21
“ها، ٻاهر ته ڪوئي بندو بشر نظر نه پيو اچي.” شاهمير عالي کي چيو.
“سڀ ننڊ پيا هوندا.” عالي جواب ڏنو.
“ڌاڙيل به ننڊ ڪندا هوندا ڇا. انهن کي ته هر وقت پنهنجي ڦاسايل شڪار نڪري وڃڻ ۽ پوليس جو ڊپ هوندو نه.” شاهمير عالي کي چيو جيڪو اٿي دروازي جو جائزو وٺي رهيو هو.
ايتري ۾ ڪنهن جي قدمن جو آواز آيو، هي ٻئي دروازي کان هٽي پوئتي ٿي بيٺا. دروازو کليو ته هڪ همراهه جنهن جي ڪاري ڏاڙهي هئي ۽ کيس ڪاري پڳ ٻڌل هئي، اهو سندن ڀرسان آيو. “ڪيڏانهن وڃڻ جي تياري آهي نوجوان؟” ان همراهه، عالي کان پڇيو.
عالي ڪو جواب نه ڏنو.
“گهڻو هوشيار ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪيو. هتان ڪوئي نڪري ناهي سگهندو، نڪري به وڃو ته هن علائقي مان ڀڄي نه سگهندؤ.” ان همراهه کين ڌمڪايو.
هي همراه پنهنجي حليئي مان ڌاڙيلن جو سردار پئي لڳو.
“اسان پاڻ ڪيڏانهن ڇو وينداسين. ڇڏي ته اسان کي تون ايندين. اسان کي پڪڙائي تو وڏي غلطي ڪئي آهي، تو کي ان جو حساب ڏيڻو پوندو.” شاهمير کيس ڪاوڙ مان چيو.
“تون وري مون کي ڊيڄارين ٿو ڙي.” ان همراهه شاهمير کي گريبان مان پڪڙي کيس ٻه چار چماٽون وهائي ڪڍيون.
“هٿ ڪڍ مون مان، تو کي خبر ناهي مان ڪير آهيان.” شاهمير پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي.
عالي به اڳيان اچي کيس ڇڏائڻ لڳو.
“اڙي نورا ان کان اڳ جو هي اسان کي ٻڌائي، توهين هن کي ٻڌائي ڇڏيو ته اسين ڪير آهيون؟” ان همراهه شاهمير کي لت هڻندي ٻاهر بيٺل همراهه کي چيو ۽ پاڻ ٻاهر هليو ويو. هڪ ٻيو ماڻهو به اندر آيو، ٻنهـي ڄڻن شاهمير ۽ عالي جو وات ٻڌي هنن کي لٺين سان مارڻ شروع ڪيو.
عالي کي لڳو ته شايد هي ڌاڙيل سردار صاحب سان ڪنهن دشمنيءَ جي بدلي ۾ هنن کي هتي کڻي آيا آهن.
ڪجهه ئي دير ۾ شاهمير ته بي هوش ٿي زمين تي ڪِري پيو، پر عالي ان ڏانهن جيئين ئي وڌيو ته ان بي حس ماڻهن سڄي ڪاوڙ عالي تي ڪڍي. ٿوري دير ۾ جڏهن هو هن کي ماري ماري ٿڪجي پيا ته ٻيهر دروازو بند ڪري ٻاهر هليا ويا.
عالي جي وات مان رت پئي نڪتو، پر هن سگهو ئي پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي. پنهنجي وات تان پٽي لاهي عالي شاهمير جي وات تان پٽي کولي ۽ اٿاري کيس پاڻي پياريو.
عالي جي جسم ۾ ڄڻ ساه ئي نه هو کانئس سور برداشت نه پئي ٿيو، هو به اتي ئي ليٽي پيو. ٿڌ جي ڪري هنن جا هٿ پير برف ٿيڻ لڳا هئا.
“عالي يار لڳي ٿو سردار صاحب کي اڃا اسان جي خبر نه پئي آهي.” شاهمير جي اميد ختم ٿيڻ لڳي هو عالي جي تڪليف ڏسي روئڻهارڪو ٿي ويو.
سيءَ، بک ۽ سور جي تڪليف سبب هنن کان آواز ئي نه پئي نڪتو.
“مون کي ته لڳي ٿو ته هي سردار صاحب جا ڪي دشمن آهن.” عالي چيو.
“ها يار ائين به ٿي سگهي ٿو. تڏهن ئي هو منهنجي ڳالهه ٻڌي ڪاوڙ ۾ اچي ويو.” شاهمير چيو.
ايتري ۾ دروازو کليو، هڪ همراهه دروازي وٽ ماني رکي، دروازو بند ڪري هليو ويو.
“يار بک لڳي آهي شڪر آهي هنن کي ٿورو ته خيال آيو.” شاهمير ماني ڏسي چيو.
“ها، اٿي ته ماني کائون.” عالي کيس چيو ۽ اٿي ماني کڻڻ لاءِ اٿيو ته کيس احساس ٿيو ته ڌڪن جي ڪري سندس هڪڙو پير زخمي ٿي پيو هو. شاهمير عالي جو پير ڏسي پريشان ٿي ويو ۽ اٿي ماني کڻي عالي جي ڀرسان اچي ويٺو.
“هي ڪهڙي ڀاڄي آهي؟” عالي شاهمير کي وڌيڪ پريشان ڪرڻ نٿي گهريو، ان لاءِ پنڊي تي رکيل ماني جي مٿان رکيل پيالي ۾ ٻوڙ ڏسي پڇيو.
“هي مِتيرن جو ٻوڙ آهي. جابلو علائقي جا ماڻهو اڪثر هن تي ئي گذارو ڪندا آهن.” شاهمير ٻڌايو.
“ٻوڙ ته سٺو پڪل آهي.” عالي هڪ گرهـ کائيندي چيو.
“ها بک ۾ ته بصر به سٺو لڳندو آهي.” شاهمير به گرهـ کنيو. اڌ اڌ ماني کائڻ کان پوءِ هنن جي جسم ۾ ڪجهه سگهه آئي.
“تون هاڻي هنن جي سامهون سردار صاحب جو نالو نه کڻجان جيستائين هو پاڻ ان جو نالو نه کڻن.” عالي شاهمير کي نصيحت ڪئي.
“ها يار اڳوڙي واري حالت اڃا وسري ناهي مون کان ۽ توکي ته ڏاڍا ڌڪ لڳا آهن.” شاهمير عالي جي پيرن ڏانهن ڏسي چيو.
“سردار توهان کي ٻاهر گهرايو آهي.” ايتري ۾ دروازو کولي هڪ همراهه اندر اچي کين چيو.
“وري ڪهڙو سردار صاحب!” عالي دل ئي دل ۾ چيو. شاهمير کيس سهارو ڏئي اٿاريو ۽ آهستي آهستي ٻئي ڄڻا هُن ماڻهو جي پويان هلڻ لڳا.
جبل جي اوٽ ۾ هڪ جڳهه تي ڪاري پڳ وارو ڌاڙيل ۽ ڪجهه ٻيا ماڻهو ويٺا هئا. هڪ همراهه وڏي پٿر تي ويٺو، ڏاڍي سريلي آواز ۾ راڳ ڳائي رهيو هو. عالي ۽ شاهمير به اتي اچي ويٺا.
“توهان مان ڳائڻ ايندو آهي ڪنهن کي؟” اتي ويٺل هڪ همراهه کانئن پڇيو.
“نه.” ٻنهـي انڪار ڪيو.
“ايندو ته هوندو پر سردار صاحب جي سامهون ڳائڻ لاءِ به همت کپي.” راڳ ڳائيندڙ همراهه ڪاري پڳ واري ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
“هنن جي موبائل ڪنهن وٽ آهي؟” سردار پڇيو.
“سائين مون وٽ آهي.” ڀرسان ويٺل همراهه موبائيل کيسي مان ڪڍندي چيو.
“هن کي ڏي ته پنهنجي پيءُ جو نمبر ملائي ڏي.” سردار صاحب هنن ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
“منهنجو پيءُ هن دنيا ۾ ڪونهـي.” عالي انڪار ڪندي موبائيل واپس ڪئي.
“گهر جي ٻي ڪنهن مرد جو نمبر ملاءِ.” سردار چيس.
“مون کان علاوه گهر ۾ ٻيو ڪو مرد ڪونهي.” عالي جواب ڏنو.
“هن ٻي کي ڏي ته اهو پنهنجي پيءُ جو نمبر ملائي. اڙي تنهنجو پيءُ ته جيئرو آهي نه.” سردار شاهمير کان پڇيو.
“بابا سائين جن جو نمبر ياد ناهي.” شاهمير ڊڄندي ورندي ڏني.
سردار پنهنجي جڳهه تان اٿيو ۽ اچي شاهمير جي منهـن تي هڪ زوردار چماٽ وهائي ڪڍي.
“هاڻي ياد آيو.” سردار هن کان پڇيو.
“هن کي واقعي نمبر ياد نه هوندو.” عالي پنهنجي جڳهه تان اٿيو ۽ شاهمير جي ڀرسان اچي چيو.
شاهمير جي وات مان رت نڪري رهيو هو.
عالي هن ڏانهن بيوسيءَ سان ڏٺو.
“منهنجي موبائيل ۾ اسان جي گهر جو نمبر آهي، توهان ان تي ڪال ڪريو.” عالي چيو.
هو سمجهي چڪو هو ته هو ڪنهن دشمنيءَ ۾ اغوا نه ڪيا ويا آهن بلڪـه هنن کي ڀنگ جي لاءِ اغوا ڪيو ويو آهي. هاڻي هو سوچي رهيو هو ته هنن کي پنهنجي باري ۾ ٻڌائڻ کپي يا نه، ته هي ڪير آهن.
“نمبر ڪڍي ملاءِ.” عالي کي فون ڏيندي سردار چيو.
عالي اڃا نمبر ئي نه ملايو ته سردار جي فون جي گهنٽي وڳي.
“هلو.” سردار فون تي ڳالهائڻ شروع ڪيو.
جي سائين، ٻه! ها مون وٽ آهن ته سهي.
“سائين نالا ڇا اٿن؟” سردار ڪنهن سان فون تي ڳالهائي رهيو هو،سندس منهن تي پريشاني صاف ظاهر هئي.
“توهان جا نالا ڇا آهن؟” سردار هنن کان نالا پڇيا.
“عبدالعالي ۽ شاهمير.”
“سائين هي توهان جا ڇوڪرا آهن! پر سردار صاحب مون کي ته منهـنجي همراهن ٻڌايو ته هي ٻئي اسڪوٽر تي هئا.”
عالي ۽ شاهمير هن جي واتان سردار صاحب جو نالو ٻڌو ته ٻنهـي جي جان ۾ جان اچي ويئي.
“سائين معافي ملي، مان هاڻي ئي ڇوڪرن سان گڏ حاضر ٿو ٿيان.” سردار ائين چئي فون بند ڪئي سندس منهن جا رنگ ئي اُڏي ويا.
“اڙي انڌئو هي ڪهڙو ظلم ڪيوَ! سردار صاحب جا ڇوڪرا ڇو کڻي آيا آهيو.” سردار فون بند ڪندي ئي ڪاوڙ ۾ پنهـنجن ماڻهن کي چيو.
“پر سردار هي ته اسڪوٽر تي سوار هئا.”
“اڙي سردارن کي اسڪوٽر تي گهمڻ جو شوق نٿو ٿي سگهي ڇا.” هن ڪاوڙ مان پنهنجي ساٿي کي چيو.
“سائين مان هاڻي سردار بهرام خان جي اڳيان ڪهڙو منهـن کڻي ويندس. توهان کي جيڪا سزا ڏيڻي آهي مون کي هتي ڏيئي ڇڏيو پر سردار صاحب جي اڳيان پنهنجي مار جي ڳالهه نه ڪجو.” سردار ٻنهي ڇوڪرن اڳيان هٿ ٻڌندي چيو.
“توهان ان وقت ئي هن موڳن کي سردار صاحب جو نالو ٻڌايو ها ته هنن جي جرئت ئي نه ٿئي هان توهان کي هٿ لڳائڻ جي.” سردار ٻي ڪنهن کي ڳالهائڻ جو موقعو ئي نه ڏيئي رهيو هو.
“ٻڌائڻ جو موقعو ئي نه ڏنن” شاهمير جواب ڏنو.
سڀئي همراهه هنن جي ڀرسان اچي گڏ ٿيا. ان سڀني جي منهـن تي پريشاني هئي.
“سائين هي دفعو معاف ڪيو.” جيڪي هنن کي اغوا ڪري آيا هئا، انهن مان هڪ چيو.
“اڙي وڃ هاڻي گاڏي ڪاهي آ.” سردار ان کي ڪاوڙ مان نهاري چيو.
“حاضر بابا.” هو ائين چئي تڪڙو تڪڙو هلي ويو.
هن کي گاڏي ڪاهي اچڻ ۾ به تقريباً هڪ ڪلاڪ لڳو، ان وقت ۾ خبر ناهي ڪيترا دفعا هڪ هڪ ڄڻي هنن کان معافيون ورتيون.
“مون کي پنهنجي گهر ڳالهائڻو آهي.” عالي، سردار کي چيو.
“ها ها سائين ڳالهايو ڀلي.” سردار کيس موبائيل واپس ڪندي چيو.
عالي حويلي جو نمبر ملايو. فون ڪنهن ملازمه کنئي، عالي کيس شهلا کي فون ڏيڻ لاءِ چيو.
“عالي.” ٿوري دير کان پوءِ شهلا جو آواز فون مان آيو.
“امي مان خيريت سان آهيان، توهان پريشان نه ٿجو.” عالي ماءُ جي آواز مان سندس پريشاني محسوس ڪندي کيس آٿت ڏني.
“توهان ڪهڙي مهل ايندؤ، شاهمير ڪٿي آهي.” شهلا پڇيو.
“شاهمير به ٺيڪ آهي، اسان بس هاڻي هتان نڪرڻ وارا آهيون. مان فون بند ٿو ڪيان گهر اچي ڳالهايون ٿا.” عالي چيو.
“ٺيڪ آهي پٽ الله نگهبان.” شهلا کيس دعا ڏني ۽ الله جو شڪر ادا ڪيو.
گاڏي به پهچي ويئي هي سردار سان گڏ ڳوٺ روانا ٿي ويا.
رستي ۾ رڳو مٽي ئي مٽي هئي. گاڏي جا ٽائر سڄا مٽيءَ جي اندر هئا. گاڏي جي شيشن مان ٻاهر ڏسڻ سان ڌوڙ کان علاوه ٻيو ڪجهه نظر نٿي آيو.
ڌوڙ وارو رستو مشڪل سان ختم ٿيو ته پٿريلو رستو شروع ٿي ويو. شاهمير کي ته گاڏي ۾ ئي ننڊ اچي ويئي پر عالي جي لاءِ رستو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺي رهيو هو.
سور ۽ ٿڪاوٽ جي ڪري عالي کي چڪر اچي رهيا هئا. شام ٿي چڪي هئي سيءَ جو زور به وڌي ويو. عالي کي ته اُلٽي اچڻ لڳي.سردار عالي جي حالت ڏسي هن کي ويڙهڻ لاءِ لوئي ڏني.
آخرڪار رات جي نائين بجي هنن جي گاڏي اوطاق ۾ اچي بيٺي ته عالي شاهمير کي اٿاريو.