47
مروه سان به عالي ڳالهائيندو رهندو هو. هوءَ به هر هڪ ڳالهه عالي کي ٻڌائيندي هئي. عالي ڪافي دفعا دُربيبيءَ کي به مروه سان ڳالهرايو.
هو ڳوٺ وڃڻ لاءِ تيار هو پر هن کي سيرت جي ڏاڍي ڳڻتي هئي. وڃڻ کان ٿوري دير پهريون به هي ان جي هاسٽل ويو.
“لالا توهان مروه کي ته ڪيتري آسانيءَ سان چائنا به موڪلي ڇڏيو پر مون کي هتي ڪراچي ڇڏيندي به اوهان کي ڊپ ٿو لڳي.” سيرت ڀاءُ جي چهري تي فڪرمندي ڏسي چيو.
“ها هتي هئس ته اها ڳالهه ذهن ۾ هئي ته توکي ڪهڙي وقت به ضرورت پوندي ته مان پهچي ويندس پر هاڻي ته فڪر ٿيندو نه. ۽ تون مروه جهڙي بهادر ناهين، ان ڳالهه جي ڪري به فڪرمند آهيان.” عالي چيو.
“ان جو مطلب توهان مون کي چؤ پيا ته مان به مروه وانگي بهـادر ٿيان.” سيرت مسڪرائيندي چيو.
“ها نه، ڏس ڪيڏي سمجهدار آهين پر ٿوري بهادر به هجين ها ته مان بي فڪر ٿي هتان وڃان ها.” عالي به کلندي چيو.
“لالا الائي ڇو توهان کي ۽ امي وارن کي ائين لڳندو آهي پر مان يونيورسٽي ۾ ۽ هتي ائين ناهيان لڳندي، ڪنهن کي به ۽ هونئن به منهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ اسان جي بابا سائين جن جا کوڙ سارا فريندز به آهن اهي سڀ منهنجو خيال رکندا آهن، ان ڪري اتي مان ڪانفيڊنٽ هوندي آهيان.” سيرت چيو .
“ٺيڪ آهي منهنجي لالي، پنهـنجو خيال رکجانءِ ۽ بابا سائين جن جي ڊپارٽمينٽ ۾ انهن جي ساک برقرار رکجانءِ ڪنهن کي اهو چوڻ جو موقعو نه ڏجان ته مؤمن جي ڌيءُ ان جيتري هوشيار ناهي.” عالي ڀيڻ کي نصيحت ڪئي.
“لالا توهان ته اڄ مون کي ائين نصيحتون پيا ڪيو ڄڻ اڄ منهنجو هتي پهريون ڏينهن هجي.” سيرت ڀاءُ کي شڪايتي نظرن سان ڏٺو.
“ها واقعي مون کي اهي نصيحتون اڳ ۾ ڪرڻ گهرجن ها.
چڱو مان هاڻي هلان ٿو، معز ٻاهر منهنجو انتظار پيو ڪري.” عالي سيرت جي مٿي تي هٿ رکيو ۽ هن جي سينڌ چمي ٻاهر نڪري آيو.
سيرت کي اڄ عالي ۾ پنهنجي پيءُ جي جهلڪ محسوس ٿي هئي. هن ته ننڍي لاءِ کان پنهنجي وڏي ڀاءُ جو ئي پيار ڏٺو هو پر هن کي پڪ هئي ته پيءُ جي شفقت به ائين ئي هوندي.
“ڇو ڀلا اڄ سيرت کي ڇڏڻ تي دل نه پئي چَوئي ڇا؟” معز، عالي کان پڇيو.
“ها يار هوءَ ايتري ننڍي آهي، منهنجي وڃڻ سان اڪيلي ٿي ويندي.” عالي چيو.
“تون به ان ئي عمر ۾ هاسٽل رهڻ آيو هئين ۽ ڇوڪريون ڇوڪرن کان وڌيڪ ذميدار هونديون آهن، تون پريشان نه ٿي.” معز، عالي کي سمجهايو.
“تون سوير مون کي ڪجهه چوڻ پيو چاهين. مان جلدي ۾ هاسٽل هلي ويو هئس.” عالي کي ياد آيو ته سيرت ڏانهن وڃڻ کان پهرين معز هن سان ڪا ڳالهه ڪرڻ وارو هو.
“ها، پر تون پهرين واعدو ڪر ته تون مون کي سمجهائڻ جي بدران مون کي سمجهندين.” معز ڳالهه ڪرڻ کان پهرين عالي کان پڪ ورتي.
“ٺيڪ آهي، هاڻي ڳجهارتون ڇڏ، تون ڳالهه ٻڌاءِ.” عالي چيو.
“عالي مان حاجره کي پسند ٿو ڪيان ۽ ان سان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان.” معز سوچي سمجهي لفظ ادا ڪيا.
“حاجره کي؟… ڪڏهن کان؟” عالي هن جي ڳالهه ٻڌي حيران ٿيو.
“تڏهن کان جڏهن مون کي خبر به نه هئي ته هوءَ حاجره آهي. جڏهن هوءَ سچل سرمست جي مزار تي ڪاري چادر ۾ ويڙهيل دنيا کان بي خبر ٿي فقير جي ڳالهين تي زار و قطار روئي رهي هئي.” معز ماضي کي ياد ڪندي عالي کي ٻڌايو.
“پر توکي خبر آهي ته هوءَ ڪنهن جي ڌيءُ آ ۽ هوءَ اڃا تائين لڪل به آهي.” عالي چيو.
“مون کي سڀ خبر آهي ۽ عالي مون ان ڳالهه تي گهڻو ئي سوچيو آهي، پر مون کي هن کان علاوه هاڻي ڪو ئي نظر ئي نه ٿو اچي.” معز پنهنجي دل جي بي سڪوني اڄ ختم ڪرڻ پئي چاهي.
“ٺيڪ آهي مان ان جي گهر وارن سان ڳالهه ڪندس پر تون پهرين پنهنجي گهر وارن سان ڳالهائي ڏس ۽ خبردار جو اڄ تون ان ڳالهه کان نٽايو آهي.” عالي هن کي اڱر جي اشاري سان ڌمڪي ڏني.
“جيڪو حڪم جنابِ عالي، مان ڪجهه ڏينهن لاءِ انهن ڏانهن ويندس پر ياد رکجانءِ، مان صرف تنهنجي چوڻ تي اوڏانهن ويندس.” معز، عالي کي ياد ڏياريو.
“مهرباني توهان جي سر.” عالي چيو.
عالي کي ڪوچ ۾ ويهاري معز واپس هليو ويو.
......................
ٻوڏ کان پوءِ ته ڳوٺ جو نقشو ئي بدلجي ويو هو. رستن ۽ ٻنين کي ڏسي عالي کي اندازو ٿيو ته ماڻهن جي زندگي ڪيتري متاثر ٿي هوندي. هاڻي ته ڪافي ماڻهو واپس اچڻ لڳا هئا، پوءِ به ڳوٺ جي حالت پهريان جهڙي نه ٿي سگهي هئي پر جڏهن سڀ نه هئا تڏهن ڪيئن لڳندو هوندو ڳوٺ! اهو سڀ سوچيندي ئي عالي کي شرمندگي ٿيڻ لڳي ته هو ان مشڪل گهڙي ۾ ڳوٺ وارن سان گڏ نه هو.
“تون هتي ڇو بيٺو آهين؟” عالي کي حويلي جي گيٽ تي بيٺل ڏسي شاهمير پڇيو.
“بس هن رستي ۽ گيٽ جي سڪ لڳي هئي، ان ڪري ٿوري دير انهن کي ڏسڻ لاءِ هتي بيٺس.” عاليءَ وراڻيو.
“تون عجيب ماڻهو آهين يار ماڻهن کي پنهنجي پيءُ ماءُ يا محبوب جي سڪ لڳندي آهي، پر توکي ڪڏهن پراڻي حويلي جي ته ڪڏهن هن گيٽ ۽ رستن جي سڪ ٿي لڳي.” شاهمير، عاليءَ کي چيو.
“منهنجو پيءُ هن ڳوٺ جي گهٽين ۽ هن حويلي جي سڪ ساڻ کڻي هليو ويو هو ان ڪري ان جي بدران به هن شين مان سڪ لاهيندو آهيان.” عالي سوچيو.
“بس ڪا شيءِ آهي انهن شين ۾ جيڪا پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي.” عاليءَ ٿڌو ساهـ ڀريو
“مان هتي آهيان نه، ان ڪري ائين ٿيندو ٿئي.” شاهمير ٽهڪ ڏيندي چيو.
عالي به مسڪرايو ۽ هن سان گڏ اندر آيو.
“تنهنجو ڇا پروگرام آهي؟” شاهمير، عالي کان پڇيو.
“سڀاڻي هتان کان پريان وارن ڪجهه ڳوٺن لاءِ نڪري ويندس، اتي منهنجي ٽيم به ايندي هڪ مهيني جي لاءِ اتي ئي رهڻو آهي.” عالي ٻڌايو.
“ان وچ ۾ هيڏانهن ته چڪر لڳائيندين نه؟” شاهمير هن کان پڇيو.
“ها، عرفات جي ڪا خبر پئي؟” عالي، شاهمير کان پڇيو.
“ها ٻڌو آهي ته هن کي سزا ملي آهي، ماما سائين جن ڪوشش ۾ آهن ته ڪهڙي طرح سان هن جي سزا گهٽ ڪرائن. پر اها ڳالهه اڃا هو گهر ۾ نٿا ڪن.” شاهمير رازداريءَ مان ٻڌايو.
“بهـتر ٿيندو ته آهستي آهستي اها ڳالهه چاچي سائڻ کي ٻڌائي وڃي. ان طرح سان انهن جي پريشاني ٿوري گهٽ ٿي سگهي ٿي.” عالي چيو.
“بس هاڻي انهن جي مرضي آهي، ماما سائين ته ايترن مهينن کان سڄو نظام ئي بابا سائين جن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، انهن جي طبيعت به صحيح نٿي رهي اڄڪلهه.” شاهمير هتان جي صورتحال عالي کي ٻڌائي.
“شاهمير تون پنهنجي مستبقل جي باري ۾ ڇا سوچيو آهي! هاڻي ته تنهنجي پڙهائي به ختم ٿي ويئي آهي.” عالي هن کان پڇيو.
“عالي مان سوچيان پيو ايندڙ اليڪشن ۾ حصو وٺان.” شاهمير پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو.
“جيڪڏهن توکي لڳي ٿو ته تون اها ذميداري پوري ايمانداري ۽ سچائيءَ سان نڀائي سگهندين ته پوءِ ڀلي حصو وٺ.” عالي شاهمير جي پلاننگ ٻڌي ٿورو حيران ٿيو.
“عالي مان واقعي سچي دل سان غريبن جي مدد ڪرڻ چاهيان ٿو.” شاهمير عالي کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي.
“ٺيڪ آهي پوءِ تون چاچا وارن سان ڳالهه ڪر، اهي ته ڏاڍا خوش ٿيندا.” عالي چيو.
“مان انهن ٻنهي جي خوشي لاءِ حصو نه پيو وٺان پر پوءِ به انهن سان ڳالهه ڪري ڇڏيندم.” شاهمير چيو.
عالي هن جي ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو.
............................
هڪ مهينو پورو ٿي ويو. عالي ڪراچي وڃڻ کان پهرين هڪ ڏينهن لاءِ ڳوٺ ويو. هن پراڻي حويلي جي صفائي ڪرائي ۽ اڄ اتي رهڻ جو ارادو ڪيو.
رات دير تائين هو پنهنجي اسٽڊي روم ۾ ڪتاب کولي انهن جي صفائي ڪندو رهيو. رات جو هڪ ٿي ويو هو. هو اڃا سمهڻ لاءِ پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃي رهيو هو ته هن کي نئين حويليءَ مان ڪجهه آواز ٻڌڻ ۾ آيا.
“سائين مان اوهان کي ئي وٺڻ پئي آيس. سردار صاحب کي خبر ناهي ڇا ٿي ويو آهي.” عالي جلدي جلدي نئين حويلي ويو. حويلي ۾ سڀئي نوڪر پريشانيءَ واري حالت ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي رهيا هئا. دروازي وٽ ئي هن کي هڪ نوڪر مليو. جنهن عالي کي ٻڌايو.
عالي تڪڙو سردار صاحب جي ڪمري ۾ ويو.
سردار صاحب کي فالج جو اٽيڪ پيو هو. عالي ان وقت ئي سردار صاحب کي ڀرسان واري شهر جي اسپتال کڻائي ويو ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو ئي هن کي ڪراچي وٺي ويو.
ٻن ڏينهن تائين ته سردار صاحب ڳالهائڻ جي حالت ۾ ئي نه هو پر جڏهن هو ڪجهه بهـتر ٿيو ته هن جي هڪ واڇ ڦري ويئي هئي ۽ هن جي جسم جو اڌ حصو ڪم ڪرڻ جي لائق نه رهيو هو.
نيٺ سردار بهرام خان جي قسمت ڦيرو کاڌو ۽ هن کي ٻڌائڻ لاءِ سندس سامهون اچي بيٺي، ته سردار بهرام خان جي عروج جو به زوال ٿيڻو هو.
هيبت خان ته اهڙي موقعي جي ئي تلاش ۾ هو. هن ميربل کي به پيار سان اهڙي طرح پنهنجي چوڻ ۾ ڪري ڇڏيو جو ميربل کي نظام هن جي هٿ ۾ ڏيڻ تي ڪو اعتراض نه هو.
گهر ۾ سڀ سردار صاحب جي صحت لاءِ دعائون ڪري رهيا هئا پر ڳوٺ ۾ سردار هيبت خان سردار بهـرام خان جي گدي سنڀالڻ جون تياريون ڪري رهيو هو.
دُربيبي جو ته آخري سهارو به کسجڻ لڳو هو. هوءَ روئي روئي الله کان معافي گهرڻ لڳي ۽ سردار صاحب جي زندگيءَ لاءِ دعائون گهرڻ لڳي. هاڻي ته هن کي عرفات جي پريشاني به وڌي ويئي هئي، هن کي خبر هئي ته هاڻي سردار صاحب جيتري ڪوشش ڪوئي به نه ڪندو. پوءِ به هر وقت ميربل کان عرفات جي باري ۾ پڇندي رهندي هئي.
“ادا مون کي لڳي ٿو اسان کي چاچي سائڻ جن کي عرفات جي باري ۾ ٻڌائڻ گهرجي.” عالي دُربيبيءَ جي حالت ڏسي ميربل کي چيو.
“ٺيڪ پوءِ تون ئي امان سائڻ جن کي ٻڌاءِ.” ميربل، عاليءَ کي چيو.
“ٺيڪ آ.” عالي وراڻيو:
“چاچي سائڻ چاچا سائين جن ڪوشش ڪئي آهي الله ڪندو ته هُن جي سزا گهٽجي ويندي.” ٿوري دير کان پوءِ ميربل اٿي ويو ته عالي دُربيبيءَ کي عرفات جي سزا جي باري ۾ ٻڌايو ۽ کيس روئندو ڏٺو ته ان کي دلجاءِ ڏني.
“مان هتي سمهي سمهي بيزار ٿي ويئي آهيان، ٿوري دير هيٺ هلنديس ته روح تازو ٿي ويندو.” عالي دُربيبيءَ کي دوائون کارائي هيٺ وڃي رهيو هو ته دُربيبي به هن کي هيٺ وٺي هلڻ لاءِ چيو.
دُربيبي پنهنجي بستري تان اٿي، عالي هن کي هٿ وجهي آرام سان ڏاڪڻ تائين هيٺ لٿو.
“ڀاڀي توهان يقين ڪيو مان.” صفا ڪجهه چوڻ چاهيو.
هيٺ ڏاڪڻن وٽ صفا ۽ ماهه نور نظر آيون. هنن ٻنهي جو منهن ٻئي طرف هو، ان ڪري هو عالي ۽ دُربيبي کي نه ڏسي سگهيون.
“ڇا يقين ڪيان توتي، خبر ناهي ڪهڙو گناهه ڪيو هو جو تون اسان جي ڳچيءَ ۾ پئجي وئينءَ. اڙي مان ته هميشه توهان ٻنهي کي پنهنجي ڀينرن وانگر سمجهندي هئس پر تون ته اها ئي نڻان نڪتينءَ!” ماهه نور، صفا جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي ڇڏي.
“پٽ تون ايڏي ڪاوڙ نه ڪر، ٿورو پاڻ کي قابو ۾ رک.” پريان کان ايندڙ درناز، ماهه نور کي چيو.
“امان هن هميشه مون کي سائين کان مار ۽ دڙڪا ڏياريا آهن. آخر هن عذاب مان منهنجي جان ڪڏهن ڇُٽندي.” ماهه نور ماءُ سان مخاطب ٿي.
ايتري ۾ سامهون کان ايندڙ درناز جي نظر مٿي بيٺل دُربيبي ۽ عاليءَ تي پيئي.
دُربيبي جو بلڊ پريشر وڌي ويو، هوءَ اتي ئي عاليءَ جي ٻانهن تي ليٽي پئي.
“چاچي سائڻ سنڀاليو پاڻ کي.” عالي هن سان ڳالهايو ۽ ان کي واپس ڪمري ڏانهن وٺي وڃڻ لڳو.
صفا ۽ ماهه نور به هنن ڏانهن ڏٺو. صفا ماءُ جي طبيعت بگڙجندي ڏٺي، ته تڪڙي مٿي هلي آئي.
“امان سائڻ اکيون ته کوليو نه، ايترن ننڍين ڳالهين تي به ڪِري ٿا پؤ، توهان کي ڪجهه ٿيو ته اسان جو ڇا ٿيندو؟” صفا ماءُ لاءِ پريشان ٿي ويئي، روئڻ جي ڪري هن جو آواز ڀرجي آيو.
“مري وڃڻ کان پوءِ به منهنجو روح سڪون ۾ نه هوندو صفا. مان پنهنجي ڪهڙي اولاد جي ڳڻتي ڪري ڪهڙي جي ڳڻتي ڪيان.” دربي بي، صفا کي سيني سان لڳائي روئڻ لڳي.
صفا پنهنجي روئڻ تي ضابطو آڻي، ماءُ کي دلاسو ڏيڻ لڳي. عالي ٻنهي کي ڪمري ۾ ڇڏي ٻاهر نڪري ويو.
“عالي ڇا ٿيو؟” شهلا به تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي ڪمري ڏانهن اچي رهي هئي.
“خير آهي امي، توهان چاچي ڏانهن وڃو اندر پليز، انهن کي روئڻ ڌوئڻ کان منع ڪيو، انهن لاءِ نقصانڪار آهي ڏاڍو.” عالي، پنهنجي ماءُ شهلا کي چيو.
شهلا اندر ويئي ته صفا به روئندي روئندي ان ڪمري ۾ نڪري پنهنجي ڪمري ڏانهن هلي ويئي.
پنهنجي ڪمري ۾ رکيل اسٽڊي ٽيبل وٽ اچي هن پنهنجي ڊائري کنئي ۽ ڀرسان رکيل ڪرسي تي ويٺي. هن وٽ اهو واحد طريقو هو جنهن سان هوءَ پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندي هئي. خبر ناهي ڪيتري عرصي کان پوءِ هن پنهنجي ڊائري لکڻ شروع ڪئي.
“هر ڪوئي وقت سان گڏ ناهي بدلبو.
سوچ جي رخ کي ٿوري موڙي ته ڏس تون،
هر دفعي وقت ڏي ڇو ڏوهـه ڏجي،
رويا، لفظ، لهجا ۽ تاثر گڏجي اڪثر
ڪنهن به رشتي جو آهن موت آڻيندا.”
ڪجهه ڳالهيون لکڻ کان پوءِ آخر ۾ هيءُ شعر لکي صفا ڊائري بند ڪئي ته هوءَ ڪجهه پرسڪون ٿي ويئي.
ميربل پنهنجي ٻارن جي علاج ۽ پنهنجا شوق پورا ڪرڻ ۾ ايترو ته مصروف هو جو هن وٽ پيءُ لاءِ وقت نه هو. هيبت خان ۽ شاهمير به ڳوٺ هئا انڪري عالي ڪجهه وقت لاءِ ڇُٽيون وٺي سردار صاحب وٽ رهيل هو. سردار صاحب جي طبيعت ۾ ٿورو سڌارو ته آيو هو پر هو اڃا به پوري طرح ڳالهائڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جي قابل نه ٿيو هو.
عالي جي خدمت ڏسي هو احساسِ ندامت کان هن ڏانهن اکيون به نه کڻي سگهندو هو.
“چاچا سائين اڄ اسان کي گهر شفٽ ٿيڻو آهي. منهنجو خيال آهي ته اوهان ڪجهه وقت هتي ڪراچي واري گهر ۾ ئي رهو.” عالي، ڊاڪٽر سان ڳالهائڻ کان پوءِ سردار صاحب وٽ آيو.
سردار صاحب اکين سان هاڪار ڪئي.
“مون کي ڪجهه ڏينهن لاءِ ڳوٺ وڃڻو آهي، ان ڪري مان اوهان لاءِ ميل نرس جو انتظام به ڪري ڇڏيو آهي.” عالي هن کي ٻڌايو.
“عالي.” سردار بهرام خان، عاليءَ جي هٿ تي پنهنجو هٿ رکڻ جي ڪوشش ڪئي.
“جي چاچا سائين.” عالي جواب ڏنو.
“عالي! منهنجا ڏوهه معاف ڪرڻ جي لائق ته نه آهن پر جيڪڏهن تون مون کي دل سان معاف ڪرين، ته شايد الله به مون کي معاف ڪري ڇڏي.” بهرام خان ٽٽل ڦٽل لفظن ۾ عاليءَ کان معافي ورتي.
“چاچا سائين اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. الله پاڪ ضرور اوهان کي بخشي ڇڏيندو.” بهرام خان کي ان حال ۾ ڏسڻ عالي لاءِ مشڪل ٿي رهيو هو.
ايڏي رعب ۽ دٻدٻي وارو انسان، اڄ ائين مجبور ۽ لاچار هڪ کٽ تي پيو هو. جنهن جي آواز جي هڪڙي گرج سان حويليءَ جا سڀ ملازم ڊوڙندا حاضر ٿيندا هئا، اڄ هن جو آواز ئي هن جو ساٿ ڇڏي ويو هو.
“چاچا سائين انشاءالله اوهان جلدئي صحتياب ٿي ويندا. جيڪڏهن ائين فڪرمند ٿيندا رهندؤ ته اوهان جي صحتيابيءَ ۾ رڪاوٽ پيش اچي ويندي، ان ڪري هر پريشانيءَ کي ذهن مان ڪڍي ڇڏيو. هر شيءِ الله تي ڇڏي ڏيو، اهو پاڻهي سڀ ڪجهه بهتر ڪندو.” عالي، بهـرام خان جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ مضبوطيءَ سان پڪڙيو.
بهرام خان جي اکين مان ڳوڙها، خاموشيءَ سان ڪِرندا رهيا.
شام تائين عالي بهرام خان کي گهر شفٽ ڪرايو. سڀاڻي هن کي ڳوٺ وڃڻو هو، ان ڪري هن پنهنجي تياري به ڪري ڇڏي. شام جو ئي هو سيرت کي به ڪجهه ڏينهن لاءِ گهر وٺي آيو.
ايتري ۾ معز به فون ڪري هن کي ٻڌايو ته هو اڄ ئي دبئي کان واپس آيو آهي ۽ عالي سان ملڻ ٿو چاهي. رات جو سڀني ڪمن کان فارغ ٿي، هي معز سان ملڻ لاءِ هليو ويو.
“سڀ ڪيئن هئا اتي؟” عالي، معز کان ان جي طبيعت معلوم ڪرڻ کان پوءِ پڇيو.
“امي کان سواءِ سڀ اهڙا ئي هئا جهڙو مان انهن کي ڇڏي آيو هئس. امي جو رويو ڪافي مٽيل هو.” معز ٻڌايو.
“شڪر آهي ڪجهه ته تبديلي آئي.” عالي حيران هو ته ايتري عرصي ۾ معز جي پيءُ ۽ ڀاءُ جو رويو هن ڏانهن ٺيڪ ڇو نه ٿيو هو، پر عالي، معز جي سامهون اها ڳالهه ظاهر نه ڪئي.
“ها شڪر آهي. مان سڄي زندگي انهن جي رويي جي تبديل ٿيڻ جو انتظار ئي ڪندو رهندس.” معز چيو.
“پنهـنجي امي جي ڪري ئي صحيح پر توکي انهن سان تعلق ته رکڻو ئي پوندو نه، ان ڪري تون انهن ڏانهن پنهنجي دل صاف رک.” عالي هن کي سمجهايو.
“دل صاف ڪئي هئي ان لاءِ ئي بابا سان حاجره جي ڳالهه ڪئي. پر هنن ته اها ڳالهه ٻڌي اڃا وڌيڪ سخت لهجي ۾ ڳالهايو، مون سان.” معز ڏکارو هو.
“شروع ۾ ته اهڙي ڳالهه ٻڌي جهٽڪو لڳڻو ئي هو نه انهن کي.” عالي چيو.
“اهڙي ڪا انوکي ڳالهه به مون نه ڪئي آهي عالي. منهنجي اسرار ڪرڻ تي امي ته راضي ٿي ويئي پر بابا صاف منع ڪري ڇڏيو.” معز چيو.
“پوءِ امي کي وٺي اچين هان نه، ته جيئن جلدي تنهنجي منهن تي موڙ ٻڌجن.” عالي معز جو موڊ مٽائڻ لاءِ هن سان مذاق ڪئي.
“ها امي چيو آهي ته مان جڏهن به هنن کي گهرائيندم ته اهي اينديون ۽ هاڻي مان ٻيهر تنهنجي چوڻ تي اوڏانهن نه ويندس، مان هتي ئي نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ ڪيان ٿو ۽ في الحال توسان گڏ ڳوٺ هلندس.” معز پنهـنجو فيصلو ٻڌايو.
“ٺيڪ آهي جيئن تنهنجي مرضي.” عالي وراڻيو:
ٻي ڏينهن صبح جو ئي عالي ۽ معز ڳوٺ پهتا. ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ وچڙندڙ بيماريون تيزيءَ سان ڦهلجي رهيون هيون. هنن ٽنهي پنهـنجون ڪئمپون الڳ الڳ ڳوٺن ۾ لڳايون ۽ پوري محنت سان پنهـنجو ڪم ڪرڻ لڳا.
ان دوران عالي پنهنجي ڳوٺ جي ٻاهران ئي هڪ پلاٽ خريد ڪيو ۽ آهستي آهستي اتي هڪ اسپتال جو ڪم به شروع ڪرايو. ڊاڪٽر الطاف ۽ عالي حسينه سان حاجره جي رشتي جي ڳالهه ڪئي پر حسينه عالي کي چئي ڇڏيو ته ان فيصلي جو حق هن شروع ۾ ئي زينب جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ عالي ڪراچي ويو ته هن معز جو پيغام پنهنجي پُڦو زينب تائين پهچايو. عالي هن کي معز جي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌايو ۽ مطمئن ڪيو، ته هوءَ به راضي ٿي ويئي.
سردار صاحب جي طبيعت ڪجهه وڌيڪ بهـتر ٿي ته هن ڳوٺ وڃڻ جي لاءِ ضد ڪيو. هن سان گڏ گهر جا سڀئي ڀاتي به واپس حويلي اچي ويا. حويلي جي ملازمن جا چهرا ته گهر ڀاتين کان به وڌيڪ خوشيءَ ۾ ٻهـڪي رهيا هئا.
هن بيماري، پٽ ۽ ڀاءُ جهڙي سؤٽ هيبت خان جي روين سردار صاحب جو جيءُ جهوري وڌو.هن الله جي بي آواز لٺ جي طاقت کي ڏسي ڇڏيو. هن جي دل، حرص و حوص جي لالچ کي ڇڏي الله جي قهر جي خوف سان ڀرجي ويئي.
زينب کي خبر هئي، ته سردار صاحب حاجره جي اصليت کان واقف ٿي ويو آهي ان ڪري هن اچي سڄي ڳالهه سردار صاحب کي ٻڌائي.
سردار صاحب حاجره کي گهرائي کانئس معافي ورتي ۽ ان کي دعائون ڏنيون.