41
هوءَ گاڏي تان لهي درگاهه ڏانهن وڃڻ لڳي.
حاجره ڪڏهن به پنهنجي ڳوٺ کان ايترو پري نه نڪتي هئي، نه ئي وري هن ڪڏهن ڪا اهڙي خواهش ڪئي هئي. هن کي پنهـنجو ڳوٺ به پنهنجي ماءُ جيترو ئي پيارو هو. هن کي ياد آيو ته هن هڪ دفعي پراڻي حويليءَ ۾ سڀني جي سامهون چيو هو ته مون کي پنهنجي ڳوٺ سان پيار نه پر عقيدت محسوس ٿيندي آهي. تنهـن تي مروه هن کي چيو هو ته هاڻي هن ڳوٺ ۾ اهڙي به ڪا ڳالهه ناهي جو هن سان عقيدت محسوس ڪجي.
“ڇا ٿيو امڙ اندر دعا گهرڻ نه هلندينءَ ڇا؟” رحمت حاجره کي دروازي وٽ بيٺل ڏٺو ته چيو.
هوءَ چپ چاپ اندر مزار ۾ ويئي، اتي بيٺل ماڻهن جا هٿ دعا لاءِ کنيل هئا. ڪجهه ماڻهو تيز آواز ۾ پنهنجون مرادون هتي دفن ٿيل وجود جي اڳيان روئي روئي بيان ڪري رهيا هئا ته ڪي وري اندر ئي اندر ۾ پنهنجو حال هن سان اوري رهيا هئا... ان وجود جي اڳيان جنهن پنهنجي وجود ۾ ئي پنهنجي حقيقي محبوب جو ديدار ڪيو هو.
حاجره اتان نڪري ٻاهر آئي جتي هڪ فقير پنهنجي مرشد جي ڏنل سبق کي ورجائي رهيو هو. هن جي اکين ۾ جلال هو، هو ڳالهائيندي ڳالهائيندي ڪجهه دير لاءِ چپ ٿي ويو. حاجره ٿورو پريان کان هن کي ڏسي اتي ئي بيهي رهي. فقير جي چؤگرد ڪجهه ماڻهو ويٺل هئا.
“جيڪڏهن هن فاني دنيا توهان کي دوکي ۾ وجهي ڇڏيو آهي جنهن جي ڳالهين ۾ اچي توهان پنهنجي اصل کي وساري ڇڏيو آ ته پوءِ ان دورنگي دنيا جي ڏنل تڪليفن کان پريشان ڇو ٿا ٿيو!” فقير ڳالهائڻ شروع ڪيو. هن جون نظرون حاجره ڏانهن هيون.
“توهان کي خبر آهي ته توهان رنگ، نسل ۽ ذات پات جو خول چاڙهي پنهنجي وجود کي به ايتري ئي تڪليف پهچائيندا آهيو ۽ هي جيڪي دنياوي رشتا آهن نه اهي توهان کي پنهـنجو پاڻ ۾ ايترو ڦاسائي ٿا رکن جو انهن جي چڪر ۾ توهان پنهنجي ئي اندر ۾ رهندڙپنهنجي حقيقي محبوب سان هڪ دفعو ملڻ جي سڌ به نٿا ڪريو.”
حاجره جي اکين مان هڪ دفعو ٻيهرلڙڪ ڪِرڻ لڳا.
ماڻهن جي ميڙ ۾ بيٺل معز، فقير جي نظرن جو تعاقب ڪندي پويان ڏٺو ته هو ڏسندو ئي رهجي ويو.
ڪاري چادر ۾ ويڙهيل ڇوڪري جنهن جي ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون سانوڻ مينهـن جيان وسي رهيون هيون، ان ڇوڪريءَ کي ٻين ماڻهن جو ڪوبه هوش نه هو، هوءَ ڀرسان ٺهيل ڀت کي ٽيڪ ڏيئي غور سان فقير جون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي.
فقير وري ڳالهائڻ شروع ڪيو.
“منهنجي مرشد فرمايو آهي ته سڀ صورتون هن دلبر جو ديدار ۽ جلوه ٿيون پسائن. هُو هڪ حقيقت آهي ۽ سواءِ رنگ ۽ سواءِ روپ جي آهي. هُن ئي سڀني رنگن روپن ۾ جلوه گري ڏيکاري آهي. بي مثال به هو ئي آهي. قائل، حقيقي، پيدا ڪندڙ دنيا جو سڀ ڪجهه هُو ئي آهي.”
“دم بدم اصليت واري حالت جو تصور ڪر ۽ سڀني غير جي منزلن کي ڀڃي ڇڏ، پنهنجي اصليت واري حالت جي فڪر ۾ تون اهڙي نموني هج جو پنهنجي نظر هيڏانهن هوڏانهن نه ڪر، جيئن تون نيٺ پنهنجي اصلي جاءِ تي وڃي نعرو هڻين.”
“تون پنهنجي خوديءَ کي ڀڃي ڇڏ، رنگ کان تون لنگهي وڃ، سواءِ رنگ جي هج. هن مٽيءَ واري جسم کي تون هت زمين تي ڇڏ. پنهنجي خيال يعني پنهنجي فڪر کي پنهنجي جسم کان چار ڪوهه پري رک يعني پنهنجي جسم جي خير خواهيءَ کي ڇڏي روح جي فڪر ۾ رهه، بي رنگ درياهه ۾ ٽٻي هڻ.
“پنهنجي هستيءَ کي مٽائي ڇڏ ته تنهنجي فڪر جو پکي حقيقت کي وڃي رسي. تون پنهنجي خيال کي اهڙي مٿاهين بلند مڪان تي مضبوط رک جو جان، جسم ۽ ننگ ناموس کان ڇٽي پوين.”
اول گمراهي، آهي رباني راهه ۾،
تان پوءِ همراهي، آهي هدايت جي. (سچل)
فقير حاجره تان نظر هٽائي ماڻهن ڏانهن ڏٺو ۽ سچل جو بيت پڙهندو ماڻهن جي هجوم کان پري هلندو ويو.
سڀ ماڻهو اتان وڃڻ لڳا، پر معز جون نظرون اڃا تائين ڪاري چادر ۾ ويڙهيل وجود جو طواف ڪري رهيون هيون.
عالي، معز ڏانهن آيو ته هن کي ڪنهن شيءِ ۾ محو ڏسي هن به اوڏانهن ڏٺو. عالي سامهون بيٺل حاجره کي ڏسي هڪ لمحي لاءِ اتي ئي سانت ٿي ويو.
“حاجره.” عالي جي وات مان نڪتو.
ڀرسان بيٺل معز عالي جي وات مان حاجره جو نالو ٻڌي ڏانهس بي يقيني مان ڏٺو.
“ڪير؟ حاجره؟” معز، عاليءَ کان پڇيو.
“جنهن جي تلاش اسان کي هئي.” عالي، معز ڏانهن نهارڻ کان بنا ئي جواب ڏنو ۽ حاجره ڏانهن وڌيو.
“حاجره توهان هتي؟” عالي، حاجره ڏانهن اچي هن کان پڇيو.
حاجره عالي کي ڪجهه دير ڏسندي رهي، ڄڻ ته هن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي هجي.
“ادا!” ڪافي دير کان پوءِ حاجره صرف ايترو چيو ۽ هڪ دفعو ٻيهر روئڻ لڳي.
عالي ڪجهه دير هن کي روئڻ ڏنو.
ايتري ۾ رحمت ۽ وريام به اتي اچي ويا. رحمت، حاجره کي روئندي ڏسي پريشان ٿي ويئي.
“ڇا ٿيو ڌيءُ؟ تون ڇو پئي روئين؟ هاڻي ته صحيح هئي ڇا ٿيو هن کي.” رحمت، حاجره ۽ وريام کان هڪ ئي وقت سوال ڪيو.
“توهان ڪير آهيو، ۽ حاجره کي توهان ڪيئن سڃاڻو؟” عالي اڳيان وڌي وريام کان پڇيو.
“تون ڪير آهين؟” وريام جواب ڏيڻ بجاءِ عاليءَ کان سوال ڪيو.
“مان حاجره جو ڀاءُ آهيان.” عالي کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڇا چوي.
حاجره بي يقيني مان ٻيهر عالي ڏانهن ڏٺو.
“حاجره توهان ايترو وقت ڪٿي هئا؟ ٺيڪ ته آهيو نه؟” عالي حاجره ڏانهن وڌيو.
“ها ادا، مان ٺيڪ آهيان. مان ٻه مهينا حويليءَ ۾ رهڻ کان پوءِ اتان نڪري آئي هئس. ان کان پوءِ مان هنن وٽ هئس.” حاجره عالي کي مختصراً پنهنجي ڳالهه بيان ڪئي.
“توهان مون سان هاڻي ئي ڳوٺ هلو.” حاجره کي حسينه وٽ پهچائڻ جي عاليءَ کي تڪڙ هئي.
“اتان جا سڀ دروازا مون لاءِ بند ڪيا ويا آهن، مان اوڏانهن هلي ڇا ڪنديس.” حاجره چيو.
“ائين ناهي حاجره، ماسي توهان جي لاءِ ڏاڍي پريشان آهي، هوءَ بيمار ٿي پئي آهي توهان کي ڏسندي ته خوش ٿي ويندي .” عالي کيس اصل ڳالهه ٻڌائي.
“مان ڳوٺ ويئي هئس پر امان ۽ پُڦي وارن جي گهر جي دروازي کي تالو لڳل هو.” حاجره عاليءَ کي ٻڌايو.
“حاجره ماسي کي ڪجهه ٽائيم اڳ توهان جو ڀاءُ پاڻ سان گڏ شهر وٺي ويو آهي ۽ توهان جي پُڦي ڪجهه هفتا اڳ معز سان گڏ توهان کي ڳولڻ سردار گهرام خان جي ڳوٺ ويا هئا پر اتان خبر پئي ته توهان اتان نڪري ويا آهيو. ۽ توهان جي پُڦي به شهر ۾ ڪريم جي گهر ۾ آهي.” عالي به هن کي سڄي ڳالهه ٻڌائي.
“پر پوءِ به ادا خبر ناهي مون سان اتي ڪهڙو سلوڪ ڪيو وڃي. مان ڳوٺ واپس نه هلنديس.” حاجره کي وري ڳوٺ وڃڻ کان خوف اچڻ لڳو.
“توهان کي ڪجهه نه ٿيندو حاجره.” عالي هن کي سمجهائڻ چاهيو.
“عالي في الحال حاجره کي ڳوٺ وٺي وڃڻ يا کيس پنهنجي ڀاءُ جي گهر ۾ رهائڻ هن لاءِ صحيح نه هوندو. اتي جلدي ۾ سردار صاحب کي خبر پئجي سگهي ٿي.” ڊاڪٽر الطاف به اتي ئي بيٺو هو، تنهـن اڳيان اچي عالي کي صلاح ڏني.
عالي به ڊاڪٽر صاحب سان متفق هو. “حاجره توهان اسان سان گڏ ڪراچي هلندؤ؟” عالي هن کان پڇيو.
“پر پوءِ امان ۽ ادا وارا؟” حاجره پڇيو.
“مان توهان جي امان کي ڪراچي وٺي ايندس.” ڊاڪٽر الطاف حاجره کي خاطري ڏني.
حاجره رحمت ۽ وريام کان موڪلائي. عالي سان گڏ ڪراچي وڃڻ لاءِ گاڏي ۾ ويٺي.
سج لهڻ وارو هو. عالي حاجره لاءِ ڪجهه کائڻ لاءِ وٺي آيو پوءِ هو ڪراچيءَ لاءِ روانا ٿيا.
رستي ۾ حاجره ڪنهن سان ڪجهه به نه ڳالهايو. وقفي وقفي سان عالي هن کان ڪجهه کائڻ پيئڻ جو پڇندو رهيو.
حاجره ذهني طور ڪجهه پريشان هئي، ان ڪري عالي بروقت هن کي پنهنجي ڪراچيءَ واري گهر وٺي وڃڻ نه پيو چاهي. ڊاڪٽر الطاف به هن کي مشورو ڏنو، ته حاجره کي هڪ ٻه ڏينهن اڪيلو رهائجي.
ڪراچي پهچي هي سڀ ڊاڪٽر الطاف جي فليٽ تي آيا. پهچندي پهچندي رات جا ٻه ٿي ويا هئا. ڊاڪٽر الطاف حاجره کي هڪ ڪمري ۾ رهڻ لاءِ چيو.
عالي هن کي آرام جي هڪ ٽيبليٽ کارائي دروازو اندران بند ڪرڻ لاءِ چئي ٻاهر هليو ويو.
عالي، شهلا کي اها ڳالهه ٻڌائڻ چاهي پيو پر گهڻي دير ٿيڻ ڪري هن سوچيو ته صبح جو ئي هن کي ٻڌائي ڇڏيندو.
معز، ڊاڪٽر الطاف ۽ عالي به ٿڪجي پيا هئا، ان ڪري جلدي سُمهي پيا.
حاجره کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته هن وٽ هاڻي سوچڻ لاءِ ڪجهه به ڪونهي. اهو ان فقير جي ڳالهين جو اثر هو، الائي جي ٽيبليٽ جو پر حاجره اڄ ڪجھه پُرسڪون هئي سو جلد ئي ننڊ کيس پنهنجي گهري ۾ آڻي ڇڏيو.
صبح جو سڀئي جلد ئي اٿي ويا. معز سڀني لاءِ ناشتو تيار ڪيو. عالي حاجره جو ناشتو ان کي ڪمري ۾ ئي ڏيئي آيو.
حاجره کي هتي غير مردن ۾ رکڻ عالي کي مناسب نه پئي لڳو. ان ڪري هن عرفات کي فون ڪري حاجره جي باري ۾ ٻڌايو ۽ هن کي ڊاڪٽر الطاف جي فليٽ تي اچڻ لاءِ چيو.
عالي سوچيو ته عرفات ۽ حاجره هڪ ٻئي کي سٺي نموني سڃاڻيندا آهن ۽ حاجره اڄ ڪنهن سڃاڻ واري سان ملندي ته ڪجهه بهـتر محسوس ڪندي، پوءِ هو هن کي رات تائين پنهنجي گهر وٺي ويندو.
عالي، معز کي چئي حاجره لاءِ ڪجھ ڪپڙا گهرائي حاجره کي ڏنا.
“ پر مون وٽ ته ڪپڙا هئا.” حاجره ڪپڙا وٺندي چيو.
“ها پوءِ به مون کي لڳو اهي ڪپڙا متان پراڻا ٿي ويا هجن، ان ڪري گهرايا.” عالي چيو.
“انهن جي ضرورت نه هئي.” حاجره وراڻيو.
“توهان گهر هلندؤ؟” عاليءَ حاجره کان پڇيو.
“اتي ڪير ڪير آهن؟” حاجره سوال ڪيو.
“اهي ئي سڀ جيڪي ان ڏينهن توهان سان گڏ هيڏانهن اچي رهيا هئا.” عالي ٻڌايو.
“پر اتي حويلي جا سڀ نوڪر ۽ نوڪرياڻيون به آهن، ستت ئي سردار صاحب کي خبر پئجي ويندي.” حاجره پنهنجو انديشو ظاهر ڪيو.
عالي جو ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ئي نه ويو هو ۽ هاڻي هن سوچيو ته ميربل به اتي ئي آهي ۽ ان کي خبر پوندي ته اهو به ڳالهه نه رکي سگهندو.
“پوءِ توهان کي هتي رهڻ ۾ ڪو مسئلو ته نه آهي نه؟ مان ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ماسي حسينه کي به گهرائي وٺندس.” عالي هن کان پڇيو.
“جيڪڏهن هي سڀ توهان جا دوست آهن ۽ توهان به هتي ئي رهندؤ ته پوءِ مون کي ڪو مسئلو ناهي ادا.” حاجره کي عالي ۽ ان جي دوستن تي يقين هو.
“ٺيڪ آهي مان عرفات کي سمجهائي ڇڏيندس ته في الحال هو ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪري.” عالي چيو.
“توهان ان کي به ٻڌائي ڇڏيو آهي؟” حاجره تصديق ڪئي.
“ها مون سمجهو اهو هتي ايندو ته توهان کي سٺو لڳندو. ڇو ته مان صفا ۽ مروه وارن کي ته هتي نٿو گهرائي سگهان ان ڪري عرفات کي اچڻ لاءِ چيم.” عالي ٻڌايو.
“صحيح آهي.” حاجره مجبوراً چيو.
شروع کان ئي عرفات حاجره کي جڏهن به اڪيلو ڏسندو هو ته ڪنهن نه ڪنهن طرح ان کي تنگ ڪندو هو.ان ڪري هوءَ ڪوشش ڪندي هئي ته عرفات جي سامهون نه وڃي. ٿوري دير کان پوءِ حاجره ڪپڙا تبديل ڪري ٻاهر آئي ته رڌڻي ۾ عالي ۽ معز ڪجهه رڌڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
“مان ڪا مدد ڪيان ادا؟” حاجره عالي کان پڇيو.
“نه نه حاجره اسان ڪوشش ڪيون پيا.” عالي مسڪرائيندي چيو .
“ڇا پيا ٺاهيو.” حاجره پڇيو.
“گهر ۾ برياني جو ئي سامان پيو آهي ان ڪري اها ئي ٺاهڻ جي ڪوشش آهي پوءِ جيڪو ٺهيو.” عالي ٻڌايو.
“مان اڪيلي ويهي بور پئي ٿيان، مون کي ٺاهڻ ڏيو.” حاجره اڳيان وڌي عالي کان ڇري ۽ مرغي جو گوشت ورتو.
“ٺيڪ آهي اسان ٿوري گهڻي مدد ته ڪري سگهون ٿا نه”، عالي چانور کڻي ڌوئڻ لڳو ۽ معز ٽماٽا ۽ ٻيون سبزيون ڪٽڻ لڳو.
برياني تيار ٿيڻ تائين ڊاڪٽر صاحب به اچي ويو، سڀني گڏجي ماني کاڌي. ٽنهـي ڄڻن حاجره جي برياني جي تعريف ڪئي.
شام تائين عرفات به اچي ويو، ته عالي عرفات کي حاجره وٽ ڇڏي ڊاڪٽر صاحب سان گڏ گهر هليو ويو.
“السلام عليڪم پُڦو جاني.” عالي گهر آيو ته هن کي هال ۾ ئي زينب نظر آئي جيڪا مصلي تي ويٺي دعا گهري رهي هئي.
“ايڏو ڇا پيا گهرو الله کان؟” عالي زينب جي ڀرسان اچي فرش تي ئي ويهي رهيو.
“توهان سڀني جي حفاظت جون دعائون ڪندي رهندي آهيان ٻيو ڇا گهرندم مان، منهنجي جان.” زينب دعا پڙهي پوءِ عاليءَ کي جواب ڏنو.
“ڪجهه نه ڪجهه ته پنهنجي لاءِ به گهرندا هوندؤ؟” عالي شرارت مان پڇيو.
“ها گهرندي آهيان، صرف اها دعا ته الله جي رضا ۾ راضي رهان ۽ ان رضا ۾ ان جي مصلحت کي سمجهي سگهان.” زينب جواباً چيو.
“واهه معنيٰ هڪ ڌڪ سان ٻه شڪار! اميزنگ. صبر ڪرڻ سان به اوهان جو فائدو ۽ الله جي ڳالهين کي سمجهڻ ۾ به اوهان جو فائدو.” عالي ساراهيو.
“عالي توهان ڪهڙي وقت آيا؟” شهلا، هال ۾ عاليءَ کي ڏسي پڇيو.
“السلام عليڪم امي، بس ٿوري دير پهرين آيو آهيان.” عالي اٿي ماءُ سان مليو.
“وعليڪم السلام.” شهلا سلام جو جواب ڏيئي پٽ جي پيشاني چمي.
“امي هتي ويهو توهان کي ڪجهه ٻڌائڻو آهي.” عالي، شهلا کي زينب جي ڀرسان ئي ويهاريو.
“ڇا ڳالهه آهي؟” شهلا پڇيو.
“ڪلهه مون کي حاجره ملي، مان ان کي ڪراچي وٺي آيو آهيان.” عالي ٻنهي ڄڻين کي آهستي ڪري ٻڌايو.
“ڪٿي؟ ۽ هوءَ هاڻي ڪٿي آهي؟” شهلا حيرانگيءَ وچان پڇيو.
عالي هنن ٻنهي کي سڄي ڳالهه تفصيل سان ٻڌائي.
“پوءِ تون ان کي هيڏانهن ڇو نه وٺي آئين؟” زينب پڇيو.
“مان نٿو چاهيان ته في الحال چاچا سائين وارن کي حاجره جي خبر پئي.” عالي چيو.
“ها تو اهو صحيح ڪيو. الله ڪري هي مسئلو جلد حل ٿي وڃي، ته پوءِ حاجره جي باري ۾ به ٻڌائينداسين انهن کي.” زينب دعا ڪئي.
عالي ٿوري دير هتي رهي پوءِ واپس هليو آيو.