيڪو روز ٻي ڳوٺ مان هن ڳوٺ جي ٻارن کي قرآن پاڪ پڙهائڻ لاءِ ايندو هو. حويلي جي ٻارن کي هو گهر اچي سبق ڏيئي ويندو هو. پر عالي کي شهلا مسجد ڏانهن ئي سبق وٺڻ لاءِ موڪليندي هئي جتي صرف چار ٻار مس هئا.
“آپا هي اردو لٽريچر جا ڪتاب به مؤمن جا آهن؟” شهلا هڪ ڏينهن هڪ ريڪ ۾ رکيل ڪتاب ڏسي زينب کان پڇيو.
“نه، هي ته صفوران گهرائيندي هئي ۽ مؤمن ان کي آڻي ڏيندو هو. هوءَ ناول پڙهڻ جي ڏاڍي شوقين هئي.” زينب هن کي ٻڌايو.
“هُن کي ڇا ٿيو هو؟” شهلا، زينب کان پڇيو.
“شهلا کي اها ڳالهه مؤمن نه ٻڌائي آهي!” زينب اهو سوچي حيران ٿي.
“خبر ناهي ڪهڙي بيماري ٿي هئس، ڪجهه ڏينهـن تيز بخار رهيس پوءِ اوچتو هڪ ڏينهن هيءَ دنيا ڇڏي هلي ويئي.” زينب، شهلا سان ڪوڙ ڳالهايو. هوءَ هن کي اها ڳالهه ٻڌائي هتان جي ماحول کان وڌيڪ خوفزده ڪرڻ نه پئي چاهي.
“توهان نه پڙهندا آهيو هي ڪتاب؟” شهلا هن کان پڇيو.
“نه، بس هاڻي دل نه چوندي آهي.” زينب ٿڌو ساهه ڀريندي چيو.
“توهان کي هاڻي پڙهڻ گهرجي.” شهلا چيو.
“ها تو کي ائين مصروف ڏسي منهـنجي به دل چوندي آهي ته هي ڪتاب پڙهي پنهـنجو وقت گذاريان.” زينب چيو.
“ٺيڪ آ بس پوءِ اڄ کان توهان به ڪتاب پڙهجو.” شهلا، زينب کي چيو.
“تو کي اگر ٻيا ڪتاب گهرائڻا هجن ته ٻڌائجان، مان گهرائي ڏينديس.” زينب، شهلا کي چيو.
“ها آپا ضرور. پر ڇا هتي ڪو اهڙو وڏو شهر آهي جتان هر ڪتاب باآساني ملي سگهي؟” شهلا پڇيو.
“ڀرسان واري شهر مان ته شايد ڪتاب نه ملي سگهن، پر لاڙڪاڻي مان ملي ويندا.” زينب ٻڌايو.
“اڇا مون سمجهو هتي ڀرسان وارا سڀ علائقا اهڙا ئي هوندا.” شهلا چيو.
“هتان جا ڪجهه علائقا اهڙا آهن بس، باقي ٻيا علائقا هتان کان بلڪل مختلف آهن.” زينب ٻڌايو.
“مان ٿورو ادي درناز وارن ڏانهن ٿي اچان، ڪم آهي، تون به هل ايتري عرصي کان هتان کان نڪتي ئي نه آهين.” زينب شهلا کي چيو.
“مان ڪيئن هلان آپا”، شهلا اوڏانهن وڃڻ کان ڪيٻائي رهي هئي.
“بس مان انڪار نه ٻڌندس.” زينب، شهلا کي اٿاريندي چيو.
شهلا آهستي آهستي زينب سان گڏ هلڻ لڳي.