14
ڳوٺ جي بنسبت هن اسڪول جي پڙهائي سٺي هئي هتان جا استاد به شاگردن تي خاص ڌيان ڏيئي رهيا هئا. اهو ڏينهـن عالي جي زندگيءَ جي سٺن ڏينهن مان هڪ هو جنهن ڏينهـن ڊاڪٽر الطاف هنن جي اسڪول ۾ ليڪچر ڏيڻ آيو. ڊاڪٽر الطاف هن ئي اسڪول جو شاگرد رهي چڪو هو ۽ هاڻي هن جي داخلا چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ٿي ويئي هئي. هو موڪلن ۾ جڏهن به هتي ايندو هو ته اسڪول ۽ ڪاليج جي شاگردن کي ليڪچر ڏيندو هو.
ان ڏينهن به هو نائين ڪلاس وارن کي ليڪچر ڏيڻ آيو. هن جو ليڪچر ڄاڻ سان ڀرپور هو، جنهن دوران عالي هن کان سوال ڪندو رهيو. ڊاڪٽر الطاف به عالي کان ڪجهه سوال پڇيا. هن جا جواب ٻڌي هو عالي کان متاثر ٿيو ۽ سڄي ڪلاس جي اڳيان کيس ساراهيو.
عالي کي به ڊاڪٽر صاحب متاثر ڪيو. هو ٻيو پيرڊ پورو ٿيڻ کان پوءِ استادن جي آفيس ڏانهن ڊاڪٽر الطاف سان ملڻ آيو پر هو اتي نه هو.
“شايد ٻي ڪنهن ڪلاس ۾ ويل هوندو.” عالي سوچيو.
ڪجهه دير انتظار ڪرڻ کان پوءِ هن سامهون ڊاڪٽر صاحب کي ايندي ڏٺو.
“Intelligent Boy، ڪنهن جو انتظار پيا ڪريو؟” ڊاڪٽر صاحب، عاليءَ جي ڀرسان ايندي پڇيو.
“سر مان اوهان جو ئي انتظار ڪري رهيو هئس.” عالي وراڻيو.
“ڪو سوال پڇڻو هو؟” ڊاڪٽر صاحب پڇيو.
“مان اوهان کي چوڻ آيو هئس ته توهان جو ليڪچر ڏاڍو سٺو هو. توهان ٻيهر ڪڏهن ايندا هتي؟” عالي پڇيو.
“هونئن ته ٻيهر ملڻ وارين ڇُٽين ۾ اچان ها پر توهان جي طرفان ڪيل همت افزائي جي ڪري سڀاڻي به ايندس.” ڊاڪٽر الطاف جي چهري تي هڪ مهربان مسڪراهٽ هئي.
“اوهان جي مهرباني سر.” عالي خوشيءَ مان چيو.
ڊاڪٽر صاحب پورو هفتو هنن جي ڪلاس ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ آيو. آخري ڏينهـن تي هن عالي سان موڪلائيندي هن سان ٻيهر اچڻ جو وعدو ڪيو.
عالي کي به هن سان ٻيهر ملڻ جي خواهش هئي. عالي هاڻي اڳ کان به گهڻو مصروف رهڻ لڳو. پوءِ به هو سيرت ۽ مروه کي اوترو ئي ٽائيم ڏيندو هو. صفا به هن جي هٿان مختلف ڪتاب گهرائيندي هئي. عالي کي به هن جي پسند جي خبر پئجي ويئي سو هن جي لاءِ هو مئگزين ۽ ڊائجسٽ به وٺي ايندو هو.
مروه جي ذهانت ڏسي عالي ڪڏهن ڪڏهن حيران ٿيندو هو. هوءَ هن کان اهڙا اهڙا سوال پڇندي هئي جو هو ڪڏهن ڪڏهن لاجواب ٿي ويندو هو. پر هن جي سوالن جي ڪري هن ۾ ننڍين ننڍين شين کي ڄاڻڻ جو اتساهه پيدا ٿيندو هو.
“اسلام عليڪم”، عالي اڱڻ ۾ داخل ٿيندي سلام ڪيو جتي سڀئي شام جي چانهــه پي رهيا هئا.
سڀن عالي جي سلام جو جواب ڏنو.
“اڄ ڀلا وڏا ماڻهو هتي ڪيئن؟” زينب عالي کي مزاق ۾ چوندي پنهنجي ڀرسان جڳهـه ڏني.
“بس ننڍن ماڻهن جو خيال اچي ويو”. عالي بـه مسڪرائيندي جواب ڏنو.
“چانهـه جي صلاح تـه توکي ڪري نٿا سگهون، ڪافي ٺهرائي وٺان؟” زينب عالي کان پڇيو.
“آپا ڏاڍي سٺي ڪافي ٺاهيندي آهي”. مروا عالي جي جواب ڏيڻ کان پهرين چيو.
“نـه هن وقت ڪافي پيئڻ جو موڊ ناهي” . عالي مروا کي چيو.
صفا مروا ڏانهن ڪاوڙ مان گهوريو.
“امي، مون کي سڀاڻي لاڙڪاڻي وڃڻو آهي.” عالي، صفا تان نظرون هٽائي شهلا سان مخاطب ٿيو.
“ڇو خيريت؟” شهلا پڇيو.
“ها سيمينار آهي. ڊاڪٽر الطاف مون کي به اهو سيمينار اٽينڊ ڪرڻ جو چيو آهي.” عالي ماءُ کي سڄي ڳالهه ٻڌائي.
“ڪير ڊاڪٽر الطاف؟” زينب پڇيو.
“ڊاڪٽر الطاف اسان جي اسڪول ۾ ليڪچر ڏيڻ ايندو آهي، اهو به هتان جو ئي آهي پر لاڙڪاڻي مان M.B.B.S پيو ڪري. ان سان منهنجي سٺي دعا سلام ٿي ويئي آهي، انڪري مون ڏي چورايو اٿس.” عالي وڌيڪ ٻڌايو.
“پر توهان اڪيلا ڪيئن ويندو، پٽ؟” شهلا پريشان ٿيندي چيو.
“امي مان هاڻي ٻار ناهيان، روزانو الاهي ماڻهو اوڏانهن ويندا آهن. مان به هليو ويندس.” عالي چيو.
“شاهمير اڄڪلهـه هتي آيل آهي، مان ان کي چوان ٿي، ته اهو به توسان گڏ هلي.” زينب چيو.
“شاهمير مون کان به ننڍو آهي پُڦو، توهان منهنجي لاءِ ڪجهه زياده ئي پريشان پيون ٿيو.” عالي چيو.
“ڪهڙي سازش پئي ڪئي وڃي منهنجي لاءِ هتي؟” شاهمير اڱڻ ۾ ايندي چيو.
“نام ليا شاهمير حاضر!” مروه جي چهري تي شرارتي مسڪراهٽ اچي ويئي.
“عالي جي چمچي تون ته چپ ڪر.” شاهمير مروه کي چيو.
“عالي کي سڀاڻي لاڙڪاڻي وڃڻو آهي سو تون هن سان گڏجي اوڏانهن وڃجان.” زينب، شاهمير کي ٻڌايو.
“سڀاڻي ڪو خاص ڏينهن آ ڇا، جو سردار نواب عبدالعالي جن پنهنجي علائقي کان ٻاهر ظهور فرمائيندا؟” شاهمير عالي کي چيڙائيندي پڇيو.
“مان ڪيڏانهن به نٿو وڃان بس.” عالي ڪاوڙ ۾ چئي اٿي ويو.
“توهان فڪر نه ڪريو مان پاڻ ئي سڀاڻي هن سان گڏ ويندس. مان هونئن سڀاڻي جي لاءِ بابا کان گاڏي ۽ ڊرائيور گهريو هو. مون کي به لاڙڪاڻي ئي وڃڻو هو.” شاهمير، شهلا ۽ زينب کي فڪرمند ڏسي چيو.
“چاچي عالي اٿي ويو؟” ٻي ڏينهن صبح جو سوير ئي شاهمير تيار ٿي پراڻي حويلي پهتو۽ هال ۾ شهلا کي ڏسي ان کان پڇيو.
“نه پٽ، اڃا نه اٿيو آهي.” شهلا جواب ڏنو.
“مان اٿاريانس ٿو.” شاهمير، عالي جي ڪمري ڏانهن ويندي چيو.
“اسان جون ننڍون ڦٽائي پاڻ آرام سان ستو پيو آهين.” شاهمير عالي جي منهن تان چادر لاهيندي چيو.
“اڄ ڀلا سج ڪٿان اڀريو آ جو تون ايڏو جلدي اٿي وئين؟” عالي شاهمير کي تيار ٿيل ڏسي پڇيو.
“بس يار ڪاليج ۾ هائوس ماسٽر ۽ هتي تون، ٻنهـي جي ڪاوڙ کان مون کي ڊپ لڳندو آهي، انڪري امي کي رات ئي چئي ڇڏيو هو ته صبح جلدي اٿاري. هاڻي اٿي جلدي تيار ٿي.” شاهمير، عالي کي چيو.
عالي جلدي تيار ٿي آيو، شهلا هنن لاءِ ناشتو کڻي آئي. ٻئي ڄڻا ناشتو ڪري اچي گاڏي ۾ ويٺا.
“تون به سيمينار اٽينڊ ڪندين نه؟” عالي گاڏي ۾ ويهڻ سان ئي شاهمير کان پڇيو.
“جي نه سردار صاحب! مان اوهان وانگر پڙهائيءَ سان ايڏو پيارو نٿو ڪيان جو موڪلن ۾ به ان جي پويان خوار ٿيان.” شاهمير کلندي چيو.
“مون توکي ڪيترا دفعا منع ڪيو آهي ته مون کي سردار صاحب نه چوندو ڪر.” عالي شاهمير کي سختيءَ سان چيو.
“۽ مون به توکي ڪيترا دفعا چيو آهي ته مون کي به سردار صاحب چوڻ نه وڻندو آهي.” شاهمير هن کي جواب ڏنو.
“ڏسڻ ۾ ته تون سردار ٿو لڳين.” عالي کيس جواب ۾ چيو.
“پر تون ته جديد دور جي سردارن جي خوبين تي پورو ٿو لهين نه، هينڊسم، سمارٽ ۽ انٽيليجنٽ.” شاهمير کيس ساراهيو.
“پر جديد دورُ ته سرداري نظام کي مڃي ئي نٿو.” عالي چيو.
“اسان جو علائقو جديد دؤر ۾ نٿو ڳڻي سگهجي، مون کي پنهنجي علائقي کي قديم دور مان ڪڍڻو آهي ۽ مون کي پنهنجي علائقي لاءِ تو جهڙو سردار کپي.” شاهمير ڪجهه سنجيده ٿيندي چيو.
“تون جنهن علائقي ۾ رهين ٿو اهو صرف سردار بهرام خان جو آهي، تنهـنجو ناهي.” عالي جي چهري تي به سنجيدگي اچي ويئي.
“حقيقت ياد ڏيارڻ جي مهرباني.” شاهمير جواب ڏيئي گاڏي جي شيشي مان ٻاهر ڏسڻ لڳو.
“تون سيمينار اٽينڊ ڪر، مان ٽن چئن ڪلاڪن ۾ واپس اچي ويندس.” شهر ۾ پهچي عالي کي سيمينار هال ۾ ڇڏيندي شاهمير عالي کي پنهنجو پروگرام ٻڌايو.
“ٺيڪ آهي.” عالي چيو.
شاهمير هليو ويو، پر عالي هن جي باري ۾ ئي سوچي رهيو هو. عالي کيس پهريون دفعو ايترو سنجيده ٿيندي ڏٺو هو. ان جي باري ۾ سوچيندي هو هال ۾ آيو، جتي سيمينار شروع ٿي چڪو هو.
انهن خيالن مان نڪري عالي سيمينار ڏانهن ڌيان ڏنو. اتي آيل ڊاڪٽر مختلف بيمارين ۽ انهن جي بچاءَ جي باري ۾ ڄاڻ ڏيئي رهيا هئا. عالي هنن جون ڳالهيون غور سان ٻڌي رهيو هو. ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ سيمينار ختم ٿيو ته عالي ڊاڪٽر الطاف سان مليو. ان هنن کي ٻين ڊاڪٽرن سان ملرايو. ان کان پوءِ عالي ٻاهر آيو جتي شاهمير هن جو انتظار ڪري رهيو هو.
“ماني کائڻ هلون ڪيڏانهن؟” شاهمير، عالي کان پڇيو.
“نه، دير ٿي ويندي، ڳوٺ ٿا هلون.” عالي آسمان ڏانهن ڏٺو اونداهي پکڙجڻ لڳي هئي.
“ٺيڪ آهي، پر مون کي جڏهن گهڻا ڏينهـن ڇُٽيون ملنديون ته کيرٿر جبل جي طرف گهمڻ هلنداسين، اتي شڪار به ڪنداسين، ڏاڍو مزو ايندو.” گاڏي ۾ ويهندي ئي شاهمير هن کي ٻي دفعي جو به سڄو پروگرام ٻڌايو.
“تون اوڏانهن اڳ ڪڏهن ويو آهين؟” عالي پڇيو.
“ها، ٻه ٽي دفعا بابا سائين جن سان گڏ ويو هئس. پر پنهـنجن دوستن سان وڃڻ ۾ ته ٻيو مزو هوندو نه.” شاهمير چيو.
“ڪا ضرورت ناهي ايڏي پلاننگ ڪرڻ جي، في الحال تون پنهنجي پڙهائي تي ڌيان ڏي. جڏهن تون پنهنجي گاڏي وٺندين ته پوءِ هلنداسين.” عالي هن تي ڪاوڙ ڪئي.
“مون کي ته پوري پڪ هئي تون ائين ئي چوندين.” شاهمير چيو.
“خبر به اٿئي ته پوءِ چيئي ڇو؟” عالي وراڻي ڏني.
“مون سوچيو متان سيمينار اٽينڊ ڪرڻ کان پوءِ تنهنجا خيالات مٽجي ويا هجن.
ها سيمينار تي ياد آيو، ڪيئن رهيو سيمينار؟” شاهمير پڇيو.
“تمام سٺو، ۽ ڄاڻ سان ڀرپور، تون به هجين هان ته توکي به ڄاڻ ملي وڃي ها. عالي هن کي سيمينار جي موضوع جي باري ۾ مختصر ٻڌايو. حويلي پهچندي پهچندي رات ٿي ويئي.
“السلام عليڪم چاچا سائين.” حويلي جي اندرين دروازي وٽان سامهون کان سردار صاحب اچي رهيو هو. عاليءَ ڀرسان گذرندي کيس سلام ڪيو.
“وعليڪم السلام! ڪيڏانهن ويا هيئو؟” سردار صاحب پڇيو.
“لاڙڪاڻي ۾ منهـنجي دوست طرفان دعوت هئي اوڏانهن ويا هئاسين.” شاهمير تڪڙ ۾ جواب ڏنو.
“موڪلن جي ڏينهن ۾ ته اوطاق جو چڪر لڳائيندا ڪيو.” سردار صاحب شاهمير کي چيو.
“بس ماما سائين موڪلون ئي ٿورا ڏينهـن آهن، انڪري گهر ۾ ئي وقت پيو گذري وڃي.” شاهمير کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هو ڪهڙو جواب ڏي.
“ايندا رهندا ڪيو اوطاق ۾ ته جيئن ماڻهن سان هاڻي کان ئي ڄاڻ سڃاڻ وڌي توهان جي به.” سردار صاحب عالي ڏانهن ڏسندي چيو.
“ٺيڪ آ چاچا سائين.” عالي جواب ڏنو.
سردار صاحب اوطاق ڏانهن هليو ويو.
“ڇا ڳالهه آهي يار، اڄ ڪيئن سردار صاحب کي تنهنجو خيال اچي ويو.” شاهمير عالي کي چيو.
“خبر ناهي.” عالي ائين چئي پنهنجي گهر ڏانهن راهي ٿيو.
گهر ۾زينب ۽ شهلا هن جي انتظار ۾ ويٺيون هيون. ٻنهي جي هٿ ۾ تسبيح هئي. هنن ٻنهي کي ڏسندي عالي کي کل اچي ويئي.
“ايتري دير ڇو ڪيئي؟ اسان سمجهو تون شام تائين اچي ويندين، ايتري دير ڪيئي ته اسان پريشان ٿي وياسين.” زينب هن کي ڏسندي ئي سوال پڇڻ شروع ڪيا.
“مان ڪنهن جنگ تي ٿوروئي ويو هئس جو توهان پنهنجا هي حال ڪري ڇڏيا آهن… اڃا ايتري به دير نه ٿي آهي جو توهان پريشان ٿي ويون آهيو.” عالي زينب جي ڀرسان اچي ويٺو.
“سياري جي رات جا 8 به ڏهن جي برابر هوندا آهن، ڏسين نٿو هر طرف ڪيتري خاموشي ٿي ويئي آهي.” زينب، عالي کي چيو.
“مون ته شاهمير جي چوڻ تي اتي ماني به نه کاڌي سيمينار کان پوءِ جلدي ڳوٺ لاءِ نڪاسين. پر توهان جي ڪاوڙ ڏسي لڳي ٿو هتي به ماني نه ملندي.” عالي مسڪرائيندي چيو.
“توهان جي انتظار ۾ ماني اسان به نه کاڌي آهي، مان هاڻي ئي ماني کڻي ٿي اچان.” شهلا رڌڻي ڏانهن ويندي چيو.
..........................
آچر جو ڏينهـن هو، عالي دير سان اٿيو. هميشه وانگر هو اُٿڻ سان ئي اڱڻ ۾ لڳايل ننڍڙي باغيچي ڏانهن آيو، جنهن ۾ هن مختلف قسم جا ٻوٽا پوکيا هئا. ڪجهه دير انهن کي پاڻي ڏيڻ کان پوءِ وهنجي ڪپڙا تبديل ڪري حويليءَ کان ٻاهر نڪري آيو. هن کي سردار صاحب جي رات واري ڳالهه ياد اچي ويئي ته هن پنهنجو رخ اوطاق ڏانهن ڪيو.
عالي پهريون دفعو اوطاق ۾ آيو هو. اوطاق جي هڪڙي پاسي گيراج ٺهيل هئي، ٻي طرف ننڊڙو لان هو، جنهن جي پريان قطار ۾ مختلف جانورن ۽ پکين جا پڃرا رکيل هئا. سامهون کان اوطاق ۾ اندر وڃڻ لاءِ وڏو دروازو هو.
سردار صاحب سامهون ئي ڪنهن ماڻهوءَ سان گڏ طوطن جي پڃري وٽ بيٺو هو. عالي به هنن ڏانهن آيو ۽ کين سلام ڪيائين. سردار صاحب مسڪرائيندي هن جي سلام جو جواب ڏنو ۽ خلافِ معمول، هن جي پٺي ٺپي.
سردار صاحب جو اهو روپ عالي جي سامهون اڄ ظاهر ٿيو هو.
“سائين هي ادا مؤمن جو پٽ اٿوَ عبدالعالي.” سردار صاحب پاڻ سان گڏ بيٺل شخص جنهن کي ڪاٽن جي اڇي ڊريس ۽ ڪلهن تي وڏي ڪاري چادر پاتل هئي.
“بابا مرشد کان دعا وٺو.” سردار صاحب، عاليءَ کي چيو.
عالي ان ڏانهن وڌيو ته ان شخص پٺي ٺپي کيس دعا ڏني.
“هي به اوهان وٽ ئي رهندا آهن نه بهرام خان؟” شاهه صاحب سردار صاحب کان پڇيو.
“بس ان کي معاف ڪري تڏهن ئي ان جي گهر واري ۽ ٻارن کي هتي وٺي آيو هئس.” سردار صاحب هُن کي ٻڌايو.
“پٽ هي اسان جا مرشد آهن سيد ڪامران شاهه، سائين وڏي جن جا صاحبزادا.” عالي جي منهـن تي حيرت ڏسي سردار صاحب چيو.
“ها سائين، اوهان وڏي دل ڪري هنن کي هتي آندو آهي نه ته ڪير ٿو اهڙن ڀائرن جو ايترو خيال رکي جنهن خاندان جي ريتن رسمن جو ئي خيال نه رکيو هجي.” شاهه صاحب چيو
“ها سائين، ڇا ڪيون آخر ڀاءُ جي اولاد آهي نه وٺي اچانِ هان ته رلندا وتن هان.” سردار صاحب، پنهنجي مرشد سڳوري سان سُر ملايو. هن کي ته ڄڻ اها ڳالهه عالي تائين پهچائڻ جو موقعو ملي ويو.
“سردار صاحب هي طوطا مون کي ڏاڍا پسند آيا آهن.” شاهه صاحب منهن ڦيري سردار صاحب سان مخاطب ٿيو.
“سائين هي خاص گهرايا ئي توهان جي لاءِ آهن، توهان کي پسند آيا ته معنيٰ اسان جي ڪاميابي آهي نه.” سردار صاحب کلندي چيو.
“مان خوامخواهه هيڏانهن ڇو آيس.” عالي دل ۾ سوچيو. ۽ پڃري ۾ رکيل طوطن ڏانهن ڏٺو.
“هلو اندر ٿا هلون.” سردار صاحب ٻنهي کي چيو.
شاهه صاحب به اندر وڃڻ لڳو ته عالي به مختلف پڃرن ۾ رکيل خوبصورت پکين کي ڏسندو اندر هليو ويو.
سردار صاحب ۽ شاهه صاحب کي ته جانورن ۽ پکين تي ڳالهائڻ جو موضوع ملي ويو هو. عالي ٿوري دير ويهي انهن کان موڪلائي گهر هليو آيو.
گهر آيو ته صفا ۽ مروه به اتي ويٺيون هيون، عالي هنن کي ڏسي ڪجهه حيران ٿيو ڇو ته اهي ان وقت هيڏانهن نه اينديون هيون.
“فڪر نه ڪريو. اڄ توهان وٽ پڙهڻ ڪونه آئي آهيان. امان سائڻ حويلي ۾ نه هئي، انڪري موقعي جو فائدو وٺي هيڏانهن هليون آيون سين.” مروه عالي جي منهن جا تاثر ڏسي هن کي ٻڌايو.
“مون اوهان کان پڇيو؟” عالي مروه کي چيو.
“ها توهان دل ئي دل ۾ پڇيو.” مروه به جواب ڏنو.
“چاچي جن ڪيڏانهن ويا آهن؟” عالي ڳالهه مٽائي، ڇو ته هن واقعي دل ۾ اهو ئي سوچيو پئي.
“ماهه نور اميد سان آهي انڪري ان کي مرشدن جي ڳوٺ وٺي ويئي آهي دعا جي لاءِ.” زينب، عالي کي ٻڌايو.
عالي کي خبر هئي ته خوشي هجي، ڏک، سڀ کان پهرين هتي مرشدن کي ياد ڪيو ويندو آهي. ڪنهن کي ڪا تڪليف هجي ته پوءِ به جيڪڏهن مرشد ان کي ڊاڪٽر ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏيندا هئا تڏهن ئي ان لاءِ حويلي ۾ ڊاڪٽر کي گهرايو ويندو آ.
“عالي توکي هاڻي موبائيل فون وٺڻ گهرجي.” زينب، عالي کي چيو.
“ڇو؟” عاليءَ يڪدم پڇيو.
“توکي ڪيڏانهن اچڻ وڃڻ ۾ دير ٿي ٿئي ته پوءِ پريشاني نه ٿيندي نه. نئين حويلي جي فون تان توڏي فون ڪري پڇي وٺنداسين.” زينب چيو.
“ها پوءِ اگر فون رسيوِ نه ڪيان ته اوهان ويتر پريشان ٿي وڃون.” عالي لائبرري ڏانهن ويندي چيو.
“آپا صحيح پئي چوي عالي.” شهلا به چيو.
“ٺيڪ آهي ان ڳالهه کي ڏسنداسين.” عالي ائين چئي لائبرري هليو ويو. لائبرري ۾ هڪ شيلف ۾ مؤمن جون پراڻيون ڊائريون رکيل هونديون هيون. عالي هميشه سوچيندو هو ته ماءُ کان ان شيلف جون چاٻيون وٺي. انهن کي ڏسي عالي واپس شهلا وٽ آيو.
“امي مون کي بابا سائين جن جي بُڪ شيلف جون چاٻيون گهرجن.”
“عالي ٻي ڪنهن جي ڊائري نه پڙهبي آهي.” شهلا سمجهي وئي ته عالي کي پنهنجي پيءُ جي ڊائري پڙهڻي هئي .
“پوءِ توهان سنڀالي ڇو رکيون آهن؟”
“بس توهان جي بابا سائين جي ٻين نشانين سان گڏ اهي به سنڀالي رکيون آهن.” شهلا چيو.
“امي سڀ ڪجهه ته مون کي خبر آهي، اهي پڙهڻ سان ڇا ٿيندو، پليز ڏيو نه چاٻيون.” عالي التجا ڪئي.
شهلا عالي کي چاٻيون آڻي ڏنيون.
“ٿينڪ يُو امي.” عالي، ماءُ کان چاٻيون وٺندي چيو.
مؤمن کي ڊائري لکڻ جي تمام گهڻي عادت هئي. ان جي شيلف ۾، ڊائريون پيون هيون، جن جي وچ ۾ زينب جا مؤمن ڏي لکيل خط به پيا هئا. سڀ کان پهرين عالي اها ڊائري کنئي جيڪا مؤمن پهريون دفعو لکي هئي. ڊائري جي پهرين صفحي تي مؤمن جو نالو ايڊريس ۽ ڪلاس لکيل هو. اها تڏهن جي ڊائري هئي جڏهن هو مئٽرڪ ۾ هو. عالي ڊائري پڙهڻ شروع ڪئي.
..........................