36
هاڻي هوءَ روز پنهنجي باري ۾ ڪنهن فيصلي جي اچڻ جو انتظار ڪندي هئي، ان قيدي وانگر جنهن کي سزا ۽ موت جو فيصلو ملڻ وارو هوندو آهي، پر پوءِ به هن کي هڪ اميد هوندي آهي ته شايد ڪو معجزو ٿي وڃي ۽ هو سزا کان بچي وڃي. گهر ۾ رهندڙ ٽنهـي عورتن کان هوءَ سٺي نموني واقف ٿي ويئي هئي.
“حاجره ڌيءَ لڳي ٿو هاڻي سردار صاحب وارا تنهنجي لاءِ ڪونه ڪو فيصلو ڪندا. جيڪڏهن ڪنهن سٺي گهر ۾ وڃين ته اسان غريبن کي وساري نه ڇڏجانءِ.” ان بزرگ عورت هن کي چيو.
“نه جيجي توهان کي ڪيئن وسارينديس.” حاجره به هاڻي ان کي جيجي ۽ ان سان گڏ ٻي عورت کي ادي چوندي هئي ڇو ته اتي سڀئي انهن کي اِنهن رشتن سان سڏينديون هيون.
“جيجي، هي سردار صاحب ڏنا آهن، رات حاجره جو نڪاح آهي.” ايتري ۾ صدوري پنهنجي هٿ ۾ هڪ ڳنڍ کڻي آئي. هن اها ڳنڍ جيجي کي ڏيندي چيو.
“ڪنهن سان اٿس نڪاح؟” جيجي هن کان ائين پڇيو ڄڻ اها ڪا عام ڳالهه هئي.
“سردار صاحب جي ڪمدار سان.” صدوري جواب ڏنو.
سزاءِ موت جو فيصلو ٿي چڪو هو. حاجره اتان اٿي اندر ٻي ڪمري ڏانهن هلي ويئي.
منهنجي ماءُ ۽ منهنجي ڀاءُ وٽ ته الله کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ڪونهـي جو هو مون کي ڳولين پر مون کي هڪ دفعو ته هتان نڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي نه، جيڪڏهن پڪڙجي پيس ته ماري ڇڏيندا نه، ڪمدار سان شادي ڪرڻ کان ته موت ڀلو آهي. حاجره ڪيتري دير تائين ڪمري ۾ ويهي هتان نڪرڻ جو سوچيندي رهي.
“ڇا ٿيو تون اندر ڇو هلي آئينءَ؟” ادي اندر اچي حاجره کان پڇيو.
“ادي مون کي ڪمدار سان شادي ناهي ڪرڻي.” حاجره جي ادي سان گهڻي لڳندي هئي ان ڪري هن پنهنجي دل جي ڳالهه ان سان ڪئي.
“منهنجي وس ۾ هجي ته مان ائين ڪڏهن نه ٿيڻ ڏيان ها منهنجي ڀيڻ. خبر ٿئي ڪمدار جي هيءَ ٽين شادي آهي. هڪ زال مري ويئي اٿس ۽ ٻي زندهه اٿس.” ادي به هن سان گڏ ڏکاري ٿي ويئي.
“ادي هتان نڪرڻ جو ڪو رستو آهي؟” حاجره هن کان پڇيو.
“تون هتان نڪري به وڃين ته سردار صاحب وارا توکي پڪڙي وٺندا. هن ڳوٺ جي آسپاس وارا ڳوٺ به سردار صاحب جا ئي آهن هو توکي پڪڙائي وٺندا.” ادي هن کي ٻڌايو.
“توهان بس منهنجي هتان نڪرڻ ۾ مدد ڪيو. جيڪڏهن مان زندهه بچيس ته عمر ڀر توهان لاءِ دعا ڪندي رهندس.” حاجره التجا ڪئي.
“مان تنهنجي مدد ڪنديس، حاجره مون کي به ائين تو وانگي آندو ويو هو هتي پوءِ منهنجي شادي ڪرائي ويئي.” ادي حاجره کي ٻڌايو.
“پوءِ توهان هتي ڇو ٿيون رهو؟” حاجره پڇيو.
“منهنجي شادي جنهن سان ٿي اهو بلڪل پوڙهو هو، هڪ سال اندر ئي هو مري ويو ته مان واپس هيڏانهن اچي ويس. جنهن ڏينهن کان تون هتي آئي آهين، ان ڏينهن کان تولاءِ دعا ڪندي رهندي آهيان ته الله تو کي پنهنجي مالڪن سان ملائي.” ادي حاجره کي ٻڌايو.
“پوءِ توهان منهنجي مدد ڪندؤ نه؟” حاجره پڪ ڪرڻ چاهي.
“ها. منجهند جو جڏهن سڀ سمهي پوندا ته مان توکي هتان ڪڍنديس. حويليءَ ۾ پويان به هڪ دروازو آهي، جنهن جي چاٻي مان منجهند تائين هٿ ڪري وٺندم ۽ توکي صدوري جا ڪپڙا ڏيئي ٿي ڇڏيان تون اهي پائي ڇڏجان.” ادي حاجره کي ائين چئي جلدي ٻاهر هلي ويئي.
حاجره منجهند جو انتظار ڪرڻ لڳي.
منجهند تائين ادي هن کي ڪپڙا آڻي ڏنا، هوءَ جلدي ۾ ڪپڙا پائي آئي.
“جيجي ۽ صدوري ننڊ پيون آهن. مان پويان وارو دروازو کولي اڳيان واري دروازي وٽ وڃي چوڪيدار کي ڳالهين ۾ لڳايان ٿي. تيستائين تون آرام سان نڪري وڃجان.” ادي هن کي سڄي رٿابندي ٻڌائي.
حاجره، صدوري کي ڀاڪر پاتو، صدوري جون اکيون به ڀرجي آيون.
“بس هاڻي نڪرڻ واري ڪر ۽ هي رکي ڇڏ، ڪم ايندئي.” ادي هن جي گَگي جي ڦدي ۾ ڪجهه پئسا ۽ ننڍڙي يٰس رکندي چيو.
حاجره هن ڏانهن شڪرمند نظرن سان ڏسندي رهي. هوءَ ڪمري مان نڪري ويئي. ٿوري دير کان پوءِ حاجره به هن جي پويان ويئي.
ادي پويان وارو دروازو کولي هلي ويئي ته حاجره آهستي آهستي دروازي مان نڪري ٻاهر هلي ويئي.
گرمي به زور واري هئي جنهن جي ڪري رستي ۾ ڪوبه ماڻهو نه هو. خوش قسمتيءَ سان حاجره صحيح رستي ڏانهن ويئي، جنهن جي ڪري هوءَ جلد ئي ڳوٺ مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي.
ڳوٺ مان نڪري هاڻي هوءَ ڪچي پڪي رستي تي تڪڙي تڪڙي هلندي رهي. هن کي ڪا خبر نه هئي ته هن کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي بس هيءَ هن ڳوٺ کان پري نڪري وڃڻ پئي چاهي.
سج لهڻ وارو هو. اُڃ جي ڪري هن جي نڙي سڪي ٺوٺ ٿي ويئي هئي. ٿڪ ڀڃڻ لاءِ رستي ۾ وڻ جي هيٺان ويهي رهي. وڻ سان ٽيڪ لڳائي هوءَ ٿوري ساهي پٽڻ لڳي ته هن جي ڀرسان اچي هڪ گڏهه گاڏو بيٺو. گڏهه گاڏي تي هڪ مرد ۽ عورت ويٺل هئا. جيڪي هن ڏانهن ئي نهـاري رهيا هئا.
“امان ڪاڏي ويندينءَ؟” گاڏي تي ويٺل عورت کانئس پڇيو.
حاجره جواب سوچڻ لڳي.
“چئين ته اڳڀرو ڪيون توکي.” هن جي چوڻ کان پهريان ئي وري ان پڇيس.
“توهان ڪاڏي پيا وڃو؟” حاجره اٿي اچي هنن کان پڇيو.
“سامهون واري موري جي پريان اسان جو ڳوٺ آهي، اوڏانهن پيا وڃون.” گاڏي تي ويٺل مرد جواب ڏنو.
حاجره ۾ هاڻي هلڻ جي همت نه هئي ۽ هن سوچيو ته هوءَ هاڻي هُن ڳوٺ کان گهڻو پري نڪري آئي آهي ته ڇو نه هڪ رات لاءِ هنن سان گڏ هلي وڃي.
“منهنجو ڪو ڳوٺ ناهي، مان پنهنجي مالڪن کان وڃائجي ويئي آهيان. مان توهان سان گڏ هلي سگهان ٿي؟” حاجره پڇيو.
“ها ڌيءُ ڇو نه، تون هل اسان سان گڏ.” ان عورت جلدي ۾ کيس ڀرسان ويهڻ لاءِ جاءِ ڏني. حاجره هنن سان گڏ ويٺي ۽ هنن جي ڳوٺ وڃڻ لڳي. ڳوٺ هتان کان به گهڻو پرتي هو.
انهن جي گهر پهچندي پهچندي هنن کي سومهڻي ٿي ويئي.
رستي ۾ ئي ان عورت حاجره کي ٻڌايو ته هن کي ڪو اولاد ڪونهـي، گهر ۾ هن جي مڙس ۽ سس کان علاوه ڪوئي نه رهندو آ.
“هلي آ هتڙي ويهه ڌيءُ.” ان عورت حاجره کي کٽ تي رلهي وڇائي ويهڻ لاءِ چيو.
“رحمت ڪير آيو ٿئي ساڻ؟” اڱڻ تي ٺهيل هڪ ڪمري مان هڪ پوڙهي عورت ٻاهر آئي. جنهن حاجره کي ڏسي پڇيو.
“امان نينگري آهي هڪڙي، ويچاري پنهنجي مالڪن کان وڇڙي ويئي، رستي تي اڪيلي ويٺي هئي، اسان کي جو پنهنجي ڳالهه ٻڌايائين ته اسان هيڏانهن وٺي آياسينس.” رحمت، سس کي ٻڌايو.
“امان چڱو ڪيئي، جواڻ جماڻ ڇوڪر آهي اڪيلي ڪاڏي وڃي هان هن برپٽ ۾.” ان عورت چيس.
ٿوري دير ۾ رحمت، حاجره لاءِ ماني ۽ پالڪ جو ٻوڙ کڻي آئي.
حاجره کي به بک لڳي هئي سو هن بي حجاب ٿي ماني کاڌي. جيستائين هن ماني کاڌي، تيستائين رحمت هن کي هڪ ٽڪ ڏسندي رهي.
“ڌيءُ الله توکي پنهنجي ڌڻين سان ملائي پر جيستائين اهي توکي ڳولي لهن تون مون وٽ رهجانءِ.” رحمت، حاجره کي چيو.
“نه مان توهان تي هروڀرو بار نٿي ٿيڻ چاهيان.” حاجره چيو.
“اڙي امڙ ان ۾ بار جي ڪهڙي ڳالهه آهي. الله پنهنجي اولاد ته ڪانه ڏني اٿم پر ڪجهه ڏينهن توکي پاڻ وٽ رهائي اولاد جي آسيس پوري ڪرڻ ٿي چاهيان.” رحمت، حاجره ڏانهن ڏسندي رهي.
حاجره هن جي اکين ۾ اولاد جي سڪ کي محسوس ڪيو ته هن جي دل به نرم ٿيڻ لڳي.
هي ڳوٺ به سردار گهرام خان جو هو، جنهن کان هوءَ لڪي رهي هئي. هاڻي ته حاجره کي اچي اڻ تڻ لڳي ته هوءَ هتان ڪيڏانهن ويندي.
هن کي هتي ٻه ٽي ڏينهن گذريا ته هن سمجهي ورتو ته هن گهر جا ڀاتي يقين جوڳا آهن، ان ڪري هن رحمت کي اصل ڳالهه ٻڌائي.
رحمت جي ته اڳي ئي دل جي ڪنئوري هئي سو هن جي ڳالهه ٻڌي هن جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا.
“ڌيءُ تون ايڏن ڏينهن ۾ مون سان اها ڳالهه به نه ڪئي، مان ته توکي پنهنجي سڳي ڌيءُ وانگر سمجهڻ لڳي هئس پر تو مون کي پنهنجي ماءُ نه سمجهيو.” رحمت هن کي ميارون ڏيڻ لڳي.
“امان اهڙي ڳالهه ناهي، پر مان شروع ۾ توهان سان ڪوڙ ڳالهايو هو ان ڪري شرمساري کان سچ نه پئي ٻڌائي سگهان.” حاجره وضاحت ڪئي.
“بس تون هي پنهنجو گهر سمجهه ۽ ڪو الڪو نه ڪجانءِ. تون هتي بلڪل محفوظ آهين.” رحمت حاجره کي دلجاءِ ڏني.
“ڪمدار جي زال ٿيڻ کان ته بهتر آ ته هن بي اولاد جوڙي کي ئي خوشي ڏيان.” حاجره سوچيو.
.........................
الله جي اميد جي آسري ۾ هن کي هتي چار مهينا گذري ويا. هوءَ به رحمت ۽ وريام جي گهر ۾ انهن جي ڌيءُ وانگر گذاري رهي هئي. وريام هن جو ڏاڍو خيال رکندو هو. هو پاڻ ته مزدور هو پر هن جي دل ڏاڍي ڪشادي هئي. جيڪا شيءِ ڏسندو هو سا حاجره لاءِ آڻيندو هو. حاجره هن کي گهڻا دفعا اهي شيون آڻڻ کان روڪيو پر هو هر دفعي ائين چئي ٽاري ڇڏيندو هو ته “ڌيء خبر ناهي ڪهڙي وقت تنهـنجا مالڪ توکي وٺي هليا وڃن ان ڪري مون کي نه جهليندي ڪر.” هو ٻئي واقعي ائين سمجهڻ لڳا هئا ته ڄڻ حاجره کي الله هنن جي ڌيءُ ڪري موڪليو آهي.