10
“ها، مان توکي نه ٻڌائيندي هئس، شهلا سائڻ جي باري ۾.” حسينه ڌيءُ کي جواب ڏنو.
“امان لڳي ٿو ته طوفان اچڻ وارو آهي، جلدي هل گهر.” حاجره آسمان ۾ ڊوڙندڙ ڪڪر ڪارونڀارن کي ڏسندي ماءُ کي چيو.
“الله رحم ڪري، سانوڻ جا مينهـن شروع ٿيندا ته اسان غريبن جون ته ننڍون ئي ڦٽي وينديون.” حسينه پنهنجي گهر جي دروازي مان اندر داخل ٿيندي چيو.
“تون جيسيتائين ڇت تان ڀاءُ جو هنڌ لاهي اچ، ته مان پڻهين جي کٽ اندر ڪيان.” هوا جو زور وڌڻ لڳو ته حسينه حاجره کي چيو.
حسينه جو مڙس فضل اڱڻ تان اٿي لٺ جي سهاري هلندو وڃي ورانڊي ۾ بيٺو.
حاجره اڃا ڏاڪڻ تان لهي هيٺ مس پهتي ته زوردار هوا سان گڏ مينهن به شروع ٿي ويو. هوءَ جلدي ۾ اچي ورانڊي ۾ بيٺي.
“ڪريم به الائي جي ڪٿي رهجي ويو. الله خير سان آڻيس.” گجگوڙ ٻڌي حسينه کي اچي پٽ جي ڳڻتي لڳي.
برسات ايڏي تيز هئي جو هاڻي ان جو پاڻي اڱڻ ۾ ڀرجڻ کان پوءِ ورانڊي ۾ اچڻ لڳو. مٿان وري چئني طرفن کان ايندڙ طوفاني هوا جا گهوگهاٽ ماحول کي خوفناڪ بڻائي رهيا هئا. فضلو لٺ جي سهاري اٿي اڱڻ ۾ آيو ۽ گهٽي ڏانهن ٺهيل نالي کي کولڻ لڳو.
“ڪريم پيءُ، تون نه ڪر، مان اچان ٿي.” حسينه مڙس کي ڏسي ٻاهر اچڻ لڳي پر حسينه جي پهچڻ کان پهريان ئي هوا جي زور تي ڀرسان ٺهيل ڀت فضل جي مٿان اچي ڪِري.
حسينه جي رڙين تي حاجره به ٻاهر نڪري آئي. ٻئي ڄڻيون فضل جي مٿان سِرن جو ڍير پري ڪرڻ لڳيون. تيستائين هنن جي رڙين تي پاڙي وارا به اچي ويا پر تيستائين فضل پنهنجو دم ڌڻيءَ حوالي ڪري چڪو هو.
........................
ڪجهه ڏينهـن کان پوءِ درناز زينب وٽ آئي ۽ هن شاهمير کي شهلا وٽ پڙهائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو.
“شهلا هن اسڪول جا ٻار ته وڌندا پيا وڃن.” زينب درناز سان گڏ اڱڻ ۾ ايندي چيو.
شهلا ڪنڌ مٿي کڻي هن ڏانهن ڏٺو. زينب سان گڏ درناز کي ڏسي هوءَ اٿي ان سان ملي.
“ادي درناز شاهمير کي تو وٽ پڙهائڻ جو پڇي رهي آهي.” زينب مسڪرائيندي چيو.
“ان ۾ پڇڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي آپا. مون کي ته خوشي ٿيندي. مون وٽ ان کان علاوه ٻيو ڪم به ته ڪونهي نه.” شهلا زينب ۽ درناز کي چيو.
“ٺيڪ آهي پوءِ مان سڀاڻي شاهمير کي موڪليندس.” درناز چيو ۽ ٿوري دير ويهي اٿي ويئي.
“آپا ادي درناز توهان کان ايتري مختلف ڇو آهي، مون ڏٺو آهي ته هوءَ ڪنهن سان به ايترو ڳالهائي نه سگهندي آهي ۽ جيڪڏهن ڳالهائيندي به آهي ته هن جو آواز ٿورو ڏڪندو آهي.” رات جي ماني کائڻ کان پوءِ شهلا زينب ڏانهن آئي ته هن کان پڇيائين.
“هوءَ شروع کان ئي خاموش طبيعت هئي، مٿان وري هن جي شادي هيبت خان سان ٿي ته هن ۾ جيڪا ٿوري گهڻي همت هئي اها به موڪلائي ويئي.” زينب، شهلا کي ٻڌايو.
“هيبت خان ڪٿي رهندو آهي؟” شهلا هن کان پڇيو.
“رهندو ته هو هتي ئي آهي پر هو اڪثر ادا جي ڪمن سان هيڏي هوڏي ويل هوندو آ، هو ڏاڍو شوقين قسم جو ماڻهو آهي. شادي کان پوءِ شروع وارن ڏينهـن ۾ ته هو ادي درناز کي ڏاڍو ماريندو هو. هاڻي به هو جڏهن ايندو آ ته ڀاڄائي وٽ گهڻو وقت گذاريندو آهي، پوءِ ڪڏهن ته جيترا ڏينهـن به رهندو آهي درناز سان هڪ لفظ به نه ڳالهائيندو آهي، ڪڏهن وري بس ٿورو گهڻو ڳالهائي هليو ويندو آهي.” زينب وڌيڪ ٻڌايو.
“هوءَ ڪيڏي نه صبر واري آهي آپا، ايترا سارا ڏک هن پنهنجي دل ۾ ڪيئن سانڍيا هوندا.” شهلا روئڻهارڪي ٿي ويئي.
“هر انسان پنهنجي اندر ڏک کڻي گهمندو ٿو رهي، ڪن وٽ درياءُ آهي ته ڪن وٽ سمنڊ.” زينب چيو.
“الله هن جي زندگيءَ ۾ آسانيون پيدا ڪري.” شهلا درناز لاءِ دعا ڪئي.
“آمين.” زينب چيو.
“گرميون اچي ويون آهن سڀاڻي کان اڱڻ ۾ سمهنداسين.” زينب، شهلا کي چيو.
“ها آپا صحيح آهي. آءٌ هاڻي پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃان ٿي، اوهين به سمهو.” شهلا زينب کي سمهڻ جو چئي پنهنجي ڪمري ڏانهن ويئي.
اپريل مهيني جي آخر ٿي ته گرمين جي شروعات به ٿي ويئي. گرم هوائون ۽ جسم کي ساڙيندڙ تپش به جاري ٿي ويئي. صبح جو سوير کان گرمي شروع ٿي پئي جيڪا سج لهڻ تائين برقرار رهي ٿي. شهلا پنهنجي زندگي ۾ ان قسم جي گرمي پهريون دفعو ڏٺي هئي. گرمين جو هي مهينو جيئن تيئن ڪري مس گذريو ته وري مينهـن شروع ٿي ويا. جيڪي اڪثر مٽي ۽ واريءَ جي طوفان کان پوءِ وسيا پئي، رات جو اڃا سڀ سمهندا ئي مس پئي ته مينهـن شروع ٿي پئي ويو. شهلا ته ان اندر ٻاهر ٿيڻ جي چڪر مان بيزار ٿيڻ لڳي.
لاڳيتو هڪ هفتو مينهـن وسڻ کان پوءِ هاڻي ٿوري گرمي گهٽ ٿي ۽ مينهن به بند ٿيو.
“آپا ڪم واريون عورتون اسان جي لاءِ ۽ نئين حويلي وارن لاءِ کاڌو ٺاهينديون رهنديون آهن، ڪڏهن اسان کي به ته پنهنجي ٻارن لاءِ پاڻ کاڌو ٺاهڻ گهرجي نه.” شهلا زينب کي چيو.
“ها، اڳ ۾ ڪجهه نه ڪجهه پچائيندي رهندي هئس، پر هاڻي هتي رهڻ ڪري اوڏانهن وڃڻ مشڪل ٿو لڳي. اڄ تون مون سان گڏ هل ۽ ڪجهه پچاءِ. مان به ته ڏسان ته تون ڪيتري سگهڙ آهين.” زينب شهلا کي مسڪرائيندي چيو.
“ها هلو ڀلي.” شهلا به تيار ٿي ويئي.
نئين گهر پهتيون، دروازي وٽ ئي زينب کي شاهه بي بي ڪنهن ڳالهه لاءِ روڪي ڇڏيو. شهلا اڪيلي ئي رڌڻي ڏانهن آئي.
معمول خلاف رڌڻي ۾ دُربيبي بيٺي هئي. هوءَ ڪنهن ڳالهه تان ملازمه کي دڙڪا ڏيئي رهي هئي.
“هن حويلي ۾ ڪنهن مائيءَ کي ڪنهن جو فڪر ئي ناهي، بس سڀني شين جي سنڀال مون کي ئي ٿي ڪرڻي پوي.” دُربيبي شهلا کي ڏسندي چيو.
“اڄ ڪيئن هيڏانهن ڀُلي آهين مائي؟” دُربيبي شهلا کان رُکي لهجي ۾ پڇيو.
“مان رات جي ماني جي لاءِ ڪجهه پچائڻ آئي هئس.” شهلا جواب ڏنو.
“تون ۽ تنهنجا ٻار به هتان ئي کائو ٿا، ان لاءِ روز ايندي ڪر ڪجهه پچائڻ، هن گهر جي مردن کي ڪم وارين جي هٿ جو کاڌو نٿو وڻي هاڻي.” دُربيبي شهلا کي حڪم ڏيئي هلي ويئي.
“ڇا ٿيو ڀاڄائي ايڏي ڪاوڙ ۾ پئي لڳي.” زينب رڌڻي جي دروازي وٽ بيٺي سڀ ڪجهه ٻڌو ۽ اندر اچي پڇڻ لڳي.
“جيجي سائين وڏي کي منجهند واري مانيءَ وارو ٻوڙ نه وڻيو. سو ان سائڻ کي دڙڪا ڏنا، جنهن جي ڪاوڙ سائڻ اسان تي ڪڍي.” ملازمه کيس ٻڌايو.
“جيجي اڳ ۾ ته توهان هونديون هيون ته توهان ئي پچائينديون هيون يا وري اسان کي توهان ٻڌائينديون هيون. هاڻي ڪڏهن ڪڏهن سائڻ يا درناز جيجي پچائيندي آهي پر هر روز اهي نٿيون پچائن، انڪري ٻار به انهن جي هٿ جو کائڻ جو چون ٿا.” ڀرسان بيٺل عورت چيو.
“ٺيڪ آ اڄ ته شهلا پچائي ٿي.” زينب هنن کي ٻڌايو.
شهلا فريج ڏٺو ته اتي مرغيءَ جو گوشت پيل هو.
“برياني رڌيان آپا؟” شهلا زينب کان پڇيو.
“ها ها، اها سڀ شوق سان کائيندا.” زينب چيو.
“ٺيڪ آهي.” شهلا فريج مان مرغيءَ جو گوشت ڪڍيو ۽ ملازمه کي چانور آڻي ڏيڻ لاءِ چيو. زينب ۽ اتي بيٺل ٻيون ملازمائون هن سان برياني ٺاهڻ ۾ مدد ڪرڻ لڳيون.
برياني کي دم تي رکي شهلا ڏهي کڻي، ان جو رائتو ٺاهيو. تيستائين عالي ۽ سيرت به هيڏانهن ئي اچي ويا ۽ آهستي آهستي رڌڻي ۾ ٻيا ٻار به گڏ ٿي ويا.
رڌڻي ۾ گوڙ ٿي ويو. برياني مان ايندڙ خوشبوءَ جي ڪري سڀني ٻارن جي بک وڌي ويئي.
“ڀاڄائي اڄ توهان به هتي ئي ماني کائي وڃو.” درناز شهلا کي چيو.
شهلا، زينب ڏانهن ڏٺو.
“ها اسان به هتي ئي ٿا کائون.” درناز دُربيبي ڏانهن ماني موڪلي سڀن ٻارن کي ماني کارائي پوءِ شهلا ۽ زينب سان گڏجي برياني کاڌي.
برياني ڏاڍي مزي جي ٺهي، سڀني شهلا جي تعريف ڪئي.
رات جو دير سان شهلا ۽ زينب ٻارن کي وٺي پراڻي حويلي آيون.
“شهلا توکي ڀاڄائيءَ جي چيل ڳالهه جو ڏک ٿيو هوندو، پر تون ان جي ڳالهين سان پريشان نه ٿجانءِ.” شهلا نماز پڙهي هال ۾ ئي ويٺي هئي ته زينب وٽس اچي کيس چيو.
“نه آپا مان پريشان نه آهيان، پر مان ته سوچيان پئي ڪڏهن ڪڏهن ڀاڄائيءَ سان ڳالهائيندي رهندم ته جيئن هنن جو رويو تبديل ٿي وڃي. هونئن به هنن جي ناراضگي مون سان ته نه آهي نه.” شهلا چيو.
“شهلا اهڙي ڪا ڪوشش نه ڪجانءِ، جيستائين مان هن کي سڄاڻان ته هن جي نظر ۾ وڏي ۾ وڏي گنهگار تون آهين. هن جي مطابق تون مؤمن سان شادي ڪري دُربيبي کي شڪست ڏني آهي جنهن جو بدلو هوءَ توکان ڪهڙي به صورت ۾ وٺي سگهي ٿي.” زينب هن کي سمجهايو.
“مطلب ته هوءَ ان غلط فهميءَ جو شڪار آهي ته مؤمن منهنجي ڪري هن کان شاديءَ کان انڪار ڪيو هو؟” شهلا چيو.
“ها، جڏهن توهان جي شاديءَ جي خبر ڀاڄائيءَ کي پئي ته هوءَ ان ڳالهه جو ذميوار مون کي ۽ امان کي سمجهندي هئي پر ڪجهه ئي عرصي ۾ هن اهو چوڻ شروع ڪيو ته مؤمن تي هن مائيءَ الائي ڪهڙو جادو ڪيو جو هن پنهـنجو سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو.” زينب هن کي ٻڌايو.
“پوءِ ادا آسانيءَ سان هن سان شادي ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو هو؟” شهلا هن کان پڇيو.
“خبر ناهي ادا کي هن سان ٿيل ناانصافي جو احساس هو يا هن جي حصي ۾ ايندڙ ملڪيت جو خيال، پر هو جلد راضي ٿي ويو هو. ۽ امان جي زندگيءَ ۾ ئي دُربيبي آهستي آهستي حويليءَ جو نظام پنهنجي هٿ ۾ ڪري ڇڏيو جنهن تي ادا ڪجهه به نه چيو.” زينب وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو.
“توهان سڀ پنهنجي ضرورت جي شين لاءِ خرچ وغيره ان کان وٺندا هئا؟” شهلا پڇيو.
“نه اسان ڀينرن ۽ امان کي الڳ خرچ ڏنو ويندو هيو. شهلا هتي گهر ۾ ويٺل نياڻيءَ جي خرچ جو گهڻو خيال رکيو ويندو آهي، ۽ ڀائر ته هنن کي ائين محسوس ڪرائيندا آهي ڄڻ اهي ئي هن گهر جون مالڪياڻيون هجن پر ڪيتريون به آسائشون مهيا ڪيون وڃن پنهـنجو گهر ته پنهـنجو هوندو آهي نه ڀلي ان ۾ اهي آسائشون به نه هجن.” زينب شهلا کي ٻڌايو.
“ها ائين ته آهي آپا.” شهلا کي ان ڳالهه جو احساس هو.
“اوهان جي ساهرن مان ڪوئي ايندو ويندو آهي، اوهان وٽ؟” شهلا زينب کان پڇيو.
“ها، منهـنجي سس مون وٽ ايندي رهندي آهي. هوءَ هر موسم ۾ مون ڏي لٽا ڪپڙا، فروٽ ۽ خرچي کڻي ايندي آهي. هوءَ مون کي اوڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ گهڻو چوندي رهندي آهي.” زينب چيو.
“پوءِ توهان هڪ دفعو به نه ويا آهيو؟” زينب پڇيو.
“نه، شهلا اوڏانهن وڃڻ جي همت نه ٿيندي آهي منهنجي.” زينب شهلا کي ٻڌايو.
“سٺو ٿيو جو توهان ان سان گڏ نه ويا آپا، اتي پنهنجي ڏيرن جي ذميداري بڻجي وڃو هان، هتي گهٽ ۾ گهٽ اوهان جا ڀاءُ ۽ ڀيڻ ته آهن.” شهلا چيو.
“ها ائين ته آهي. جڏهن کان ادا، صفا منهـنجي حوالي ڪئي ته مان پنهنجو پاڻ کي ان ۾ مصروف ڪري ڇڏيو.” زينب چيو.
“ڀاڄائي صفا کي آسانيءَ سان اوهان جي حوالي ڪري ڇڏيو؟” شهلا پڇيو.
“ها، هڪ ته هن جي ڌيءُ تي هن جي مرضيءَ جي خلاف صفوران جو نالو رکيو ويو، ٻيو وري هن کي پنهنجي ڌيءُ کان وڌيڪ پٽ پيارو هو.” زينب هن کي ٻڌايو.
ايتري ۾ بجلي هلي ويئي اوندهـه ٿي ويئي ته شهلا جلدي ۾ بتي کڻي ٻاهر اڱڻ ۾ ٻارن ڏانهن آئي، زينب به هن سان گڏ ٻاهر آئي.
اچانڪ هوا بند ٿي ويئي ۽ آسمان تي ڪڪر ڇانئجڻ لڳا ته ٻُٽ ٿي ويئي.
شهلا هٿ وارو پکو کڻي عالي ۽ سيرت کي هوا هڻڻ لاءِ ويٺي. رات ڪافي گذري ويئي هئي. ڳالهين ڳالهين ۾ ٻنهـي ڄڻين کي وقت جي خبر ئي نه پئي.
“شهلا مان سڀاڻي ادا کي هتان جي لاءِ به هڪ اي سِي(AC) لڳرائڻ جو چوان ٿي.” زينب ٻارن کي گرميءَ ۾ ننڊ ڪندي ڏٺو ته هن کي خيال آيو.
“نه آپا ادا کي نه چئجو.” شهلا چيو.
“تون ان جو احسان نٿي کڻڻ چاهين ته ڀلا مان ٻي ڪنهن کي چئي پنهنجي پئسن مان ئي گهرايان ٿي.” زينب هن کي چيو.
“آپا اڳ ۾ ئي اوهان جا ايترا خرچ آهن، وري هي نئين مصيبت ڇو ٿا پالڻ چاهيو!” شهلا زينب کي چيو.
“شهلا مون وٽ ڪافي بچت آهي، منهنجا ڪي ٻار ته آهن ڪونه، اهي پئسا قبر ۾ ته نه کڻي وينديس نه.” زينب شهلا کي چيو.
“پوءِ به آپا...”، شهلا زينب کي روڪڻ پئي چاهيو.
“تون فڪر نه ڪر شهلا، ها اگر تون مون کي پنهـنجو نٿي سمجهين ته اها ڳالهه ڪر.” زينب ناراض ٿيندي چيو.
“اهڙي ڳالهه بلڪل به ناهي آپا.” شهلا جلدي ۾ چيو.
پوءِ سڄي رات هو ٻئي ڳالهيون ڪنديون رهيون هنن کي خبر هئي ته اهڙي گرميءَ ۾ ننڊ ته هونئن به ڪونه ايندي.
ٻي ڏينهـن زينب ميربل کي گهرائي ان کي هتي A.C لڳرائي ڏيڻ جو چيو. ڊرائيور سان گڏ شهر وڃي A.C وٺي آيو ۽ پراڻي حويلي ۾ A.C لڳرايائين. ميربل عالي وارن جي هتي اچڻ مان خوش نه هو پر هو زينب کي انڪار نه ڪري سگهيو. پر عالي کي تنگ ڪرڻ جو هڪ نئون موقعو ميربل کي ضرور ملي ويو، هاڻي هو پنهنجي دوستن کي عالي جي سامهون ٻڌائيندو ته هن عالي وارن تي احسان ڪري انهن کي A.C لڳرائي ڏني آهي.
...........................